صوفي شاعر فقير صادق علي ڪنڀر
فقير صادق علي ذات جو ڪنڀر (گلال) هو. سندس والد محترم جو نالو محمد صفر ڪنڀر هيو. پاڻ سن 1897ع ڌاران سوڀوديرو لڳ ڳوٺ ٻنڊي موٽايو ۾ پيدا ٿيا. ننڍپڻ ۾ ديني تعليم حاصل ڪيائين ۽ بعد ۾ حضرت مخدوم جهانيان فقير غلام مهدي شاهه رحه جن جو طالب ٿيو. فقير جن جو وڏو ڀاءُ الله ڏنو ڪنڀر جيڪو پڻ صوم و صلوات جو پابند، باشرع ۽ نيڪ انسان هيو، پر فقير صادق علي مجازي عشق جي اونهي درياهه ۾ گهيريل هيو.، ڪامل مرشدَ ۽ هاديءَ جي حضور مان کيس جيڪو ونڊ مليو تنهن کيس صوفياڻي رنگ ۾ رچي ڇڏيو. ان سبب ڪري صوفي ۽ ملان جو پاڻ ۾ گڏجي هلڻ ڏکيو ٿي پيو. فقير صادق علي جڏهن اهڙي حقيقت پنهنجي مرشد اڳيان بيان ڪئي. بجاءِ ان جي ته مرشد طرفان سندس ڀاءُ لاءِ ڪا جدا هدايت جاري ٿئي يا فيصلن ڦڙن جو اهتمام ٿئي. فقير کي حڪم ڪيائون ته هو هتان (ٻنڊي موٽايو) مان لڏي اچي ڳوٺ وڏا لاکا ۾ رهي، جنهن کان پوءِ فقير صاحب ٻنڊي موٽايو مان لڏي اچي ڳوٺ وڏا لاکا ۾ ڳوٺ جي اوڀرندي پاسي پنهنجو مئخانو اڏي ويٺو. تنهن لاءِ روايت آهي ته ان وقت ڳوٺ ۾ ڪنهن جاچ لاءِ پوليس آيل هئي ۽ ان دور ۾ پوليس وارا گهوڙن تي چڙهي ايندا هئا. چون ٿا ته ڳوٺ جي وڏيري فقير جي غير موجودگيءَ ۾ پوليس وارن جا گهوڙا مئخاني ۾ ٻڌرايا. فقير جڏهن واپس اچي اهو لقاءُ ڏٺو ته جلال ۾ اچي ويو ۽ مئخاني ۾ ٻڌل گهوڙن کي اتان ڇوڙايائين. فقير تيسيتائين جلال ۾ رهيو جيستيائين کيس متبادل جڳهه ويهڻ لاءِ نه ملي ۽ کيس ڳوٺ جي اولهندي پاسي قبرستان جي ڀر ۾ هڪ گهاٽي جهنگ واري زمين جو ٽڪر رهڻ لاءِ آڇيو ويو ۽ گڏوگڏ اهو به چيو ويو ته هن جهنگ ۾ مختلف قسم جا خون خوار جانور ۽ بلائون آهن پر فقير بنا خوف جي پنهنجي ٻچن سميت ان جهنگ ۾ جهوپو اڏي اچي ويٺو ۽ آهستي آهستي جهنگ صاف ڪري اتي کوهه به کوٽايو ۽ کوهه تي نار چاڙهائي پاڻيءَ جو خاصو بندوبست ڪيو ۽ ان پاڻيءَ تي هڪ باغ پوکيائين ۽ اتي هڪ مئخانو پڻ جوڙيائين.
چون ٿا ته فقير پنهنجي مجازي عشق جون منزلون طئي ڪندي حقيقي عشق کي پهتو. ڪيترائي ماڻهو سندس وٽان فيضياب ٿيا جن ۾ هدايت علي فقير ناريجو، عنايت علي فقير کهڙو ۽ امانت علي فقير ڏهر (باگڙجي) مشهور آهن.
فقير صادق علي ڪنڀر 58 سالن جي عمر ۾ 1955ع ڌاري ڳوٺ وڏا لاکا ۾ پيالو پيتو ۽ سندس ڳوٺ وڏا لاکا ۾ اڄ به سندس پونئرن لاءِ فيض جو در موجود آهي، فقير جي اولاد ۾ 5 پٽ ۽ 3 نياڻيون هيون، جنهن مان سندس ننڍي پٽ غلام شبير جي اولاد مان وڏو پٽ نظر علي (ادبي دُنيا ۾ جنهن جي سڃاڻپ نظر لاکائي آهي) سوئي سندس محور ٿي مسند تي ويٺو ۽ پڻ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
فقير صادق علي جو اڻ ڇپيل مواد نثر ۽ نظم ۾ ملي ٿو. نثر ۾ فقير تصوف جي انتهائي باريڪ نقطن تي مختصر پر جامع لکيو آهي. نظم ۾ ڪافي غزل، قصيده، بيت، ڏوهيڙو، ٽيهه اکريون ۽ ڇلو جهڙي سنڌي جي قديم صنف لکي آهي. ان کانسواءِ هنديءَ ۾ شبد به لکيا آهن. فقير راڳ جو پارک هيو، پاڻ پنهنجي قلمي نسخي “حاصل ولايت” ۾ غزل ۽ ڪافي کي سرن ۾ لکيو آهي جنهن ۾ سر ڀيروي پهاڙي، راڻو، تلنگ، وهاڳ، سارنگ، بروو، ڌناسري، آسا، پرڀاتي، ڪلياڻ ۽ سورٺ اچي وڃن ٿا. فقير جو قلمي نسخو سندن پوين وٽ موجود آهي، جيڪو مون ناچيز به محترم لاکائي صاحب وٽ ڏٺو هيو. منهنجي سنڌي ادبي بورڊ وارن کي گذارش آهي ته فقير صادق علي ڪنڀر جو قلمي نسخو ضايع ٿيڻ کان بچائيندي جلد ڇپايو وڃي ته بهتر ٿيندو
بيت طالب کي مطلوب ڏي عاشق ٿي اچڻ
گويا ۽ گفتار کي ويراڳي ٿي وٺڻ
موکيءَ جي موج جو پريمي پيالو پيئڻ
صادق ٿي سمجهڻ هن پيغامي پريم کي
***