“بشير” مورياڻي(وفات : 26 فيبروري 2016)
محترم بشير مورياڻي کي اسڪول واري زماني کان لکڻ پڙهڻ سان شوق پئي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شمار سنڌ جي ڌرتي جي ترقي پسند اديب، شاعر، افسانه نگار ۽ معروف مترجم کان علاوه نامور ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ سنڌي ٻولي جي ڪهاڻي ۽ افساني کي نوان موڙ ۽ نوان رنگ ڏيئي وڏو داد حاصل ڪيائين. سندس ڪيترن افسانن جو ترجمو مختلف ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. بشير مورياڻي صاحب جهڙو منفرد افسانه نگار آهي، تهڙو ئي يگانو شاعر به آهي. هن عروضي صنفن کي وڌيڪ اپنائي ورتو. سندس ڪلام جديد ۽ قديم رنگن جي سنگم جو مثال آهي. “اصنام خيالي” جي نالي سان سندس ڪلام جو مجموعو ڇپجي چڪو آهي. ڪهاڻين جي ڪتابن “زندگي جي راهه ۾”، “اڌوري اُڏام” ۽ “اجنبي” کان علاوه عربي ۽ ترڪي ٻولي جي ڪهاڻين جا ترجما پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن.
محترم “بشير” مورياڻي صاحب پنهنجي شهر جي مشهور تعليمي اداري سي اينڊ ايس (چيلاسنگهه ۽ سيتلداس) ڪاليج کي پنهنجي ڪلام جو موضوع بڻائي انکي هيٺين طرح واکاڻيو اٿس:
شڪارپور ڪاليج
سنڌ ۾ تعليم جو روح روان،
تون گذشته دور جو آهين نشان،
تون محض ماضي جو ناهين داستان،
حال و مستقبل ۾ پڻ تون جا ودان.
تون اڪابر علم جا پيدا ڪيا،
جن جو مَٽ پيدا ڪيو ناهي زمان
جي هلي اڳتي ٿيا شاعر اديب،
تن پرايو فيض آهي تو منجهان.
ڪيئي جي ماهر ٿيا سائنس جا،
سي ٿيا منسوب تنهنجي نانءَ سان
جي ادرا اڄ ٿيا تنهنجا رقيب،
ڪنڌ ڇا کڻندا اُهي تنهنجي اڳيان.
تنهنجو حسنِ ظاهري ۽ معنوي
تنهنجي مستن لئه آ مثل ڪهڪشان!
تون خموشيءَ سان زماني کي ڏٺو
تو پڙهيو هر داستان خونچڪان.
ڪهڙا ڪهڙا انقلاب آيا ويا،
تون مگر قائم رهئين پٿر جيان،
رنگ بدلايو زماني هر گهڙي،
ڪجهه نه ٿيو ليڪن اثر تنهنجي مٿان،
تنهنجا ديوانا ڪئين ويندا رهيا،
آئيا جي، تون ڪئي تن آجيان،
توسان جن جن بي وفائي آ ڪئي،
تنهنجي سيني ۾ آ تن جو داستان،
ڪيئي آيا، ۽ ويا توکي ڇڏي،
تو مگر اُف ڀي نه ڪئي اي جان جان،
تو زبان کولي نه ڪنهنجي شڪوه لاءِ،
تون رهئين ليڪن سڀن جو رازدان!
تو نه بڇڙائي ڪئي ڪنهن فرد سان،
ڪونه ورتو بدلو تو ڪنهن شخص کان.
تون ڄڻ آهين علم جو مهمان گهر،
ڪي اچي تو وٽ وڃن ڪي تو وٽان.
اڄ به آهين باعث تسڪين تون،
اڄ به آهين تون توجهه جو مڪان!
علم جو ۽ فيض جو درياءُ تون،
ڪيئي ٿيا سيراب پياسا تو وٽان.
تنهنجي مداحن مان آ هڪڙو “بشير”
مانُ، وڌ آهي اهو، ٻئي مانَ کان!