تاريخ، فلسفو ۽ سياست

شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾

ڪتاب ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو جنهن جو ليکڪ نقش ناياب منگي آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ سهيڙ نوجوان شاعر ۽ ليکڪ محترم حسيب ناياب منگي ڪئي آهي.
جيتوڻيڪ اڄ به شڪارپور جا تاريخي اهڃاڻ ماضيءَ جي حسين داستانن جي نموني طور موجود آهن.ڪنهن به ليکڪ ۽ باشعور طبقي لاءِ پنهنجي شهر توڙي علائقي جا قديم آثار پنهنجي گهر جيان پيارا ۽ عزيز آهن، سائين نقش ناياب منگي جي به پنهنجي شهر شڪارپور سان محبت ۽ انس جو اندازو سندس هن ڪتاب ۾ شامل تحريرن مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شڪارپور جي تاريخي ورقن ۾ موجود خاص طور مختلف دورن ۾ شهر جي عروج ۽ زوال جو مختصر ذڪر پڻ جامع نموني سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾

شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت

سنڌ ۾ عباسي خاندان جي ٻن شاخن دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جو اختلاف وڻ ويڙهيءَ وانگر وڌندي، وڌندي جهيڙي ۽ لڙائيءَ جي صورت اختيار ڪري ورتو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪلهوڙا، پنهنجي هڏ رت، دائودپوٽن تي ايترو ته حاوي ٿي ويا، جو ميان نور محمد ڪلهوڙو، شڪارپور ۾ دائودپوٽن جي تاجدار امير صادق محمد خان اول کي سن 1140 هه / 27-1728ع شڪست ڏيئي، ڪٽنب سوڌو شڪارپور مان نيڪالي ڏيئي، ڏورانهين ڏيهه ڪڍيو. هڪ طرف “شڪارپور رياست” جي حيثيت ختم ٿي، ۽ دائودپوٽن کي پنهنجي اڏيل شهر تان هٿ ڌوئڻا پيا، ۽ ٻي طرف ميان نور محمد ڪلهوڙو، شڪارپور کي پنهنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيو.
غلام الرسول مهر لکيو آهي ته “ڪلهوڙا حڪومت پنهنجي پيڙهه پختي ڪرڻ جي ابتدائي ڪم پوري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حقيقي تعميري پروگرامن ڏانهن توجهه ڏيئي رهي هئي، ته هڪ نئين دهشتناڪ مصيبت، لاهور ۽ دهلي کي باهه ۽ خون جي وهڪري ۾ وهائيندي، برساتي بادل وانگر، يڪايڪ سنڌ جي افق تي ڇانئجي ويئي، ۽ هن ڪم نصيب پرڳڻي جي اقتصادي ۽ تنظيمي حالتن جي ٻيهر سڌرڻ جون اميدون وري به خاڪ ۾ ملي ويون، هيءُ نادر شاهه ايراني جو حملو هو. نادر جي حملي ميان صاحب جي تنظيمي ۽ تعميري ڪمن کي به برباد ڪيو، سنڌ جي ماڻهن لاءِ به اڪيچار مصيبتون پيدا ڪيون، ۽ سنڌ جي خزاني تي پڻ هڪ ڳاٽي ڀڳو ٻوجهه وڌو، جنهن کان ڪافي مدت تائين ڇوٽڪارو ملي نه سگهيو.” (1) نادر شاهه افشار، مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ واسين جي رڳن جو خون چوسيندو رهيو.
ايف-جي-گولڊ سمڊ، نادر شاهه افشار جي قتل، ۽ احمد شاهه ابدالي جي مسند حڪومت جي باري ۾ لکيو آهي ته، “نادر شاهه پنهنجي قاتل صالح بيگ جي ترار جو بک ئي مس ٿيو هيو، ته سندس هڪ جنرل احمد خان ابدالي پنهنجي اڳواڻي هيٺ جنگ ۾ شريڪ سپاهين کي گڏ ڪري، پنهنجي وطن افغانستان ڏانهن موٽي ويو. هو هڪ ڪوهستاني قبيلي ابدال جي سردار جو پٽ هيو، جنهن کي نادر شاهه، ننڍي هوندي ئي قيدي بڻائي ڇڏيو هو، جتي هو هڪ معمولي ملازم يا هرڪاري کان، ترقي ڪندي خزانچي جي اعليٰ عهدي تي پهتو هيو. احمد شاهه ابدالي سن 1747ع ۾ سلطنت جي شروعات ڪئي، انهيءَ بادشاهت هيٺ شڪارپور کي قنڌار رياست ۾ شامل ڪيو ويو.” (2) احمد خان کي افغان سردارن يڪراءِ ٿي “احمد شاهه” جي لقب سان پنهنجو امير تسليم ڪيو. احمد شاهه ابدالي، قنڌار کي حڪومت جو مرڪز بڻائي، جديد افغانستان ۾ افغان حڪومت جو پايو وجهي، پنهنجي وطن کي ايراني تسلط کان آزاد ڪيو. هن ايشيا جي چوٿين فاتح، ۽ افغانستان جي پهرين حڪمران، پاڻ کي “در دوران” جي لقب سان مشهور ڪيو، ۽ “افغان قوم” کي “دراني” ذات سان دنيا ۾ عام ڪيو.
احمد شاهه ابدالي جي تخت ڌڻي ٿيڻ وقت، هندستان تي مغل شهنشاهه محمد شاهه جو دؤر هيو، جيڪو بدحاليءَ جي آخري منزل تي پهچي چڪو هيو. ان زماني ۾ سنڌ تي ميان نور محمد ڪلهوڙو جي حڪومت جو دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ درخشان دؤر ليکجڻ ۾ پئي آيو.
غلام الرسول لکيو آهي ته، “احمد شاهه ابدالي تاج ۽ تخت سنڀاليندي ئي هيءُ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ، بلوچستان ۽ اٽڪ پار جي ٻين علائقن مان نادر کي جيڪو خراج اڳي ملندو هو، اهو هاڻ قنڌار پهچڻ گهرجي. نادر، ميان نور محمد خان جي ڳچيءَ ۾ خراج ڀرڻ جي ڳٽ وجهڻ وقت کيس “شاهه قلي خان” جو خطاب ڏنو هو، ۽ احمد شاهه کيس “شاهه قلي خان” بدران “شاهنواز” جو خطاب ڏيئي، غالباً فرمان موڪليو هو ته خراج موڪلڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي.”(3)
مٿين تاريخي بيان مان ظاهر ٿيو ته ميان نور محمد خان ڪلهوڙو پنهنجي حياتي تائين “دراني حڪومت” کي خراج پهچائيندو رهيو. ميان صاحب جي وفات 1167 هه – 1753ع ۾ ٿي، ۽ ساڳي سال سندس وڏي پٽ محمد مراد ياب خان کي، احمد شاهه ابدالي حڪومت جو پروانو عطا ڪندي “سربلند خان” جي خطاب سان پڻ نوازيو.
