لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پانڌي ۽ پروڙ

نئون ڪتاب ”پانڌي ۽ پروڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادريس عاجز عباسي جي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو آهي.ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ”موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
Title Cover of book پانڌي ۽ پروڙ

صوفي شاعر نظر لاکائي

صوفي شاعر نظر لاکائي

هن جھان ۾ ڪيئي اهڙا ڀلارا ٻانها به پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن اندر ۾ جھاتي پائي ” پنهنجو پاڻ سڃاڻي“ الک جو عشق اوري خدا جي خلق کي راضي رکي پنهنجو نالو قائم دائم ڇڏيو . اهڙن ئي ڀلارن مان هڪ ڀلارو انسان نظر لاکائي به آهي.
نظر لاکائي جو اصل نالو نظر علي ولد غلام شبير گلال هيو. 16 جنوري 1956ع بروز سومر ڏينهن پنهنجي ناناڻن جي گھر سوڀي ديري ۾ ڄائو، لاکا، گمبٽ ، ڪنڊيارو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ بي اي تائين پڙهيو. جڏهن ته ادب ۾ بزم استاد بخاري ٻيلهاڙو، بزم شعور ادب گمبٽ، سگا شاخ گمبٽ ۽ سچل يادگار ڪاميٽي کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت ضلعي خيرپور جو رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو.
نظر لاکائي لاکن جي ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري لاکائي سڏائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ کيس هتان جو اڻبرابريءَ وارو ماحول راس نه آيو ۽ ڳوٺ ڇڏي گمبٽ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي اڳتي هلي اتي پبلڪ اسڪول کوليائين ۽ آخري گھڙي تائين تعليم جھڙي پاڪ پوتر شعبي سان سلهاڙيل رهيو.
نظر لاکائي جو ڏاڏو فقير صادق علي ڪنڀر ڪافي ۽ بيت جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. صادق فقير ڪنڀر صوفي درويش فقير غلام مهدي جھانيان جو طالب هو. تنهن ڪري نظر لاکائي ۾ به صوفي فقيرن وارا سڀ گڻ موجود هئا. سندس شاعري سچل سائين ۽ جانڻ فقير جي اثر هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مثال لاءِ سندس چئوسٽو ڏجي ٿو.
پهرين اکر پاڻ کي سچ جو ئي چئجي دوستو!
ها بلاشڪ ڏوهه ٻئي تي پوءِ مڙهجي دوستو!
پٺ ورائي ڪين ڪنهن پنهنجي ڏٺي آهي مگر
مينهن واتان پڇ ڪاري ڳئون ٿي سڏجي دوستو!
سائين نظر لاکائيءَ سان منهنجو واسطو 1995ع کان ٿيو ۽ ساڻس هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملاقات ٿيندي هئي. لاکائي وٽ هڪ ڪامل انسان ۽ سيبتي شاعر واريون سموريون خوبيون موجود هيون. هن ڪيترن ئي اڀرندڙ ليکڪن/ شاعرن جي سچيءَ دل سان رهنمائي ڪئي. مون سميت ڪيترائي نوجوان کانئس اصلاح وٺندا هئا.
لاکائي جو هڪ شعري مجموعو وکريل وجود سندس حياتيءَ ۾ ڇپيو ۽ اڻڇپيل شاعري اڃا به وٽس موجود هئي. لاکائي جو اڻ ڇپيل ڪلام ٻن ڪتابن جيترو ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ڇپيل ڪلام انٽرنيٽ تي موجود آهي.
سائين نظر لاکائي 25 فيبروري 2007ع بروز آچر تي شام جو گمبٽ ۾ دل جو دورو پوڻ سبب هن فاني جھان کي ڇڏي هليو ويو. سندس اوچتو وڇڙڻ تي اسان سنڌ واسين کي تمام گھڻو صدمو ٿيو آهي. سندس دوست کيس ساريندي روئي پون ٿا. لاکائي کي به سڄڻ دوست ڏاڍا پيارا هئا. هن تڏهن ئي ته هي سٽون لکيون هيون.
مان ڪين هوندس منهنجا بيت هوندا،
هيءَ سنڌ هوندي. هي کيت هوندا،
جنين ساڻ جيون گڏجي مون گھاريو،
مون کان پوءِ منهنجا سڄڻ سي ته هوندا.
