محمد انور “فگار” هَڪڙو
محترم “فگار” کي اسڪول واري زماني کان وٺي لکڻ _ پڙهڻ سان شوق پئي رهيو آهي. تحقيق جي عملي ميدان ۾ روايت کان ٻه وکون اڳتي وڌائي چڪو آهي، ۽ شاعري جي هر صنف توڙي صنعت تي گذريل سترهن ورهين کان طبع آزمائي ڪندو پيو اچي. سندس اشعار، مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻيل آهن. سندس اباڻو شهر “شڪارپور” سندس گهري مطالعي ۽ ادبي ذوق جو مرڪز آهي. ۽ اهو ئي سبب آهي جو هڪ خاص عنوان “شڪارپور شهر جو علم و ادب ۾ حصو 1843ع کان 1970ع تائين” تي وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان هڪ تفصيلي ۽ تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي.
هن هيٺ شڪارپور شهر متعلق سندس اُهو نظم پيش ڪجي ٿو، جيڪو هن فرسٽ ييئر جي شاگرد جي حيثيت سان لکي ڪاليج مخزن ۾ شايع ڪرايو هو. نظم جي مطالعي کان پوءِ اهو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي نظم ۾ اڳڪٿي ڪندي، شڪارپور متعلق نه رڳو ڪتاب لکڻ جو اشارو ڪيو آهي، پر حقيقت ۾ ڪتاب لکي هڪ پبلشر جي حوالي پڻ ڪيو آهي، پر اڃان اهو، پبلشر جي ڪن اڻ ڄاتل مجبورين سببان طباعت ۽ اشاعت جي زيور سان آراسته ٿي شائقين جي هٿن تائين پهچي تحسين ۽ داد حاصل ڪري نه سگهيو آهي. ڏسجي ته ڪڏهن ٿو شايع ٿئي؟ انهيءَ کان علاوه سنڌ ۽ هند جي مشهور شاعر کيئلداس “فاني” جي ڪلام جو مجموعو “سمنڊ سمايو بوند ۾” جي نالي سان سهڙيائين، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
موضوع شڪارپور جو هڪ انتخاب آهي،
هڪ ورق باب ناهي، لکڻو ڪتاب آهي.
تاريخ سنڌ کي ڪلهه هو ناز جنهن شهر تي،
اڄ ڇو اُنهيءَ شهر تي قهري عذاب آهي.
ويران محل ۽ ماڙيون سنسان ٿيون حويليون،
آيو شهر ۾ ڪهڙو هي انقلاب آهي.
سهڻي شڪارپور جي مشهور سونهن صفائي،
عالم تمام ۾ ڄڻ مثل-گلاب آهي.
واکاڻ هن شهر جي ڪنهن کي ڪري ٻڌايان،
معلوم سڀ اوهان کي عاليجناب آهي.
انور “فگار” هَڪڙو علم و ادب جو خادم،
حالت ڏسي شهر جي ٿيو اضطراب آهي.