سنڌ تي چڙهائي بابت، ايف-جي-گولڊ سمڊ ڄاڻايو آهي ته، “احمد شاهه سنڌ تي سن 1752ع ڌاري حمله آور ٿيو، جڏهن هو پنجاب مان نڪتو، ۽ سيوهڻ تائين وڃي پهتو، ته جيئن هو خراج وصول ڪري سگهي، جيڪو ڪلهوڙن تي هنيو ويو هو. ڪيپٽن ميڪ موردو مطابق اهو سال 1754ع هيو.” (4)
مولائي شيدائي لکيو آهي ته “سن 1754ع تي احمد شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي. احمد شاهه، محمد مرادياب خان کي “سربلند خان” جو لقب ڏنو. مغل پرڳڻو، جنهن جون حدون اتر ۾ روجهاڻ کان شروع ٿي ڏکڻ ۾ مديجيءَ تائين هيون، جنهن ۾ سکر، بکر ۽ شڪارپور اچي وڃن ٿا، سو احمد شاهه پنهنجي قبضي هيٺ رکيو.” (5)
مٿين بيان جي توضيح ۾ تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دؤر) جي مصنف، مير غلام محمد “غبار” جي ڪتاب: “احمد شاهه بابا” جي حوالي سان لکيو آهي ته “احمد شاهه” 1166 هه – 1753ع ۾ هرات مان ٿيندو، پشاور ويو، هن سردين جو زمانو قنڌار ۾ گذاريو. سن 1167 هه – 1754ع – 1168 هه – 1755ع ۾ مشهد ۽ نيشاپور جي طرف ئي رهيو. ان کان پوءِ 1170 هه – 1756ع – 1757ع تائين قنڌار کان ٻاهر نه نڪتو. جڏهن حقيقتون ان ريت آهن، تڏهن شاهه جي سنڌ اچڻ بابت مٿي ذڪر ڪيل مؤرخن جي بيانن کي ڪهڙي بنياد تي درست مڃيو وڃي؟” (6)
احمد شاهه ابدالي، سنڌ ۾ آيو يا نه؟ پر شڪارپور قنڌار رياست جو پرڳڻو ضرور رهي، جتي گورنر مقرر ڪرڻ هيٺ آيا. محترم بچل شاهه، “شڪارپور کي سبي پرڳڻي جو حصو ڄاڻايو آهي.” (7) جيڪو ايف-جي-گولڊ سمڊ جي مرتب ڪيل “دراني حڪومت پاران شڪارپور تي مقرر ڪيل نوابن جي فهرست” قطعي غلط آهي. (8)
پرڏيهي ليکڪ ايف-جي-گولڊ سمڊ “شڪارپور جي تاريخي يادداشت” ص-50 کان ص-61 تائين افغان حڪومت پاران شڪارپور تي نوابن جي مقرري جو جيڪو تفصيل ڏنو اهي. (9) سو تاريخي لحاظ کان اڌورو آهي. نوابن جي مقرري، معزولي ۽ وفات جا سن درج ڪونهن، رڳو نوابن جي حڪومت جو عرصو ڄاڻايو آهي.
بزرگوارم لطف الله بدوي صاحب جن، پنهنجي مضمون “شڪارپور درانين جي قبضي ۾” (10) نوابن جي مقرري ۽ معزولي جا اهڙا سن متعين ڪيا آهن، جن جو ڪوبه ماخذ ڪونهي. انهيءَ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بدوي صاحب جن قياس ۽ تخميني جي بنياد تي سن تجويز ڪيا آهن.
احمد شاهه ابدالي جي حڪومت 1160هه – 1747ع – 1187هه، 1773ع ۾ شڪارپور تي هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
بوغرا خان نورزئي: سندس عمر 64 ورهيه هئي، ۽ شڪارپور تي 5 سال گورنر ٿي رهيو. بهادر، ڪامياب سياستدان ۽ ماڻهن لاءِ چڱو گورنر هو. مقدمات جا فيصلا غيرجانبداريءَ سان قوانين جي مطابق ڪندو هو. هو شرپسند، غلط ذهنيت رکندڙ ۽ ناخوشگوار عناصر جي پاڙون پٽڻ ۾ ڏاڍو هوشيار ۽ ڪامياب هو.
رحمان خان نورزئي: پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ گورنر مقرر ٿي آيو. اهڙو شخص جيڪو غريبن کي انصاف مهيا ڪرڻ، ۽ انهن جي ضرورتن ۽ خواهشن مطابق انتظام رکڻ ۾ بيپرواهه ٿي ويو، ۽ ظالمن کي ناس ڪرڻ ۾ ناڪام ويو. شڪارپور تي 5 سال راڄ ڪيائين.
عبدالرحيم خان بامزئي: هيءُ 64 ورهين جي وڏي ڄمار ۾ گورنر مقرر ٿي آيو، هن 7 سال شڪارپور تي راڄ ڪيو. تقريباً گذريل (مٿي ذڪر ڪيل) جهڙو هو.
محراب خان بارڪزئي خلزئي: قريب قريب ساڳيو مٿين جهڙو هيو. سندس عمر 45 سال هئي، جڏهن هو شڪارپور تي نواب مقرر ٿي آيو هو. هن 7 سال عهدو ماڻيو.
احمد شاهه ابدالي 26 سال حڪومت ڪئي. سندس وفات کان پوءِ، هن جو وڏو پٽ تيمور تخت ۽ تاج جو وارث ٿيو. مرحوم شاهه جي وزير شاهه ولي، شهزادي سليمان (تيمور جي وڏي ڀاءُ) جي حق ۾ ڪوشش ۽ مدد ڪئي، ڇو ته شهزادو سليمان، سندس نياڻو هو. نئين شهنشاهه سازش کان محفوظ رهڻ لاءِ پنهنجي گادي جو هنڌ قنڌار کان ڪابل منتقل ڪري ڇڏيو. تيمور شاهه سن 1187هه – 1773ع ۾ دراني حڪومت جون واڳون سنڀاليون. (سيد) حسام الدين راشدي لکي ٿو ته، “تيمور شاهه جو سنڌ سان نئون عهدنامو ٿيو، اهو عهدنامو 1207هه – 1792ع شڪارپور ۾ ٿيو، ۽ سنڌ جي حڪومت جو پروانو، هڪ جوهردار تلوار ۽ هڪ هاٿيءَ سميت، مير فتح علي خان تي عنايت ٿيو، جنهن جي قيمت 24 لک روپيه سنڌ بقايا ۾ ڏيڻ قبول ڪيا. (11)
تيمور شاهه دراني جي حڪومت 1187هه – 1773ع – 1207 هه – 1793ع ۾ شڪارپور تي هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
غلام صديق خان: هي 60 سالن جو پوڙهو هو، شڪارپور جو نواب ٿي آيو. هڪ داناءُ ۽ هوشيار کان سواءِ شاعر به هيو. هن خاص ڌيان ملڪي زرعي سڌارن تي ڏنو، پنهنجي دؤر ۾، ڳڙهي ياسين، محمدآباغ، محلاڻي ۽ بختيارپور ۾ واهه کوٽايائين. شڪارپور ۾ پنهنجي حڪومت کان پوءِ، هن کي بکر جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو. هن کي هر مهيني شڪارپور جي حاڪمن کان ڪيئي هزار روپيا ملندا هئا. سندس حڪومت جو عرصو 9 سال رهيو. (12)
صادق خان ولد مرزا خان الڪوزئي: هيءُ 45 ورهين جي ڄمار ۾ گورنر مقرر ٿي آيو. هن جي دؤر ۾ ڏڪر پيو. ان جيڪو گودامن ۾ هيو، سڪي – خشڪ ٿي ڪارو ٿي پيو. ان وقت سڄي پيداوار جو دارومدار بٽئي ٿي هيو. صادق خان جو پيءُ مرزا خان ڪشمير ۽ ديره جات جو نواب هيو. تيمور شاهه هن جا ڪن انهيءَ ڪري ٽوپرائي ڇڏيا هيا، ته جيئن هو ڪشمير جي آب و هوا (فضا) ۾ سرڪش نه ٿئي، ۽ وفادار ٿي رهي. شڪارپور تي سندس 12 سال راڄ رهيو. (13)
تيمور شاهه سن 1207هه – 18 مئي 1793ع ۾ فالج جي حملي سبب وفات ڪئي. سندس وڏو فرزند زمان شاهه 1207هه – 1793ع ۾ تخت تي ويٺو. زمان شاهه جو ذڪر سپاهي کان وڌيڪ دانشور جي حيثيت سان ڪيو ويو آهي. فطري طور تي اشراف، سنجيدو ۽ سڀ ڪنهن تي اعتبار رکڻ وارو هيو، تنهن هوندي به حمله آوريءَ ۽ جاريحت ڏي لاڙو رکندو هيو. هو فتوحات جي چڪر ۾ مسلسل ۽ متواتر ٻاهر ئي گذاريندو هو. هن حڪومت جيڪا سازش ۽ گروهه بندي ذريعي حاصل ڪئي هئي، تنهن لاءِ تقاضا ته اها هئي ته هو ان جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ پنهنجي ملڪ، بلڪ گهر ۾ حاضر رهي ها؛ پر هن ائين نه ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو کيس ناڪامي ۽ بيحد سخت قسم جي شڪست ۽ پسپائي نصيب ٿي. دفاعي سلسلو درهم برهم ٿي ويو. هن کي پنهنجي وزير وفادار خان جي هٿان جرم – حماقت جي سزا ڀوڳڻي پئي.