نظر لاکائي غريبن ۽ يتيمن جي ڪم اچڻ وارو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي. 1998ع ۾ منجھند جو جڏهن آئون ساڻس ابل واهه ڀرسان هندو پاڙي واري اسڪول ۾ مليس. ماني کارائي چيائين ”عاجز! اڄ توکي مون سان گڏ گمبٽ جي بازار مان پنڻو پوندو!“ آئون نه سمجھڻ باوجود به سندس پويان لڳي پيس. اهڙي طرح ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ بازار مان دڪاندارن کان خيرات ورتي سين جنهن ۾ ڪپڙو وغيره شامل هو. پوءِ سمورو مليل سامان هڪ ڀري ٻڌي سائين انعام ٻيلهاڙوي جي معرفت مرحوم سيد پير علي شاهه ( ارمان موسوي) جي يتيم ٻارڙن ڏانهن ڏياري موڪليائين. مطلب ته نظر لاکائي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته يتيمن جي مدد ڪيئن ڪبي آهي. اهو ٻڌائيندو هو ته منهنجي سڀني پبلڪ اسڪولن ۾ يتيم شاگردن بنا فيس جي پڙهن ٿا. انهن کي ڊريس ڪتاب به پاڻ ڏيندو هو. هو چوندو هو ته زندگيءَ تي ڪو به ڀروسو ڪونه آهي. ڪنهن انسان جي ڪم اچجي، نياز نوڙت سان گذارجي ۽ اهو ئي زندگيءَ جو اصل وکر آهي. هن پنهنجي هنن سٽن ۾ پڻ اهڙو پيغام ڏنو آهي.
ڪهڙو ڀروسو آ، نظر زندگي جو،
کٽي نيٺ پوندو، سفر زندگيءَ جو،
غريبن يتيمن جي ڪم يار اچجي،
ڇڏي اهڙو وڃجي اثر زندگيءَ جو.
سائين نظر لاکائي سان منهنجي آخري ملاقات 23 فيبروري 2007ع جمعي جي ڏينهن سونارڪي بازار واري سندس ايليمينٽري اسڪول واري آفيس ۾ ٿي. مون کيس هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ جو پرچو ڏنو چيائين، ”عاجز سنڌو مون وٽ پهتو آهي. تنهنجو ” گمبٽ ۽ آسپاس جي شاعرن“ وارو مضمون به پڙهي ڇڏيو اٿم.“ هن منهنجي محنت کي ساراهيو. مون کيس چيو، ”سائين منهنجي ڪتاب بابت اوهان ٻه اکر لکيا.“ چيائين. عاجز ڏينهن ٻن ۾ لکي وٺندس. توکان اڳ بحرالدين شنباڻي جي شاعري جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻو هو.“ ايتري ۾ هو اٿيو ۽ اندران فائيل کڻي آيو ۽ ٻه اڍائي صفحا مڪمل پڙهي ٻڌايائين جيڪي هن بحرالدين شنباڻي جي لاءِ لکيا هئا. سنڌي ادبي سنگت ۽ يادگار ڪمايٽي بابت به ڪجھه ڳالهيون ڪندا رهياسين. هو سچل يادگار ڪميٽيءَ وارن کان ڪجھه ڏکارو هو. واضع لفظن ۾ چيائين ته سچل يادگار ڪاميٽي هن وقت ڪامورن جي هٿن ۾ آهي. ڪميٽيءَ ۾ مون سميت صوفي فقيرن کي پري رکڻ هڪ سوچيل سمجھيل سازش آهي. آئون کائنس موڪلائي گھر آيس. وچ تي هڪ ڏينهن گذريو. آچر جي شام جو ڪولاب جيئل جي دوست جبار پارس موبائل تي ٻڌايو ته سائين نظر لاکائي پيالو ڪري ويو. خبر ٻڌڻ سان زمين پيرن هيٺيان ڇڏائجي وئي. اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون ۽ سندس محبتون ياد ڪري روئڻ لڳس. هاڻي جڏهن نوڪريءَ سانگي يا وري ٻئي ڪم ڪار سبب گمبٽ اچڻ ٿئي ٿو ۽ جڏهن شاعرن مان ڪو شاعر نذير سروهي، ساهه شيخ يا وري ڊاڪٽر يار محمد مرکنڊ ملي ٿو ته دل پنهنجي محسن استاد نظر لاکائي کي ساري اڄ به سڏڪي پئي ٿي ۽ سندس هي سٽون ياد اچن ٿيون.
ڪيئن چوان ماکيءَ کان وڌ ان کان مٺي آ زندگي،
هر قدم تي يار هت وهه جي وٽي آ زندگي،
ڪالهه ڪيئي زندگيون مون کي ٿي ارپيون پئي ويون،
اڄ نه پنهنجي اي نظر پنهنجي رهي آ زندگي.
نظر لاکائي هن وقت جسماني طور تي اسان سان گڏ ڪو نه آهي پنهنجي بيتن ۾ زندهه آهي ۽ زندهه رهندو ڇاڪاڻ ته هن حق ۽ سچ جي واٽ ورتي هئي، جيئن پنهنجي سرائڪي ڪافي ۾ چيو اٿائين.
حق دا نعرا زندهه باد، سچ دا نعرا زندهه باد،
انا الحق دي وائي والا، سچل سارا زندهه باد.
ڪيا دي ليليٰ ڪيا دا مجنون، ڪيا دي سسئي ڪيا دا پنهون
ٺٽي تون گھن دهلي لکنو، سرمد، دارا زندهه باد،
عشق دا علم کوڙ ڏتوسي دين ڌرم ٻيا ڇوڙ ڏتوسي،
دل وچه ڪعبه جوڙ ڏتوسي، نينهن نظارا زندهه باد.
***