تاريخ، فلسفو ۽ سياست

شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾

ڪتاب ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو جنهن جو ليکڪ نقش ناياب منگي آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ سهيڙ نوجوان شاعر ۽ ليکڪ محترم حسيب ناياب منگي ڪئي آهي.
جيتوڻيڪ اڄ به شڪارپور جا تاريخي اهڃاڻ ماضيءَ جي حسين داستانن جي نموني طور موجود آهن.ڪنهن به ليکڪ ۽ باشعور طبقي لاءِ پنهنجي شهر توڙي علائقي جا قديم آثار پنهنجي گهر جيان پيارا ۽ عزيز آهن، سائين نقش ناياب منگي جي به پنهنجي شهر شڪارپور سان محبت ۽ انس جو اندازو سندس هن ڪتاب ۾ شامل تحريرن مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شڪارپور جي تاريخي ورقن ۾ موجود خاص طور مختلف دورن ۾ شهر جي عروج ۽ زوال جو مختصر ذڪر پڻ جامع نموني سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾

مرتب پاران

سنڌ جي تاريخي شهرن جي تاريخ جو بغور اڀياس ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته سُونهاري سنڌڙي جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شهرن جي تاريخ سائنسي بنياد تي تحقيق جي ڏکئي پيچري تي هلندي هتان جي مقامي قلمڪارن بنا ڪنهن خاص سهولتن جي اکر اکر ۽ لفظ لفظ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ اسان کي ڪي نتيجا ڏيندي شڪارپور جي تاريخ کي ورقن تي اهڙي نموني اُڪري ويا جيئن ڪاٺيءَ جا ماهر ڪاريگر اڻ گهڙي ڪاٺ کي رنڌا هڻي واهولن جي مدد سان ڇوڏا لاهي سڌو ڪندي، رنبيءَ سان اُڪر ڪندا هجن. اهڙن ڪجهه ڪاريگرن جي ڪاريگري ته اسان اڻ واقفن لاءِ بي عيب هوندي، پر “تاريخ” ۽ “تحقيق” ادب جي ميدان ۾ حرف آخر ڪڏهن به نه ٿي آهي ۽ نه ئي وري اهو ممڪن ئي آهي. تاريخ ۽ تحقيق هر دور ۾ نون رخن سان ڦرندي ۽ نوان نتيجا ڏيندي رهندي آهي. هر قلم ڌڻيءَ جو نظريو ان جي سوچ، خيال ۽ انهن سان سهمت ٿيڻ سان هوندو آهي. تنهن ڪري تاريخ جي ورقن ۾ ڪي جهول، ڪي غلطيون، ڪي من گهڙت روايتون ۽ ڪي ڪوڙيون ڳالهيون رهجي وينديون آهن، جن کي درست ڪرڻ هر دور جي ليکڪن جو فرض آهي، ڇو جو تاريخ تاريخدان ۽ محقق پاڻ لکندو آهي، جيڪا صدين جو آئينو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ سُڃاڻپ جو سبب بڻجندي آهي. اِن ڳالهه کي به وائکو ڪجي ته شڪارپور تي جڏهن جڏهن به تحقيق ٿي آهي تڏهن تڏهن ڪي پراڻيون ڳالهيون ضرور ڪو قلمڪار رد ڪندي نئين نظريي سان ثبوتن ۽ حوالن کي آڻيندي لکندو نظر آيو آهي. شڪارپور جي تاريخ جو سفر پنهنجون وکون کڻندي ايستائين پهتو آهي جو هي پيار ۽ تحقيق جو پورهيو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
زير نظر ڪتاب “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” شڪارپور جي ناليواري شاعر، اديب، محقق ۽ مترجم “نقش” ناياب منگي جي سالن جي عرق ريزيءَ جو نتيجو آهي. هن کان اڳ مصنف جا ڇهه مضمون ۽ مقالا “شڪارپور هڪ اڀياس” جي نالي سان ڪتابي صورت وٺي روشني پبليڪيشن پاران 2004ع ۾ نروار ٿيا. هي ڇهه مضمون ۽ مقالا جيڪي مصنف جي شڪارپور ٿي ٿيل تحقيق جو ٻيو حصو آهن سي سندن ڇڏيل تحقيقي پورهئي مان چونڊي هت پيش ڪري رهيو آهيان. هي ڪتاب جتي تاريخ جي حوالي سان شڪارپور شناسي لاءِ اهم ثابت ٿيندو اُتي ادب، تاريخ ۽ تحقيق جي شاگردن لاءِ به تاريخ جي هڪ ڪڙهيءَ کي ٻي ڪڙهيءَ سان ملائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
