شخصيتون ۽ خاڪا

حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
Title Cover of book حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

وڏن جو احوالُ

روهڙي، رضا ڳوٺ ۽ سکر جو درياههُ
سانگي، چڪ، هنباهه، مونلئه مهڪ مليرَ جي

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا وڏا اصل ”ٻيڙائت ميربحر“ هُئا جن جي رهڻي ڪهڻي بتيلن تي هُئي. اهڙي طرح ٻيڙيون سندن گهر هُئا ته درياهه سندن ديسُ. سندن گذران سنڌ جي تاريخي ۽ جاڙن شهرن روهڙي ۽ سکر ۾ هو. سندن بتيلا ڪڏهن روهڙيءَ جي ڀر ته ڪڏهن سکر جي ڀر ڪڏهن، ڪهڙي ڪپر ته ڪڏهن ڪهڙي ڪپر. انهن جي ته زندگيءَ سان گڏ سندن گهر (بتيلا) به تحرڪ ۾ رهيا. جيڏانهن درياهه جو رُخ تيڏانهن سندن منزل. ڪڏهن لهوارو ته ڪڏهن اوڀارو به وڃن. هو مسڪين ماڻهو ۽ پورهيت هئا. هنن کي ته زندگيءَ جي تيز تلخين، بدلجندڙ حالتن ۽ ڏُکن، ڏولاون سان گڏوگڏ فطرت جي لاهن چاڙهن، تيز وهڪرن ۽ درياهه اندر ڪاٺ جي ڪمزور گهرن ۾ رهندي تيز هوائن، ڀيانڪ طوفانن ۽ بارشن سان به مُنهن ڏيڻو پوندو هو..
اڄ کان 70 سال اڳ تائين مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وڏڙن ٻيڙين تي رهندي اهڙي ئي زندگي بسر ڪئي. البت جتي سندن بتيلا لنگر انداز ٿيندا ها ته اُتي درياهه جي ڪنڌيءَ تي پنهنجا ڪکاوان گهر ٺاهيندا هُئا جيڪي عارضي هوندا هئا ۽ اهڙن ڪکاون گهرن جي ميڙ کي ”ميربحرن جي مياڻي“ چيو ويندو هو جڏهن ته اڪثر سندن ڏينهن ٻيڙين تي ئي گذرندا هُئا. ننڊ، جاڳ، اوجاڳا، عبادت، رياضت، پورهيو، وندر، رڌپچاءُ، کائڻ پيئڻ، شاديون مُراديون، خوشيون غميون ٻيڙين تي ئي هُين.
ــ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي خاندان جي مسڪين ماروئڙن جا ڪکاوان گهر روهڙي شهر ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تاريخي ماڳ ”ستين جي آستان“ لڳ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ هئا ۽ سندن ٻيڙيون انهيءَ جاءِ تي اچي لنگر انداز ٿينديون هيون ۽ سدائين ڪنهن سفر لاءِ تيار رهنديون هيون. سندن اصل ماڳ ته روهڙي ۽ سکر هو پر جڏهن آبڪلاڻي جي مُند ۾ سنڌوءَ ۾ چاڙهه ايندو هو ته پوءِ روهڙيءَ مان بتيلا هاڪاري ڪڏهن پنوعاقل لڳ ”رضا ڳوٺ“ ۾ ته ڪڏهن چَڪَ لڳ اچي ٻيڙيون جھليندا هئا جو اُها مُند سندن پيٽ گذر جو ذريعو بڻجي هُئي. ڪچي ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه سبب هڪ طرف ٻيڙين ذريعي ڳوٺ وارن ۽ ڀرپاسي وارن کي پتڻ ٽپائيندا ها ته ٻئي طرف سندن بتيلا مختلف مالُ، ڍور، ڍڳا، ڪڻڪ، هنداڻا وغيره جي آمد رفت جو ذريعو به بڻبا هئا.
