لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پانڌي ۽ پروڙ

نئون ڪتاب ”پانڌي ۽ پروڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادريس عاجز عباسي جي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو آهي.ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ”موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
Title Cover of book پانڌي ۽ پروڙ

شاعر وحيد محسن : غزليه شاعري جو اڀياس

شاعر وحيد محسن : غزليه شاعري جو اڀياس

غزل سنڌي شاعري جي هڪ اهم صنف آهي ڇو جو هن جو تعلق انسان جي لطيف جذبن سان آهي. غزل جي تعريف ڪندي علامه آءِ آءِ قاضي لکي ٿو ته: ”غزل اصلي عربي زبان مان نڪتو آهي ۽ سندس معنيٰ آهي تغزل يعني سهڻن سان محبت جون ڳالهيون ڪرڻ، پر هڪڙو ٻيو لفظ آهي جنهن ۾ تلفظ به تقريبن ساڳيو آهي. اهو آهي غزالا جنهن جي معنيٰ آهي ڪتڻ يا وٽڻ (ڌاڳي کي وٽڻ يا ڪتڻ) مون کي پڪ آهي ته تغزل جو لفظ اصل ۾ غزاله لفظ مان ورتل آهي. ڌاڳو ڪتڻ يا نوڙي وٽڻ واري معنيٰ ان پوءِ اختيار ڪئي آهي. هڪ ٻيو لفظ غزال آهي جنهن جو اچار يورپ وارا غزيل ڪندا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته غزل ان لفظ مان نڪتو آهي پر جيڪڏهن ان مان نڪتو آهي تنهن هوندي به هرڻي (غزالا) جي اڇانگ ۽ غزل گو شاعرن جي خيالن جي پرواز ۾ ڪافي هڪ جهڙائي آهي.“
چون ٿا ته غزل اسان وٽ فارسي جي وسيلي آيو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌ ۾ فارسي ٻولي جوا يترو ته اثر وڌي ويو جو سنڌي شاعر پنهنجي ٻولي وساري فارسي ٻولي ۾ شاعري ڪرڻ لڳا. ڪلهوڙن جي دور ۾ ٽکڙ جي ڪجهه شاعرن سنڌي ۾ غزل جي شروعات ڪئي. غزل جو اوائلي دور ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور کي سڏين ٿا. جڏهن ته انگريزن جي دور ۾ پڻ سنڌي غزل تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ هن دور ۾ تمام گهڻا غزل گو شاعر پيدا ٿيا. غزل جو جديد دور ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. هن دور ۾ غزل جي صنف ۾ نوان نوان تجربا ٿيا آهن ۽ غزل کي هڪ نئون دور مليو آهي. هن دور ۾ اياز، استاد ۽ تنوير نالي وارا شاعر ٿي گذريا آهن. انهن کان پوءِ به نوجوان شاعر پنهنجي ڏات جا ڏيئا ٻاريندا رهن ٿا.
شڪارپور سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان وحيد محسن به هن صنف سان سٺو نڀاءُ ڪيو آهي. ڪجهه سال اڳ ادبي کيتر ۾ مون سندس تخليق جو جائزو ورتو ته مون کي ائين محسوس ٿيو ته اڳتي هلي وحيد محسن هڪ بهترين شاعر ثابت ٿيندو ۽ ٿورڙي عرصي اندر هن اهو ثابت به ڪري ڏيکاريو.
آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته سنڌ ۾ ٽئلنٽ جي کوٽ ڪانهي. هڪڙي پٺيان ٻيو ۽ ٻئي پٺيان ٽيون ڏات ڌڻي جنم وٺندو رهي ٿو. هونئن به ڀاڳين جا ڀاڻ خالي ناهن ٿيندا. اسان وٽ جيڪڏهن اهڙا شاعر پيدا ٿيندا رهيا ته پوءِ جديد سنڌي شاعري کي هندي ۽ انگريزي شاعري سان ميچي سگهبو.
وحيد محسن جي غزل ۾ سونهن جهلڪندي نظر اچي ٿي. سندس شاعري ۾ لفظن جي جوڙ، روانگي ۽ تخيل سان نڀاءُ ڪيل نظر اچي ٿو. هن پنهنجي شعر ۾ نيون تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي نوان قافيا ٺاهيا آهن.
سادگي ۾ سکي اڄ وڻي ٿي پيئي
نانءُ منهنجو وري هو کڻي ٿي پئي