سيد راشدي صاحب لکيو آهي ته، “زمان شاهه تخت تي ويهندي شرط ڍل جي وصوليءَ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ليڪن پٺيان جي انتشار سبب کيس واٽ تان ئي موٽڻو پيو. مير “مائل” انهيءَ خوشي ۾ هڪ قطعو چيو آهي.” (14)
بـيـن حـکم شاهنشه عالمين، که حـکـمش چـسان برسر شاهه رفت!
بوجه طرب سال اين خوش خبر، بفرمود هاتف “شهي از ره رفت.
1208 هه
زمان شاهه سن 1207هه – 1793ع – 1216هه 1801ع تائين راڄ ڪيو. سندس دؤر حڪومت ۾ شڪارپور تي هيٺيان نواب مقرر ٿي آيا.
شير محمد خان پوپلزئي: هڪ سٺو، بهادر ماڻهو، عادل ۽ مصنف مزاج هو. شڪارپور تي نواب مقرر ٿيڻ وقت سندس ڄمار 50 سال هئي، ۽ هن 2 سال راڄ ماڻيو.
رحمت الله خان قلندرزئي: سندس عمر 50 سال هئي، ۽ 2 سال عهدو ماڻيائين. اڳين وانگر هيو.
شربت خان پوپلزئي: سندس عمر 40 سال هئي، 3 سال شڪارپور تي گورنر رهيو، اڳين وانگر چڱو هيو.
دوست محمد خان پوپلزئي: هن جي عمر 50 سال هئي، سندس حڪومت جو عرصو 2 سال رهيو.
زمان شاهه پنهنجي چند ڏينهن برقرار رهڻ واري حڪومت کي، پنهنجن عزيزن لاءِ ڇڏي، ويهن ورهين جي قليل مدي اندر لڌياني ۾ ڪسمپرسي جي حالت ۾ جلاوطني جي زندگي گذاريندي سن 1216هه – 1801ع ۾ فوت ٿي ويو. هن کان پوءِ، شاهه شجاع الملڪ 1801ع ڌاري آيو، جنهن جا هتي محض فرضي خطابات – شاهي ڪامراني سان لکيا ويندا.
محمود شاهه سن 1216هه – 1801ع – 1618هه – 1803ع
تيمور شاهه جي وفات کانپوءِ، احمد اعظم جي مضبوط ۽ مستحڪم حڪومت ڪمزور ٿي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي، ۽ ننڍيون ننڍيون رياستون وجود ۾ اچي ويون. وڏا ۽ اهميت وارا شهر ڪابل، قنڌار، هرات، غزني ۽ پشاور تي انهن سردارن، جيڪي پنهنجي حاڪميت ۽ وڏائي ٻين تي ڪوڙ جي مدد سان مڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ۽ نوابيون قائم ڪري ورتيون. سڀني جي مٿان اقتدار-اعليٰ ڪابل کي حاصل ڪرڻ هو ڀوت سوار هيو. اهو (ڪابل) شهر پايئه تخت جي حيثيت رکندو هو. محمود شاهه جي ڪردار دارالخلافه ۾ سخت اٿل پٿل ۽ گڙٻڙ پيدا ڪري ڇڏي هئي. سندس وزير فتح خان پنهنجي مالڪ (شهنشاهه) جو دفاع مضبوط ڪيو، ليڪن عوامي سوچ جو طوفان ٻي طرف موڙي چڪو هو، رعايا بادشاهه کي قيد ڪري ڇڏيو، ۽ جولاءِ 1803ع ۾ شجاع الملڪ، مطلق انسان ۽ فاتح، پنهنجي ڀاءُ کي تخت لاءِ مستقبل ۾ ڪابه دعويٰ نه رکڻ جي واعدي سان فراخدلانه معافي ڏئي، معزول ڪيو.
محمود شاهه جي دور حڪومت ۾ هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
شاهه سرور خان بارڪزئي: ڀلو۽ بهادر انسان هيو، پر ٻوڙو هيو. سندس عمر 50 سال هئي، ۽ 6 مهينا راڄ ڪيائين.
امام بخش خان مغل: سندس عمر 60 سال هئي، ۽ رڳو 6 مهينا شڪارپور جو گورنر ٿي رهيو. پاڻ شيعه عقيدي جو حامل هو، ۽ شڪارپور ۾ تابوتن ۽ تعزين وغيره جي سرپرستي ڪندو هو. سني علمائن ۽ قاضين ملي جلي شاهي تحصيلدارن جي مدد سان امام بخش تي حملو ڪيو. تابوت ڊاهيا ويا، ۽ تابوتن ٺاهڻ وارن کي سخت عبرتناڪ سزائون ڏنيون. علمائن شهنشاهه کي دانهن ڏني، جنهن مقدمو هلائي نواب کي هاٿي جي پيرن هيٺان اڇلائي مارائي ڇڏيو.
سردار محمد عظيم خان بارڪزئي: هڪ سٺو، بهادر ۽ عادل شخص هو. سندس عمر 54 سال هئي، ۽ سندس عهد 1 سال هيو.
ٻڍل خان مغل: سندس عمر 60 ورهيه هئي، شڪارپور تي گورنر جي حيثيت سان 8 مهينا راڄ ڪيائين.
