لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پانڌي ۽ پروڙ

نئون ڪتاب ”پانڌي ۽ پروڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادريس عاجز عباسي جي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو آهي.ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ”موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
Title Cover of book پانڌي ۽ پروڙ

”ڏکن جي ٽياس تي“ هڪ تنقيدي نظر

”ڏکن جي ٽياس تي“ هڪ تنقيدي نظر

ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي مان امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد وارن جو ڇپايل شعري مجموعو ”ڏکن جي ٽياس تي“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جو شاعر لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ نوجوان شاهد علي عباسي آهي جيڪو 25 سالن جي ننڍي عمر ۾ پنهنجي همٿ ۽ حوصلي سان چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ پاس ٿي ڪراچي پورٽ تي اسسٽنٽ ڪليڪٽر، ڪسٽمس مقرر ٿيو آهي.
شاهد علي عباسي جو هي پهريون شعري مجموعو آهي. سکڻي ساراهه بجاءِ هن مجموعي جو تنقيدي جائزو ورتو اٿم ته جيئن اسان جو هي نوجوان شاعر پنهنجي فني ۽ فڪري ڪوتاهين کي سمجھي سگھي. ڪيترائي وڏا نالا اهڙا به آهن جيڪي سکڻي ساراهه ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ گھڻو پسند ڪندا آهن.
هن مجموعي جي صفحي نمبر 11 تي تاجل بيوس لکي ٿو ته ”مون شاهد عباسي جي شاعري کي الف کان ي تائين يعني 120 صفحن تائين پڙهيو آهي. هيءَ شاعري خوبين جي کستوريءَ واري مانائتي شاعري آهي. اها چڱي حد تائين سماجي ڪارج سان ٽمٽار آهي. شاعري ۾ سماجي قدرن کان سواءِ فني بهتري به اوج تي نظر اچي ٿي. خاص ڪري وزن يا ردم ۽ ٺهڪي ايندڙ قافين جي حوالي سان.“
مان ايترو چوندس ته تاجل بيوس جا هي جملا ۽ شاهد عباسي جي شاعري هڪٻئي سان نٿا ٺهڪن، ڇاڪاڻ ته شاهد جي شاعري ۾ اڃان ڪجھه اوڻايون آهن. مثال لاءِ سندس غزل جون سٽون پيش ڪجن ٿيون.

رڻ ۾ پنهنجا سسئي وانگي،
سارا پنڌ اجايا آهن.

شاهد عباسي لکيو آهي ته، ”رڻ ۾ سسئي وانگر سمورا پنڌ اجايا ۽ بيڪار آهن.“ ڇا سسئي جا پنڌ اجايا هئا؟ جيڪڏهن شاهد عباسيءَ جا پنڌ اجايا ثابت ٿيا آهن ته کيس سسئي جي پنڌن کي اجايو چوڻ سراسر غلط آهي. سسئي هڪ بهادر ڪردار آهي. سسئي پنهنجي ور ڪارڻ جھنگ جبل ۽ لڪ لنگھي ٿي. هن جي بهادري ۽ سچ جا پنڌ ڏسندي سنڌ جي سرواڻ شاهه لطيف ”سسئي“ تي سڄا سارا پنج سر چيا آهن. جيڪڏهن سسئي جا پنڌ اجايا هجن ها ته شاهه سائين انهن پنڌن کي ڪونه ساراهي ها. ٻيو ته سپرين ويٺي يا ستي نٿو ملي، تنهنڪري شاهد عباسي کي سسئي جا پنڌ سجايا سمجھڻ گھرجن.
ساڳئي غزل ۾ وري شاعر هيئن لکي ٿو ته:
صبح کان سانجھيءَ تائين لٽجي،
ٿي پيا بزدل ڀاڳيا آهن.

شاهد عباسي سنڌ ڌرتي جي وارثن، ڀاڳين کي ڪانئر، سست ۽ بزدل سڏيو آهي، اها حقيقت آهي ته اسان صبح کان سانجھيءَ تائين لٽيرن هٿان لٽجون ٿا پر ڪانئر گيدي ڀاڙيا بزدل ڪو نه آهيون. بزدل ۽ ڪانئر آهن ته هتان جا سياستدان ۽ وڏيرا. ڀاڳيا هميشه هوشناڪ آهن. کين صرف ۽ صرف سچي قيادت جي ضرورت آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ دشمن منصوبن خلاف جيڪي احتجاج ٿين ٿا، ڇا انهن ۾ وڏا شامل آهن؟ نه هرگز نه! تاريخ سنڌ ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته اسان جي غيرتمند سنڌين مهل اچڻ تي پاڻ ملهايو آهي، پوءِ ڇو نه سر جو سانگو لاهڻو پيو هجي، تنهنڪري ئي ته دودو سومرو، روپلو ڪولهي، هيمون ڪالاڻي ۽ هوشو شيدي جھڙا بهادر اڃا ياد ڪيا وڃن ٿا. اڄ به ڌرتي جو درد رکندڙ انسان موجود آهن. هونءَ به صبح کان سانجھيءَ تائين لٽجڻ کانپوءِ ماڻهو ضرور مڇربو آهي، تنهنڪري ڀاڳين جي حوصلا افزائي لاءِ هيئن لکڻ گھرجي.

صبح کان سانجھيءَ تائين لٽجي،
نيٺ ته ڀاڳيا جاڳيا آهن.