روهڙي شهر ۾ ”ستين جي آستان“ لڳ مياڻيءَ ۾ انهن ميربحرن جا ڪيترائي گهر هوندا هئا، جيڪي مير بحرن جي مختلف پاڙن سان سُڃاتا ويندا هئا ــ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي خاندان جو جد امجد ”چنڊ مير بحر“ ٿي گذريو هو جنهن سبب سندن پاڙو ”چنڊاڻي ميربحر“ سڏبو هو. ايس صادق علي پنهنجي مشهور ۽ اهم انگريزي ڪِتاب “Musliman Land Holders in Province of Sindh” مطبوعه 1901ع جي صفحي 60-63 تي سنڌ جي ميربحرن ۽ ملاحن جا پورا 254 پاڙا لکيا آهن ۽ انهن ۾ 41 نمبر تي ”چنڊاڻي پاڙو“ ڏنو اٿائين (1) ان مان لڳي ٿو ته انهيءَ دور يعني 1901ع تائين، چنڊ ميربحر جون ڪافي پيڙهيون ٿي چُڪيون هونديون جو سندس نالي مير بحرن جو پورو پاڙو سڏجڻ ۾ آيو، چنڊ ميربحر ڪهڙي دور جو هو ۽ اصل ڪٿان جو هو ان لاءِ ڪا به پڪي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي البت اتر سنڌ ۾ خاص ڪري سکر ۽ روهڙي ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ چنڊاڻي ميربحرن جي گهڻائيءَ مان خبر پوي ٿي ته چنڊ مير بحر اتان جو ئي هو ۽ چنڊاڻي شاخ اتر سنڌ جي ميربحرن منجھان اُسري. بعد ۾ ڪجهه چنڊاڻي مير بحر اُتر سنڌ خاص ڪري روهڙي سکر کان لاڙ ۽ بدين ڏانهن به وڃي رهيا جو سنڌ جي وڏي محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته: ”مُهاڻا سنڌ جا قديم باشندا آهن جن کي اسلام جي آمد بعد ملاح ۽ ميربحر (بحريا سمنڊ جا مير) جي عزتمند نالن سان سڏيو ويو. بدين لاڳو مهاڻن ۽ ملاحن جون چار اوڙڪون مشهور آهن، گُلاڻي، منڇر (جيڪي منڇر مان آيا) چنڊاڻي (جيڪي اُتران آيا) ۽ محمد حسن جيڪي نبي سر تي آهن ۽ نارائي سڏجن“ (2)
مير بحرن جي چنڊاڻي پاڙي جي قديم هُجڻ جو هڪ ٻيو اشارو اهو به ملي ٿو ته 19 صديءَ ۾ روهڙي شهر اندر رهندڙ سُليمان فقير مير بحر جو تعلق به مير بحرن جي چنڊاڻي شاخَ سان هو. سليمان فقير ميربحر، روهڙيءَ جي رهبر عظيم صوفي مفڪر ۽ شاعر فقير قادر بخش بيدل (1873 – 1814ع) جو طالب ۽ خاص خدمتگار هو سندس دور 19 صدي عيسوي ۽ تيرهين صدي هجريءَ جو آهي ان لحاظ کان سُليمان فقير جي پيڙهي کان ڪافي عرصو اڳ ”چنڊ ميربحر“ ٿي گذريو هوندو.
هِتي هڪ ٻي به شاهدي ملي ٿي جنهن مان خبر پوي ٿي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا وڏا اصل کان روهڙي ۽ سکر جي پاسي جا هُئا. اهو ثبوت آهي اهو قديم لوڪ گيت جيڪو اصل کان بيگم فقيرياڻي جي خاندان ۾ چيو ويندو آهي. انهيءَ لوڪ گيت جي ٻولن مان لڳي ٿو ته اها تخليق به انهن ميربحرن جي آهي جيڪي گهڻين ئي پيڙهين کان پنهنجي شادن مُرادين ۽ ٻين موقعين تي اهو لوڪ گيت چوندا هئا. اهو لوڪ گيت مائي بيگم فقيرياڻي پاڻ به چوندي هُئي. اهو لوڪ گيت هن طرح آهي:

اسين مُسافر ماڻهو روهڙيءَ جي ڀر جا الا!
