لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پانڌي ۽ پروڙ

نئون ڪتاب ”پانڌي ۽ پروڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادريس عاجز عباسي جي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو آهي.ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ”موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
Title Cover of book پانڌي ۽ پروڙ

”اسين ناهيون اوپرا“ جو تنقيدي جائزو

”اسين ناهيون اوپرا“ جو تنقيدي جائزو

آڪٽوبر 2008ع ۾ نوجوان شاعر نياز ملاح جو شعري مجموعو ” اسين ناهيون اوپرا“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو آهي. ” اسين ناهيو اوپرا“ 111 صفحن تي مشتمل شعري مجموعو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر بشير احمد شاد لکيو آهي. جڏهن ته مجموعي جي پٺئين پاسي سرڪش سنڌي، اختر درگاهي ۽ سميع بلوچ جون ڪجھه سٽون ڏنيون ويون آهن. ڊاڪٽر بشير احمد شاد مهاڳ جي آخري سٽن ۾ لکي ٿو ته ” نياز ملاح جديد سنڌي شاعري ۾ نئين ٽهيءَ جي اڳرن شاعرن مان پنهنجي وک اڃا تيز ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي پر مان کيس ايترو ضرور مشورو ڏيندس ته مقدار جي موهه ۾ ڦاسڻ بدران معيار جي موهه واري مومل تي پنهنجا نيڻ ڄمائي رکندو ته سنڌي شاعري جي تاريخ سندس نالي ۽ حوالي کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪندي.
مون کي چڱي ريت ياد آهي ته 2 سيپٽمبر سال 2006ع جي رات جو گمبٽ ۾ نياز ملاح جي مجموعي ” چنڊ، هوا ۽ نياز“ جي مهورتي تقريب ٿي هئي، جتي نامياري شاعري تاجل بيوس پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته مون ”چنڊ هوا ۽ نياز“ جو مطالعو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ هر صفحي تي نياز جي بي وزني شاعري موجود آهي، نياز کي اڃان ڇهه مهينا پڙهڻ گھربو هو. سندس شاعري ۾ جمالياتي قدر نه آهن، ٻين جو درد گھٽ آهي، نياز جيڪڏهن ڌرتي ۽ جنم ڀوميءَ کي محبوب بڻائي ها ته سندس فڪر ۾ رنگ جھلڪندو نظر اچي ها“
هن وقت جڏهن نياز جي هن مجموعي ” اسين ناهيون اوپرا“ تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته نياز ملاح صاحب معيار بدران مقدار پٺيان ڊوڙ پائي رهيو آهي. وزن بحر جي گھرڙ گھوٽ کان هٽي ڪري ڏسبو، تڏهن به نياز جي هن شعري مجموعي ۾ گھڻيون ئي فڪري ڪوتاهيون نظر اچن ٿيون. صفحي نمبر تي سندس وائي آهي:
سر جي سين هڻي
ٻيجل ٻاراڻي ڪئي
جھونا ڳڙهه جلي ويو
پوءِ به نه بات بڻي
ٻيجل ٻاراڻي ڪئي
وائي جي وراڻي ” ٻيجل ٻاراڻي ڪئي“ ڪجھه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، نياز کي اها به ڄاڻ آهي ته جھونا ڳڙهه جو راڄ ڌڻي راءِ ڏياچ هو، جنهن سان راجا انيراءِ سورٺ جي سڱ تي جنگ ڪئي. ( سورٺ انيراءِ جي ڌيءَ هئي) ٻارنهن مهينا گھيرو ڪرڻ کانپوءِ به جڏهن انيراءِ کي سوڀ نصيب نه ٿي ۽ آخر موٽي ٿالهه مهرن سان ڀري سڄي ملڪ ۾ هوڪو ڏياريائين ته جيڪو راءِ ڏياچ جو سر وڍي ايندو، تنهن کي هي ٿالهه ملندو. ٻيجل جي زال اهو ٿالهه وٺي رکيو ۽ وچن ڏنائين ته ” گھوڙم راءِ ڏياچ جو سر وڍي ايندو“ ٻيجل لاچار ٿي سرندو سينگاري جھونا ڳڙهه ڏانهن راهي ٿيو ۽ راءِ ڏياچ جي محل وٽ رسي تند تنواريائين. سندس سرندي جي آواز راجا جي دل کي گھائي وڌو ۽ اهڙي طرح ٻيجل سرندو وڄائي هڪ سخي انسان جو سر وڍيو.
محترم نياز ملاح به پنهنجي هن وائي ۾ انهيءَ ئي واقعي کي مرڪز بڻايو آهي، جيڪو ٺيڪ آهي پر وائيءَ جي وراڻي ۾ ٻيجل ٻاراڻي ڪئي ـ ٻيجل ٻاراڻي ڪئي“ واري سٽ بلڪل غلط آهي، ڇاڪاڻ ته ٻار ٻارائپ ۾ ڪا غلطي به ڪندا آهن پر سندن من ميرو ناهي هوندو ۽ ٻار تنهن ڪري ئي معصوم ٿيندا آهن. ٻيجل سوچيل سمجھيل سازش تحت ئي ڪلهي منجھه ڪينرو پائي گھران نڪتو هو ۽ سرندي جي تار عيوض ڪو دان گھرڻ بجاءِ سر جي سين هنئين هئائين. ٻيجل سر جي سين هڻي ٻاراڻي ڪونه ڪئي هئي. هن ته هڪ سخي مرد سان ٻيائي ڪئي هئي ۽ ان ٻيائي کي نياز ملاح ٻاراڻي ٿو سڏي. جيڪڏهن اڳواٽ جوڙيل منصوبي کي ڪوئي ٻاراڻي ٿو سڏي ته اها سندس عقل جي گھٽتائي ناهي ته ٻيو ڇا هي..... ؟
نيرو آسمان
نير وهائي ٿو
سکن جي سنسار ۾
اڄوڪو انسان
نير وهائي ٿو
سکن جي سنسار ۾ ڪنهن کي لوڙ پئي آهي جو نير وهائيندو؟ سک جو سنسار هجي ۽ اتي انسان روئي ۽ نير وهائي اهو غلط آهي. نير تڏهن وهائبا آهن. جڏهن ڏک، غم ۽ تڪليف محسوس ڪبي آهي ۽ جڏهن انسان لاءِ اهڙيون ڏاکڙن واريون گھڙيون هجن، پوءِ سکن جو سنسار ڏکن جي دنيا بڻجي ويندو. تنهن ڪري مٿين سٽن کي هينئن لکڻ گھرجي ته:
نيرو آسمان
نير وهائي ٿو
ڏکن واري ڏيهه ۾
اڄوڪو انسان نير وهائي ٿو
صفحي نمبر 38 تي غزل جي مقطع وارين سٽن ۾ نياز لکيو آهي ته: پيار جي پنڌ ۾ مون کي نياز! شاعري سو تجربا ڏيندي رهي.
جڏهن ڪو پانڌي ڪنهن پنڌ تي راهي ٿيندو آهي، تڏهن پانڌيئڙو دڳ پيچرا پَسي ازخود سوين تجربا حاصل ڪري وٺندو آهي پر هتي ڪجھه ٻيو نظر ٿو اچي ۽ پيار جي پانڌي کي شاعري سو آسرا ڏيڻ بجاءِ سو تجربا ٿي ڏئي.
منهنجي خيال ۾ مٿين سٽن کي هينئن لکڻ گھربو هو ته:
پيار جي پنڌ ۾ مون کي نياز
شاعري سو آسرا ڏيندي رهي.
صفحي نمبر تي وائي جون سٽون آهن ته:
تنهنجي ئي تخليق تي
ٿو هاري ڇو خاموش تون

