تاريخ، فلسفو ۽ سياست

شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾

ڪتاب ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو جنهن جو ليکڪ نقش ناياب منگي آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ سهيڙ نوجوان شاعر ۽ ليکڪ محترم حسيب ناياب منگي ڪئي آهي.
جيتوڻيڪ اڄ به شڪارپور جا تاريخي اهڃاڻ ماضيءَ جي حسين داستانن جي نموني طور موجود آهن.ڪنهن به ليکڪ ۽ باشعور طبقي لاءِ پنهنجي شهر توڙي علائقي جا قديم آثار پنهنجي گهر جيان پيارا ۽ عزيز آهن، سائين نقش ناياب منگي جي به پنهنجي شهر شڪارپور سان محبت ۽ انس جو اندازو سندس هن ڪتاب ۾ شامل تحريرن مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شڪارپور جي تاريخي ورقن ۾ موجود خاص طور مختلف دورن ۾ شهر جي عروج ۽ زوال جو مختصر ذڪر پڻ جامع نموني سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾

شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾

شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان 194 فٽ بلنديءَ تي آباد آهي. صديون اڳ هتي هڪ گھاٽو جھنگ هو جتي امير ۽ سيٺيون ايندا ۽ علائقي کي شڪارگاهه طور استعمال ڪندا هئا، ان ئي نسبت سان شڪارپور نالو رکيو ويو.
سنڌ گزيٽئر ۾ لکيل آهي ته “امير بهادر خان دائودپوٽي اول پنهنجي طاقت ۽ شجاعت سان مقامي مهرن کي لڙائيءَ ۽ خونريزيءَ کانپوءِ هار ڏئي ڀڄايو، هي علائقو مهرن کان فتح جي يادگار طور هن شهر جو بنياد وڌو جنهن جو نالو شڪارپور تجويز ڪيو ويو” ان مان ثابت ٿئي ٿو ته امير بهادر خان دائودپوٽي اول سن 1026 هه ــ 1617 (1) ڌاري شڪارپور خود مختيار رياست جو بنياد وڌو.
تاريخي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته شڪارپور جي تاريخ هيٺين ڇهن دورن تي مشتمل آهي؛
1. دائودپوٽن جو دور 1617ع کان 1745 ع تائين 128 سال
2. ڪلهوڙن جو دور 1745ع کان 1747ع تائين 03 سال
3.. افغاني پٺاڻن جو دور 1747 ع کان 1824ع تائين 77 سال
4. ٽالپرن جو دور 1824ع کان 1843ع تائين 19 سال
5. انگريزن جو دور 1843ع کان 1947ع تائين 103 سال
6. قيام پاڪستان کان اڄ تائين.
دائودپوٽن جي ٽن حڪمرانن بهادر خان اول امير محمدمبارڪ خان ۽ ان جي پٽ محمد صادق خان اول، تقريبن 128 سالن تائين هن علائقي تي حڪومت ڪئي. وري ڪلهوڙن ٽن سالن تائين پنهنجو تسلط هن شهر تي قائم رکيو. تنهن کان پوءِ ايرانين ۽ افغاني درانين (گڏيل طور تي) 77 ورهين تائين حڪومت ڪئي. ان طرح شڪارپور جي صوبائي حيثيت قائم رهي. شڪارپور جو سڄو عروج پٺاڻ دور سان وابسته آهي، جن شهر جي ترقي ۽ تعمير ۾ حصو ورتو ۽ شهر جي چوڌاري دائودپوٽن جي تعمير ڪرايل چارديواريءَ جي مرمت ڪرائي،چوگرد باغ لڳرايا، شهر جي جامع مسجد نئين سر قائم ڪرايائون. احمدشاهه ابداليءَجي پٽ تيمورشاهه افغانستان کان هندو تاجر گھرائي