“نقش” ناياب منگي پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ان زماني کان شاعر جي حيثيت کان ڪئي جڏهن پاڻ شاگرد هئا، انهن ئي ڏينهن ۾ کين شڪارپور جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو شوق جاڳيو، اهو شوق جيئن جيئن جوان ٿيندو ٿي ويو پاڻ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ۾ تاريخ جي ڪتابن جو ڳُوڙهو اڀياس به ڪيائون ۽ اُهي ڪتاب ڪٺا ڪندي ڪم ڪرڻ لڳا ان جو واحد سبب شڪارپور جي تاريخ کي جديد انداز ۾ لکي غلطين کان پاڪ ڪرڻ هو. اهڙيون ڪوششون نه صرف پاڻ وٺندا رهيا پر ادبي حلقي ۾ تاريخ جي روح کي ڦوڪي شڪارپور تي تحقيق ڪرڻ ۽ نوجوانن کي تاريخ سان دلچسپي وٺرائڻ ۾ اعليٰ ڪردار ادا ڪيائون. اهو ئي سبب هو جو پاڻ پنهنجي ادبي حلقي ۾ تاريخ جي حوالي سان مڃتا حاصل ڪري ويا. ادب ۾ پنهنجي حلقي سميت مطالعي، مشاهدي ۽ دليلن توڙي حوالا پيش ڪرڻ سبب سندن سگهاري حيثيت واضع ٿيڻ لڳي ته 1984ع ۾ “شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي” جو بنياد وجهي کين جوائنٽ سيڪريٽري جو عهدو ڏنو ويو جتي پاڻ پنهنجي ساٿين سان گڏ شڪارپور جي تاريخ تي ڪم ڪري ڏيکاريائون. شڪارپور کي موضوع بڻائيندي نه صرف لکيائون پر ترجما به ڪيائون. مون کين مهينن جا مهينا هڪ هڪ موضوع تي تحقيق ڪندي ڏٺو. هڪ ته تحقيق جو ميدان مٿان وري موضوعن جا انتخاب به اهڙا جو ورهيه گذري وڃن پر ڪم پورو نه ٿي سگهي. اهڙي طرح پاڻ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ڪو نتيجو ڏيئي ويا آهن، جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ ۽ تحقيق جي ميدان ۾ مڃتا جوڳو آهي.
سمنڊ جي سيويِن، تنين ماڻڪَ ميڙيا
مصنف هميشه ان ڳالهه جو اظهار ڪندو هو ته شڪارپور جي تاريخ، ماڳ مڪان، آدمشماري، سياست، تعليم، سماجي خدمتن ۽ واپار جي حوالي سان اڃان ڪم ٿيڻ گهرجي. جيترو ڪم ٿي چُڪو آهي سو پنهنجي جڳهه تي! هاڻي اسان سڀني مٿان اهو فرض آهي ته شهر جي تاريخ جا وساريل ورق ورائي ڪم ڪريون ۽ ڪي اهڙا نتيجا پيش ڪريون جنهن سان شاگرد ۽ پڙهندڙ طبقو حقيقي ڳالهين ۽ واقعن تي اڪتفا ڪندي پنهنجا قدم اڳتي وڌائي. هاڻي اِهو اسان سڀني جو فرض آهي ته شهر جي تاريخ جا وساريل ورق ورائي ان کي سڌاري، سنواري ۽ ترتيب ڏئي پيش ڪريون.
جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙيءَ کير ري؟
هن ڪتاب کي مصنف جي ڇهن لکيل ۽ ترجمو ڪيل تخليقن سان سينگاريو ويو آهي، جن کي پڙهندي ڪٿي ڪٿي تبديلي ۽ وضاحت جي ضرورت پڻ محسوس ڪئي ويندي، ڇو جو اِهي مضمون ۽ مقالا گهڻو وقت اڳ جا لکيل/ ڇپيل آهن، تنهن هوندي به ڪن جاين تي اهڙي وضاحت حاشِيي يا مقالي جي آخر ۾ پيش ڪري سگهيو آهيان. ڪن جاين تي اگر ڪا ڪمي محسوس ڪئي وڃي ته ان لاءِ وضاحت ڪجي ٿي ته ڪجهه موضوع اهڙا آهن جن تي تحقيق هلندڙ آهي، جن تي وقت به وقت پنهنجا خيال تحريري صورت ۾ پيش ڪبا.
ڪتاب ۾ مضمون ۽ مقالا هن ريت ترتيب هيٺ آيا آهن:
شڪارپور جي تاريخ جي آئيني ۾: هي مضمون مصنف جي مطالعي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ مختصر طور تي شهر جي تاريخ ڏني وئي آهي.
شڪارپور بابت تاريخي ياداشت: هي ميجر ايف. جي گولڊ سمڊ جي هڪ انگريزي رپورٽ جي پهرين حصي جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن ۾ شهر جي تاريخ ۽ ان جي حوالي سان مختلف موضوعن تي ڄاڻ پيش ڪيل ٿي ڏسجي. رپورٽ جو سنڌي ويس روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي ايڊيٽوريل صفحي تي 12 اپريل کان 2 مئي 2000ع تائين نون قسطن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. رپورٽ جو ٻيو حصو پنهنجي ذاتي/ ملازمت وارين مصروفيتن سبب اڌ ۾ ترجمو ڪندي ڇڏي ڏنائون، جنهن کي پورو ڪرڻ منهنجو فرض آهي ۽ نڀائيندس. رپورٽ جي ٻئي حصي مان شڪارپور تي مختلف وقتن ۾ مقرر ٿيل گورنرن جو تذڪرو سندن ايندڙ مقالي “شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت” ۾ پيش ڪيل آهي.
شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت مصنف جو هي شڪارپور متعلق لکيل پهريون مقالو آهي، جيڪو پاڻ 5 مئي 1985ع تي شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران رٿيل “شڪارپور سيمينار” ۾ پڙهيو هيائون، تنهن ۾ 1774ع کان 1843ع واري عرصي ۾ شڪارپور تي مقرر ٿيندڙ گورنرن ۽ ان دور جي حڪومتي ڪارڪردگي توڙي شڪارپور جي ضلعي حيثيت ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾ شڪارپورين جي ڪردار سميت تعليمي ۽ صحتي ادارن جي بنيادي معلومات کي ظاهر ڪري ٿو.
شڪارپور ۾ هڪ آڳاٽو فارسي ڪتبو: هي مضمون شڪارپور ۾ نصب ٿيل فارسي ڪتبن جي تاريخ جي حوالي سان نهايت اهم آهي، جيڪو 1176هه ڌاري نواب ابراهيم خان نورزئي مسجد جي قيام واري ڪتبي ۽ مسجد شريف جي تاريخ تي مشتمل آهي. هي مضمون ماهوار نئين زندگي حيدرآباد جي آڪٽوبر نومبر 2004ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
شڪارپور ضلعي جي آدمشماري: هي مختصر مضمون موضوع جي لحاظ کان نهايت اهم آهي جيڪو وفاقي ۽ صوبائي سطع تي ٿيل 1998ع واري آدمشماريءَ جي رپورٽ کي ظاهر ڪري مٿن تنقيد ڪندي لکيو ويو آهي. هي مضمون روزانه هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي 8 آگسٽ 2000ع واري اشاعت ۾ شايع ٿيو هو.
شڪارپور شاعرن جي نظر ۾: مصنف جو هي طويل ۽ موضوع جي لحاظ کان اهم مقالو آهي جيڪو شڪارپور سان محبت جي حوالي سان لکيل عقيدت جي گلڙن کي ميڙي ان حوالي سان سالن جا سال شعرن جي ڳولا ڪندي نيٺ مقالو 1996ع ۾ لکي پورو ڪيائون جنهن کي خليل مورياڻي پنهنجي ڪتاب “شڪارپور سونهن جو شهر” ۾ شامل ڪيو. اِن مقالي جي اشاعت کانپوءِ ڪجهه سينئر ۽ جونيئر شاعرن جا اهي شاعراڻه اسم سندن نظر کان گذريا جيڪي شڪارپور متعلق هئا ۽ مقالي ۾ شامل نه ٿي سگهيا هئا تن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي مقالي ۾ شامل ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پر ايئن ٿي ڪونه سگهيو ۽ فقط ٽن شاعرن: شير محمد “شيرل”، حافظ سنڌي ۽ صبغت الله “اديب” جو تعارف ۽ ڪلام مقالي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هيائون، هتي مقالي کي جيئن جو تئين پيش ڪجي ٿو، فقط انهن شاعرن جي وفات جي تاريخ کي درج ڪيو ويو آهي جيڪي هن دنيا ۾ ناهن رهيا.
مصنف جي پهرين تخليقي ڪاوش اهو ثابت ڪيو ته “شڪارپور هڪ اڀياس” تحقيقي ۽ ٺوس ثبوتن وارو شڪارپور جي تاريخ جو منفرد ڪتاب آهي. مونکي اميد آهي ته هي ڪتاب “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” به ساڳئي محبت سان ڏٺو، پڙهيو ۽ سمجهيو ويندو. آخر ۾ عبدالمجيد سومري ۽ پنهنجي مربي ڀاءُ حفيظ الرحمٰن منگي جا ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو، جن ڪتاب جي مواد کي ڪمپوز ڪري ڀال ڀلايو، گڏوگڏ ساجد سنڌي جو ٿورائتو آهيان جنهن سمبارا پبليڪيشن طرفان هي تاريخي ۽ تحقيقي شهپارو ڇپائي ٿورائتو بڻايو آهي.
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا


حسيب ناياب منگي
حقِ فاطمه منزل شڪارپور
تاريخ : 04 اپريل 2017