مذهب

ائين چيو محمد ﷺ

ڪتاب ”ائين چيو محمد“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. پيغمبر انسانيت حضرت محمدﷺ جي حديثن تي مشتمل ڪتاب جنهن ۾ انساني سعادتن کان وٺي اخلاقيات تائين ۽ عبادتن کان وٺي سماجيات تائين حڪمت ڀريا قول ۽ رهنمايون موجود آهن. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري ڇپبو رهيو آهي.
Title Cover of book ائين چيو محمد ﷺ

انصاف جو نظام

عدل ۽ انصاف ڪرڻ وارا ٻانها الله تعاليٰ وٽ (يعني آخرت ۾) نور جي منبرن تي الله جي نهايت قربت ۾ هوندا....هي اهي ماڻهو هوندا جيڪي پنهنجي فيصلن ۾، ۽ پنهنجي اهل عيال ۽ لاڳاپيل ماڻهن جي معاملن ۾، ۽ پنهنجي اختيارات جي استعمال جي باري ۾ عدل انصاف کان ڪم وٺندا آهن.
(صحيح مسلم)

عدل ۽ انصاف سان حڪومت ڪرڻ وارا حاڪم قيامت جي ڏينهن الله کي ٻين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ محبوب ۽ پيارا هوندا ۽ کين الله جو سڀني کان وڌيڪ قرب حاصل ٿيندو ۽ بي انصافي سان حڪومت ڪندڙ قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ وٽ سڀني کان وڌيڪ ڏمر ۽ سخت ترين عذاب ۾ سوگها هوندا.
(جامع ترمذي)

ٽن شخص کي سڀني کان وڌيڪ عذاب ٿيندو. هڪ اهو جنهن ڪنهن نبيءَ کي قتل ڪيو. ٻيو اهو جيڪو ڪنهن نبيءَ جي هٿان قتل ٿيو. ٽيون ظالم حاڪم. (طبراني)

الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته اي منهنجا ٻانهؤ! مان پنهنجي لاءِ ناانصافيءَ کي حرام ڪيو آهي، سو توهان تي به ناانصافي حرام آهي. ڏسو ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪجو. (ترمذي- ابن ماجه)

قاضي جيستائين عدل ۽ انصاف تي پابند هوندو آهي تيستائين الله تعاليٰ ساڻس گڏ هوندو آهي (يعني ان جي مدد ۽ توفيق ساڻس گڏ رهندي آهي.) پوءِ جڏهن هو (عدل ۽ انصاف جي پابندي ڇڏي) بي انصافيءَ جو رويو اختيار ڪندو آهي ته الله تعاليٰ ان کان الڳ ۽ بي تعلق ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ شيطان ان جو همدم ۽ رفيق ٿي ويندو آهي. (جامع ترمذي)

حاڪم جيڪڏهن ڪنهن معاملي جو فيصلو ڪرڻ گهري ۽ حق جي مطابق صحيح فيصلو ڪرڻ لاءِ، غور و فڪر ۽ ڪوشش ڪري صحيح فيصلو ڪري وٺي ٿو ته کيس ٻيڻو اجر ملندو. (هڪ صحيح فيصلي ڪرڻ جي نيت ۽ ڪوشش جو ٻيو صحيح فيصلو ڪرڻ جو.) ۽ جيڪڏهن هن حقيقت کي ڄاڻڻ، سمجهڻ ۽ صحيح فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي باوجود فيصلو غلط ڪري ويٺو ته به کيس هڪ اجر ملندو (يعني حق جي مطابق فيصلو ڪرڻ جي نيت جو.)
(صحيح بخاري- صحيح مسلم)

جيڪو شخص قاضي (فيصلي جو سرپنچ) بڻايو ويو تان ته ماڻهن جي جهڳڙن ۽ مقدمن جو فيصلو ڪري ته اهو بنا ڇريءَ جي ذبح ڪيو ويو. (يعني اهڙي ذميداريءَ ۾ پئجي ويو جو ان کي انصاف سان نباهڻ ۾ اذيت مان گذرڻو پوندو.)
(مسند احمد، جامع ترمذي، ابي دائود)

الله کي سڀ کان وڌيڪ عادل چڱو مڙس محبوب هوندو آهي. اهڙا ماڻهو الله جي ويجهو ويهڻ وارن مان هوندا. (ترمذي)

اهڙو ڏينهن به ايندو جو توهان ماڻهو حڪومت ۽ ان جي عهدن جو حرص ڪندؤ ۽ اهي عهدا (انصاف سان نه نباهڻ ڪري) قيامت ڏينهن اوهان جي ندامت ۽ پشيمانيءَ جو ڪارڻ هوندا. (صحيح بخاري)

ڪو به قاضي ۽ حاڪم ڪنهن معاملي جو فيصلو ان حالت ۾ هرگز نه ڪري جو هو غصي جي حالت به هجي.
(صحيح بخاري- صحيح مسلم)