لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پانڌي ۽ پروڙ

نئون ڪتاب ”پانڌي ۽ پروڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادريس عاجز عباسي جي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو آهي.ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ”موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
Title Cover of book پانڌي ۽ پروڙ

تعلقي گمبٽ ۽ آسپاس جي شاعرن جو ذڪر

تعلقي گمبٽ ۽ آسپاس جي شاعرن جو ذڪر

تاريخ معصومي، تاريخ مظهر شاهه جھاني ۽ حزب الله آءِ سومرو جي لکڻين مان گمبٽ لفظ بابت معلوم ٿئي ٿو ته هن علائقي جي هڪ شهر جو نالو گمبذ (قبو) هو. هي سر سبز علاقو تعلقي جو مرڪز آهي. قديم زماني ۾ گمبٽ رياست خيرپور جو ٽيون نمبر شهر هو ۽ هن وقت گمبٽ اڃا به گھڻي ترقي ڪئي آهي. گمبٽ تعلقو علم ادب جو قديم زماني کان مرڪز رهيو آهي. هن علائقي ۾ ڪيترائي عالم استاد ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن ۽ آئون پنهنجي هن مضمون ۾ تعلقي گمبٽ جي پسگردائي جي شاعرن جو ذڪر ڪيان ٿو ته جيئن ڪجھه گمنام شاعر به تاريخ جي ورقن ۾ سمائجي سگھن. ان کانسواءِ سندن ڪلام جو نمونو پڻ ڏنو اٿم.

[b](1) سيد محمد بقا:
[/b]پير محمد بقا ويٺل سائدي تعلقو گمبٽ گھڻي مدت کان پوءِ مٽن مائٽن جي بي صلح جي ڪري ڳوٺ ڪنگري ۾ وڃي رهيو. پير سيد محمد بقا جي ولادت سن 1722ع ۾ ٿي. سندس نسب جو سلسلو سيد علي مڪي سان ملي ٿو. جيڪو دلوراءِ جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو. پير محمد بقا شاهه سن 1198 هجري بمطابق 1783ع ۾ جام شهادت پيتو. سندس مزار شريف سنڌ جي تاريخي قبرستان شيخ طيب ۾ آهي. کيس چار فرزند ٿيا.

ڪلام
سج لهي سانجھي ٿي، پکي پيا وڻين،
اڏر هينئر ڀؤنر ٿي اسهه پد مڻين،
ٿوري ڏينهن گھڻين، ميڙو ٿيندو سڄڻين

[b](2) ميان صاحب ڏنو فاروقي
[/b]درازي درويش ميان صاحبڏنو فاروقي عرف ” حافظ“ سچل سرمست جو ڏاڏو هو ۽ شاهه ڀٽائي جو همعصر پڻ. فقير صاحبڏنو پهريان ڪلهوڙن بادشاهن وٽ ملازم هو. سندس ولادت. 1081 هجري بمطابق 1670ع ۾ ٿي. سندس بيت ۽ ڪافي جو رنگ نرالو آهي. سندس فڪر انساني وجود جو ترجمان ۽ شارح آهي. پاڻ 1192 هجري 1778ع ۾ وفات ڪيائون. سندس سلسله نسب حضرت عمر فاروق سان ملي ٿو.

ڪلام
ڪنين جو نينهن نهر سان ڪنين دٻايا درياهه
صاحب ڏني جي ساهه سارو سمنڊ سمايو.

[b](3) پير محمد راشد:
[/b]پير محمد راشد سيد محمد بقا شاهه جو نينگر هو. سندس ولادت 1170 هجري بمطابق 1756ع ۾ ٿي. پير محمد راشد 14_ 15 سالن جي عمر ۾ درگاهه کهڙا شريف ۾ مخدوم صاحبن وٽ ديني تعليم حاصل ڪندو هو. پاڻ وڏو ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ سندس شعر ملي ٿو. سنڌي شعر ۾ بيت ۽ مولود ملن ٿا. پاڻ 29 رجب جمع ڏينهن سن 233 هجري بمطابق 1818ع ۾ وفات ڪيائين.
ڪلام
وحدت مان ڪثرت ٿي، آهي ڪثرت وحدت ڪل،
اندر ٻاهر سپرين، ڀول نه ٻيءَ ڪنهن ڀل،
هو هنگامو هل مڙو ئي محبوب جو.

