مير عبدالرسول ” مير“ جي ڪتاب ”سونهن ورونهن“ جو جائزو
سنڌ جي موجوده شاعرن ۾ ” ڪافي گو“ شاعر جي بهترين سڃاڻپ رکندڙ شاعر مير عبدالرسول ” مير“ جو شعري مجموعو ”سونهن ورونهن“ شايع ٿيو آهي، جنهن کي روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو وارن شايع ڪرايو آهي.
خوبصورت ٽائيٽل پڪي جلد سميت 256 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيه رکي وئي آهي. ”سونهن ورونهن“ ۾ مير صاحب جا تقريبن 124 بيت، 21 وايون، 43 ڪافيون، 52 غزل، 10 گيت، 47 ننڍا وڏا نظم، ۽ 50 ٽه سٽا ۽ چوسٽا شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي. امداد حسيني هن تفصيلي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته مير عبدالرسول ” مير “ هڪ شاعر آهي جنهن کي لقب، القاب جي ڪا به لوڙهه نه آهي. ” مير “ هڪ منو ٿي پڙهڻ / ٻڌڻ جھڙو شاعر آهي. سنڌ جي سريلن فنڪارن سندس ڪافيون وڏي چاهه سان ڳايون آهن. جن ۾ محمد يوسف، انور حسين وسطڙو، ڦوٽو زرداري، ممتاز لاشاري، برڪت علي ڀٽ، وحيد علي، اياز علي، منظور سخيراڻي، مصري فقير، عابده پروين ۽ حميرا چنا کانسواءِ ٻيا شامل آهن. امداد حسيني لکي ٿو ته، نه ڇپجڻ ۽ ادبي تقريبن ۾ عدم شرڪت جا فائدا به آهن ته نقصان به. مير کي ان جو فائدو ته اهو ٿيو آهي ته هو ڪنهن به ڪنٽرورسي ۽ ادبي گدلاڻ کان بچي ويو آهي ۽ نقصان اهو ته شاعريءَ جي حوالي سان هن جو نالو ايترو نٿو ورتو وڃي جيترو هو لهڻي!
هن ڪتاب جو خالق ” جوئي آهيان سوئي آهيان“ جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته مان شاعريءَ کي ” گفٽ آف گاڊ“ سمجھان ٿو. شاعري، موسيقي ۽ مصوري انسان جون اعليٰ خوبيون ليکجن ٿيون. تخليقڪار راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري پنهنجي خاموش آواز يعني تخليق کي قلم سان زبان ڏئي تحرير جي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچائي ٿو. مير صاحب اڳتي لکي ٿو ته هونئنءَ ته شاعري جون سڀئي صنفون سون سريکيون آهن پر ” ڪافي“ سون تي سهاڳي مثل آهن.
ڪافيءَ جو رشتو شاعر جي داخلي ۽ ذاتي پيڙا سان هوندو آهي. ڪافي وجداني يا بي خوديءَ جي عالم ۾ ڳائي يا لکي ويندي آهي ته ڪڏهن روئندي به لکي ويندي آهي. نامور اديب شمشير الحيدري ” سونهن ورونهن“ جي شاعر لاءِ لکي ٿو ته مير عبدالرسول ” مير“ عامياڻي نه پر عوامي شاعري ڪري ٿو. وٽس وطن جي حب به آهي ته انسان دوستي به آهي ۽ آزادي ۽ امن جا امنگ به آهن. مير مڪمل طرح سنڌ جي سجاڳ ۽ سڄاڻ شاعرن جو ساٿاري آهي. سندس ڏات ۾ سچ به آهي ته ڏانءُ به آهي.
اديب تاج جويو هن ڪتاب جي صفحي نمبر 44 تي لکي ٿو ته مير صاحب جا بيت ثقافتي سونهن جا اعليٰ مثال آهن ۽ انهن ۾ خيال جي جامعيت به ثقافتي سونهن جيتري موجود آهي. بلاشڪ ” مير“ هن دور جي بيت لکندڙ شاعرن ۾ وڏو شاعر ليکجي سگھي ٿو. مير عبدالرسول ” مير“ جا ڪجھه بيت هن ڪتاب منجھان ڏجن ٿا:
بيت
کيڙيان ويٺو کيت، سوچن سندا سنڌ ۾
هي جي منهنجا بيت، آئيندي جو آجپو،
ساڃهه رکي سچ جي سورهيه ٿي سجاڳ،
نيٺ ته ملندو ماڳ، سوڀيان ٿيندي سچ جي.
ڀينر جنهن کي ڀونءِ جو خاصو آهي خيال
اندر جو احوال ان سان اوري اورجي.
”سونهن ورونهن“ جي صفحي نمبر 65 تي خاڪي جاني لکي ٿو ته مير عبدالرسول ”مير“ جي ٻي شاعريءَ جيان سندس واين ۾ به سنڌ جي موجوده سماجي شعور جي ڀرپور جھلڪ ملي ٿي. سنڌي قوم کي اسان جي هن شاعر ۾ وڏيون اميدون آهن ۽ پڪ سان سندس ڏات ڏاهپ جي ڏياٽي هيٺ هن اونداهي سماج کي روشني ڏيندي.