هن وائي ۾ نياز ملاح صاحب خالق سان مخاطب ٿيندي. کانئس سوال ٿو ڪري ته او خالق! ڪوئي تنهنجي تخليق جي مٿان چانهه ٿو هاري ۽ تون خاموش آهين. شاعر جيڪو چانهه هارڻ وارو تخيل پيش ڪيو آهي، اهو تمام سطحي قسم جو آهي. اڄ جا ظالم ائٽم بم سان ساريءَ ڌرتيءَ تان خالق جي تخليقن کي ميسارڻ چاهين ٿا ۽ اهڙو ظلم دنيا اندر ٿي رهيو آهي. مذهب جي آڙ ۾ انسانيت جو خون وهائيندي ويرم نٿا ڪن. خالق کي اهڙي وارتا ٻڌائڻ بجاءِ چانهه جي ڳالهه ڪري شاعر پنهنجي ذهني وسعت جو ثبوت ڏنو آهي. تنهنڪري کيس هينئن لکڻ گھرجي ته:
تنهنجي ئي تخليق کي
ڪو ناحق ميساري
خالق ڇو خاموش تون.
نياز ملاح جي هن مجموعي ” اسين ناهيون اوپرا“ ۾ سندس چوسٽا به شامل آهن،جن تي پڻ هڪ نظر ڦيرائجي ٿي.

