مذهب

ائين چيو محمد ﷺ

ڪتاب ”ائين چيو محمد“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. پيغمبر انسانيت حضرت محمدﷺ جي حديثن تي مشتمل ڪتاب جنهن ۾ انساني سعادتن کان وٺي اخلاقيات تائين ۽ عبادتن کان وٺي سماجيات تائين حڪمت ڀريا قول ۽ رهنمايون موجود آهن. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري ڇپبو رهيو آهي.
Title Cover of book ائين چيو محمد ﷺ

ايمان مڪمل ڪندڙ ڳالهيون

ايمان جو ميٺاج ان کي نصيب ٿيندو جنهن ۾ ٽي ڳالهيون هجن. هڪ، سڀني کان وڌيڪ الله ۽ ان جي رسول جي محبت هجيس. ٻيو، جنهن ماڻهوءَ سان به محبت هجيس صرف الله جي لاءِ هجيس. ٽيون، ايمان کان پوءِ ڪفر ڏي موٽڻ کان ايتري نفرت ۽ اذيت هجيس، جيتري باهه ۾ پوڻ سان ٿيندي آهي. (بخاري ۽ مسلم)

توهان مان ڪو شخص مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين مون سان پنهنجي ماءُ پيءُ، اولاد ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ محبت نه رکندو هجي. (بخاري ۽ مسلم)

توهان مان ڪو به شخص تيستائين مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين ان جون نفساني خواهشون منهنجي آندل هدايت جي پوئواريءَ ۾ نه اچن. (شرح السنه)

توهان مان تيستائين ڪو به مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين اهو پنهنجي ڀاءُ لاءِ به ساڳيو نه چاهي جيڪو پنهنجي لاءِ ٿو چاهي. (بخاري ۽ مسلم)

توهان جنت ۾ نٿا وڃي سگهو، جيستائين ايمان وارا نٿا ٿيو ۽ توهان پورا مومن نٿا ٿي سگهو، جيستائين توهان کي هڪ ٻئي سان محبت ناهي. ڇا مان توهان کي اهڙي ڳالهه نه ٻڌايان جو ان تي عمل ڪريو ته اوهان کي هڪ ٻئي سان محبت پيدا ٿي وڃي. اها ڳالهه هي آهي ته پاڻ ۾ سلام جو رواج ڦهلايو ۽ ان کي عام ڪيو. (مسلم)

مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان محفوظ هجن. مومن اهو آهي جو ماڻهن کي پنهنجي جان ۽ مال جي لاءِ ان کان ڪو به خوف خطرو نه هجي. (ترمذي- نسائي)

اهو ماڻهو هرگز مومن ناهي جنهن جا پاڙيسري سندس شرارتن کان خوف ۾ رهندا هجن. (بخاري)

جيڪو ماڻهو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو (۽ پنهنجي لاءِ الله جو راضپو ۽ آخرت ۾ ڇوٽڪارو گهري ٿو) ته مٿس لازم آهي ته پنهنجي پاڙيسري کي نه ستائي. (بخاري ۽ مسلم)

مسلمانن ۾ ڪامل ايمان ان جو آهي جنهن جا اخلاق وڌيڪ سٺا آهن. (ابو دائود، درامي)

ماڻهوءَ جي اسلام جي خوبي ۽ ڪمال ۾ هي داخل آهي ته هو فضول ۽ غيرمفيد ڪمن ۽ ڳالهين کان پاسيرو هجي.
(ابن ماجه، ترمذي، البيهقي في شعب الايمان)

جنهن ۾ امانت جي خصلت ناهي ان ۾ ايمان ڪونهي ۽ جنهن ۾ عهد جي پابندي ناهي ان ۾ دين ڪونهي.
(البيهقي في شعب الايمان)

دين (ماڻهن سان) خيرخواهيءَ جو نالو آهي. (مسلم)