مجموعي ۾ شامل واين مان ڪجھه چونڊ سٽون:
وائي
هڪڙو ناهيان آءُ
سنڌ سموري سور آ
ڪان ڪان ڪري ڪانءُ
سنڌ سموري سور آ
وائي
ٿڪو ناهي ٿر،
تون ڇو ماندي مارئي
وسندا مينهن ملير تي
برسي پوندو بر
تون ڇو ماندي مارئي
ڏس هوءَ ڪني سج جي
اڀري ٿو اوڀر
تون ڇو ماندي مارئي
هن مجموعر جي صفحي نمبر 90 تي سنڌ جو ناميارو شاعر تاجل بيوس پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”مير جھڙي پڪي پختي ڪافي“ لکڻ هر شاعر جي وس ۾ آهي ئي ڪونه، سندس ڪافين مان مون لاڙڪاڻي جي زيتونن، ميرپورخاص جي انبن، گھوگھاري جي سڳداسي چانورن، خيرپور جي کارڪن ۽ ڀٽ شاهه جي صوفي اوتارن جي گلن جي خوشبوءِ ايندي آهي“
هونءَ ته اڪثر شاعري پهريان ڇپجندي آهي ۽ پوءِ ڳائبي آهي پر ”مير“ جون ڪافيون هن ڪتاب ۾ ڇپجڻ کان اڳ سنڌ واسين ۾ مقبول ٿي چڪيون آهن. ”مير“ جي ڪافين مان ڪجھه چونڊ ٽڪرا پيش ڪجن ٿا:
تنهنجو ناهي جواب
تارن ۾ تون چنڊ لڳين ٿو
اها آس اند ۾ يار اٿم،
تون ڀر ۾ هين توسان پيار ڪيان،
توکي ياد ڪري ساري رنم
سج اڀري ويو اک ڪانه لڳم
”سونهن ورونهن“ جي صفحي نمبر 136 تي سنڌ ڌرتيءَ جو سريلو ۽ سيبتو شاعر ” اياز گل“ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: مير عبدالرسول ” مير“ جا غزل پڙهي مون کي خوشگوار ۽ خوبصورت حيرت ٿي آهي. سندس غزلن ۾ نوان سر ۽ ساز سمايل آهن. ڀرپور ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ شاعريءَ جا اولڙا چٽا ڏس ۾ اچن ٿا. پيار ان جو ڦهلاءُ، انفرادي ۽ اجتمائي پيڙائون، ڌرتيءَ وارن جا دک، ملڻ، وڇڙڻ ۽ وڇڙي ملڻ جذبن جي هڪ انڊلٺ آهي. جيڪا مير جا غزل پڙهي ذهن جي اڀ تي ٺهي ٿي وڃي. گھرائي ۽ نواڻ اهي ئي ٻه ڳالهيون آهن، جيڪي هڪ سٺي غزل جو بنياد جزو آهن. مير عبدالرسول ”مير“ وٽ اهي اسان کي عام جام ملن ٿيون.
”سونهن ورونهن“ ۾ شامل مير جي غزلن منجھان ڪجھه سٽون:
اسان پنهنجا جذبا مٽيا ڪين آهن،
اوهان ساڻ ناتا مٽيا ڪين آهن،
ڪتن جي غريبن تي ساڳي اڃا بڇ
وڏيرن جا واٺا مٽيا ڪين آهن.
سونهن کي سينگارجي ڇا جي ڪري
عطر گل تي هارجي ڇا جي ڪري
کير جھڙي رات ۾ اي دوستو،
ڪنهن ڏيئي کي ٻارجي ڇا جي ڪري
”مير“ مدهوشيءَ ۾ گذري زندگي
هوش هاڻي ڌرجي ڇا جي ڪري.
ناليوارو شاعر عنايت بلوچ پڻ صفحي نمبر 190 تي پنهنجي راءِ ڏيندي هينئن لکي ٿو: ”مير عبداالرسول ”مير“ جي سڀني صنفن جيان مون کي سندس گيت به نکريل، نسريل ۽ سرنهن جي گلن جيان ڦولاريل نظر اچن ٿا. ” مير“ جا گيت پڙهڻ سان پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ م سريلو سنگيت گونجي ٿو.“ ڪتاب ۾ شامل گيتن منجھان ٻن گيتن جون سٽون حاضر آهن.
مون کي تنهنجون سارون سهڻا،!
ڄڻ ڪي مينگھه ملهارون سهڻا،!
”مير“ وصل جون واڳون واري،
دردن جو ڪر دارون سهڻا!
ڪتاب جي شروع ۽ آخر ۾ مخدوم ”طالب الموليٰ “ مختيار ملڪ، محمود مغل ۽ نصير مرزا جا رايا پڻ شايع ڪيا ويا آهن. ڇپائي ۽ مواد جي حوالي سان هي ڪتاب سچ پچ هڪ بهترين ڪتاب آهي. منهنجي خيال مطابق ”مير“ صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ سمورين صنفن سان انصاف ڪيو آهي. هن لفظن کي هروڀرو دٻليءَ ۾ بند نه رکيو آهي. سندس نظم، ٽه سٽا ۽ چوسٽا به پڙهڻ وٽان آهن. جن ۾ به سڪ، سونهن، سچ ۽ سنڌ جي ڳالهه آهي، مان سمجھان ٿو ته هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ ۾ اڳتي هلي ضرور مڃتا ماڻيندو ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
***