هت آباد ڪيا جن بخارا، ترڪستان، روس، ايران، چين، جاپان، تبت ۽ آفريڪا تائين واپار جو سلسلو جاري رکيو. واپار جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ گنجائش کي پيش نظر رکندي 1790ع ڌاري هتي قلعي قافلي جي نئين سر تعمير ڪيائون.1842ع تائين ٽالپرن جي قبضي ۾ئي رهيو ته 1842ع ڌاري ٽالپرن جي فوج شڪارپور ۾ داخل ٿي اهڙي طرح پٺاڻن جو اقتدار ختم ٿي ويو. 1842ع ۾ شڪارپور ٽالپرن جي ئي قبضي ۾ آيو. 1825ع ڌاري سيد احمد شهيد (2) سکن سان جهاد لاءِ بولان ويندي شڪارپور مان گذريو، ان ايماني جذبي کي غنيمت سمجھندي ڪافي شڪارپوري مسلمان به ان جهاد ۾ حصو وٺڻ لاءِ شامل ٿيا. 1843ع ڌاري شاهه شجاع، خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن جي متحده فوج کي سکر جي نزديڪ کرڙيءَ جي مقام تي شڪست ڏني ۽ ميرن کان چارلک رپيا نقد وٺي خراسان طرف روانو ٿي ويو. شڪارپور جيڪو مشترڪه طور تي واليِ خيرپور ۽ حيدرآباد جي تسلط ۾ هيو، آخرڪار فرنگين جي قبضي ۾ هلي ويو.1843ع ۾ سنڌ جي فتح کانپوءِ انگريزن سنڌ جو نظم ونسق نئين بنياد تي قائم ڪري سنڌ کي ٽن تعلقن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تقسيم ڪيو ۽ سنڌ جو دارالخلافه 1847ع تائين حيدرآباد رهيو تنهن کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
انگريزن جي دور ۾ شڪارپور موجوده سنڌ جي چئن ضلعن گھوٽڪي، سکر، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي حدن تائين پکڙيو. شڪارپور سميت 14 تحصيلن ميرپورماٿيلو، گھوٽڪي، روهڙي، سکر، پنوعاقل، نوشهروابڙو، رتوديرو، لاڙڪاڻو، قنبر، نصيرآباد، لبِ دريا (موجوده ڏوڪري) ميهڙ ۽ ڪڪڙ جڏهن ته چار سب ڊويزن روهڙي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميهڙ هيون. ايف ـ جي ـ گولڊ ـ سمڊ “ترڪِ شڪارپور” ۽ اِي ـ ايڇ ـ ايٽڪن E.H.Eitken ) ( ضلعي شڪارپور جو ڪل رقبو 11،532 مربع ميل لکيو آهي، جڏهن ته گزيٽيئر سنڌ ۾ تحصيل شڪارپور جو رقبو 504 مربع ميل بيان ڪيو ويو آهي.
1883ع ۾ انگريز حڪمرانن شڪارپور مان تمام سرڪاري دفتر سکر منتقل ڪري ڇڏيا ۽ پهرين آگسٽ 1901ع تي سکر ۽ لاڙڪاڻي کي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو ڏيئي ضلعي سکر جو حصو بڻايو ويو.
شڪارپور کي پهرين جولاءِ 1977ع تي ٻيهر ضلعي حيثيت ملي. رقبي جي لحاظ کان موجوده ضلعو 2،868 مربع ڪلوميٽر ۽ چئن تعلقن شڪارپور 561 ڪلوميٽر، خانپور 664 مربع ڪلوميٽر، ڳڙهي ياسين 976 ڪلوميٽر ۽ لکي 667 ڪلوميٽر تي مشتمل آهي. چئن تعلقن ۾ سپروائزري سرڪل، 63 تپا ۽2187 ڳوٺن کان علاوه هڪ ميونسپل ڪاميٽي، 7 ٽائون ڪاميٽيون، 3 مارڪيٽ ڪاميٽيون،33 يونين ڪائونسلون، 42 پوليس اسٽيشنس ۽ 57 پوسٽ آفيسون آهن. 1981ع جي آدمشماري مطابق ضلعي جي آدمشماري 6،19،576 هئي، جڏهن ته 1998ع جي آدمشماري 8،66،000 ٿي وئي.