[b](4) سچل سرمست فاروقي:
[/b] سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو. ماڻهو کيس سچو، سچل ۽ سچيڏنو سڏيندا هئا. پاڻ قرآن پاڪ جو حافظ هو. کيس عربي ۽ فارسي زبانن جي ڄاڻ هئي. کيس هفت زبان شاعر به سڏيو وڃي ٿو.
سچل سائين جي ولادت بابت ٻه رايا آهن. پهريون رايو سن 1152 هه ۾ بمطابق 1739ع ۽ ٻيو رايو 1170 هه بمطابق 1756ع آهي. پاڻ 1242 هه بمطابق 1927ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ درازا شريف ۾ آهي.

ڪلام
پاڻ جله جلاله پاڻ ئي جان جمال.
پاڻ ئي صورت پرينءَ جي پاڻ ئي حسن ڪمال.
سڀ سچو ئي حال، منجھان ئي معلوم ٿئي.

[b](5) نانڪ يوسف:
[/b]نانڪ يوسف جي پيءُ جو نالو محمد هاشم ذات جو کوکر جھل مگسي بلوچستان جو ويٺل هو، جتي 1208هه بمطابق 1793ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سچل سائين جو طالب ٿيو ۽ سن 1269هه بمطابق 1853ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار تعلقي گمبٽ ۾ اڳڙا ڀرسان فقير جي ڳوٺ ۾ آهي. سنڌي کان سواءِ سرائيڪي ۽ هندي ٻولين ۾ به شاعري ڪئي اٿائين.

ڪلام
هم گرو هم گيان، نانڪ لڇمڻ ميرا نام،
بندرابن مين بيٺڪ ميري مدينه مين هون امام،

[b](6) پيرو شاهه
[/b]پيرو شاهه ولد شاهه محمد شاهه بخاري تعلقي گمبٽ جي رسول آباد شهر جو رهندڙ هو. جتي اڄ به سندس درگاهه شهر جي بازار جي ڇيڙي تي ڏکڻ طرف منهن ۾ آباد آهي. هو سچل سائين جو سچو طالب هو. سچل سائين به کيس گھڻو پيارو گھرندو هو. سنڌي زبان جو چڱو شاعر هو. سيد ذات سان وڏو انس هيس. سندس هڪ بيت آهي.
ڀريو کوهه ڀوڄي جو، پيس ڏکڻ کان ڏار
مدغي اهي مار جي سامهون ٿين سيد جي،

ڪلام
عشق اڏيءَ تي لکيو نوناري نالو،
پر ڪري پيالو پيتيئن پيرو شاهه چئي.

(7) شير خان ڀنڀرو
شير خان ولد بيحد ڀنڀرو رسول آباد جو ويٺل هو. شهر جي اوڀر واري کڏ مٿان جتوئن جي پاڙي ۾ سندس گھر هوندو هو. ايل پنهوار هو. وٽس ٻڪرين جو وڏو ڌڻ هو ۽ سانگ ڪري ڪانائي واري ڍنڍ واريءَ جوءِ ۾ مال چارڻ ويندو هو. هڪ ڏينهن کيس اهڙي رمز لڳي وئي جو ٻڪريون پنهنجي ڀاءُ محمد خان حوالي ڪري سچل سائين جي درگاهه تي ويهي رهيو ۽ سندس وفات کان پوءِ گھڻو سير سفر ڪندي لاڙ ۾ گذاريائين. سندس ڀاءُ محمد خان رسول آباد مان لڏي ڳوٺ بچل ڀنڀري وڃي ويٺو. شير خان جي قبر ڳوٺ بچل ڀنڀرو جي قبرستان ۾ آهي. ڳوٺ بچل ڀنڀري جي وڏڙن جي روايت مطابق محمد فقير کٽياڻ هن ڳوٺ ۾ ايندو هو. شير خان ڀنڀرو بيت ۽ ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. سندس ٻه بيت نموني طور پيش ڪن ٿا.
ڪلام
موراکيون مڪڙين ۾ گوڏين ۾ گانگٽ،
جڙي رهي جان ۾ ڇڇيءَ هاڻي ڇٽ،
ڇلر ڦوٽيون وڇڙيون سارا پڌر پٽ،
سمي ڄام سٽ آيو ڪينجر ڪنڌئين.
*
ڀوري ائين ۾ ڀانءِ تو چنيسر مٽيو،
موهت ٿي مڻئي تي تون وني پاڻ وڪيو،
سمجھڻ تو ٿيو، ته ڪانڌ مٽايئي ڪڻن تي.