ديوان سکو سنگهه: هيءُ 50 سالن جي ڄمار ۾ شڪارپور تي گورنر مقرر ٿي آيو. هو چڱو ۽ ذهين شخص هيو. ڪل 4 مهينا راڄ ڪيائين. غريب سڀاءُ ۽ فيض وارو هو، منصفانه طور راڄ ڪيائين.
شاهه شجاع الملڪ (ٻيو ڀيرو) 1803ع – 1810ع
شاهه شجاع الملڪ کي ورهين تائين، پنهنجي وڏي ڀاءُ جو تخت، ۽ بادشاهه جي حيثيت ۾ آرام ۽ سڪون سان زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ نصيب ڪونه ٿيو. هن جي ڀائٽين ڪامران ۽ قيصر جون اڻ کٽ خواهشون ۽ سندس وزير فتح خان جا حاسدانه ڪرتوت، هن جي ذهني سڪون، حقيقي ۽ خيالي خطرات سندس ننڊ ڦٽائيندا رهيا. هن خراج جي وصولي جي سلسلي ۾ سنڌ جو دورو ڪيو. اهو دورو سن 1805ع ٿيو هوندو، پر سندس عطا ڪيل سندون ۽ دستاويزات شڪارپور ۾ موجود آهن جن تي تاريخ 8، 9، 10 ۽ 21 1804ع موجود آهي. هن جي دوري جي دوران (غير حاضري ۾) شهزادي قيصر ۽ بارڪزئي وزير پاڻ ۾ ملي ڪري پشاور تي قبضو ڪري ورتو. بادشاهه واپس سڌو ڪابل روانو ٿي، هنن کي ڀڄائي ڪڍيو. ان ڪاميابي جي پٺيان ڪابل ۾ ٻي فتح، معزول بادشاهه محمود جي هئي جنهن کان تخت ۽ تاج جي وچ ۾ قسم ۽ واعدا وسري چڪا هئا. آخرڪار 1225هه 1810ع ڌاري معزول بادشاهه محمود شاهه، تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ۽ شاهه شجاع الملڪ کي مشڪلاتن ۾ گذارڻو پيو.
شاهه شجاع الملڪ جي عهد ۾ هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
معزالدين خان پوپلزئي: هن جي عمر 60 سال هئي، ۽ حڪومت جو عرصو 2 ورهيه هيو هو هڪ بهادر انسان هيو، جيڪو ڏوهارين ۽ بدمعاشين کي سزائون ڏيئي، رعيت جي حفاظت ڪندو هو.
نواب مدد خان پوپلزئي: شاهه شجاع الملڪ جي مقربن مان هيو، سندس عمر 45 سال هئي. شڪارپور تي 1 سال راڄ ڪيائين. هڪ درياه – دل، بااصول ۽ انصاف ڪندڙ ماڻهو هو. هن وقت شڪارپور ۾ رهي ٿو ۽ برطانيه راڄ هيٺ پٽيداري حصو وٺندو رهي ٿو. هن جي باري ۾ خانبهادر خداداد خان لکي ٿو ته، “بکر جي نيابت تي مقرر ٿي آيو هيءُ يارهون نواب هيو. مؤلف هن کي پيريءَ ۾ شهر شڪارپور ۾ خود اکين سان ڏٺو هو. نهايت خداترس انسان هو.”(15)
ٻڍل خان مغل: هن جي عمر 60 سال هئي، حڪومت جو عرصو رڳو 1 سال هيو. چال چلگت ۾ اڳين وانگر هيو. (16)
جهانگير خان مغل: هن جي عمر 40 سال هئي، ۽ 1 سال راڄ ڪيائين. هن جي حڪومت ڪا خاص اهميت واري نه هئي.
پائنده خان پوپلزئي: پوپلزئي خاندان مان هڪ بهادر شخص هيو. سندس عمر 44 سال هئي، ۽ 1 سال راڄ ڪيائين.
محمد رضا خان مغل: هن 60 ساله پوڙهي، شڪارپور تي 1 سال راڄ ڪيو. هو هڪ هوشيار ۽ سرڪار جو ڪم وارو برجستو ماڻهو هو.
محمود شاهه (ٻيو ڀيرو) 1810ع – 1821ع
محمود شاهه، فتح خان بارڪزئي جي حمايت ۽ سرپرستي هيٺ رهي، ٻيو ڀيرو تخت تي ويٺو. ان دؤر جي تاريخ خانه جنگي، لاقانونيت ۽ طوائف الملوڪي تاريخ آهي. انهن حالتن سڄي ملڪ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. محمود هن دور ۾ هڪ نالي ماتر شهنشاهه هو. افغانستان ۾ قبيلي جون شاهانه اختياريون، وقار ۽ دٻدٻو احمد شاهه ابدالي جي خاندان ۽ نسل کان موڪلائي چڪو هو. آخر ۾ محمود شاهه (نالي ماتر) هرات ۾ رهيو.
محمود شاهه جي دور ۾ هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
عبدالله خان سيد: سندس عمر 45 ورهيه هئي، رڳو 4 مهينا حڪومت ڪيائين. هڪ سٺو ذهين ۽ عاقل انسان هو.
نصير خان الڪوزئي: هن ڪل 4 مهينا راڄ ڪيو، سندس عمر 40 ورهيه هئي. چڱو ماڻهو هيو.
سردار عبدالصمد خان بارڪزئي: چڱو حاڪم هيو، سندس عمر 50 سال هئي. هن 2 سال حڪومت ڪئي.
محمد رضا خان مغل: 60 ساله (17)پوڙهي کي رڳو 2 مهينا حڪومت نصيب ٿي. هو هڪ هوشيار ۽ برجستو ماڻهو هو، پنهنجي پٽ کي شڪارپور ۾ ڇڏي، پاڻ منصور خان جي خدمت ۾ احتراماً ديره غازي خان ويو. منصور خان هن سان بدسلوڪي سان پيش آيو، ۽ هن تي ڏنڊ وجهي قيد ڪري ڇڏيائين.
منصور خان بارڪزئي، نائب: تاج محمد، صيفل خان، مقصود خان: عمر 65 ورهيه هئي، هڪ ڀلو ۽ عادل شخص، هوشيار ۽ مصلحت انديش، شڪارپور جي عوام ۽ دانشورن سان سهڻي نموني پيش آيو، سندس حڪومت جو عرصو 8 سال رهيو.
سلطان محمد خان اورنگزئي: هيءُ 25 ورهين جو نوجوان شڪارپور ۾ 2 مهينا گورنر ٿي رهيو. هو هوشيار، ذهين ۽ خانداني عزت ۽ وقار وارو ماڻهو هو. علماءُ هن جا دوست ۽ ساٿي هئا.
عبدالصمد خان بامزئي: هن جي عمر 60 سال هئي، رڳو 2 مهينا حڪومت ڪيائين. هو هڪ درياه دل، مصلحت پسند، عادل ۽ ماهرِ قانون هو.
مقصود خان بارڪزئي: سندس عمر 65 ورهيه هئي، رڳو 4 مهينا راڄ ڪيائين. هو بيحد لالچي، حريص، بيدرد ۽ ظالم هو. قندار جي سردار اهي رقومات حاصل ڪرڻ لاءِ، جن جي ادائگي کان هن انڪار ڪيو هيو، هن کي جيل ۾ وڌو. نيٺ هن کي ڪهاڙي سان مارائي ڇڏيائين.
