مذهب

ائين چيو محمد ﷺ

ڪتاب ”ائين چيو محمد“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. پيغمبر انسانيت حضرت محمدﷺ جي حديثن تي مشتمل ڪتاب جنهن ۾ انساني سعادتن کان وٺي اخلاقيات تائين ۽ عبادتن کان وٺي سماجيات تائين حڪمت ڀريا قول ۽ رهنمايون موجود آهن. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري ڇپبو رهيو آهي.
Title Cover of book ائين چيو محمد ﷺ

حياءُ ۽ خودداري

هر دين جي ڪا نه ڪا نکريل وصف هوندي آهي ۽ دين اسلام جي نکريل وصف حياءُ آهي. (موطا امام مالڪ- ابن ماجه- بيهقي)

حياءُ ۽ ايمان، ٻئي هميشه گڏ ئي رهندا آهن، جڏهن ٻنهي مان ڪو به هڪ کڄي ويو ته ٻيو به هٿان نڪري ويندو آهي.
(بيهقي)

اڳئين نبوت جي ڳالهين مان ماڻهن کي جيڪو ڪجهه مليو آهي، ان مان هڪ قول هي به آهي ته جڏهن توهان ۾ شرم ۽ حياءُ نه هجي، ته پوءِ جيڪو وڻيو سو ڪيو.(صحيح بخاري)

توهان مان ڪنهن ضرورتمند ماڻهوءَ جو هي رويو جو هو رَسي کڻي جهنگ ۾ وڃي ڪاٺين جي ڀري کڻي اچي ۽ وڪرو ڪري، اهڙي طرح الله جي توفيق سان هو سوال جي ذلت کان پاڻ کي بچائي وٺي، انهيءَ کان گهڻو بهتر آهي جو هو ماڻهن جي سامهون سوال جو هٿ ٽنگي بيهي، پوءِ اهي ماڻهو کيس ڏين يا نه ڏين. (صحيح بخاري)

جو شخص به خوددار بڻجڻ چاهي ٿو ۽ ٻين جي سامهون هٿ ٽنگڻ کان پاڻ کي بچائڻ گهري ٿو ته الله تعاليٰ سندس مدد ڪري ٿو ۽ سوال جي ذلت کان کيس بچائي ڇڏي ٿو ۽ جيڪو شخص ماڻهن جي سامهون پنهنجي محتاجي ظاهر ڪرڻ کان بچڻ گهرجي ٿو يعني پاڻ کي ماڻهن جو محتاج نه ٿو بڻائڻ گهري، ته الله تعاليٰ ان کي ماڻهن کان بي نياز ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي طرح جو شخص به ڪنهن به ڏکئي موقعي تي پنهنجي طبيعت کي مضبوط ڪري صبر ڪرڻ گهري ٿو ته الله تعاليٰ کيس صبر جي توفيق ڏئي ڇڏي ٿو (۽ صبر جي حقيقت ان کي نصيب ٿي وڃي ٿي) ان صورت ۾ ڪنهن به ٻانهي کي صبر (استقامت) کان وڌيڪ ڪشادي نعمت ڪابه عطا ٿيل ناهي. (ابو دائود)