[b](8)فقير صادق علي ڪنڀر:
[/b]فقير صادق علي ولد محمد صفر ذات جو ڪنڀر هو. پاڻ ڳوٺ ٻنڊي موٽايو ۾ 1897ع دوران پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ حضرت جھانيان ( فقير غلام مهدي شاهه) جا طالب ٿيا. فقير صاحب ڀاءُ جي اڻبڻت ڪري پنهنجي ڳوٺ مان لڏي اچي وڏا لاکا ۾ مئخانو اڏي ويٺو. فقير پنهنجي مجازي عشق جون منزلون طئي ڪندي حقيقي عشق کي پهتو. ڪيترائي ماڻهو سندس وٽان فيضياب ٿيا جن ۾ هدايت علي فقير ناريجو، عنايت علي فقير کهڙو، امانت علي فقير ڏهر ( باگڙجي). فقير 58 سالن جي عمر ۾ 1954-55ع ۾ پيالو پيتو. سندس مزار ڳوٺ وڏا لاکا ۾ اڄ به سندس پونيئرن لاءِ فيض جو در آهي. موجودهه صوفي شاعر نظر لاکائي سندس پوٽو آهي. فقير صادق علي جو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جنهن ۾ نثر ۽ نظم ملي ٿو. نثر ۾ فقير تصوف جي انتهائي باريڪ نقطن تي مختصر پر جامع لکيو آهي. نظم ۾ ڪافي، غزل، قصيده، بيت، ڇلو ۽ ٽيهه اکرين کان سواءِ هندي ۾ ڇيد به لکيا آهن. سندس اڻ ڇپيل قلمي نسخو حاصل ولايت سندس وارثن وٽ موجود آهي.

ڪلام
طالب کي مطلوب ڏي عاشق ٿي اچڻ،
گوياءِ گفتار کي ويراڳي ٿي وٺڻ،
موکيءَ جي موج جو پريمي پيالو پيئڻ،
صادق ٿي سمجھڻ هن پيغامي پريم کي.

[b](9) سيد ريجھه علي شاهه:
[/b]سيد ريجھه علي شاهه جي ولادت سن 1319هه بمطابق 1901ع ۾ کهڙن جي شهر ۾ ٿي، جتي ٽن درجن تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ اسڪول نه ويو ۽ پنهنجي منهن مطالعو ڪرڻ جي مشق ڪندو رهيو. پاڻ 20 سالن جي عمر ۾ ايران، عراق، شام وڃي زوار ٿي آيا ۽ پنجن سالن کان پوءِ حج ڪيائون. ان کان سواءِ لاهوت لا مڪان جو سفر به ڪيترا ڀيرا ڪيائون. پاڻ هر سال 14- 15 صفر تي ڀٽ شاهه ماتم تي قافلو وٺي ويندا هئا. پاڻ زندگيءَ جي گھڻي حصي ۾ ڪارو لباس پاتائون. سيد ريجهه علي شاهه پنهنجي وقت جو وڏو شاعر هو. ٽن چئن زبانن ۾ شاعري ڪيائون. قصيده، ڪافيون، بيت، رباعيون، مولود شريف ۽ مناقبا لکيا اٿائين جن جو تعداد چار هزار جي لڳ ڀڳ آهي. سيد ريجهه علي شاهه 20 صفر 1375 هه بمطابق 1955ع چهلم جي ڏينهن ڳوٺ فيضل مهر ۾ وفات ڪيائين. وصيت مطابق گمبٽ اسٽيشن روڊ تي اباڻي ملڪيت ۾ دفن ٿيا. هن علائقي کي هينئر ڪاظم آباد سڏيو وڃي ٿو.