وار واسينگ جنهن جا ڏنگن ٿا پيا
پوپري پيار جا گل هڻي ٿي پئي
وحيد محسن جا غزل، بحر، وزن جي ڪڙي ڪسوٽيءَ مان نڪتل آهن. تڏهن ئي سندس هر غزل ۾ موسيقي ۽ رڌم موجود آهي وحيد محبوب بنا اٻاڻڪو نظر اچي ٿو، ائين ٿو چئي ته:
سڄڻ اوري آ، دوري ڇڏ، ساهه سڪي ٿو، ۽ حياتي هٿن مان وڃي ٿي
مطلب ته هي شاعر محبت جي مامري ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿو.
حياتي وڃي ٿي هٿن مان ته يارو
سڄڻ آءُ اوري سڪي ساهه سارو
اجالا ڏٺم رنگ جوڀن سندس مون
مگر پوءِ به ايندو ڪراڙپ جو وارو.
وحيد محسن جا غزل همت، حوصلي ۽ بهادري جا سبق ڏين ٿا. ظالم سان وڙهڻ، حق وٺڻ، عزت سان رهڻ وغيره اهڙا قدم آهن، جيڪي هر غيرتمند قوم ۾ هوندا آهن ۽ اهي سبب سندن بقا جو سبب به هوندا آهن. وحيد چوي ٿو ته
ياد ناهي ڇڏي مون ڪڏهن سنڌ جي
وٺ وٺان کيل ۾ ياد مون کي ڪجان
ڌاريو جي ڪري ڪا دغا سنڌ سان
ديس جي ڀيل ۾ ياد مون کي ڪجان.
جيئن ته غزل جي لغوي معنيٰ آهي، عورت سان محبت جي گفتگو ڪرڻ، تنهن ڪري غزل جون خاصيتون به هن ئي موضوع مطابق هئڻ گهرجن. ماهرن جي راءِ موجب غزل کي حسن ۽ عشق جي وارداتن ۽ محبوبن جي ناز ۽ نخرن سان سينگارڻ گهرجي. غزل ۾ شيرين ۽ نرم ٻولي استعمال ڪجي. غزل ۾ نهٺائي ۽ انڪساري هئڻ گهرجي ۽ غزل ۾ هروڀرو قافين جي پورائي لاءِ لفظ ٽوڙي مروڙي نه پيش ڪرڻ گهرجن ۽ آئون سمجهان ٿو ته وحيد محسن جي غزل ۾ اهي سموريون خاصيتون موجود آهن، هڪ سکي سان عشق جا احوال اوريندي چوي ٿو:
ڀاڳن واري آهين من تون
سونهن به ساري آهين من تون
ڪهڙو توکي نانءُ ڏيان مان
الفت ڌاري آهين من تون
غزل جو بنيادي موضوع صرف عشق ۽ حسن آهي پر عشق کان سواءِ غزل ۾ ٻين ڪيترن موضوعن سان نڀاءُ ڪيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته:
”اها ڳالهه درست آهي ته غزل حسن ۽ عشق جي معاملن جي تصوير سهڻي ۽ وڻندڙ نموني ڪئي آهي ۽ عشق جي هر ڳالهه کي ذري پرزي بيان ڪيو آهي پر ان ۾ عشق جي موضوعن سان گڏ زندگي جي مختلف پهلوئن جو احساس ۽ انهن جي ترجماني به آهي. غزل ۾ تصوف ۽ طريقت جا راز ۽ اسرار نهايت دلنشين انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن ۽ اخلاق جا سبق نهايت سهڻي نموني سيکاريا ويا آهن.“ (سنڌي ادب جو مختصر جائزو: ص 98،) اياز قادري جي بيان جي روشني ۾ وحيد محسن جي غزل جو مختصر جائزو وٺجي ٿو.

