پاڙيسرين جا حق
جنهن کي به هيءَ خوشي ۽ چاهت هجي ته کيس الله ۽ رسول سان محبت نصيب هجي يا هي ته ساڻس الله ۽ رسول کي محبت هجي ته کيس گهرجي ته ٽن ڳالهين کي پورو ڪري. هڪ: ڳالهائي ته سچ ڳالهائي، ٻيو: ڪا امانت کيس حوالي ٿئي ته امانتداريءَ سان ان کي ادا ڪري ۽ ٽيون: پنهنجي پاڙيسرين سان سهڻو رويو هلي. (بيهقي)
خدا جو قسم اهو شخص مؤمن ناهي، خدا جو قسم اهو شخص مؤمن ناهي، خدا جو قسم اهو شخص مؤمن ناهي جنهن جا پاڙيسري سندس شرارتن ۽ ڏنگاين کان امن ۾ نه هجن. (بخاري- مسلم)
ان ماڻهوءَ مون کي مڃيو ئي ڪونهي جيڪو اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجو پيٽ ڀري رات جو بي فڪريءَ سان سمهي پوي جو سندس ڀر ۾ رهڻ وارو پاڙيسري بکايل هجي ۽ ان ماڻهوءَ کي پاڙيسريءَ جي بکيو رهڻ جي ڪا خبر به نه هجي. (طبراني)
پاڙيسريءَ جا حق توهان تي هي آهن ته جيڪڏهن هو بيمار ٿي پوي ته سندس عيادت ڪيو ۽ خبر چار لهو. جيڪڏهن انتقال ڪري وڃي ته سندس جنازي سان گڏ وڃو (۽ تدفين جي ڪمن ۾ هٿ ونڊايو.) جيڪڏهن هو (پنهنجي ضرورت لاءِ) قرض گهري ته (طاقت آهر) کيس قرض ڏيو ۽ جيڪڏهن هو ڪو برو ڪم ڪري وجهي ته پرده پوشي ڪيوس. جيڪڏهن ڪا نعمت مليس ته مبارڪباد ڏيوس. جيڪڏهن ڪا مصيبت رسيس ته تعزيت ڪيوس. پنهنجي عمارت کي اهڙي طرح بلند نه ڪيو جو سندس گهر جي هوا بند ٿي وڃي. (جڏهن توهان جي گهر ۾ ڪو سٺو کاڌو رڌجي ته ڪوشش ڪيو جو) توهان جي رڌ پچاءَ جي بوءِ ان جي لاءِ (۽ سندس ٻارن لاءِ) اهنج نه بڻجي يا وري ان مان ڪجهه کاڌو ان جي گهر به موڪليو. (طبراني)
ڇا ٿي ويو آهي انهن (عالم ۽ سمجهه وارن) ماڻهن کي جو اهي پنهنجي پاڙيسرين کي دين سيکارڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي ڪوشش نٿا ڪن، نه چڱاين جو حڪم ٿا ڏين، نه براين کان روڪين ٿا ۽ ڇا ٿي ويو آهي انهن (بي علم ۽ پوئتي پيل) ماڻهن کي جو هو پنهنجي پاڙيسرين کان دين سمجهڻ ۽ تعليم پرائڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن، ۽ نه کانئن نصيحت ٿا وٺن. (جيڪڏهن هي ٻئي طبقا پنهنجو پنهنجو فرض ادا نه ڪندا ته) مان انهن کي دنيا ۾ ئي (سندن بي عمليءَ تي) سخت سزا ڏياريندس.
(مسند اسحاق بن راهويه)