لکئي لاتم نينهُن
اسين مُسافر ماڻهو سکر جي ڀر جا الا!
لکئي لاتم نينهُن
لکئي لاتم نيهن، ڀَلُ وُٺڙنِ مينهن
اسين مُسافر ماڻهو روهڙيءَ جي ڀر جا الا!
لکئي لاتم نينهُن

انهيءَ لوڪ گيت مان خبر پوي ٿي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا وڏا ٻيڙائت ميربحر گهڻي زماني کان سکر ۽ روهڙي جي پاسي جا رهواسي هئا، هو اڪثر ٻيڙين تي سدائين مُسافريءَ ۾ رهندا هئا، البت سندن مسقتل ماڳ ۽ هنڌ روهڙي ۽ سکر جي پاسي وارو سنڌونديءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جو ڪنارو يا پتڻ هو.
بعد ۾ انهن چنڊاڻي ميربحرن مان ٻيون به ننڍيون ننڍيون شاخون ۽ پاڙا نڪتا آهن جهڙوڪ پارواڻي (پارو ميربحر جي اولاد) عيساڻي (عيسي مير بحر جي اولاد) ۽ سڄڻاڻي (سڄڻ ميربحر جي اولاد) اهڙي طرح هينئر مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو خاندان ”سڄڻاڻي ميربحر“ سڏجي ٿو جو اهي چنڊ ميربحر جي اولاد مان اڳتي هلي ”سڄڻ ميربحر“ جي اولاد ۾ اچن ٿا، جنهن جي هن وقت خيرن سان اٺين پيڙهي قائم دائم آهي.
سڄڻ ميربحر کان اڳ انهيءَ خاندان جو ڪو به شجرو يا احوال نه ٿو ملي، ڇاڪاڻ ته هُو اٻوجهه ۽ اڻپڙهيل هئا ۽ ٻيڙائت هُجڻ ڪري شهري زندگيءَ کان به پري هُئا لازمي طور هو پنهنجي خاندان جي شجري ۽ احوال کي محفوظ ڪري نه سگهيا. البت اهي روايتون ضرور ملن ٿيون ته سنڌ جي درياهي تهذيب جي وارث انهي ميربحر قبيلي ۾ صدين کان پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان گهرو پيار هو، هو سنڌي ثقافت جي اهم نشانين فن ۽ هنر منديءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هُئا، سندن عورتون سنڌي ثقافت جي اهم رنگن رِلهيءَ ٺاهڻ ۽ ڀرت ڀرڻ جون ماهر هُيون ــ سنڌي لوڪ راڳ خاص ڪري لوڪ گيت سندن قديم ورثي ۾ شامل هو . ”شامَ جو جڏهن پتڻ جي پورهيءَ کان فارغ ٿيندا ها يا وٽن ڪنهن پير مُرشد جي آمد ٿيندي هُئي يا وري وٽن ڪا شادي مرادي يا ڪو خوشيءَ جو موقعو ٿيندو هو ته عورتون ۽ مرد گڏجي جهمريون پائيندا هئا ته لوڪ گيت ۽ سهرابه چوندا هئا، اهڙن لوڪ گيتن ۾ ”لوٽو“ ۽ ”ڪانءَ ڪوڪو“ سندن خاص لوڪ گيت هئا ــ هو سنڌي ثقافتي راند ملهه جا به شوقين هئا ۽ اڪثر موقعن تي ملهه به وڙهندا هئا“ (3)