تاج محمد ولد منصور خان بارڪزئي: هڪ بهادر ۽ انصاف پسند شخص هو. هن جي عمر 40 سال ۽ حڪومت جو مدو رڳو 4 مهينا رهيو.
محمود شاهه ۽ ايوب شاهه شڪارپور ۾: سدوزئي شهزادي جو پٽ، هن وقت انگريز سرڪار جو وظيفه بردار آهي، ۽ ٿورڙي وقت لاءِ شڪارپور رهي ٿو. هن جو لقب “شهزادو پير محمد” آهي.
شهزادو محمود تيمور شاهه سدوزئي: سندس عمر 20 سال ۽ حڪومت جو عرصو 8 مهينا رهيو. هڪ مصنف مزاج گورنر هو. محمد عظيم خان سان پشاور ۾ 1819ع ۾ مقابلي دوران شڪست کائي پنهنجي پيءُ کان اڳ ۾ ئي شڪارپور پهچي ويو هيو.
شاهه شجاع الملڪ سدوزئي: سندس عمر 40 سال هئي، 1 سال 4 مهينا پاڻ شهنشاهه شڪارپور ۾ تشريف فرما هيو. پنهنجي رعيت تي ظلم ڪندو هو. محمد عظيم هن کي ميرن جي درخواست تي بيدخل ڪري ڇڏيو.
محمد عظيم خان، سندس ڀاءُ ۽ وزير فتح خان “بادشاه گر” آهن، ۽ صحيح معنيٰ ۾ اهي خراسان جا شهنشاهه آهن.
ملا محمد خان غلزئي: هيءُ 45 سالن جي ڄمار ۾ گورنر مقرر ٿي آيو. رڳو 7 مهينا راڄ ڪيائين. هيءُ ڏاڍو بهادر ۽ مذهبي ماڻهو هيو. رعيت تي شفيق ۽ ڏوهاري بدمعاشن لاءِ سخت هيو. سردار محمد عظيم خان هن کي پاڻ مقرر ڪيو هيو.
شيردل خان ۽ قنڌار جا ٻيا سردار: محمد عظيم سن 1823ع ۾ فوت ٿيو، دوست محمد سن 1826ع تائين ڪابل ۾ اقتدار حاصل نه ڪيو. قنڌار جا سردار راڄ ڪرڻ لڳا. هنن جي ڏينهن ۾ هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
سردار رحمدل خان بارڪزئي: سندس عمر 40 سال ۽ حڪومت جو عرصو 2 ورهيه رهيو. هيءُ بي انتها شفيق ۽ مهربان شخص هو. اهلِ علم حضرات جو طرفدار، هن جو نائب، دوست محمد حڪومت جو ڪم ڪار هلائيندو هو. هڪ ٻي سند جي مطابق هيءُ حريص، لالچي، آرام طلب، آرسي ۽ ڪند ذهن هو.
عبدالمنصور خان اورنگزئي: هن جي عمر 35 سال هئي، ۽ شڪارپور تي 5 مهينا راڄ ڪيائين. هڪ چڱو ۽ سٺين خوبين جو مالڪ هو. ميرن حڪومت جو قبضو هن جي ايامڪاريءَ ۾ ورتو.
شڪارپور جو صوبو، جيڪو گهڻي عرصي کان افغانستان جو حصو بنجي چڪو هيو، سو دراني حڪومت کان آزادي حاصل ڪري، ڏيهي حڪمرانن ميرن جي حڪومت ۾ شامل ٿي ويو. “دراني حڪومت” پاران ڪيل پنجٽيهن نوابن شڪارپور تي راڄ ڪيو. جن جو مختصر ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي لکيو آهي ته، “سن 1239هه مطابق آگسٽ 1824ع ۾ مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان ۽ مير رستم خان گڏجي شڪارپور تي قبضو ڪيو. افغانن جو پويون نائب عبدالمنصور خان نالي هو، جنهن کان نواب ولي محمد خان لغاري شهر فتح ڪيو. منصور خان شهر جي اٺن ئي دروازن جون چاٻيون ٽالپرن جي حوالي ڪري هليو ويو. حيدرآباد جي ٽالپرن پاران سيد ڪاظم شاهه نائب هو. شهر ۾ ٻه ڪچهريون هيون ۽ ٻه نائب رهندا هئا. حيدرآباد جي ٽالپرن پاران سيد ڪاظم شاهه ۽ خيرپور جي ٽالپرن پاران گولي شاهه نائب هو. (18)
ايف-جي-گولڊ سمڊ شڪارپور شهر تي ميرن جي قبضي جي تاريخ 28 ذوالحج 1239هه مطابق 24 آگسٽ 1824ع ڄاڻائي آهي. (19)
سيد ڪاظم شاهه: حيدرآباد جي ٽالپرن پاران، سيد ڪاظم شاهه ولد اسماعيل شاهه پهريون گورنر مقرر ٿي آيو. هو لياقت وارو ۽ لحاظ ڀريو هو. فرائض منصبي ادا ڪرڻ ۾ لائق هيو. (20) مولائي شيدائي صاحب لکيو آهي ته، “شاهه شجاع الملڪ، جنهن کي مير مراد علي خان شڪارپور ۾ بطور مهمان رهايو هو، سو مير جي وفات جو ٻڌي سيد ڪاظم شاهه کي شڪارپور مان لوڌي پاڻ مالڪ ٿي ويٺو. حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن 18 هزار لشڪر ڪٺو ڪري شڪارپور تي ڪاهه ڪئي سٺ ميلن (21) جي مفاصلي تي جنگ لڳي، شجاع الملڪ جي ٽن هزار فوجين کان ٽالپري فوج شڪست کاڌي. نائب ڪاظم شاهه ۽ خيرپور وارن جو گولي شاهه مارجي ويا. آخر سيد اسماعيل شاهه جي معرفت ٻنهي طرفين صلح ٿيو. شجاع الملڪ 12 لک ٽالپري روپيا جيڪي انگريزي 8 لک روپين جي برابر هئا، سي وٺي لڌيانه ڏانهن روانو ٿي ويو. ٽالپرن سيد اسماعيل شاهه کي اتي جو نائب مقرر ڪيو، جنهن پنهنجي پٽ زين العابدين شاهه کي نائب مقرر ڪيو. هي واقعو سن 1833ع ۾ ٿي گذريو. (22)
سيد ڪاظم شاهه فارسي زبان جو بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخن ۽ فارسي تذڪرن ۾ سندس نالو نمايان نظر اچي ٿو. شڪارپور جي بلند پايا فارسي تذڪرن ۾ سندس نالو نمايان نظر اچي ٿو. شڪارپور جي بلند پايه فارسي گو شاعر آخوند صاحبڏني سان سندس تعلقات گهرا هئا. پاڻ شڪارپور شهر جي تعريف ۾ هيٺين ريت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو اٿس:
شڪارپور عـجــب جــاي خوب رويـانـســت،
مـــقــــام و مــنـزل و مــاواي عند ليبانست،
نه موسم – گل فصل – بهار باشد، ليک،
بـهــر طــرف کـه نـظـر مـيکنم، گلستانست
سيد زين العابدين شاهه: هي صاحب سيد ڪاظم شاهه جو ڀاءُ هو. هن کي ٽالپر حڪومت پاران 1833ع ۾ شڪارپور جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو. مير نصير خان جي اوائلي دؤر تائين شڪارپور سندس ماتحت رهي. فارسيءَ جو بلند پايه شاعر هو. سندس شعر ۾ رواني، نازڪ خيالي ۽ بلند پروازي موجود هئي. “عابد” تخلص ڪندو هو. نموني طور سندس هت ڪجهه شعر ڏجن ٿا.
