شخصيتون ۽ خاڪا

حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
Title Cover of book حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

مَنُ سراپا سوجھرو ....

مَنُ سراپا سوجھرو، ڪارو پهريلُ ويسُ
فقيراڻو ديسُ، دائم قائم دل ۾
ـــ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح عُمري لکڻ ۽ ان کي ڪِتابي شڪل ۾ شايع ڪرائڻ منهنجي هڪ اهڙي خواهش هُئي جنهن جي پوري ٿيڻ سان مونکي انتهائي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن شخصيت جي ڪري اسانکي راڳ ۽ شاعريءَ جي ڏاتِ ملي ۽ پڻ تصوف جو روحاني رنگُ، انهيءَ شخصيت جي زندگيءَ جو احوالُ، سندس فَنُ ۽ فقيري فيضُ قلمبند نه ٿئي ۽ محفوظ ٿي نه سگهي، اهو هڪ اڻپورو نقصان ۽ اهڙو قرضُ هُيو جنهن جو ڪو به ازالو نه پئي ٿي سگهيو. انهيءَ ڳالهه جو گهڻو اُونو ان ڪري به هو جو امڙ سانئڻ جي پنهنجي حياتيءَ ۾ سندس سوانح عُمري نه لکي وئي نه ئي سندس مڪمل شاعريءَ کي محفوظ ڪيو ويو. البت سندن حياتيءَ دوران جڏهن منهنجي عُمر صرف 15 سالَ هُئي مون امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيتَ تي هڪ مختصر تعارفي مضمون لکيو هو جيڪو آڪٽوبر 1978ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۾ شايع پڻ ٿيو هو. دراصل اها هڪ ابتدائي ڪوشش هُئي جنهن جو صرف ۽ صرف مقصد ريڊيو، ٽي وي ۽ ٻين فني ۽ ثقافتي ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ هو جيڪي سنڌ جي هن مقبول عوامي فنڪاره ۽ صوفي فقيرياڻي کي مسلسل نظر انداز ڪري رهيا هُئا. ڀلو ٿئي بابا سائين مرحوم درگاهي ميراڻيءَ جو جنهن ذاتي ڪوشش ۽ مسلسل لکپڙهه ڪري ان وقت جي گراموفون ڪمپني EMI ڪراچيءَ وارن کي مجبور ڪيو جو هُنن 1974ع ۾ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جا چار ڪلامَ رڪارڊ ڪيا جيڪي سنڌ اندر تمام گهڻا مقبول ٿيا. انهن ڪلامن ۾ بابا مرحوم جو هڪ قومي گيت به شامل هو، جنهن تي ان وقت جي عوامي حڪومت بندش وجھي ڇڏي، نتيجي طور EMI ڪمپنيءَ وارن ڀَوَ کان امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي انهن رڪارڊن جي وڌيڪَ Distribution روڪي ڇڏي، بابا سائينءَ جي لکيل انهيءَ قومي گيت جا ٻولَ هي هُئا.
مونکي پنهنجي سُهڻيءَ سنڌ تي نازُ آ
سنڌ جو سُورهيه لعل قلندر سيوهاڻي شهباز آ

