حنيف عاطر جي شاعريءَ جي ڪتاب ”لڙڪن جو قرض“ تي هڪ نظر
حنيف عاطر جو نالو نئين ٽهيءَ جي سريلن شاعرن جي قطار ۾ متعارف ٿي چڪو آهي. عاطر جي شاعري گھڻي مقدار ۾ سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. هن وقت عاطر جي سنڌي ۽ اردو شاعريءَ جو ڪتاب ” لڙڪن جو قرض“ ڇپجي چڪو آهي. مان چاهيان ٿو ته هن ڪتاب جو جائزو اوهان پڙهندڙن تائين پهچايان.
ڪتاب جو نالو ”لڙڪن جو قرض“ آهي. ڪتاب 144 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ غزل ، وايون، نظم ۽ ٻيو صنفون اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ لکندي موسيٰ ڏيٿو لکي ٿو ته ” آئون هن ڪتاب کي سنڌي ادب لاءِ شهه پارو ڪوٺيندس. جيڪو سنڌي ادب ۽ ٻولي جي نراڙ لاءِ بنديا ثابت ٿي سگھي ٿو.“
هن ڪتاب ۾ شامل حنيف جي شاعري تمام سٺي آهي، هن جي شاعريءَ ۾ عشق موجود آهي. شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر سمايل آهي، تنهن هوندي ڪجھه سٽن ۾ ڪجھه اوڻايون رهيل آهن، جن تي جائز تنقيد جو حق رکان ٿو.
هن ڪتاب ۾ صفحي نمبر 45 تي عاطر هڪ غزل جي سٽن ۾ هيئن لکيو آهي ته:
ڪنڊا ايترا ڪوئي پوکي ويو،
گسن کي اوجاڳا ۽ الڪا مليا،
گذاريم سڄي رات لکندي غزل،
هٿن کي اوجاڳا ۽ الڪا مليا.
فڪري حساب سان هن شعر جي هيٺين سٽ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي رات لکندي هٿ ٿڪجي پوندا ۽ اکين کي اوجاڳا ملندا پر عاطر هن شعر ۾ هٿن کي اوجاڳا مليا لکيو آهي،جيڪا فڪري کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
جيڪڏهن انهيءَ ساڳين سٽن کي هينئن لکي ته:
ڪنڊا ايترا ڪوئي پوکي ويو،
گسن کي اوجاڳا ۽ الڪا مليا،
گذاريم سڄي رات لکندي غزل،
اکين کي اوجاڳا ۽ الڪا مليا.
ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ صفحي تي هن شاعر جون سٽون آهن ته:
ديپ ويا عاطر سمهي
۽ ضياءَ ماتم ڪيو.
مٿين سٽن ۾ شاعر لکيو آهي ته ” ديپ سمهي ويا“ جيڪو گرامر جي لحاظ کان به غلط آهي. ديپ ويا جي بدران ديپ سمهي پيا درست ٿو لڳي پر ديپن کي سمهڻ بجاءِ شاعر کي گھربو هو ته ديپن کي وساميل يا اجھاڻل ڏيکاري ها ته شعر اڃا به مضبوط ٿئي ها. جيئن:
ديپ ويا عاطر وسامي،
۽ ضياءَ ماتم ڪيو.
مون ڪيترن هنڌن تي ڪجھه سنڌي اديبن جي واتان اهو ٻڌو آهي ته اڃا سنڌي ادب کي عالمي ادب سان نٿو ڀيٽي سگھجي. مان سوچيان ٿو ته ائين ڇو آهي.آخر ڪهڙي کوٽ آهي؟ جواب ملي ٿو ته اسان وٽ جائز تنقيد جي کوٽ آهي، سنڌي اديب تعريف ٻڌڻ لاءِ ته آتا آهن پر تنقيد ڪندڙن مٿان ڪڙڪيو پون. سنڌي ٻولي وسيع آهي. تمام گھڻا الفاظ اٿس، تنهن هوندي به اسان جا شاعر ٻين ٻولين جا لفظ سنڌي شاعريءَ ۾ هروڀرو ٿاڦڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين حنيف عاطر جي مادري زبان سنڌي نه آهي پر انگريزي به ته ڪونهي هڪ هنڌ هينئن لکيو اٿائين ته:
هرڪو گھر ۾ بند ٿيو،
ڀرپاسي ۾ شور ڏسي،
چنڊ لطيف جا بيت پڙهيا،
عاطر مون کي بور ڏسي.