در تــبــســم بـمـن آن يـار دمـيدا فسون را،
بــرداز غــمــزه يـــکــبـار دل – مـحــزون را،
خــواسـتـم عــرض دل زار نـمـايـم بــا يـار،
کم نمودم جويديدم رخ او مضمون (23)
سيد زين العابدين شاهه “عابد” کانپوءِ شڪارپور سيد ابراهيم شاهه جي ماتحت رهي.
ديوان ڄيٺمل: هي صاحب حيدرآباد جي ميرن پاران شڪارپور تي گورنر مقرر ڪيو هو. هن جو نالو ديوان شهامت ڄيٺمل هو. هن پنهنجي ايامڪاريءَ جي ابتدا ۾ ئي شڪارپور جي حالت ڏسي خيرپور جي ميرن پاران شڪارپور ۾ مقرر ڪيل آفيسرن کي شهر مان لوڌي ڪڍيو. خيرپور جي ميرن جو جيڪو حصو ٿيو، سو گڏي ڪري خيرپور جي درٻار ۾ پهچايائين. آخر مير علي مراد ٻي فوج موڪلي، جنهن اچي مير نصير خان خيرپوريءَ جي ماڻهوءَ کي هٽائي شيخ غلام حيدر کي خيرپور جي حصي تي قابض ڪرايو. سنڌ ۾ ميرن جي راڄ کي تاراج ڏسندي قلات وارن موقعي جو فائدو ڄاڻندي روجهاڻ جي قلعي تي چڙهائي ڪري، جنگ جو بگل وڄائڻ گهريو. اها خبر جڏهن ڄيٺمل کي پهتي، ته هن پنهنجي پٽ نوتنداس کي روجهاڻ ڏانهن موڪليو ته جيئن قلعي تي قبضو ڪري، پر هن جو لشڪر اڃا پهتو ئي ڪونه هو جو حيدرآباد جي ميرن انگريزن جي بدنيتي ڏسي هن کي لشڪر گڏ ڪرڻ ۽ تيارين ڪرڻ جو پروانو موڪليو. انگريزن حيدرآبادي ميرن جو پهريائين شڪارپور مان قبضو ختم ڪرڻ گهريو، جنهن جو آسان ذريعو هنن شيخ غلام حيدر کي ڄاڻائيندي، کيس اها صلاح ڏني ته هو ڄيٺمل کي ذهني طرح خوف ۾ مبتلا ڪري ڀڄائي، پر هن بهادر ۽ جوڌي، هنن جي سٽي ثاب پوڻ ڪونه ڏني. آخر اها نوبت پهتي ته انگريزن، حيدرآباد جي سرڪار وچ ۾ پهريون فوجي ٽڪر مياڻي کان اڳ شڪارپور ۾ ڪيو. ڄيٺمل ۽ سندس بهادر سپاهين فولادي ديوار بنجي دشمنن جو مقابلو ڪيو. اهڙيءَ طرح حيدرآباد بدران خود انگريزن جا ايجنٽ خارج ٿي ويا.
آخر ۾ سنڌ تي انگريزي راڄ جي اؤج وقت هن جوان پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن دشمنن جي ڇانو ۾ گهارڻ ڪونه گهريا. کيس وقت جي لهرن ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ پهچايو. آخر حياتيءَ جا باقي ڏينهن گهارڻ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي دم ڏيڻ لاءِ پوئتي موٽيو.
ڄيٺمل جي بهادريءَ جي ڪارنامن لاءِ سنڌ جي تاريخ جا ماخذ خاص طور تي تاريخ تازه نواءِ معارڪ ساک ڀرين ٿا. (24)
ميرن جي صاحبيءَ ۾ انگريزن واپارين جو ويس پهري، سنڌ ۾ پنهنجا پير پختا ڪيا. انهيءَ دوکي ۽ فريب جي آڌار تي، سنڌ اندر واپاري ڪوٺيون کوليندا ويا، ۽ ساڳي وقت سنڌ جي علائقن جي سياسي نقطه نظر سان ڄاڻ حاصل ڪندا ويا.
انگريزن پنهنجي پاليسي “ڏڦيڙ وجهو ۽ حڪومت ڪريو” تي سختيءَ سان عمل ڪندي، ايتري قدر ڪاميابي ڪئي، جو خود اميرن جي حڪمران برادريءَ ۾ ڏڦيڙ پيو. خيرپور جي مير علي مراد خان، مير رستم خان خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو، ۽ حيدرآباد جي مير نصير خان تي انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو.
انگريزن، ميرن جي ڪمزور پاليسين ۽ ذاتي نفاق مان فائدو وٺندي سن 1842ع جي آخر ڌاري ميرن جي اڳيان اهو مطالبو پيش ڪيو ته اتر سنڌ جي مضبوط چوڪي ۽ واپاري مرڪز “شڪارپور” کي هنن جي حوالي ڪيو وڃي. مير نصير خان انهيءَ جي سخت مخالفت ڪندي، انگريزن کي کتو جواب ڏنو ته “سردار لاءِ زمين جو ڏيڻ بيعزتي آهي.” اهڙن سخت لفظن انگريزن کي مڇرايو، جنهن جو نتيجو “مياڻي ۽ دٻي” جي لڙاين مان ظاهر ٿئي ٿو.
سن 1843ع ڌاري سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، ۽ برطانيه حڪومت جو راڄ شروع ٿيو. سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ برطانيه حڪومت سنڌ کي نئين نظام هيٺ آندو. اهڙي طرح نه رڳو “شڪارپور جي صوبائي حيثيت” خاڪ ۾ ملي ويئي، پر ميرن کي سنڌ جي حڪومت تان پڻ هٿ ڌوئڻا پيا. مير علي مراد خان کي انگريز سرڪار سان وفاداريءَ جي عيوض ۾ خيرپور رياست جو والي بڻايو ويو، باقي سڄي سنڌ کي ٽن ضلعن: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ورهايو ويو. هن هيٺ شڪارپور ضلعي جو تفصيل پيش ڪجي ٿو:
ضلعي حيثيت:
جاگرافيائي لحاظ کان، ۽ گزيٽيئر موجب “شڪارپور شهار جي بيهڪ 55 – 27 اترين ويڪرائي ڦاڪ، ۽ 45 – 68 اڀرندي ڊگهائي ڦاڪ آهي. هيءُ سنڌونديءَ کان 18 ميلن جي مفاصلي، ۽ سمنڊ کان 194 فوٽن جي بلندي تي آهي. (25)
شڪارپور ضلعي ۾ هيٺيان 14 تعلقه شامل ڪيا ويا.