ڪلام
ڪاهي آيا ڪيترا ڇڏي سکيو ساس،
ڪل نفس ذائقته الموت ماريائون پنهنجو ماس،
ڇڏي حرس حواس، وڃي رسيا، ريجھل شاهه چوي.

[b](10) خالد فقير ڪلهوڙو:
[/b]خالد فقير ڪلهوڙو سن 1910ع ڌاري گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو راڄل ڪلهوڙو هو. ننڍپڻ کان کيس ڳائڻ جو شوق هو ۽ هڪ ڀيري اوچتو راڳ سکڻ لاءِ ڳوٺ کان هليو ويو ۽ پوءِ وارثن کيس ڳولهي لڌو ۽ کيس ڳائڻ جي اجازت نه ملي. فقير پنهنجي وڏن سان گڏ کوهه جي نار تي پوک ڪاهيندو هو، جتي رات جو کيس نانگ ڪکي وڌو ۽ هي فقير هڪ پير کان معزور ٿي ويو.
خالد فقير سڄي عمر پنهنجي ڀرپاسي واري ڳوٺن جي ٻارڙن کي قرآن پاڪ پڙهائيندو رهيو. هن درويش مولود، ڪافيون ۽ ڏوهيڙا لکيا آهن. سندس ڪلام لکت ۾ نٿو ملي. باقي آسپاس جا ڪجھه ماڻهو ڳائين ٿا. کيس ٻن پٽن جي اولاد آهي. سندس ٻئي پٽ علي گوهر ۽ شمس الدين به شاعري ڪن ٿا. پاڻ 1994ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار حاجي هاشم قبرستان ۾ آهي.

ڪلام
ديس ڇڏي پرديس ۾ آئين، آهين مسافر تون مهمان
هتان جو ويندين وري نه ايندين ماڳ مٽي آ تنهنجو مڪان.

[b](11) ميان فيض محمد عباسي:
[/b]فيض محمد عباسي 1917ع ڌاري گمبٽ جي ڳوٺ مهتاڻي ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو نياز حسين هو. هن ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان نو درجن تائين تعليم حاصل ڪئي. پاڻ ريڊيو ڪراچي تي پورا پنج سال انائونسر رهيو ۽ پوءِ رياست خير پور جي پهرين قانونساز اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو . سندس اڻ ڇپيل نثر ۽ نظم ملي ٿو. سندس شاعري ۾ غزل ۽ ڪافي ملن ٿا. پاڻ سال 2001ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار مهتاڻن لڳ ميان جي ڳوٺ ۾ آهي.

ڪلام
ڪٿي به منهنجو نه آشنا زماني ۾،
نه آشياني کان ٻاهر نه آشياني ۾،
علاج دل نه سگھيو ٿي، ڪنهن کان اي فيض،
مون داغ دل توڻي ڏيکاريو زماني ۾.

[b](12) ڊاڪٽر تنوير عباسي:
[/b]تنوير عباسي گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ سوڀوديرو ۾ 1934ع ۾ ڄائو. پاڻ 16 سالن جي عمر ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. سندس پهريون شعر 1950ع ۾ ڇپيو. تنوير نثر ۽ نظم جا ڪيترائي ڪتاب لکيا. پاڻ 25 نومبر 1999ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار به اسلام آباد ۾ آهي.

ڪلام
گھڙي گھڙي هڪ گھاءُ، آءُ پرين تون آءُ،
وقت گلن جو ڪو ماڻل آ، سجھي نه ڪائي واٽ،
چئني پاسي رات انڌاري ڪاري ڪاري ٻاٽ،
ساهه کي ناهي ساهه، آءُ پرين تون آءُ.

