شڪارپور ۾ هڪ آڳاٽو فارسي ڪتبو
افغانن جي حڪومت جي تاريخ انتظامي ڍانچي، واقعن، تعلقات ۽ تعميرات جي مطالعي تي تحقيق جو ڪم هلندڙ آهي. ان تحقيقي مطالعي جو هڪ اهم موضوع افغانن جي دؤر ۾ ڪتبه نصبي پڻ آهي. مذڪوره عنوان تي تحقيق دوران جيڪي ڪتبه مطالعي هيٺ آيا آهن، انهن ۾ هڪ اهم فارسي ڪتبو “نواب ابراهيم خان نورزئي مسجد” جي ايوان جي اوڀارين ديوار ۾ کتل آهي، اهو ڪتبو 1176 هه مطابق 63-1762ع جو آهي، جو افغاني حڪومت جي تيرهين سال جو هڪ يادگار آهي. ڇهن سٽن جي عبارت تي مشتمل هن ڪتبي کي اڄ ٻه سؤ ايڪيتالهه سال گذري چڪا آهن. ان طويل عرصي ۾ ڪتبو سلامت رهي ڪونه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪافي عرصو مسجد ۾ صوم و صلوات جو سلسلو منقطع رهيو. جنهن ڪري ان جي ڪچين ديوارن کي ڪافي نقصان رسيو. ڪتبو جنهن ديوار ۾ نصب ٿيل آهي، تنهن جي مکيه دروازي مٿان هئڻ ڪري ان جي ڊاٽ ٽٽي پوڻ سبب ڪتبي جا ڪجهه حصا ٽٽي ڪري پيا، جن تي ڪو توجهه نه هئڻ سبب اهي گم ٿي ويا. اهڙيءَ طرح ڪتبي جي پهرين ٻن سٽن ۽ آخري يعنيٰ ڇهن سٽ جا حصا ٽٽڻ سبب اهي سٽون اڌوريون رهجي ويون آهن. ڪتبي جي عبارت هيئن نظر اچي ٿي:
“يور آن دستور ...... غفار خان
مسجد جامع بناکرد ...... مومنان
من مني بيتا بهر او ايزدي کريم ميکند قصه بنا نيڪ و موضيتيج
درجنان سال تاريخ بناءَ او بگفتاهاتم
باني مسجد بين نواب ابراهم خان يا رب اين نواب را
...... ڪامياب بحث ياور عمر افزون بر عدالت جاودان. 1176 هه.”
ترجمو: “اهو دستور ..... غفار خان جنهن جامع مسجد جوڙائي مؤمنن واسطي جنهن شخص هيءُ الله جو گهر جوڙايو تنهن تي رب ڪريم راضي ٿئي ۽ سندس جاءِ جنت ۾ جوڙي.
ٻڌم تاريخ غيبي هن مسجد جي جوڙڻ جي هيئن آهي معمار ابراهيم خان نواب بختاور جيئن خداوندا بلند ڪر ڀاڳ ۽ عمر درازي ڏي. هجي دائم عدالت ۽ سندس انصاف قائم تيئن. ”
ڪتبي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مذڪوره مسجد جو باني نواب ابراهيم خان هو. نواب ابراهيم خان شايد احمد شاهه ابدالي جي دؤر ۾ مقرر ڪيل گورنرن بوغرا خان نورزئي ۽ رحمان خان نورزئي جن جي ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ نوابي جي منصب تي فائز هو. افغانن جي دؤر جي تعميرات ۾ شايد هيءَ اولين مسجد آهي، جا نواب ابراهيم خان جوڙائي، ان ئي مسجد جي اردگرد هڪ ٻي مسجد به انهيءَ دؤر جو يادگار آهي. جنهن جي تعمير جو اشارو پروفيسر لطف الله بدوي پنهنجي مقالي “شاهه شجاع الملڪ” قسط: 1 جي حوالي ۾ نواب مدد خان جي ذڪر ۾ آڻي ٿو: “نواب مدد خان پوپلزئي جو خاندان گهڻو اڳي شڪارپور ۾ اچي رهيو هو. نواب موصوف، نهايت سخي طبيعت جو ماڻهو هو. عوام کيس سخي مدد خان به ڪري سڏيندو هو. سندس تعمير ٿيل مسجد، شڪارپور جي نئين مارڪيٽ ڀرسان موجود آهي. نهايت نيڪ ۽ سنجيده شخص هو. هو افغانن جي حڪومت کان پوءِ به گهڻو وقت جيئرو رهيو. انگريزي حڪومت کيس پٽيداري جو حصو ڏيندي رهي. سندس انتقال 1856ع ڌاري ٿيو.” (ٽماهي مهراڻ / 1968ع : ص – 202)
نواب مدد خان پوپلزئي، شاهه شجاع الملڪ جي دؤر (1803ع – 1801ع) ۾ شڪارپور جو گورنر رهيو ۽ رڳو هڪ سال اهو منصب ماڻيائين. هي شڪارپور تي افغانن جي حڪومت جي ڇاونجاهه ورهين گذرڻ کانپوءِ گورنر رهيو. مٿين حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته نواب مدد خان جو نواب ابراهيم خان جي مسجد جي تعمير سان ڪوبه تعلق ڪونه هو.