مٿين سٽن ۾ بور لفظ استعمال ٿيل آهي، جيڪو انگريزي زبان جو لفظ آهي ۽ اهو انگريزي عاطر قافيي جي پورائي لاءِ اتي هروڀرو رکيو آهي. ان ساڳئي قافيي ۾ سنڌيءَ جو لفظ موجود آهي پر حنيف عاطر ان کي نه سوچيو آهي، آئون انگريزي لفظ کي ڪڍي ان بدران سنڌي ڪافيو رکان ٿو.
هر ڪو گھر ۾ بند ٿيو،
ڀرپاسي ۾ شور ڏسي،
چنڊ لطيف جا بيت پڙهيا،
عاطر کي ڪمزور ڏسي.
چاندني لفظ اردو آهي، سنڌي ڪونهي ۽ چانڊوڪي لفظ سنڌي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، چنڊ جي روشني. حنيف عاطر هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
رات جي مدهوش نيڻن ۾ لهي ٿي چاندني،
تنهنجي ڇيرن سان اندر جا ساز جاڳي ٿا پون.
مٿين سٽن ۾ عاطر چاندني لفظ استعمال ڪيو آهي، جيڪو ٺيڪ آهي پر اهڙي مسلسل استعمال بعد اسان چانڊوڪي لفظ کي ته وساري ويهنداسين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ سان نا انصافي ٿيندي تنهنڪري حنيف کي هيئن لکڻ کپندو هو ته؛
رات جي مدهوش نيڻن ۾ لهي ٿي چانڊوڪي،
تنهنجي ڇيرن سان اندر جا ساز جاڳي پيا.
شاعر جڏهن اندر جي احساسن کي لفظن جي مالها ۾ پوئيندو آهي ته، ان وقت هو پنهنجي شعر ۾ سهڻيون تشبيهون ڏيڻ جون پڻ ڪوششون ڪندو آهي. عاطر پنهنجي هن ڪتاب ۾ هڪ غزل لکيو آهي ته:
هو ويو مڪان خالي ڪري،
خوبصورت گھٽي رني ڏاڍي،
هنن مٿين سٽن ۾ ڏيکاريل آهي ته هن جي گھر خالي ڪري وڃڻ بعد خوبصورت گھٽي ڏاڍو رني. انهيءَ سٽن ۾ گھٽي کي خوبصورت ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته گھر ڇڏڻ وارو خوبصورت آهي، تنهن ڪري گھٽي کي خوبصورت نه ڏيکارجي ۽ شاعر کي هينئن لکڻ گھربو هو ته:
هو ويو مڪان خالي ڪري،
هن واري گھٽي رني ڏاڍي،
ايترا درد هن ڏنا عاطر،
مون مٿان شاعري رني ڏاڍي.
حنيف عاطر جي هن ڪتاب ” لڙڪن جو قرض “ جي مهاڳ ۾ لکيل هي جملا ٻيهر ورجايان ٿو ته ” هن ڪتاب کي سنڌي ادب لاءِ هڪ شهه پارو ڪوٺيندس، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نراڙ تي بنديا ثابت ٿيندو. ” آئون چوان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي اهڙا به شاعر موجود آهن. جن کي ميڊيا جي شهرت نه ملي سگھي آهي. حنيف عاطر کي سوجھرو وارن گھڻو ڇپيو آهي. سندس شاعري سٺي آهي پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي نراڙ تي بنديا لڳائڻ لاءِ کيس محنت ڪرڻ جي اڃا به ضرورت آهي ۽ ٿي سگھي ٿو ته، هو اڳتي هلي اهو ثابت ڪري ڏيکاري.
***