مذهب

ائين چيو محمد ﷺ

ڪتاب ”ائين چيو محمد“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. پيغمبر انسانيت حضرت محمدﷺ جي حديثن تي مشتمل ڪتاب جنهن ۾ انساني سعادتن کان وٺي اخلاقيات تائين ۽ عبادتن کان وٺي سماجيات تائين حڪمت ڀريا قول ۽ رهنمايون موجود آهن. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري ڇپبو رهيو آهي.
Title Cover of book ائين چيو محمد ﷺ

مالداري ۽ فرمانبرداري

جيڪو شخص الله تعاليٰ کان ڊڄي (۽ سندس حڪمن جي پابندي ڪري) ان جي لاءِ مالداريءَ ۾ ڪو حرج ڪونهي. صحتمند متقي ماڻهوءَ لاءِ دولتمنديءَ کان به بهتر آهي ۽ خوشدلي به الله تعاليٰ جي نعمتن مان آهي. (مسند احمد)

جيڪو شخص الله تعاليٰ جي فرمانبرداريءَ ۾ ايندو آهي ته الله به ان جو ڪفيل بڻبو آهي ۽ ان کي اهڙي جاءِ تان رزق پهچائيندو آهي جتان ان جو گمان به نه هوندو آهي. (طبراني)

جيڪو ماڻهو حلال طريقي سان دولت انهيءَ مقصد لاءِ حاصل ڪرڻ گهري ٿو ته کيس ٻين جي آڏو هٿ ٽنگڻو نه پوي ۽ پنهنجي عيال لاءِ رزق ۽ آرام جو سامان مهيا ڪري سگهي ۽ پنهنجي پاڙيسري سان به احسان جو سلوڪ ڪري سگهي (جو عيال جي خرچن کان وڌيڪ دولت انهن جي رزق ۽ ضرورتن تي خرچ ڪري) ته قيامت جي ڏينهن الله جي حضور ۾ پيش ٿيڻ وقت سندس چهرو چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هوندو ۽ جيڪو شخص دنيا جي دولت ڀلي حلال ذريعي سان هن مقصد لاءِ حاصل ڪرڻ گهرندو هجي ته هو وڏو مالدار ٿي وڃي ۽ انهيءَ دولتمنديءَ جي ڪري هو معتبر ليکجڻ ۾ اچي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ معتبر بڻجڻ جا جتن ڪندو رهي ته قيامت جي ڏينهن الله جي حضور ۾ پيش ٿيڻ وقت الله مٿس سخت ڏمريل هوندو. (بيهقي)

ٽن ڳالهين جو مان قسم ٿو کڻان. هڪ هي ته ڪنهن ٻانهي جو مال صدقي جي ڪري گهٽ نه ٿيندو آهي. (جنهن خدا جي رستي ۾ هو صدقو ڪندو اهو خدا پنهنجي غيب جي خزاني مان کيس ڏيندو رهندو.) ٻي ڳالهه ته جيڪو ٻانهو ڪنهن ظلم تي صبر ڪندو ته الله ان جي عيوض سندس عزت ۽ وقار دنيا ۾ وڌائيندو. ٽين ڳالهه ته جنهن ٻانهي پنهنجي لاءِ ٻين ماڻهن کان سوال جو دروازو کولي ڇڏيو ته الله ان جي لاءِ سڃائيءَ جو دروازو کولي ڇڏيندو. (ترمذي)