مذهب

ائين چيو محمد ﷺ

ڪتاب ”ائين چيو محمد“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. پيغمبر انسانيت حضرت محمدﷺ جي حديثن تي مشتمل ڪتاب جنهن ۾ انساني سعادتن کان وٺي اخلاقيات تائين ۽ عبادتن کان وٺي سماجيات تائين حڪمت ڀريا قول ۽ رهنمايون موجود آهن. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري ڇپبو رهيو آهي.
Title Cover of book ائين چيو محمد ﷺ

قرآن مجيد سان نسبت

الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته جنهن شخص کي قرآن منهنجي ياد ۾ مشغول رکيو ۽ مون کان سوال ۽ دعا ڪرڻ ۾ مشغول رکيو ته مان کيس ان کان ڀلو عطا ڪندس جيڪو سائلن ۽ دعا گهرڻ وارن کي عطا ڪندو آهيان. (جامع ترمذي- بيهقي)

توهان جي وچ ۾ جيڪي مسئلا پيدا ٿين قرآن ۾ انهن جو حڪم ۽ فيصلو موجود آهي. (حق ۽ باطل ۽ صحيح يا غلط جي باري ۾) اهو آخري فيصلو آهي. اهو اجائي ڳالهه ناهي. جيڪو ڏاڍو ۽ سرڪش (پنهنجي غرور ۽ سرڪشيءَ جي ڪري) قرآن کان منهن موڙيندو، الله تعاليٰ کيس ڀڃي رکندو ۽ جيڪو هدايت کي قرآن کانسواءِ تلاش ڪندو ته ان جي حصي ۾ الله جي طرفان صرف گمراهي ايندي. قرآن ئي الله سان تعلق جي مضبوط رسي آهي ۽ پختو نصيحت نامو آهي. اهوئي صراط مستقيم ۽ چٽو حق آهي، جنهن جي پوئواريءَ سان خيال بگڙڻ کان محفوظ رهن ٿا. (ترمذي)

توهان مان سڀ کان بهتر اهو آهي جيڪو قرآن جو علم حاصل ڪري ۽ ٻين کي ان جي تعليم ڏئي. (بخاري)

صرف ٻه ماڻهو ريس ڪرڻ جهڙا آهن، هڪ اهو جنهن کي الله قرآن جي نعمت عطا ڪئي ۽ هو رات ڏينهن ان (کي سمجهڻ ۽ عام ڪرڻ) ۾ لڳو رهي ٿو ۽ ٻيو اهو خوش نصيب ماڻهو جنهن کي الله مال ۽ دولت ڏني ۽ هو رات ڏينهن الله جي رستي ۾ خرچ ڪندو رهي ٿو. (بخاري- مسلم)

الله تعاليٰ هن ڪتاب (قرآن مجيد) جي ڪري ڪيترين قومن کي مٿاهون ڪندو ۽ ڪيترين کي هيٺاهون سٽيندو.
(صحيح مسلم)

بني آدم جي دلين تي اهڙي طرح ڪٽ چڙهي ويندي آهي جهڙي طرح آلاڻ سان لوهه تي. موت کي وڌيڪ ياد ڪرڻ ۽ قرآن مجيد جو پڙهڻ انهيءَ زنگ کي دور ڪرڻ جو ذريعو آهي. (بيهقي)