[b](13) راز راضيديرائي:
[/b]هن شاعر جو اصل نالو رسول بخش ولد جاڙو خان ميمڻ هو. پاڻ 1935ع ڌاران گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ راضيديرو ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ فائنل مراد هاءِ اسڪول گمبٽ مان پاس ڪيائين. جنهن کان پوءِ کيس ماستري ملي ۽ پاڻ 43 سال تعليم جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو. استاد رسول بخش ميمڻ ” مهدي جھانيان“ جو طالب پڻ رهيو . کيس شاعريءَ سان گڏ موسيقي جو پڻ شوق هوندو هو. سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ڪلام ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس شاعري جو هڪ اڻ ڇپيل ڪتاب سندس اولاد وٽ موجود آهي. پاڻ 2006ع جي مارچ مهيني ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار اباڻي قبرستان ۾ آهي. موسيقي کان سواءِ کيس فوٽو گرافي سان به گھڻي دلچسپي هوندي هئي. کيس ست پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سنڌ جو مشهور فنڪار شوڪت علي ميمڻ عرف معصوم مختيار به سندس پٽ آهي، جنهن پڻ پنهنجي پيءُ کان راڳ جي سکيا ورتي.

ڪلام
تنهنجي سهڻي آ صورت، تنهنجي حسن جو هل،
خدا خوش رکندئي تون آن گلاب جو گل.

[b](14) سيد راحم علي شاهه
[/b]سيد راحم علي شاهه ولد سيد هادي بخش شاهه گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ سائدي لوئر ۾ سن 1937ع دوران پيدا ٿيو. راحم علي شاهه سنڌي چار درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيا. کيس ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو.پاڻ موسيقي جو ماهر هو. مارمونيم ۽ پخواز وغيره چڱي نموني وڄائيندو هو.پاڻ ڪافيون پڻ سٺيون لکيون اٿائين. سندس سکيا هيٺ ڪيترائي شاگرد رهيا. راڳ جي راڻي عابده پروين پڻ ڪيترو عرصو راحم علي شاهه کان فن جي سکيا ورتي. سيد راحم علي شاهه پنهنجي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام لاءِ ڪيتريون ئي ڌنون ترتيب ڏنيون. موسيقيءَ ۾ اچڻ ڪري شاعري گھڻي نه ڪري سگھيو پر پوءِ به سندس ڪجھه ڪافيون ملن ٿيون. پاڻ 15 جنوري 2001ع وفات ڪيائين. سندس مزار پڻ سندس ڳوٺ ۾ آهي.

ڪلام
محبت تنهنجي دل هي منهنجي،
کسي آ قيد ڪئي پيارا،
منهنجي دل جا دلارا.

[b](15) ڊاڪٽر ارباب شر
[/b]هن شاعر جو اصل نالو ارباب علي ولد رحيم داد شر هو. پاڻ 1940ع جي ڏهاڪي ۾ ٺري ميرواهه جي ڀرسان ڳوٺ مولا بخش شر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي چار درجا به اتي ئي حاصل ڪيائين ۽ 1956ع ڌاري هتان نقل مڪاني ڪري گمبٽ جي ڳوٺ راضيديرو ۾ ساڪن ٿيو. جتي حڪيم ڪريم بخش شر (مهتاڻن واري) جي صحبت ۾ ڪجھه وقت رهي پنهنجو مطب ( دواخانو) کوليائين. کيس شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو. صوم و صلوات جو پابند هجڻ سبب شروعات ۾ حمد شريف، نعت ۽ مولود لکندو هو پر پاڻ کي پوشيده رکندو هو. آخري عمر ۾ ناليواري شاعر انعام ٻيلهاڙوي جي صحبت ۾ اچڻ کان پوءِ ٻن چئن مشاعرن ۾ پنهنجو شعر پڙهيائين ۽ شعر جي پڪي پختي هجڻ سبب پنهنجي تر ۾ چڱي خاص شهرت ماڻيائين. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جو رنگ گھڻو تڻو نظر اچي ٿو. ارباب شر جي شاعري تي مشتمل اڻ ڇپيل مواد سندس وارثن وٽ موجود آهي. پاڻ 1990ع ڌاري وفات ڪري ويو. سندس مزار اباڻي ڳوٺ مولا بخش شر ( ٺري ميرواهه) جي هڪ قبرستان ۾ آهي.