“1-شڪارپور، 2-اٻاوڙو، 3-ميرپور ماٿيلو، 4-گهوٽڪي، 5-روهڙي، 6-سکر، 7-نوشهروابڙو، 8-رتوديرو، 9-لاڙڪاڻو، 10-قمبر، 11-نصيرآباد، 12-لب دريا، 13-ميهڙ، 14-ڪڪڙ. ضلعي شڪارپور جون چار سب ڊويزن هيون، جن ۾ روهڙي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميهڙ جا نالا اچي وڃن ٿا.” (26) سن 1843ع ڌاري، “شڪارپور ڇانوڻي قائم ڪئي ويئي.” (27) ايف-جي-گولڊ سمڊ “شڪارپور ضلعي جي پکيڙ 11,532 چورس ميل ڄاڻائي آهي.” (28) ائٽڪن به “شڪارپور ضلعي جي ساڳي پکيڙ ڄاڻائي آهي” (29)
برطانيه حڪومت جي نظام هيٺ ضلعي ۾ ڪليڪٽر مقرر ڪرڻ هيٺ آيا، جن کي روينيو ۽ جڊيشل جون پوريون اختياريون حاصل هيون. اهي عملدار ضلعي جا مئجسٽريٽ پڻ هيا. ڪليڪٽر جي ماتحت ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ هنن جي هيٺيان ڪاردار مقرر ڪيا ويندا هئا، جيڪي ضلعي کي سنڀاليندا هئا. شڪارپور جي پهرين ڪليڪٽر بابت سنڌ جي تاريخي ماخذن ۾ ڪوبه هڪ نالو وضاحت سان ڪونه ڏنو ويو آهي. مختلف تاريخن جي روشنيءَ ۾ اسين پهرين ڪليڪٽر جو ذڪر هيئن ڪريون ٿا: خانبهادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي “سنڌ جي مختصر تاريخ” ۾ لکيو آهي ته، شڪارپور ۾ پهريون ڪليڪٽر ميجر فئرنگٽن کي مقرر ڪيو ويو. (30) خانبهادر خداداد خان قياس آرائي ڪندي لکيو آهي ته، شڪارپور جي پهرين ڪليڪٽر جو نالو گولڊني هو. (31) انهن تاريخ نويسن جي راءِ کانپوءِ الوحيد اسپيشل ايڊيشن “سنڌ آزاد نمبر” (32) ۽ تاريخ سنڌ (33) (اردو مؤلف اعجاز الحق قدوسي) جا اوراق پڻ خانبهادر خداداد خان جي تقليد ڪندي نظر اچن ٿا. مٿين تاريخ نويسن جي راين کي سامهون رکندي اسين خانبهادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي صاحب جي راءِ کي صحيح سمجهون ٿا، ڇو ته هن وقت اسان جي آڏو سندس تاريخ جو پنڌرهون ڇاپو آهي.
شڪارپور ضلعي ۾ پهرين ڪليڪٽر کانپوءِ انتظامي لحاظ کان شڪارپور ضلعو هنن ڪليڪٽرن صاحبن، ميجر پي-گولڊني، ميجر ايس-ايف فلپس اسٽؤرٽ، ڪڪ، ڪرنل ڊنسٽرول ۽ ڊبليو اي-گيليسپاءِ جن جي ماتحت نظر اچي ٿو.
عبدالڪريم گدائي، پنهنجي مضمون، “1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ سنڌ جو حصو” ۾ شڪارپورين جو ڪردار هن طرح پيش ڪيو آهي: شڪارپور ۾ مقرر ٿيل 16-ريجمينٽ اڌ رات جو هٿيارن تي قبضو ڪيو، ۽ سکر کان ايندڙ وڌيڪ امداد پهچڻ جي انتظار ۾ هئي. ليڪن صبح جو چئين بجي انهن تي گهوڙيسوار پوليس حملو ڪيو، ۽ وڏي جانبازي، جدوجهد ۽ سخت مقابلي بعد انهن کي شڪست ڏني. 25 وڌيڪ حريت پسند باغين کي خيرپور جي رياستي پوليس گرفتار ڪرايو. سکر ۾ انهيءَ تحريڪ سر کنيو، پر فوراً حالات تي قبضو ڪيو ويو. تاريخ 9 ۽ 10 آڪٽوبر تي، ڪورٽ مارشل ڪري، چئن گولنڊيزي سپاهين کي گولين سان اڏايو ويو، ۽ هڪ صوبيدار کي ڦاسي ڏني ويئي. (34) 1857ع ۾ جنگ آزاديءَ کانپوءِ سن 1861ع شڪارپور ۾ فوجي ڇانوڻي جو بنياد ختم ڪيو ويو.
هن دور ۾ شڪارپور ۾ جن ادارن جو بنياد وڌو ويو، تن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
شڪارپور ميونسپالٽي جو وجود 1855ع ۾ وڌو ويو............
شڪارپور سول اسپتال جو بنياد 1843ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ سن 1909ع ڌاري، ضلعي هيڊڪوارٽر جي حيثيت ختم ٿيڻ کان پوءِ هي اسپتال سکر منتقل ڪئي ويئي.
ليڊي ڊفرن فنڊ (عورتن جي اسپتال) 1893ع ڌاري قائم ڪئي ويئي، جا پوءِ 1911ع ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪئي ويئي. وڪٽوريا ڊسپينسري 1857ع ۾ قائم ٿي ۽ 1920ع ۾ ان جو نالو لکميچند – ٽيڪچند ڊسپينسري رکيو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي.
سن 1932ع ۾ شڪارپور ۾ راءُ بهادر اؤڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا موجوده سول اسپتال جو بنياد وڌو، اهڙي عظيم ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي ان وقت جي سرڪار کيس 1935ع ۾ “راءُ بهادر” جو شخصي خطاب ڏنو.
سن 1893ع ۾ جانورن جي علاج لاءِ پڻ هڪ ڊسپينسري قائم ٿي. مٿين اسپتال ۽ ڊسپينسرين کان سواءِ مينڊا ٽرسٽ پاران، شڪارپور ۾ هڪ عورتن جي اسپتال ۽ هڪ اکين جي اسپتال قائم ڪئي ويئي، جنهن کي بعد ۾ سر هينري هالينڊ پنهنجي زور سان پنهنجي نالي پٺيان مشهور ڪيو. تعليم کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هن شهر ۾ اسڪول ۽ ڪاليج پڻ قائم ڪيا ويا، جهڙوڪ: مڊل اسڪول 1853ع (1873ع ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو، ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول 1855ع، ورنيڪيولر اسڪول 2 – 1885ع، هندو سنڌي اسڪول نمبر اول 1885، پريتم ڌرم سڀا اسڪول 1889ع، شڪارپور هوپفل اڪيڊمي 1900ع، ٽريننگ اسڪول 1919ع، هندو سنڌي اسڪول 4 – 1904ع، نيوايريا هاءِ اسڪول 1932ع؛ ايشوري ٻائي سيتلداس گرلس هاءِ اسڪول 1937ع، ورهاڱي کان پوءِ شاهه عبداللطيف انسٽيٽيوٽ، گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۽ ٻيا پرائمري ۽ مڊل اسڪول قائم ڪيا ويا.
