مذهب

ائين چيو محمد ﷺ

ڪتاب ”ائين چيو محمد“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. پيغمبر انسانيت حضرت محمدﷺ جي حديثن تي مشتمل ڪتاب جنهن ۾ انساني سعادتن کان وٺي اخلاقيات تائين ۽ عبادتن کان وٺي سماجيات تائين حڪمت ڀريا قول ۽ رهنمايون موجود آهن. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري ڇپبو رهيو آهي.
Title Cover of book ائين چيو محمد ﷺ

نماز

اسان جي ۽ اسلام قبول ڪرڻ وارن عام ماڻهن جي وچ ۾ نماز جو عهد ۽ ميثاق آهي. (يعني هر اسلام آڻڻ واري کان اسان نماز جو عهد وٺندا آهيون جيڪا ايمان جي خاص نشاني ۽ اسلام جو شعار آهي) ان ڪري جنهن به نماز ڇڏي ته ڄڻ هن اسلام جي واٽ ڇڏي ڪافراڻو طريقو اختيار ڪيو.
(رواه احمد- ترمذي- نسائي- ابن ماجه)

جنهن ڄاڻي واڻي نماز ڇڏي ڏني ته اهو اسان جي ملت مان خارج ٿي ويو. (طبراني)

پنج نمازون الله تعاليٰ فرض ڪيون آهن جنهن ۾ انهن نمازن لاءِ چڱي طرح سعيو ڪيو، ٺيڪ وقت تي انهن کي پڙهيو ۽ رڪوع سجدا به جيئن ڪرڻ گهرجن تيئن خوشيءَ سان ادا ڪيا ته اهڙي شخص لاءِ الله تعاليٰ جو پڪو واعدو آهي ته هو کيس بخشي ڇڏيندو ۽ جنهن ائين نه ڪيو ته ان لاءِ الله تعاليٰ جو ڪو به واعدو ڪونهي، چاهيندو ته کيس بخشيندو ۽ چاهيندو ته کيس سزا ڏيندو. (مسند احمد-سنن ابي دائود)

ديني عملن ۾ الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ محبوب عمل وقت تي نماز پڙهڻ، پيءُ ماءُ جي خدمت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي رستي ۾ جهاد ڪرڻ آهي. (بخاري- مسلم)

ست ماڻهو آهن جن کي قيامت ڏينهن الله تعاليٰ پنهنجي رحمت جي ڇپر ۾ جاءِ ڏيندو، جنهن ڏينهن ان جي رحمت واري ڇپر کانسواءِ ٻي ڪا به ڇانوَ نه هوندي. هڪ: عدل ۽ انصاف سان حڪمراني ڪرڻ وارو حڪمران. ٻيو: اهو جوان ماڻهو جنهن جي جواني الله جي عبادت ۾ گذري. ٽيون: اهو مؤمن ماڻهو جنهن جي مسجد سان دل ڳنڍيل رهي. چوٿون: اهي ٻه ماڻهو جن الله تعاليٰ جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ڪئي ان تي ئي جڙيل رهيا ۽ ان تي ئي جدا ٿيا. پنجون: الله جو اهو ٻانهو جنهن اڪيلائيءَ ۾ الله کي ياد ڪيو ته سندس ڳوڙها وهي پيا، ڇهون: اهو مرد جنهن کي خوبصورت ۽ حسين عورت اڪيلائيءَ ۾ حرام جي دعوت ڏني ته اهو خدا جي خوف وچان پٺتي هٽي ويو. ستون: اهو ماڻهو جنهن الله جي رستي ۾ سڄي هٿ سان خرچ ڪيو ته سندس کاٻي هٿ کي به خبر نه پئي ته ڇا خرچ ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن کي ڏئي رهيو آهي. (بخاري- مسلم)

مسجدون الله جو گهر آهن. ان ۾ حاضر ٿيڻ وارا مؤمن الله تعاليٰ جا ملاقاتي ۽ مهمان آهن ۽ جنهن جي ملاقات لاءِ ڪوئي ايندو آهي ته مٿس حق آهي ته هو اڱڻ تي ايندڙ ملاقاتيءَ جو اڪرام ۽ ان جي خاطرداري ڪري. (ڪنزالعمال)