ڪلام
اصل کان عشق مان آهيان، حڪم هر ڪو هلايو مون،
وري آدم بنائڻ جو بهانو ئي بنايو مون،
مرد منصور مارايم، لهم تبريز لهرايم،
ڪٿي ”ارباب“ چورايم اناالحق ڀي الايو مون.

[b](16) سيد پير علي شاهه:
[/b]هن شاعر جو اصل نالو سيد پير علي شاهه ولد قلندر شاهه هو ۽ 1948ع ڌاري ڳوٺ سيد جمن شاهه ( لڳ گيڙو شاخ) ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم اڳڙا اسڪول مان ۽ ميٽرڪ ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان پاس ڪيائين ۽ ان دوران خيرپور جي هڪ وڏي مدرسي مان عربي ۽ فارسي جي تعليم پڻ حاصل ڪندو رهيو. پاڻ شروعات کان فقه جعفريه طريقي سان وابسته هو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ کيس زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ليب اسسٽنٽ جي نوڪري ملي، جيڪا هن اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ پوءِ واپس اباڻي ڳوٺ اچي رهڻ لڳو. کيس ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پير علي شاهه پنهنجي حياتي ۾ اڻکٽ شاعري ڪئي پر هو پنهنجي عشق جي مدهوشي ۾ اها شاعري گڏ ڪري نه سگھيو. سندس گھڻي شاعري سندس حياتي ۾ ئي ضايع ٿي وئي. هن وقت سندس پنجاهه سٺ شعر انعام ٻيلهاڙوي وٽ موجود آهن. سندس ڪلام ۾ عربي ۽ فارسي جو اثر گھڻو تڻو نظر اچي ٿو ۽ سندس شاعري مجازي رنگ ۾ پڻ جڪڙيل نظر اچي ٿي. شاعري ۾ ” ارمان“ تخلص استعمال ڪندو هو.
سندس شعر مان مير تقي ” مير“ جي بوءِ اچي ٿي. پاڻ 1998ع ۾ وفات ڪيائين.

ڪلام
ڪنهن ريت راس ناهي حرس وهوا هتان جي،
اي مرگ ناگھان ڏس قيدي ڪڏهن ڇٽن ٿا،
باد صبا خدا لڳ دشمن وفا کي چئجانءِ،
بيمار شام غم جا آب وغذا کٽن ٿا.

[b](17) فقير عبدالرحيم ”عبد“ مڱريو:
[/b]فقير محمد (ثاني) عرف عبدالرحيم ” عبد“ ذات مڱريو ولد گل بهار فقير مڱريو سن 1944ع ۾ ڳوٺ ملنگ مڱريو ( پڪي کوهي) ۾ پيدا ٿيو.
فقير سنڌي ست درجا ( فائنل) پاس ڪيا ۽ ايريگيشن کاتي ۾ داروغي طور نوڪري ڪيائون. کيس هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. فقير صاحب هن دور جو وڏو شاعر ۽ علم عروض جو ڄاڻو هو. پاڻ بزم طالب الموليٰ شاخ ملنگ مڱريو تعلقي ڪنگري جا باني هئا. فقير صاحب هن دور جو وڏو شاعر آهي. فقير صاحب 21-22 شوال تي پنهنجي ڏاڏي فقير محمد بخش رحه اول جي عرس مبارڪ جي موقعي تي هر سال ادبي ميڙاڪا ڪوٺائيندو هو، جتي طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. فقير صاحب سال 2001ع ۾ هڪ ڪتاب ” سرگروهه سالڪان“ پنهنجي قلم سان لکيو. پاڻ 17 مارچ سال 2006 ع تي وفات ڪري ويو. سندس مزار درگاهه فقير محمد بخش اول ڳوٺ ملنگ مڱريو ۾ آهي. فقير صاحب جو گھڻو اڻ ڇپيل جو ڪلام سندس پونئيرن وٽ محفوظ آهي.

ڪلام
نهاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو،
پڪاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو،
ڀري بزم ۾ يار ترڇي نظر سان،
نهاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو،
ڪري قربداري بلم پنهنجي ڀر ۾،
بيهاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو،
غزل ”عبد“ جي تي مقرر! مقرر!!
پڪاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو.
***