”سڄڻ ميربحر“ اٽڪل اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ روهڙيءَ ۾ پنهنجن مٽن مائٽن سان گڏ بتيلن تي رهندو هو. روايت آهي ته کيس اولاد نه ٿيندي هُئي تنهنڪري سدائين پاڻ ۽ سندس گهر واري انهيءَ فڪر ۽ اڻتڻ ۾ رهندا ها ته جيڪر کين اولاد نصيب ٿئي. هڪ ڏينهن هڪ فقير سندن مياڻيءَ ۾ اچي سندس بتيلي اڳيان صدا ڪئي ته ”آهي ڪو جيڪو کيس بُصري پچائي کارائي ته هو الله جي بارگاهه مان کيس پنج پُٽ وٺي ڏي“ فقير جي صدا سڄڻ ميربحر جي گهرواريءَ ٻُڌي ته پهريائين پنهنجي مڙس کان ڊني ته ڪيئن فقير کي بتيلي تي سڏي بُصري پچائي کارائي! آخر سڄڻ ميربحر کي وڃي ٻُڌايائين ته فقير هيءَ صدا هنئين آهي. سڄڻ ميربحرُ جيڪو پاڻ اولاد جو سڪايل هو ۽ شايد فقيري خيال وارو پڻ، گهرواريءَ کي چيائين ته ڀلي فقير کي بُصري پچائي کاراءِ. فقير بُصري کائي سڄڻ ميربحر جي بتيلي تي هٿ ڌوئي کين دعا ڪندي چيو ته ”اوهان کي پنج پُٽ ٿيندا“. قدرت الله جي سڄڻ ميربحر کي چار پُٽ ڄايا جن مان پهرين ۽ ٻي پُٽ کي پيار مان سندن ماءُ لونگُ ۽ ڦوٽو جي سادن نالن سان سڏيو ته جيئن کين نظر نه لڳي. ٽئين پُٽ جو نالو ”بَچلُ“ ۽ چوٿين جو ڪرمداد رکيائون. هينئر هو پنجين پُٽ جي انتظار ۾ هُئا ته کين وري نياڻي ڄائي جنهنجو نالو ئي رکيائون ”پنجين“ يعني چئن ڀائرن کان پوءِ پنجين نمبر تي ڄايل پر اهو شايد اُنهيءَ فقير جي دُعا جو اثر هو جو سندن انهيءَ نياڻيءَ کي به مَردن وانگر ڏاڙهي هوندي هُئي (4) سڄڻ ميربحر جي چئن پُٽن کي اولاد هن طرح ٿي، وڏي پُٽ لونگ کي چار پٽ ڄايا طيب، تاج محمد، ڦُل ۽ جندل، ٻي پُٽ ڦوٽي کي هڪ پُٽ ٿيو جعفر، ٽئين پُٽ بچل کي وري پنج نياڻيون ٿيون ۽ سندس چوٿين پُٽ ڪرمداد کي پُٽ ٿيا موسو ۽ واڌُل.
سڄڻ ميربحر جي پُٽن جي به اها ساڳي ڪرت رهي ٻيڙيائتن واري. وڏن جا بتيلا سنڀالي پنهنجو سفر گذر ڪندا رهيا. اڪثر ميربحرن جي مياڻي لڳ ستين جي آستان روهڙي ۾ رهندا هُئا، البت آبڪلاڻيءَ ۾ جڏهن سنڌوءَ ۾ چاڙهه ايندو هو ته پنهنجون ٻيڙيون هاڪاري ڪچي جو رُخ ڪندا هُئا. هينئر روهڙي ۽ سکر سان گڏ انهن جو هڪ ٻيو گهر رضا ڳوٺ (تعلقو پنو عاقل) ۾ به ٿي ويو جو پورو اونهارو اُتي گذري ويندو هونِ ۽ باقي سياري ۾ اچي روهڙيءَ ۾ رهندا هئا.