حسن ۽ عشق:
حسن انساني زندگي جو بنيادي قدر آهي ۽ هر انسان کي حسن پاڻ ڏانهن ڪشش ڪندو آهي. چون ٿا ته عشق جو بنياد حسن آهي ۽ حسن کان سواءِ عشق نه ٿيندو آهي. عشق ۽ حسن غزل جو بنيادي موضوع آهي تنهن ڪري هن نوجوان عشق ۽ حسن جي موضوع سان گهڻو رچاءُ ڪيو آهي. وحيد محسن پنهنجي هڪ غزل ۾ هيئن لکي ٿو ته:
مان اچان ٿو پرين گيت تو ڏي کڻي
يار تنهنجي سڄڻ سڪ لڳي آ گهڻي
وار کولي سکي ٿي هلي مور جان
مان ڏيان سونهن کي ور ڦڻي ور ڦڻي
شاعر جيئن ته نهايت حساس طبيعت جا مالڪ هوندا آهن، تنهن ڪري پنهنجي آس پاس ٿيندڙ سرگرميون، اوچ نيچ، معاشري ۾ مختلف فردن سان ٿيندڙ ورتاءُ يا وري مايوس چهرن جون مجبوريون پرکي ۽ پروڙي وٺندا آهن. وحيد محسن به هڪ حساس طبيعت جو هوشناڪ شاعر آهي.
وٽس سماجي شعور آهي. وحيد سمجهي ٿو ته هت روز عقوبتون ٿين ٿيون. ڳوٺ جيڪي پيار پريت جا مرڪز هئا اتان ڳوٺاڻا لڏي شهرن جو رُخ ڪن ٿا. ماڻهو مايوس ٿي ويا آهن. وحيد محسن اهڙن مايوسي ماريل ماڻهن لاءِ حوصلو بڻجي ٿو ۽ هي سٽون ٿو لکي ته:
هانءُ ڪين هاريو زندگي سڏي پئي
ديس جي تنوار لوڪ کي گڏي پئي.
روز هت عقوبتون ۽ انهي حال ۾
ڳوٺ کان شهر ڏي زندگي لڏي پئي
آئون سمجهان ٿو ته وحيد محسن کي بهترين غزل گو شاعر جيڪڏهن چئجي ته ڪو حرج ڪونهي. اهو سندس حق آهي. هو سچو پچو شاعر آهي، امن ۽ پيار جو پوڄاري آهي. ننڍي عمر ۾ کيس جيڪا به شهرت ملي آهي. اها سندس مسلسل محنت ۽ محبت جو نتيجو آهي. ڪو سينئر اديب يا ايڊيٽر ڪا دعويٰ ڪونه ڪندو ته وحيد کي وحيد محسن اسان بڻايو آهي يا کيس مقبول ڪرڻ وارا اسين آهيون.
منهنجي دعا آهي ته وحيد محسن سنڌ جي سورن تي لکندو رهندو. مظلومن جو آواز بڻجي قلم سان اڃان به پنهنجي فڪري گهرائيءَ سان نڪور غزل لکندو رهندو ۽ مون جهڙا ڪيترائي ماڻهو سندس پرستارن ۾ شامل ٿيندا رهندا..............
هڪ جواني نيڻ تنهنجا هن غزل ڙي
سونهن کي ڪهڙي پئي سينگار جي آ.
سوچ منهنجي آ سگهاري وقت کان پڇ
ڇو ته محسن کي خبر حقدار جي آ.
***