ـــ انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن امڙ بيگم فقيرياڻي بابا مرحوم جي ئي اصرار ۽ زور ڀرڻ تي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي وئي ته اُتي سندس آواز ۾ چار ڪلامَ رڪارڊ ڪيا ويا جيڪي صرف هڪ دفعو آن ايئر ٿيا ۽ پوءِ انهن ڪلامن جي ٽيپ کي ريڊيو جي پُراڻي لائبريريءَ ۾ اُڇلايو ويو، بعد ۾ اُهي امڙ سانئڻ جي وفات کانپوءِ سن 1987ع ۾ منهنجي محترم دوست نصير مرزا ڳولي ڦولي مونکي DIB ڪري ڏنا جيڪي مون محفوظ ڪيا.
ـــ ريڊيو حيدرآباد جي انهيءَ اڻوڻندڙ رويّي مان مايوس ٿي امڙ بيگم فقيرياڻي ڪراچي ٽي وي تي وئي جتي هُنَ اڊيشن دوران ان وقت جي اسڪرپٽ پروڊيوسر مرحوم ممتاز مرزا جي اڳيان شاهه لطيف جو ڪلام ”پرديسي تنهن يار سان نيڻ منهنجا ڪيئن لڳا“ ڳائيندي مصرعي ۾ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ”علي ڄاڻي!“ جو آلاپ ڏنو ته مرحوم ممتاز مرزا کيس هلندڙ ڪلام ۾ روڪي چيو ته: ”مائي! اهو علي ڄاڻي ته شاهه لطيف جي انهيءَ ڪلام ۾ آهي ئي نه....!“ ممتاز مرزا جڳو اهو چوڻ امڙ سانئڻ انهيءَ وقت ئي بغير رڪارڊنگ جي اُتان اُٿي آئي ۽ وري ڪڏهن به ٽي وي اسٽيشن تي نه وئي. بهرحال! سچي ۽ فقير ڪلاڪار جي خوشبو ڪاٿي ٿي لڪي سگهي جنهن کي هُجي به فقيرن ۽ ولين جي دُعا! سن 1984ع ۾ حضرت شاهه لطيف جي سالياني عُرس جي موقعي جڏهن محترم محمد قاسم ماڪا پهتو ته هُنَ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس فن کي پرکي ورتو ۽ اُتي جو اُتي هڪ عام محفل ۾ سندس انٽرويو ۽ هڪڙو ڪلامُ رڪارڊ ڪيو جيڪو هينئر هند، سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهي.
(ياد رهي ته اُهو محمد قاسم ماڪا صاحب ئي هُيو جنهن خود ممتاز مرزا صاحب جي حياتيءَ دوران سن 1990ع ۾ پي ٽي وي جي پروگرام ”سُرَ جو سفر“ ۾ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي يادِ ۽ سندس فني مڃتا ۾ پورا ٻه پروگرامَ ٽيليڪاسٽ ڪيا.)
ـــ سن 1986ع ۾ ريڊيو خيرپور تان پروڊيسر محترم نصير سومرو پنهنجي پوري ٽيم سان امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي گهر روهڙي آيو ۽ سندس انٽرويو ۽ سندس آواز ۾ شاهه لطيف جو سُر راڻي مان هڪ ڪلام رڪارڊ ڪيو. وڏي ڳالهه ته انهيءَ ڪلامَ کي نصير سومرو صاحب صُبح جي نشريات ۾ هلايو جيڪو وقت سُر راڻي جي ڳائڻ جو نه هو پوءِ به جن شائقن اهو ڪالم ٻُڌو واهه واهه ڪرڻ کان رهي نه سگهيا.
ـــ ساڳي سال اداره لوڪ ورثه اسلام آباد مان محترم اسلام خان پنهنجي اداري جي فيلڊ رڪارڊنگ لاءِ روهڙي شهر پهتو ته هُنَ به امڙ بيگم فقيرياڻي جي آواز ۾ روهڙيءَ ۾ ئي ٻه عدد آئڊيو ڪئسٽس رڪارڊ ڪيون ۽ انهن کي جلد رليز ڪري، نومبر 1986ع ۾ امڙ سانئڻ کي سندس ٻن فرزندن بابا سائين درگاهي ميراڻي ۽ چاچا سائين گل حسن فقير سميت اسلام آباد گهرايو ۽ سندس آواز ۾ آئڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگس ڪيون، نه صرف ايترو پر 17 اپريل 1987ع تي ٿيندڙ اسلام آباد ۾ ملڪي سطح جي لوڪ ميلي ۾ امڙ بيگم فقيرياڻي کي شريڪ ٿيڻ لاءِ خصوصي دعوت پڻ موڪلي پر افسوس جو تاريخ 13 اپريل 1987ع تي امڙ سانئڻ وفات ڪري وئي ۽ اسلام آباد لوڪ ميلي ۾ شريڪ ٿي نه سگهي.
ـــ خير! هي ته اچي ويو انهن ادارن ۽ شخصيتن جو ذڪر جن امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جو قدر سُڃاتو ۽ ٻيا اُهي جن کيس نظر انداز ڪيو. بهرحال! هينئر مان وري موٽي اچان ٿو امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي هن سونح عُمري جي طرف!
ـــ جڏهن امڙ بيگم فقيرياڻيءَ وفات ڪئي تڏهن بابا مرحوم درگاهي ميراڻي سندس وفات تي سندس يادِ ۾ هڪ منطوم وصال نامون لکيو، ۽ مئي 1987ع ۾ پنهنجي عظيم امڙ جي شخصيت ۽ فن تي 16 صفحن تي مشتمل هڪ مضمون به لکيو جنهن جو عنوان رکيائين ”مائي بيگم فقيرياڻي ـــ سنڌ جي سداحيات ڪلاڪاره“ ـــ بابا مرحوم اڳتي هلي ضرور پنهنجي والده جي مڪمل سوانح عُمري لکي ها جيڪا هن سوانح عُمري کان وڌيڪَ سٺُي ۽ تفصيلي هُجي ها، پر وقت جي ستم ظريفي جو بابا سائين به امڙ سانئڻ جي وفات جو صدمو نه سهي هڪ سال جي اندر تاريخ 23 اپريل 1988ع ۾ صرف 46 سالن جي عُمر ۾ اوچتو وفات ڪري ويو.