نواب ابراهيم خان جي مسجد جي طرز تعمير ان وقت جي تعمير موجب پڪين ۽ ڪچين سرن ۽ مٽيءَ سان ٿيل آهي، البته ان جي محراب تي نيري رنگ جي ڪاشي ڪتب آندل آهي. مسجد مٿان وڏو قبو پڻ اڃان تائين موجود آهي. هن شاندار مسجد جي تعمير مان ڏسجي ٿو ته اتي هڪ ئي وقت ۾ ٻه سؤ ماڻهو نماز ادا ڪري سگهندا هئا. مسجد جي اڱڻ جي اوڀارين پاسي واري جڳهه مٿان پڻ رهائش جو بندوبست ٿيل هو. هن مسجد جي پيڙهه جو سن هسٽري آف ايلينيشنز جلد 2، موجب 1174 هه 1760ع معلوم ٿئي ٿو. مسجد جو سٽي سروي نمبر 20+5 ۽ پکيڙ 4-233 آهي. جڏهن ته حجره جو سٽي سروي نمبر 21+5 ۽ پکيڙ 1-51 پڻ آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته:
No: 23. “ Mulla Allah Baksh”
This Mulla enjoyed certain grain assignments which were commuted in 1853 into a cash allowance of Rs.54 annually. The assignment had been made for the care of the mosque of Nawab Ibrahim khan Nurzai , and dated fromA.H 1174 (A.D 1760). Mr Frere through the grant came under section VII of the Amended Rules of 1842, and was entitled to a permanent confirmation (No.99) dated 12th March 1855, to Government) which was accordingly sanctioned by Bombay Government Resulation No. 1755, dated 28th April 1855, and at the final settlement.
ترجمو:
“ملا الله بخش کان اناج ڏيڻ جون سهولتون واپس وٺي، کيس سن 1853ع کان هر سال 54 روپيا مالي مدد ڏيڻ هيٺ آئي. اهو معاوضو کيس نواب ابراهيم خان نورزئي مسجد جي سنڀال لاءِ ادا ڪيو وڃي ٿو. جنهن جي پيڙهه 1174 هه – 1760 ۾ پئي. مالي امداد جي بحالي لاءِ مسٽر فريئر پنهنجي راءِ ڏيندي سرڪار ڏانهن لکي ٿو ته اها امداد 1842ع ۾ ترميم ٿيل ڀاڱي 7- جي قاعدي پٽاندڙ آهي. جيڪا هميشه لاءِ بحال رکي وڃي. سرڪار ڏانهن ليٽر نمبر 99 بتاريخ: 12 مارچ 1855ع تحت لکيو ويو ته اها مالي امداد جاري رکي وڃي جيڪا بمبئي سرڪار جي ٺهراءَ نمبر 1755 بتاريخ 28 اپريل 1855ع ۾ منظور ٿيل آهي.
معلوم ٿئي ٿو ته افغانن جي دؤر کان پوءِ انگريزن جي دؤر ۾ پڻ سرڪاري طور تي هن مسجد جي سنڀال طرف توجهه ڏنو ويو. اها سنڀال ڪيترو عرصو رهي؟ ملا الله بخش جي حياتي تائين يا ان کان پوءِ به شاهدي نه ٿي ملي. اندازو اهو ئي آهي ته ملا جي انتقال کانپوءِ مسجد جي سنڀال نه ٿيڻ سبب اها ويران ٿي ويئي. گهڻو عرصو گذرڻ کانپوءِ تازو ڪنهن خدا جي نيڪ ٻانهي ان جي وري مرمت ڪرائي، مسجد آباد ڪرائي آهي. انهيءَ مرد مجاهد ئي مذڪوره ڪتبي جي باقي حصن کي ساڳي جاءِ تي محفوظ ڪرايو آهي. جزاڪ الله.