اسانکي هڪ قديم فارسي دستاويز ۾ مائي بيگم فقيراڻيءَ جي وڏڙن مان مٿي ذڪر ڪيل ”بچل“، ”جعفر“ ۽ ”واڌل“ جا نالا مليا آهن، جيڪو دستاويز سندن ئي دور 1868ع جولکيل آهي. اهو دستاويز ان دور ۾ انڪم ٽيڪس پياريندڙن متعلق آهي مذڪوره دستاويز ۾ سال 1868ع (فيبروري کان سيپٽمبر) ۾ روهڙي شهر جي انڪم ٽيڪس پياريندڙن جا نالا ۽ ٽيڪس جا انگ اکر ڪُل ميزان سميت لکيل آهن. دستاويز دفعن ۾ ورهايل آهي. پهريان ڇهه دفعا جاگيردارن، زميندارن ۽ باغائن تي مشتمل آهن، جڏهن ته باقي چار دفعا هنر مندن ۽ ٻين ڌنڌن سان وابسته افراد جا آهن (5) انهيءَ دستاويز جي عام دفعن ۾ باغائي ڀُٽن، وينجھرن، سوداگرن، کنڀاٽين، ڪورين، ساٽين ۽ پاٽولين سان گڏ روهڙي شهر ۾ رهندڙ يارهن ميربحرن جا نالا به ملن ٿا جيڪي هن طرح ڄاڻايل آهن:

دفعه مير بحر يعني ملاحان لوهري
جعفر، واڌل، بچل، ڇته، انڱڻ، راضو، محمد علي
ورل، ڏنو، قلندر بخش، الهڏنو (6)

مٿي ذڪر ڪيل مير بحرن مان جعفر، واڌل ۽ بَچل جا نالا ساڳي ئي دور ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جي خانداني شجري ۾ ملن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي پورهئي مان ٽيڪس پياريندڙ اُهي ساڳيا هُجن. انهن مان بچل ميربحر، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نانيءَ جو پيءُ هو. جڏهن ته جعفر ۽ واڌل انهيءَ بچل ميربحر جا ڀائيٽيا هئا.
بچل ميربحر، سڄڻ ميربحر جو ٽيون نمبر پُٽ هو، سندس دور (1880ع -1820ع) جو معلوم ٿئي ٿو. پاڻ هڪ درويش خيال ماڻهو هو ۽ عظيم صوفي شاعر ۽ عالِمُ فقير قادر بخش بيدل (1873ع ــ 1814ع) جو همعصر ۽ همعمر پڻ، پر جيئن ته سندس حياتي ٻيڙين تي ۽ درياهه تي گُزري سو به سدائين سفر ۾ شايد انهيءَ ڪري بچل ميربحر جي بيدل سائينءَ سان ملڻ يا صحبت ڪرڻ جي ڪا به روايت نه ٿي ملي. البت هڪ خانداني روايت موجب بچل ميربحر ۽ سکر جي ان دور جي هڪ ٻي بزرگ شخصيت بچل شاهه (1906ع ـــ 1807ع) جي پاڻ ۾ ملاقات جو حوالو ملي ٿو، ڇو ته بچل شاهه به ان دور ۾ سکر پاسي ميربحرن جي مياڻي لڳ رهندو هو، جِتي شايد بچل ميربحر جو پنهنجن ميربحرن مٽن مائٽن ۾ اچڻ ٿيو هو. چون ٿا ته بچل ميربحر جڏهن بزرگ بچل شاهه سان وڏي عقيدت ۽ احترامَ سان مليو ته بچل شاهه به سندس فقيري شخصيت کي سُڃاڻي ورتو جو چيائينس: ”يار تون به ته اُٺ ڊڀن ۾ لڪل آهين.“ هي اُهو بچل شاهه هو جنهن جي نالي سکر ۾ اڄ به بچل شاهه جي مياڻي مشهور آهي. (7)
بچل ميربحر کي پُٽ جي اولاد نه ٿي، کيس پنج نياڻيون ڄايون. انهن مان هڪ نياڻي ”بيگي“ هُئي. جيڪا اڳي هلي مائي بيگم اول جي نالي سان ڄاتي وئي، مائي بيگم فقيرياڻي انهيءَ جي ڏوهٽي هُئي، جنهن تي سندس نانيءَ ”مائي بيگم“ جو نالو رکيو ويو هيو.