ـــ مون جڏهن امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح عُمري تي ڪتاب سهيڙڻ جو سوچيو ته منهنجي اڳيان بابا سائين مرحوم جي لکيل ان مختصر پر مُستند ۽ اهم مضمونَ کانسواءِ سنڌُ جي ڪن ٻين ناميارن اديبن علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، ادل سومري ۽ غلام قادر ميراڻي جا مضمونَ هُئا ـــ پهريان ته مون سوچيو ته انهن مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب تيار ڪجي ۽ پوءِ انهن کي ڪمپوز به ڪرايم پر مون ڏٺو ته اهو مواد امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت، خانداني پسمنظر، سندس فني سفر، فقيري فيض ۽ پنهنجي خاندان لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ زندگيءَ ۾ڏٺل ڏک ڏولاون جو ڪو مڪمل احاطو نه پي ڪري سگهيو. نتيجي طور مون سندس سوانح عُمري کي نئين سِر طبع زاد لکڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن لاءِ منهنجو مددگار بابا سائين مرحوم جو لکيل اهو قلمي مضمون بڻيو جنهنکي بنياد بڻائي انهيءَ ۾ آيل احوال ۽ واقعين کي وڌيڪَ تفصيل سان، اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيم تان جو، انهيءَ مان رهجي ويل پاسا ۽ احوال ميّسر ٿيندو ويو جيڪو اطمينان جي حد تائين هُيو ـــ نه صرف ايترو مون انهيءَ سلسلي ۾ درگاهه ڀٽ شاهه ۽ درگاهه حضرت هنباهه سان گڏوگڏ درگاهه محمد شاهه مست روهڙي ۽ درگاهه نور محمد فقير لاڙڪ پير جو ڳوٺ جي به بار بار حاضري ڏني ۽ اتان جي اهم بزرگن (جن جو اثر امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت تي تمام گهڻو هو) جو احوال هٿ ڪيم ۽ مزارن جون تصويرون ڪڍيم ۽ مزان جا ڪتبا پڻ اُتاريم. انهيءَ سلسلي ۾ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي ولادت واري هنڌ رضا ڳوٺ (تعلقه پنو عاقل) به ويم، پنو عاقل ۾ مائي غلام فاطمه لعل جي پڙپوٽي لعل فقير ثاني سان به ڪچهري ڪيم ته سانگين وڃي مائي غلام فاطمه لعل جي ٻالڪي ۽ شآگرد وريام فقير گاهياڻي جي فرزند درياهه خان فقير گاهياڻي سان به روح رهاڻ ڪيم. اهڙي طرح اٽڪل ٻن سالن جي انهيءَ ڪوشش کانپوءِ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح عُمري تي مشتمل هي ڪتاب مڪمل ٿي سگهيو جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. ائين ناهي ته ڪو هي ڪتاب امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت فن ۽ فقيري سلسلي کي مڪمل طور پيش ڪري ٿو ۽ يقيناً اڃان به ڪي پاسا رهجي ويا هوندا البت ايترو ضرور آهي ته هي ڪِتاب انهيءَ سلسلي ۾ هڪ خاطر خواهه ڄاڻ ضرور مهيا ڪندو جنهن کي سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت سان والهانه عقيدت رکندڙ ضرور ساراهيندا. سچ پچ مان امڙ بيگم فقيرياڻيءَ تي هي اهم ڪتاب لکي سرخرو ٿيو آهيان ڇو ته جيڪڏهن اهو ڪم مان نه ڪيان ها ته شايد اڳتي ٻيو ڪوئي به نه ڪري سگهي ها!
ـــ ٿورائتو آهيان درگاهه حضرت هنباهه جي سجاده نشين داتا جان محمد سائين، داتا تاج محمد سائين ۽ درگاهه ڀٽ شاهه جي شمن سائين ۽ مائي غلام فاطمه لعل جي پڙپوٽي لعل فقير ثانيءَ ۽ پنهنجي مامي مرحومه حاجره زوجه محبوب عليءَ جو جن امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح ۽ ٻين بزرگن جي احوال ۾ منهنجي مدد ڪئي.
ـــ ٿورائتو آهيان محترم بيدل مسرور بدويءَ جو جنهن هن ڪتاب جو خوبصورت مُهاڳُ لکيو ـــ ٿورائتو آهيان محترم سرور سيف جو جنهن ڀٽائي پيرن/بزرگن جون تصويرون شاهه جي اوتاري پنو عاقل مان فقير مير خان لطيف کان حاصل ڪري مون ڏانهن اُماڻيون .
ـــ ٿورائتو آهيان محترم دوست آصف نظاماڻيءَ جو جنهن هن ڪِتابَ کي وڏي محنت ۽ محبت سان ڪمپوز ڪيو ۽ ٿورائتو آهيان پنهنجي محترم دوست قربان منگيءَ ۽ امر اقبال جو جنهن ”امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح عمري“ کي خوبصورت ڪِتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو.
نياز مند

اختر درگاهي
 روهڙي
اپريل 2015ع