بنيادي طور تي هي ضلعو هڪ زرعي علائقو آهي، هن جي فصلن ۾ چانور، جوئر، ڪمند ۽ ربيع ۾ ڪڻڪ، چڻا، جَوَ ۽ تيل ڪڍڻ جا ٻج آهن. شڪارپور ۾ آبپاشي نظام قائم آهي. هن جي ايراضي سکر بيراج جي کيرٿر، وارهه ڪينال، دادو ڪينال ۽ رئيس واهه کان علاوه گڊو بيراج جي سنڌ ڪينال (جيڪو شڪارپور شهر جي هڪ ميل جي فاصلي تي واقع آهي)، بيگاري ڪينال، ننڍي بيگاري ۽ ٻين شاخن ميرواهه، منگرواهه، امروٽ شاخ، رئيس واهه، ڇتو واهه، چوئي شاخ، همايون شاخ ۽ دوست واه کان سيراب ٿيندي آئي آهي.
شروعاتي ڏينهن کان شڪارپور علم جو مرڪز رهيو آهي. دائودپوٽن، ڪلهوڙن، درانين ۽ ٽالپرن جي دور ۾ دفتري ۽ سرڪاري ٻولي فارسي هئي اها ئي وجه هئي جو مسلمانن کي مدرسن ۾ قرآن مجيد کان علاوه فارسي ٻولي به پڙهائي ويندي هئي. انگريزن 1853ع ڌاري ڪورٽ آف ڊاريڪٽرز جي فيصلي مطابق عربي حروف تهجي جي 29 حروفن کي فارسي حروفن سان ملائي سنڌي زبان کي نه صرف دفتري زبان قرار ڏنو مگر سرڪاري ملازمن کي سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ به لازمي قرار ڏنو.1855ع ۾ شڪارپور ۾ پهريون پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو جنهن ۾ مسلمان ۽ غير بغير ڪنهن رنگ، نسل، ذات ۽ پات جي تعليم جي اهم زيور سان آراسته ٿيڻ لڳا، بعد ۾ انگريز سرڪار ضرورت جي پيشِ نظر شهر جي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪولن جو ڄار وڇايو. قيام پاڪستان کانپوءِ اسڪولن ۾ اضافو ٿيو آهي. 95ـ1994ع جي رپورٽ موجب هن وقت پرائمري بوائز ۽ پرائمري گرلز اسڪولن جو تعداد 1150 آهي، قيام پاڪستان کان پهريون 1942ع ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ اهڙو پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو هو جنهن ۾ اردو ۽ هندي پڙهائي ويندي هئي اڄڪلهه اهو اسڪول اردو صدر پرائمري اسڪول جي نالي سان قائم ۽ مشهور آهي. مذڪوره اسڪولن کان علاوه پرائمري اسڪول پريتم ڌرم سڀا (1889)ع ، هوپفل اڪيڊمي 1900ع نيو ايرا هاءِ اسڪول 1932ع، ايشورٻائي سيتلداس گرلز هاءِ اسڪول ۽ گونمينٽ مڊل اسڪول (3) 1853ع ۾. (جنهن کي 1873ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو)انگريزن پنهنجي اولاد جي تعليمي سهولتن کي پيش نظر رکندي قائم ڪيا بعد ۾ عام ۽ خاص لاءِ اسڪولن جا دروازا کوليا ويا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پهريون 1933ع ۾ چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج قائم ٿيو، جنهن ۾ موجوده سکر ڊويزن ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جا شاگرد تعليم پرائڻ لاءِ ايندا هئا. ڪاليج ۾ ايم ـ اي تائين ڪلاس هلندا هئا. قيام پاڪستان کانپوءِ شاهه عبداللطيف ڪاليج 1963ع ۽ گورنمينٽ گرلز ڪاليج 1972ع ۾ قائم ٿيا. پهريون ذڪر ڪيل ڪاليج پرائيويٽ هئي ان کي 1972ع سرڪار سڳوريءَ پنهجي تحويل ۾ ورتو. موجوده ضلعي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مڊل اسڪولن جو تعداد 52 آهي. بوائز ۽ گرلز هاءِ اسڪولز 46 ۽ 3 ڊگري ڪاليجن کان علاوه ٽيڪنيڪل، ڪمرشل ڪاليج ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ ۽ حاجي مولابخش لا ڪاليج قابل ذڪر آهن.