مائي بيگي عرف مائي بيگم اول جي شادي بچل ميربحر پنهنجي ڀائٽي جعفر ولد ڦوٽي ميربحر سان ڪرائي جنهن مان کيس (مائي بيگم اول کي) صرف هڪ نياڻي نالي مائي موليڏني عرف مائي مولڻ ڄائي.
مائي موليڏني عرف مائي مولڻ، هارون پُٽ موسيٰ ميربحر جي گهر واري ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي والده هُئي. اٽڪل 1870ع ۾ رضا ڳوٺ (پنو عاقل تعلقي) ۾ ڄائي ۽ وڏي ڄمار ماڻي 1970ع ۾ روهڙيءَ ۾ وفات ڪري وئي. مائي مولڻ جي نسبت اُها به روايت ملي ٿي ته پاڻ پنهواري ۾ انوقت جي برک عالم ۽ بزرگ مولانا عبدالقادر پنهواريءَ واري وٽ قرآن شريف پڙهي هُئي. هي ته اچي ويو مائي موليڏني جو ٿورو ذڪر پر جنهن شخصيت جي بهاني ۽ وسيلي سان هن خاندان کي فقيري ۽ صوفياڻي راڳ ويراڳ ۽ صوفياڻي شاعريءَ جي روشني ملي اُها هُئي مٿي ذڪر ڪيل مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ناني مائي بيگي عرف مائي بيگم اول، جنهن جي سڪ ۽ پريت هڪ طرف سنڌ جي هڪ غمناڪ شاعره مائي غلام فاطمه لال کي مجازي ۽ حقيقي رنگ عطا ڪيو ته ٻئي طرف سندس خاندان کي تصوف، شاعري ۽ راڳَ جو ورثو پڻ عطا ٿيو.

مائي غلام فاطمه لعل(1925 ـــ 1860ع)* جيڪا اڳتي هلي سنڌ جي نماڻي شاعره، صوفي درويشياڻي ۽ ويراڳي بڻجي وئي، پنو عاقل لڳ ڳوٺ ”ڪٽن“ ۾ رهندي هُئي. سندس مڙس جو نالو ”حامد“ ۽ پيءُ جو نالو ”لعل موچي“ هو. مائي غلام فاطمه، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نانيءَ مائي بيگم اول جي همعصر ۽ عمعُمر هُئي، چون ٿا ته مائي غلام فاطمه کي اهو ويراڳ جو ۽ شاعريءَ جو رنگ مائي بيگم اول جي سڪ ۽ پريت ۾ مليو، مائي غلام فاطمه پير ڳوٺ جي فقير نور محمد لاڙڪ جي درگاهه جي طالب ٿي ۽ فقيري رمز ماڻي ــ مائي غلام فاطمه جو والد لعل فقير، فقير نور محمد لاڙڪ جو معتقد هو اهو نور محمد لاڙڪ وري کهڙن جي بُزرگ چنيهه فقير اُڄڻ جو طالب هو ۽ ميان چنهه فقير درازن جي وڏي بزرگ ۽ سچل سائين جي ڏاڏي صاحبڏني فاروقي جو مُريد هو. مائي غلام فاطمه موچاڻي پنهنجي ڪلامن ۽ ڪافين ۾ پيءُ ”لعل“ جو نالو استعمال ڪندي هُئي جنهن ڪري کيس مائي غلام فاطمه لعل جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو.