سن 1883ع ۾ شڪارپور ضلعي جو هيڊڪوارٽر سکر منقتل ڪيو ويو. آخرڪار 1 آگسٽ 1901ع ۾ شڪارپور ضلعي مان ست تعلقه: رتوديرو، لاڙڪاڻو، قمبر، لب دريا، نصيرآباد، ميهڙ ۽ ڪڪڙ، لاڙڪاڻي ۾ شامل ڪري لاڙڪاڻي کي ضلعي حيثيت ڏني ويئي. (35) ساڳئي ريت، سکر تعلقي کي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو ڏيندي هيٺيان تعلقه ملايا ويا:
اٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي، روهڙي، سکر، شڪارپور ۽ ڳڙهي ياسين (نوشهرو ابڙو) اهڙي طرح شڪارپور جي ضلعي حيثيت ختم ٿي.
آگسٽ 1901ع کان 30 – جون 1977ع تائين، شڪارپور، تعقله هيڊڪوارٽر ۽ سب ڊويزن جي حيثيت سان برقرار رهيو. ورهاڱي کان پوءِ، نئين انتظام هيٺ پهرين جولاءِ 1977ع تي، ٽن تعلقن: شڪارپور، خانپور ۽ ڳڙهي ياسين (ضلعي سکر سان) شامل ڪري، نئون ضلعو قائم ڪيو ويو. تاريخ 30 – جنوري 1979ع تي “لکي” کي تعلقي جو درجو ڏيئي، شڪارپور ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح شڪارپور کي مڪمل طور ضلعي جو درجو ڏنو ويو. هن وقت هيءُ نئون ضلعو ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي.

حوالا ۽ وضاحتون

غلام الرسول مهر: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون جلد – 1 ص: 368، 408 سنڌي ترجمو س.ا.ب حيدرآباد.
Capt: F. G. Goldsmid: An Historical Memoirs on Shikarpur 1855. PP 50, 20
ڏسو حوالو پهريون ص: 447
ڏسو حوالو ٻيو ص:50
رحيمداد خان مولائي شيدائي: جنت السنڌ ص 529 ڇاپو ٻيو. س.ا.ب ڄام شورو سنڌ
ڏسو حوالو ٽيون ص: 470 ۽ 471
Syed Bachal Shah: Distt: Gazetteer of Sukkur Distt: Part-A 1981 P-194,
ڏسو حوالو چوٿون
ڏسو حوالو چوٿو ص: 50 ۽ 61
لطف الله بدوي “شڪارپور درانين جي قبضي ۾” سه ماهي مهراڻ 2-3: 1964ع ص: 198 کان 205.
(سيد) حسام الدين راشدي “مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد” سه ماهي مهراڻ بهار 1955ع ص : 177
لطف الله بدوي صاحب جن “شڪارپور درانين جي قبضي ۾” سه ماهي مهراڻ 2،3-1964ع ۾ غلام صديق خان جي حڪومت جو سن 1773ع کان 1782ع تائين ڄاڻايو آهي، ۽ ايف-جي-گولڊ سمڊ، سندس حڪومت جو عرصو 9 سال ڄاڻايو آهي، هتي ڏيهي توڙي پرڏيهي ليکڪن جو متعين ڪيل سن ۽ حڪومت جو عرصو وسهڻ جوڳا نه آهن. ان باري ۾ لب تاريخ سنڌ (ص – 125، 126) جو بيان آهي ته “نواب ذوالفقار خان کانپوءِ، نواب غلام صديق خان آيو، جنهن بکر قلعي جي تعمير سن 1192هه – 1778ع ۾ ڪرائي. هيٺين قطعه مان قلعي جي تعمير جو سن معلوم ٿي ٿو.
سـاخـت از سربنده صديق خان، قلعه بکر بـه حکـم بـادشـاهه،
چون بخواهي سال تاريخش صفا، گو“بزيبد قلعه تيمور شاهه”
1192 هه
مٿين تاريخي بيان مان ظاهر ٿيو ته غلام صديق خان 1191هه – 1777ع جي آخر ڌاري يا 1192 هه – 1778ع جي شروعات ۾ بکر جو صوبيدار يا نواب هيو، جنهن قلعه جي تعمير ڪرائي.
ساڳي عرصي دوران هيءُ بکر جي نيابت تي پڻ نواب ٿي رهيو، سن متعين ڪيل نه آهي (لب تاريخ سنڌ ص: 126).
ڏسو حوالو يارهون.
خانبهادر خداداد خان: لب تاريخ سنڌ (فارسي) ص-126.
هي ٻيو ڀيرو گورنر مقرر ٿي آيو، ليڪن سندس عمر اهائي سٺ ورهيه!!
ڪيپٽن ايف-جي-گولڊ سمڊ، هن جي اهائي عمر ڄاڻائي آهي، جيڪا هن پهريون ڀيرو گورنر مقرر ٿيڻ وقت ڄاڻائي هئي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي: “ٽالپرن جي مختصر تاريخ” 1983ع ص 62 انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو.
ڏسو حوالو نائون ص: 25
ڏسو حوالو نائون ص: 35 ۽ 36
مصنف شڪارپور کان سٺ ميلن جو مفاصلو ڄاڻائيندي ڪنهن به هنڌ يا طرف جي نشاندهي ڪونه ڪئي آهي. ليڪن تاريخ جي مطالعي مان اها خبر پوي ٿي ته، اها جنگ 24 ميلن جي مفاصلي تي سکر ۾ لڳي جيڪا “کرڙي جي جنگ” جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ سيد ڪاظم شاهه ۽ گولي شاهه شهيد ٿيا.
ڏسو حوالو 18 ، ص: 71 ۽ 72
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي : “مقالو شڪارپور جا شاعر” شڪارپور – ماضي حال : ص 193 ۽ 194 – 1984ع پبليڪيشن ڪاميٽي جشن “شڪارپور”
رسول بخش پليجو : جن جهوناڳڙهه جلايو 1982ع ص 48 – 59
J. W. Smyth : Gazetteer of the Province of Sindh B-VolL III Sukkur District 1919 P.P 50-51.
Gazetteer of the Province of Sindh District Sukkur 1928 P-40
Syed Bachal Shah: District Gazetteer of Sukkur District, Part A, 1981, P-194
The Sindh Official List: (Half Yearly Published) 1st July 1899, PP. 15, 17 & 19
J. W. Smyth: Gazetteer of the Province of Sindh B-Vol: III Sukkur District 1919, P-10
ڏسو حوالو 20، ص: 62
E. H. Eitken: Gazetteer of the Province of Sindh, Indus Publication Karachi. Re-print 1986, P-498
خانبهادر آلومل ٽاڪمداس ڀوڄواڻي: “سنڌ جي مختصر تاريخ” ڇاپو پنڌرهون: سن 1912ع،ص: 61
خانبهادر خداداد خان: لب تاريخ سنڌ، ص: 160
الوحيد “سنڌ آزاد نمبر” 1936ع، ص: 132
تاريخ سنڌ اعجازالحق قدوسي: 1984ع، ص: 91
عبدالڪريم گدائي، مضمون “1857ع آزاديءَ جي جنگ ۾ سنڌ جو حصو” نئين زندگي ڪراچي مارچ 1968ع، ص: 33
ڏسو حوالو 29 ص: 499