قمر شهباز
شڪارپور جي شام
آءُ سڀاڳي شامَ، جيڪا گذري “سنڌ” تي،
سورج جي ڪا لام، جهولي پئي جيءَ ۾!
آءُ سڀاڳي شامَ، پپل هيٺان پريت جي،
جاڳي اُٿيا جام، اکڙين سنديءَ اوٽ مان!
“سنڌ” مٿي ڪي سندريون چهَه چهَه چاڳا ڪن،
هٿئين پيرين ميندڙي، لائي پيون لچڪن،
ڳاڙها ڳل سندن، چهرا چاڻان چنڊ جا!
موتيو موتيو مُرڪَ چوٽو چنبيليءَ سان،
سوڀيا جي ڪا سُرڪَ، اکڙين مان اوتي پيان!
باغن ۾ ڀنڀوريون، نچن ٽپن ناز مان،
اهڙيون ڪي ٿوريون، چهڪ نه جن کي چاهه جا!
لکي دَرَ تي لوڏَ، گيتن جو گهراءَ
اڇا اُجرا سپرين، ڦيڻ ڀريو ڦهلاءُ،
گهوٽَ اهو ئي گهاءُ، روڳي روح ڪري ويو!
لکي در تي لوڏ گورين جي گونجارَ،
ڪنڍي ڪارائي ۾، ونگيل واسيل وارَ،
ساڙهيءَ مٿان سج جي، ترڪي پوئين تار،
سرتيون ساري سارَ، نڪري پيون ناز مان!
سهڻا ماڻهو سنڌ جا، پاسي تي پهراڻ،
ڳالهيون ڳهيرن جو، موتين جا ڄڻ ماڻ!
سانجهيءَ ويل سڄاڻ، مڙي آيا مچ تي!
جهونجهڪڙي جي جهانءِ سريلا سنگيت!
چوچاڪيءَ گاڏيءَ ۾، گهلن پيا گيت،
موتئي جهڙا ميتَ، گهورن سان گهائي ويا!
ڪبوتر ڪوئي، نياپو آڻج نينهن جو،
بيٺي آهيان بانوري، کُڏَ مٿان کوئي،
رٺل کي روئي، مڃايان ڪينءَ ماٺ ۾!
پرين پنڌ پيا، جهڙا هنج تري هليا،
مکڙي جهڙا ماڻهو، ڏئي ڏک ويا،
دُکي داغ پيا، جڏهن ڏٺائون ڏاڍ مان!