مائي غلام فاطمه لعل جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نانيءَ مائي بيگم اول سان نِينهن جو ناتو جُڙي ويو. ان وقت اڃان مائي بيگم اول توڙي مائي غلام فاطمه جو شروعاتي دور هو ــ ٿيو ائين جو مائي بيگم اول کي خواب ۾ ڪيترائي دفعا مائي غلام فاطمه ڏٺو ۽ کيس باطني اشارو ٿيو ته ”انهيءَ صورت کي ڳولي لَههُ“ مائي غلام فاطمه ڪشالا ڪندي روهڙيءَ ۾ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ اچي مائي بيگم اول کي ڳولي لڌو (8) هڪ ٻي روايت موجب جڏهن مائي غلام فاطمه موچاڻي خواب ۾ مائي بيگم اول کي ڏٺو ته صُبح ٿيڻ سان يڪتارو کڻي سير ڪيون، پُڇائيندي پُڇائيندي روهڙيءَ ۾ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ اچي ان صورت کي ڏٺو ته رڙ ڪري چيائين ته ”اِها آهي اُها جنهنکي نٿ پئي آ.“ (9) پوءِ مائي بيگم اول جي اڳيان سندن ٻيڙيءَ تي ويهي اهو ڪلام چيائين ته:
ڪير ڪشالا ڪري، تُنهنجي محبت وڌو آ مامري
- پُنهل بنان پرديس ۾، مُنهنجي ساعت ڪانه ٿي سري
- پُنهل پاڻ نه وڃڻو الا، جتن زوري ڪري
- لعل چوي ٿو عشق وارن کان، رهبر ناهي پري
مائي غلام فاطمه لعل، مائي بيگم اول کي پنهنجو ”محبوب“ سڏيندي هُئي ۽ اڪثر وٽس ميربحرن جي مياڻي روهڙي ته ڪڏهن رضا ڳوٺ ۾ اچي رهندي هُئي يڪتاري تي راتين جو راتيون راڳ ويراڳ به ڪندي هُئي. مائي بيگم اول ۽ مائي غلام فاطمه لعل جي ايتري ته پاڻ ۾ سڪ ۽ پريت ٿي وئي جو ڏينهن جا ڏينهن، مائي غلام فاطمه، مائي بيگم اول وٽ رهي پوندي هئي ۽ مائي بيگم اول کي به پاڻ وٽ ڳوٺ ڪٽن ۾ وڃي رهائيندي هُئي. آخر اڳتي هلي مائي بيگم اول جا وارث ۽ ٻيا مٽ مائٽ ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ ناراض ٿيا ۽ ٻنهي کي هڪٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ کان روڪڻ لڳا ۽ مائي غلام فاطمه کي به ڪُجهه کَٽو مٺو ڳالهايائون. تنهن تي مائي غلام فاطمه لعل انهن وٽ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ ويندي ويندي کين اهو چيو ته ”ابا الله ڪندو ته اوهان ۾ به مون جهڙي ويراڳي فقيرياڻي پيدا ٿيندي، جيڪا مون وانگر عشق جي چادر پائي پنهنجي الستي آواز سان جھرجھنگ ۾ نانءُ ڪمائيندي“ (10) ياد رهي ته مائي غلام فاطمه لعل کي به فقيري رنگ مائي بيگم وٽان مليو جنهن جي مجاز مان ئي مائي غلام فاطمه لعل حقيقي منزل حاصل ڪئي. مائي غلام فاطمه لعل، رُسي ڇا وئي، مائي بيگم اول جي وارثن وٽان ڄڻ بخت ڀاڳُ رُسي ويو. سندن هٿ تنگ ٿي ويو ۽ هو ڏاڍو ڏُکيو گذارڻ لڳا. ڪجهه عرصي کانپوءِ کين ان ڳالهه جو شديد احساس ٿيو ته انهن هڪ درويش فقيرياڻيءَ جي دل رنجائي آهي، آخر هنن مائي بيگم اول کي اجازت ڏني ته ڀلي مائي غلام فاطمه وٽ ڪٽن وڃي رهي ۽ کيس پرچائي. مائي بيگم اول جي اچڻ سان مائي غلام فاطمه ڏاڍي خوش ٿي ۽ سندن اچڻ وڃڻ ٻيهر شروع ٿيو. ڪجهه سالن کانپوءِ مائي بيگم اول مائي غلام فاطمه لعل جي ئي حياتيءَ ۾ وفات ڪري وئي ته سندس وڇوڙي جي خبر پهچڻ سان مائي غلام فاطمه کي تمام گهڻو صدمو رسيو، جنهن جو اظهار مائي غلام فاطمه لعل پنهنجن هنن ڪافين ۾ ڪيو ته:

جي مان ڄاڻان جت ڪاجاڙ ڪندو
مان سيجن تي ڇو سمهان ها!