راشد مورائي ڪنهن هنڌ لکيو هو ته، ”اسان جا شاعر گھڻو ڪري ادبي قاعدن ۽ قانونن جي مطالعي ڪرڻ ۽ محنت سان انهن تي عبور حاصل ڪرڻ کان لنوائيندا آهن. شايد هو سمجھندا آهن ته ان جي اٿل سببان پنهنجي جذبن کي پني تي اوتيندا ويندا ته اهو ادب بڻجي ويندو، پر ائين هرگز نه آهي. اهڙا سست ۽ ڪاهل ليکڪ سواءِ ڪن ٿورين ڌوڪي بازين جي ٻيو، ڪجھه به قوم کي ڏئي نٿا سگھن، الٽو وڃيو خود پسندي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسن، ڇو ته جڏهن مٿن تنقيد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي اڻڄاڻائي ڪري ان کي انا جو مسئلو بڻائين ٿا.“ پر شاهد عباسي هڪ باصلاحيت نوجوان شاعر آهي، ان ڏس ۾ هن پهريائين لکيو آهي ته پنهنجي شاعريءَ بابت ڪو تنقيدي ويچار ڏنو ويندو ته آئون ان جي دل سان آجيان ڪندس.
تون مون ۾ آن پاڇي وانگر،
ٿر ڪارونجھر، ڪاڇي وانگر،
تنهنجو واس آ ماکي جھڙو،
مٺڙو يا ته پتاشي وانگر.

شاعر واضع لفظن ۾ چيو آهي ته تون مون ۾ پاڇي وانگر آهين، پاڇي جو تعلق جسم سان هوندو آهي. جسم اصل آهي ۽ پاڇو نقل. ٻيو وري پاڇو روشني جو محتاج آهي. اوندهه وقت پاڇي جو موت ٿيندو آهي. پنهنجي محبوب کي پنهنجو پاڇو سڏڻ پهريون ڀيرو ٻڌو اٿم. ٻيو وري شاهد لکيو آهي ته تنهنجو واس ماکي جھڙو آهي، جيڪا پڻ اهم غلطي آهي. واس جو تعلق سنگھڻ سان هوندو آهي ۽ مٺاس جو تعلق چکڻ سان. ماکي چکڻ جي شيءِ آهي ۽ خوشبو سنگھبي آهي، پوءِ ماکي جو ذائقو چکبو ۽ گلن جو واس وٺبو. تنهنڪري شاهد عباسي کي پنهنجي هنن سٽن کي هينئن لکڻ گھربو هو ته:

توسان گڏ مان پاڇي وانگر
لاڙ، اتر ۽ ڪاڇي وانگر
مصري، کنڊ، پتاشي وانگر

ان کان سواءِ شاعر جون هي سٽون به ڏاڍيون عجيب آهن. هڪ ئي وقت شاعر ٻه ڳالهيون ٿو ڪري. سٽون هي آهن:
ڪيڏي فرحت ڀانيان ٿو،
پڪين پوڙهين قبرن کان،
پوڙهن سان پرچاءُ نه ڪر تون،
ڳالهه وڃي پڇ ڳڀرن کان

مٿين سٽن ۾ چويٿو ته قديمي قبرن پڪين پوڙهين مزارن کي ڏسي فرحت ڀانيان ٿو ۽ هيٺين سٽن ۾ وري پوڙهن سان پرچاءُ نه ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، هاڻي اسين ٻه واٽي تي آهيون ته سندس ٻنهي صلاحن مان ڪهڙي صلاح کي وٺون، ڇاڪاڻ ته شاعر خود پنهجي موقف تان ڦري ويو آهي.

ڏئي دانهن درياءَ تي سهڻي ڀلا ڇو؟
هيون فڪر جنهن جي ۾ ڦوٽيون ميان!

مٿين سٽن ۾ شاعر سهڻي جي فڪر ۾ ڦوٽيون (ڏار) هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. شاهد صاحب کي شاهه سائين جي رسالي ۾ شامل سر ”سهڻي“ چڱيءَ ريت پڙهڻ گھرجي، جنهن ۾ شاهه سائين سهڻي جي عشق ۽ عظمت جي ڳالهه ڪئي آهي. سهڻي لاءِ شاهه جو هڪڙو بيت ئي ڪافي آهي، جنهن ۾ سهڻي جي درياءَ ۾ گھڙي پوڻ ۽ ساهڙ ساهڙ ڪرڻ جي چٽي ڳالهه ٿيل آهي.

ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساهه جو ڪي گهوريس ڪيو گھڙن
ساهڙ سندو تن گھا گھائي گھڙن جي.

شاهه جي بيت پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته درياءَ ڪنڌيءَ تي بيهي ڪيتريون ساهڙ ساهڙ پڪارين پيون انهن مان ڪن کي جان جي ڳڻتي آهي. شاهه سائين چوي ٿو ته سهڻي مرڪندي درياءَ ۾ گھڙي آهي ۽ ساهڙ حاصل ڪيو آهي.
هاڻي ڀلا سهڻي جي فڪر ۾ ڦوٽيون چئبيون؟ ڇا سهڻي درياءَ ۾ گھڙڻ کان پوءِ اڌ مان موٽي آئي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ شاهد عباسي کي اها ڳالهه واضع ڪرڻ گھرجي.
مان سمجھان ٿو ته هن مجموعي ۾ شامل غزل ۾ هروڀرو ساڳيون ڳالهيون ورجايل آهن. مون کي سواءِ ڪجھه سٽن جي ڪي ڇرڪائيندڙ تشبيهون نظر ڪونه آيون آهن. جيئن سندس هي سٽون آهن ته:
پرديسن سان نينهن اڙائي
ڪٿي پيچ تو پاتا آهن.

عباسي کي گذارش آهي ته شاعريءَ ۾ تڪڙ نه ڪري، شاعري جي ميدان ۾ جيڪڏهن کيس پاڻ مڃرائڻو آهي ته هن کي اڃا به محنت ۽ مطالعي کان ڪم وٺڻ گھرجي.
***