سور سختيون سهي هليو ويندو،
هوريان هوريان ڊهي هليو ويندو،
ڏينهن ويندو ۽ رات ٿي ويندي،
سج آخري لهي هليو ويندو.

ڏينهن ويندو ۽ رات ٿي ويندي يا سج آخر لهي هليو ويندو. واريون ڳالهيون ڪندي نياز اهو نه سوچيو ته هي آئون ڇا پيو لکان، رات اچڻ سان اونداهي ڇانئجي ويندي آهي. اونداهي ظلمت جي علامت آهي. نياز پهريون شاعر آهي جيڪو رات ٿيڻ واري ڳالهه ڪندي سرخرو ٿئي ٿو. نياز جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهي آهي، اها کيس نه ڪرڻ آئي آهي، کيس ساڳيو خيال هنن سٽن ۾ لکڻ گھرجي ته:

سور سختيون سهي هليو ويندو،
هوريان هوريان ڊهي هليو ويندو،
ڏينهن ٿيندو ۽ رات ويندي هلي،
گھگھه اونداهه لهي هليو ويندو.

صفحي نمبر 58 تي نياز جي هيءَ وائي پڻ ڪنهن ڪاريگر جو ڌيان طلبي ٿي:

من هي کائي مات،
نيٺ ته کٽندي رات،
نيٺ ته ٿيندو سوجھرو،
جاڳي پوندي جھٽ ۾،
منهنجي رٺل ڏات،
نيٺ ته ٿيندو سوجھرو.

وائي جي مٿين سٽن ۾ نيٺ ته. نيٺ ته 2 ڀيرا استعمال ٿيل آهي، جيڪا پڻ ڪوتاهي ليکبي، ٻيو وري اهو واضح ڪونه آهي ته ڪير ڪنهن کان ٿو مات کائي ؟؟ ٽيون وري رٺل ڏات جھٽ ۾ پرچڻ بجاءِ جاڳي پوڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. ڏات رٺل اٿس ته جھٽ ۾ پرچڻ جي ڳالهه ڪري پر جيڪڏهن جاڳي پوڻ جي ڳالهه ڪئي اٿائين ته پوءِ ڏات ستل ڏيکاربي، ڇاڪاڻ ته رٺل پرچندي آهي ۽ ستل جاڳندي آهي.
سندس هڪ وائي جون سٽون آهن ته:

خبر ناهي ڇاڪاڻ،
منهنجي مونجھه لهي نٿي،
تنهنجي آئي ٿي وئي
چوڏهين جي چانڊاڻ،
منهنجي مونجھه لهي نٿي.

مٿين سٽن ۾ شاعر محبوب سان مخاطب ٿيندي چويس ٿو ته تون آيو آهين ته چوڏهين جي چانڊاڻ ٿي ويئي آهي پر پوءِ به شاعر جي مونجھه نٿي لهي، جنهن جي آئي سرهو ٿئي ۽ چوڏهين جي چانڊاڻ محسوس ٿئي پر من جي مونجھه نه لهي اها ڳالهه منهنجي سمجھه کان ٻاهر آهي، باقي نياز ملاح خود سمجھائي سگھي ٿو ته راز ڇا آهي؟
چوندا آهن ته شاعر لاءِ هي ٻه ڳالهيون نهايت خراب آهن. هڪ ته نا آشنا جي واهه واهه ” ۽ ٻيو وري“ پارکوءَ جي خاموشي“ اهو ئي سبب آهي جو نياز جي شاعري ۾ سندس سيبتيون سٽون ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون مس ٿينديون. اسان جي هن نوجوان اڃا به جيڪڏهن پنهنجي شاعري طرف سنجيدگي سان نه سوچيو ته پوءِ سندس فڪر پڙهندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ڪونه ٿيندو. هونئنءَ به استاد بخاري چئي ڏنو آهي ته:
ڪلفت ڪٺي ڪرڻ کان محبت رتي چڱي آ،
ڪوڙا قصا کڻڻ کان هڪ سٽ سچي چڱي آ.
***