آثم ناٿن شاهي هڪ باڪمال شاعر
6 آڪٽوبر جي شام دير سان هڪ سنڌي چينل تان سنڌي ٻوليءَ جي باڪمال شآعر آثم ناٿن شاهي جي موت واري خبر ٻڌڻ شرط اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا. افسوس جو کيس ڪينسر جي مرض مان ڪو به بچائي ڪونه سگھيو.
استاد بخاري جو درد وچان تڙپي مرڻ اڃان وسريو ئي ناهي ته مٿان آثم جو سور ستائي ٿو.
آثم ناٿن شاهي جو اصل نالو غلام الرسول سولنگي هو. پاڻ امڙ حبيبان جي گھر 1937ع ۾ دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ کاٿڙي ۾ ڄائو. ڳوٺ حاڪم ڏيپر کانسواءِ خيرپور ناٿن شاهه ۾ رهي زندگي جو ڳچ حصو گذاريائين ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو. کيس ڳلي جي ڪينسر جي تڪليف هئي . غربت سبب مناسب علاج نه ٿيڻ ڪري 6 آڪٽوبر جي شام جو دير سان ڪراچيءَ واري گھر ۾ وفات ڪري ويو.
آثم 1962ع کان باقاعده شاعريءَ جي ميدان ۾ آيو. سندس پهريون شعري مجموعو ” جڏهن اُلا اُڀ ۾“ نالي آگسٽ 1994ع ۾ ڇپيو. سندس شاعريءَ ۾ استاد ناليوارو شاعر محسن ڪڪڙائي ٻڌايو وڃي ٿو. هن وقت تائين سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪتابن جيترو اڻڇپيل مواد موجود اٿس.
هن جي شاعريءَ ۾ ماکيءَ جھڙو مٺاس ڀريل آهي. پوءِ اهي ڇو نه کڻي وايون، غزل يا نظم هجن، سڀني ۾ هڪ جھلڪ نظر اچي ٿي. سندس هيٺين وائي کي پڙهون ٿا، جنهن ۾ آثم سڀني کي وقت تي سجاڳڻ لاءِ واڪا ڪيا آهن.
رستي رستي تي،
ٻوٽو ٻوٽي تي، پوک ته گھاٽي ڇانو ٿئي،
هو ڏس اس اچي پئي، وڌندي ويڙهي ڏي.
ٻوٽو ٻوٽي تي، پوک ته گھاٽي ڇانو ٿئي.
نالي واري شاعر ۽ اديب تاج جويي جو چوڻ آهي ته سچو شعر انسان ذات جي امنگن، احساسن ۽ جذبن جو ترجمان هوندو آهي يا وري سچو انسان انسانذات جي امنگن، احساسن ۽ جذبن جو ترجمان هوندوآهي يا وري سچو شاعر اهو آهي جو ماڻهن جي دل جي ڳالهه ڪري ٿو، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس واسين جا ڏک سور سندن ٻوليءَ ۾ بيان ڪري ٿو. آثم ناٿن شاهي اهڙن ئي جذبن ۽ امنگن جو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعري ۾ ڌرتي واسين جي دردن کي ڪٿي به ناهي وساريو. مثال لاءِ سندس هڪ نظم جون سٽون پيش ڪجن ٿيون جنهن ۾ هڪ غريب هاري جي ڪيفيت بيان ڪندي عجيب احساس ڏياريندي لکيو اٿائين ته:
لاباري جي موسم آئي،
ڇڻڪي ڄاڻ ڇڻيو هي ڇاٽو،
ڏند پيو ڪرٽي ڏوڪڙ ناهي،
هاري ڪيئن ڏندائي ڏاٽو؟
هڪڙو پنهنجي گوڏ ڳاري پيو،
گھر واريءَ جو گھگھرو ڦاٽو،
سچ کي سينکيو کارائيندڙ،
آ مضبوط مڏي هڪ لابي.
ڪو عظيم شخص هجي يا تاريخي ڪارنامو سنڌي شاعر کيس ڀيٽا ڏيڻ نه ڀليا آهن پوءِ اهي جکرا وڏوڙا هجن يا دودي جھڙا جوڌا جوان، آثم ناٿن شاهيءَ پڻ سنڌ جي هڪ نهايت ديانتدار حاڪم ڄام نظام الدين ( ڄام نندو) کي ڀيٽا ڏيندي سنڌ دشمن کي سڌو ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ اڃان ڄام نندي جھڙا ماڻهو آهن. ڄام نندي لاءِ تاريخ لکي ٿي ته هو 1490ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ هن رهزن رولاڪ ڳولهي لڌا ۽ سخت سزائون ڏنائين. آثم کيس ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته:
ڪي سور وندا ستا نه آهن،
خدا جا بندا ستا نه آهن،
او سنڌ تنهنجي ڏکن کي ڏسندي،
هي ڄام نندا ستا نه آهن.
آثم جي شاعريءَ ۾ گلابن جي مهڪ محسوس ٿئي ٿي. وٽس مڪمل شعر لکڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ گڏو گڏ نظر اچن ٿا. سندس غزل ۾ عشق موجود آهي. پختي تخليق سان گڏ وڻندڙ تشبيهون سندس شاعريءَ کي نهايت سهڻو بڻائين ٿيون.
چنڊ اڀرڻ لڳي ته ڪيئن روڪيانس؟
سونهن مرڪڻ لڳي ته ڪيئن روڪيانس؟
هوءَ هر هر اچي اڳيان منهنجي،
پاڻ گذرڻ لڳي ته ڪيئن روڪيانس؟
آثم ناٿن شاهيءَ جي دوست ۽ شاعر وفا ناٿن شاهيءَ جا هي لفظ بلڪل سچ آهن ته،” آثم! انهن تمام ٿورن شاعرن مان هڪ آهي جن سنڌي شاعريءَ کي ٺيٺ سنڌي لفظ، سنڌي سڀاءُ ۽ سنڌي لهجو ڏنو.“آخر ۾ سندس هڪ وائي ڏجي ٿي.
وائي
هاڻي روءِ نه روءِ،
پاڻ مئاسين پنڌ ۾،
ڌوڙ هاڻا لاٿل لٽا،
توڙي ڌوءِ نه ڌوءِ،
پاڻ مئاسين پنڌ ۾،
ڇاڪاڻ ڇو ڪنهن واسطي؟
واڪا ڪندي ووءِ،
پاڻ مئاسين پنڌ ۾،
ڪهڙي ڪاريهر ڪکيو،
آئيلي! اف! ابوءِ!
پاڻ مئاسين پنڌ ۾،
موت پچاڻا ڀونءِ تي،
بٺي هوءِ نه هوءِ.
پاڻ مئا سين پنڌ ۾،
***