صحت جي شعبي ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ را‎ءُ بهادر اوڌوداس تاراچند سول اسپتال کان علاوه هيرانند گنگاٻائي زنانه اسپتال، سر هينري هالينڊ اکين جي اسپتال (4)، ڪرسچين زنانه اسپتال ۽ لکميچند ٽيڪچند ڊسپينسري (5) موجود آهن. ضلعي جي تعلقن ۾، تعلقا اسپتالن کان علاوه بنيادي صحت جا ڪافي مرڪز آهن.
شڪارپور ضلعو بذريعه انڊس هاءِ وي روهڙي ، ڪوئيٽه روڊ، لاڙڪاڻو، سکر ۽ جيڪب آباد بذريعه ريلوي سکر ڪوئيٽه ڪراچي سان مليل آهي. ضلعي اندر 7 ريلوي اسٽيشنون قائم آهن. ضلعو پنهنجي تعلقن خانپور، ڳڙهي ياسين ۽ لکي غلام شاهه پڪن روڊن سان منسلڪ آهي. عوام جي سهولتن کي پيش نظر رکندي محڪمه مواصلات ضلعي اندر پوسٽ آفيسون قائم ڪيون آهن. ٽيليفون ايڪسچينگ، مائڪروويوز اسٽيشنن جي مدد سان شڪارپور کي ملڪ جي نيشنل ڊائلنگ سسٽم ذريعي منسلڪ ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه هڪ ٽي وي بوسٽر به موجود آهي. هوائي اڏو نه هجڻ جي صورت ۾ به پي ـ آءِ ـ اي جو دفتر موجود آهي. قيام پاڪستان کان اول 1935ع ۾ انڊرگرائونڊ ڊرينيج سسٽم متعارف ٿيو. ان کانپوءِ 79 ـ 1978ع ۾ لکين رپين جي لاڳت سان صفائي ۽ مرمت ڪرائي وئي هئي پر صفائيءَ واري عملي جي غفلت ۽ لاپرواهي ڪري پاڻي گھٽين ۽ روڊن تي بيهي رهي ٿو ۽ پيدل هلڻ وارن لاءِ مسئلو پيدا ٿئي ٿو.
شڪارپور شهر ۾ بجلي جي فراهميءَ جو عمل آگسٽ 1924ع کان شروع ٿيو. هي عمل بلديه جي سابق صدر ۽ معروف وڪيل مرليڌر پنجابيءَ جي ڪوششن سان پورو ٿيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اڄ پوري ضلعي ۾ بجلي جي فراهميءَ سان گڏو گڏ گيس جي فراهمي به ڪيترن علائقن ۾ جاري آهي.
کلاڙين لاءِ ضلعي ۾ اسٽيڊيم موجود آهي. جڏهن ته ڪيتريون ئي ملون وغيره به موجود آهن، جن ۾ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن.
ضلعي ۾ 2 قومي اسيمبلي ۽ 4 صوبائي سيٽون آهن. قيام پاڪستان کان اول ۽ بعد ۾ جن ناميارن سياستدانن جو ذڪر ن الائق آهي تن ۾ شهيد الله بخش سومرو، سر غلام حسين هدايتالله، ديوان بهادر مرليڌر، گگنگا ديوي، خانبهادر مولابخش سومرو، احمد خان سڌايو، آغا غلام نبي خان، رحيم بخش سومرو، آفتاب شعبان ميراڻي، الاهي بخش سومرو،غوث بخش خان مهر، مير الطاف حسين خان ڀيو، افتخار احمد سومرو، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، جنيد احمد سومرو، آغا طارق خان، ۽ ٻيا شامل آهن.
