ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو
اڏايل هن شهر جا ڪي نشان باقي عيان آهن،
ڏسو عبرت سندا شاهد ڦٽل ان جا نشان آهن،
اڃان تائين هتي شب و روز طوفانِ خزان آهن،
شڪارپور جي شهر جا گيت ڀي ڄڻ نوحه خوان آهن،
ڪٿي آهن اُهي باني هلائي جن حڪومت هت؛
جهلي آئي عداوت ۽ زماني جي خصومت هت.
اول باني بهادر خان حشمت دار هو هتڙي،
مبارڪ خان عاليجاهه عظمت دار هو هتڙي،
سخي دل صاف صادق خان عصمت دار هو هتڙي،
بهاول خان والي راڄ جو پڳدار هو هتڙي،
ڪيو تاريخ ظاهر آ عجب هي داستان تن جو؛
حقيقت ۾ زبان تي اڄ به آ نام و نشان تن جو.
ڪڏهن هو تخت شاهي تاجدارن جي رياست جو،
وڳو ٿي جت طبل شاهي حڪومت جي نظامت جو،
هيو قائم هتي قلعو شهر جي پڻ حفاظت جو،
نصب هو برج تي ئي هو علم هن جي قيادت جو،
ڪئي هت بند خندق راهه دشمن جي اچڻ واري؛
ڪيو محفوظ قلعي کي نگه غيرت ڏسڻ واري.
“هزاري در” هو در-دولت ته “هاٿي” پڻ هنڀاري سان،
“لکي” لکپال هو خوش “خانپور” شاهي سواري سان،
“سوي در” فوج سان هو “واڳڻو” ڀي توب واري سان،
نوايا ناٿ “نوشهري” “ڪرن” ڪاذب غداري سان،
هيو هت تخت هيٺيان بخت جو درياه دولت جو،
حڪومت جو هيو هت هر نئون سج شان-شوڪت جو.
ڪڏهن هو تاب تيموري، ڪڏهن نادر سندي دهشت،
ڪڏهن هو تاج افغاني، ڪڏهن مغلن سندي حرمت،
ڪڏهن هو اوج ابدالي، شجاعِ شان جي عظمت،
ڪلهوڙن راڄ هو هتڙي، ڪڏهن ميرن سندي مدحت،
ويا هڪ ٻي پڄاڻا وقت جي واري وڄائي هت،
فرنگي ڀي ويا پنهنجو وري ڌاڪو، ڄمائي هت.
ڪڏهن هو معرڪو مهرن، ڪڏهن بختيار سان تنهنجو،
ڪڏهن مغلن، ڪڏهن ايران جي سالار سان تنهنجو،
ڪلهوڙن ڀي وهايو خون هو تلوار سان تنهنجو،
پيو هو پاند مشڪل ۾ عدو اغيار سان تنهنجو،
محاذن تي سر-پيڪار هو پير و جوان تنهنجو،
ڏڪي دشمن ويو هتڙي، ڏسي جوش-گران تنهنجو.
ڏنو منهن تو محاذن سان، برابر انقلابن سان،
مٿانهون ڳاٽ تنهنجو آ، غيورن جي خطابن سان،
ڪڏهن جنسار هو تنهنجو، برابر هم رڪابن سان،
قصو هي آ ٿيو منسوب تاريخي ڪتابن سان،
نگهه غيرت ڏنو روئي، ڏسي ڦاٽل فصيلن کي،
نظر اوندهه اچي ٿي اڄ، ڏسي وسيل قنديلن کي.
هيو وچ ايشيا جو هت اهم مرڪز تجارت جو،
بجاجن جو شهر هو ۽ هيو درجو ولايت جو،
هيو هي خوش نما مرڪز سياحن جي زيارت جو،
زمانو هو سندءِ هت خوش نصيبي جي بشارت جو،
شهر سهڻو هيو آسودگي جي علامت سان،
مگر هاڻي پيو ڏسجي، سڃائي جي ملامت سان.
وري انسان جي تاريخ ۾ هڪ زلزلو آيو،
ويون قومون کڄي، ڄڻ ڪي مچائي ٿرٿلو آيو،
نگهه عبرت ڪيو ماتم، نظر جنهن غلغلو آيو،
قيامت خيز منظر ۾، نه ڪنهن جو ڀرجهلو آيو،
ويو املاڪ نڪري ۽ ٿيو خالي شهر هڪدم،
سُڪي درياه دولت جو ويو ٿي پٽ پڌر هڪدم.
هنر حرفت عمارت جو ڏسو نقش و نگاري سان،
عجب ڪاريگري ايندي نظر هت دستڪاري سان،
عقل حيران چٽسالي ڪيو بيشڪ قلمڪاري سان،
نفاست جو هيو جت زيب گلڪاري پياري سان،
مهارت کي ڏسو عبرت نما تعمير آ تن جي،
عجب فن جي ڪئي صانع عيان تصوير آ تن جي.
شڪسته حال ڍڪ بازار، ماضي جي علامت آ،
مگر هن حال پنهنجي تي کنئي ڪافي ندامت آ،
نه ڪنهن ڀي دور ۾ هن سان ڪئي ڪنهن عنايت آ،
ڍڪڻ سِرَ لئه ڏٺم عاجز، اکن آڏو اڏاوت آ،
“جماڻي هال” سُڪَپل، ناهه “شاهي باغ” جي مرهم،
مگر اي دل! ڏني ڪنهن ناهه، دل جي داغ جي مرهم.
اديبن عالمن جو درس هت ديني هدايت جو،
نگر هي آه مولا جي، ولين جي ولايت جو،
ٿئي ٿو راڳ حاصل هت عقيدت ۽ ارادت جو،
هنر حرفت ثقافت جو شهر آهي سياست جو،
شريفن جو شهر آ بزرگن ۽ اوليائن جو؛
فقيرن جي فقر جو آه دروازو دعائن جو.
حقيقت جون عيان هي تلڪ آياتِ مبين آهن،
سنده ئي ياد حسرت ۾ لکين انسان حزين آهن،
خزانا شان شوڪت جا ٿيا زير زمين آهن،
قدامت جا سندءِ آثار باقي بس همين آهن،
تباهي ۽ تنزل ڪرشمو بس آهه قدرت جو،
فقط اهل-نظر لئه هي سبق بس آهه عبرت جو.
بيان ڪهڙو ڪيان اَي “راز” حالت بدنصيبي جو،
ستايل آ عداوت ۽ زماني جي رقيبي جو،
نڪو احساس ڪنهن کي آسند ۽ حالت غريبي جو،
وري ڪو وقت ڀي ايندو سندءِ رونق نشيبي جو.
سنده حالت مٿان اشڪ روان ابصار هي آهن؛
فقط عبرت نما صورت سندا اشعار هي آهن.