ضلعي شڪارپور جي ادبي تاريخ به صدين کان ممتاز اديبن ۽ شاعرن جي ڊگھي فهرست سان ڀريل نظر اچي رهي آهي جن فارسي، عربي، سنڌي ۽ اردو ادب ۾ ڪافي نالو ڪمايو. انهن ۾ حاجي فقيرالله شاه علوي، محمد عارف صنعت اعواڻ، سامي، فقير غلام علي مسرور، مولانا دين محمد وفائي، آغا صوفي، مولانا عبدالڪريم چشتي، لطف الله بدوي، جھامنداس ڀاٽيا، کيئلداس فاني، عثمان علي انصاري، محمد حنيف صديقي، بولچند راجپال، شفيع احمد علوي، حافظ خير محمد اوحدي، حبيب الله ڀٽو، ثميره زرين، شيخ اياز، احسان احمد بدوي، لعل محمد لعل، نياز همايوني، بشير مورياڻي، آغا سليم، سليم چنا، تاج صحرائي، بدر اڄڻ، پروفسر امين الله علوي، بيدل مسرور، خليل مورياڻي، عبدالخالق راز، راقم نقش ناياب منگي، امام بخش عاصم، امام بخش شمس، عبدالجبار عبد، ۽ ٻيا شامل آهن.

[b]وضاحتون[/b]

شڪارپور جي تاريخ جي حوالي سان شايع ٿيل ڪتابن، مضمونن ۽ مقالن ۾ اڪثر شڪارپور جي بنياد جو اهو ئي سال تسليم ڪيو ويو آهي ان حوالي سان ڪجهه مقامي ليکڪن جو تاريخ جي روشنيءَ ۾ حوالا پيش ڪرڻ کانپوءِ اهو به رايو آهي ته شڪارپور جي بنياد جو سال 1694ع کان 1700ع جي وچ وارو دور آهي پر اڃان ان تي ڪابه حتمي راءِ پيش نه ٿي ڪري سگهجي.
سيد احمد شهيد: شڪارپور تي ٽالپرن جي دؤر حڪومت دوران 1827ع ڌاري سيد احمد شهيد بريلوي سکن سان جهاد لاءِ سرحد ويندي شڪارپور ۾ آيو هو، شڪارپور ۾ رهي هن لکيدر واري مسجد ۾ پرجوش ۽ ايمان افروز تقريرون ڪيون ۽ پير جي ڳوٺ مان خريد ڪيل ڪپڙي مان مجاهدن جون ورديون سبرايون هيون. شڪارپور ۾ سيد احمد شهيد، سيد ڪاظم شاهه جو مهمان ٿيو هو جيڪو شڪارپور تي ٽالپرن جو مقرر ڪيل پهريون گورنر هو.
مٿي ڄاڻايل اسڪولن جا پراڻا ۽ نوان نالا هن ريت پڙهڻ گهرجن:
پهريون پرائمري اسڪول (موجوده قاضي محلا اسڪول)
پرائمري اسڪول پريتم ڌرم سڀا (موجوده شاهه لطيف هاءِ اسڪول)
هوپفل اڪيڊمي (موجوده هاءِ اسڪول نمبر 2)
نيو ايرا هاءِ اسڪول (موجوده قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول)
گورنمينٽ مڊل اسڪول (موجوده هاءِ اسڪول نمبر 1)
سر هينري هالينڊ اکين جي اسپتال اندر سياري جي مند ۾ مريضن جو اکين جو علاج ڪيو ويندو هو، هاڻي ان اسپتال کي فيبروري 2014ع کان ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ممتاز منگيءَ ڪورٽ سڳوريءَ جو دروازو کڙڪائي اسپتال جي ٻيهر اڏاوت ڪرائي مريضن جو علاج ڪرائڻ لاءِ ڪيس وڙهي رهيو آهي.
لکميچند ٽيڪچند ڊسپينسري شڪارپور ۾ 1857ع ڌاري قائم ٿي مٿس اهو نالو 1920ع ڌاري پيو. هاٿيدر تي هلندڙ اها ڊسپينسري 2008ع تائين هلندي رهي. 24 آڪٽوبر 2008ع تي کيس ڊاهي پٽ ڪيو ويو ۽ اڄ تائين سندس ڪم هلندڙ آهي.