-
درد لڳو آ دلبر جو، جيڪي آهي منهنجي جيءَ ۾
سرتيون ڪو نه سَماءُ پيو ڏيرن جي ته ڏمر جو
جبل مون سان جاڙ ڪئي، ڏُک اٿم ڏونگر جو

مائي غلام فاطمه لعل، مائي بيگم اول جي وفات کانپوءِ پاڻ کي تلقين ڏئي ڇڏي جو پنهنجا سهڻا ۽ ڊگها وار ڪينچيءَ سان ڪتري ڇڏيائين (11). جيئن ته مائي بيگم اول کي صرف هڪ نياڻي مائي موليڏني ڄائي ان مان لڳي ٿو ته مائي بيگم اول ڪا وڏي ڄمار نه ماڻي ۽ وچولي عُمر ۾ وفات ڪري وئي.
مائي بيگم اول پنهنجي اڪيلي نياڻي مائي موليڏني عرف مائي مولڻ جي شادي اُنَ جي سوٽ هارون ميربحر سان ڪرائي ڇڏي هُئي. هارون ميربحر انهن ڏينهن ۾ پنهنجي گهر واريءَ مائي موليڏني سان رضا ڳوٺ ۾ رهندو هو. هو پنهنجي اباڻي ڪرت موجب ٻيڙيائت هو تعلقه پنو عاقل جي رضا ڳوٺ ۽ ان جي ڀر پاسي وارن ڳوٺن عزيز پور ۽ پنهواري جي ڪچي ۾ پتڻ ڪندو هو ۽ مشهور پاتڻي هو. اڄ به انهيءَ علائقي ۾ ”هارون فقير ميربحر“ جو پتڻ مشهور آهي تَرَ جي ماڻهن ۽ ڪجهه پيرسن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”هارون ميربحر“ پنو عاقل لڳ ڳوٺ عبدالله شاهه بخاري جي جَنون ڍنڍَ تي پتڻ ڪندو هو. هارون ميربحر جي سَسُ مائي بيگم اول سان درويشياڻي ۽ شاعره مائي غلام فاطمه لعل جي سڪ ۽ پريت جو داستان ته مٿي ذڪر ٿيو پر هن هارون ميربحر کي به اهڙو اچي فقيري رنگ لڳو جو درگاهه حضرت هنباهه جي بُزرگ داتا بگن شاهه جيلاني ** اول جو طالب ٿيو ۽ ”هارون ميربحر“ مان ”هارون فقير“ بڻجي ويو. هارون ميربحر جي داتا بگن شاهه اول جي طالب ٿيڻ وارو قصو ڪجهه هن طرح مليو آهي. انهن ڏينهن ۾ داتا بگن شاهه وڏي جا مُريد رضا ڳوٺ جي ڀرسان رهندا هئا جن وٽ اڪثر داتا بگن شاهه اول ايندو رهندو هو. مُرشد جي آمد جي موقعي تي انهن کي گهڻي خوشي ٿيندي هُئي، اهي موقعي تي هو جھمريون هڻندا هئا ۽ راڳ ويراڳ به ڪندا هئا. اهڙي ئي هڪ موقعي تي جڏهن داتا بگن شاهه وٽن آيو ته سندن اچڻ سان جيڪو مُريدن استقبال ڪيو ته اهڙي فنڪشن ۾ ڳوٺ جا جا ٻارڙا به شامل ٿي ويا جن ۾ ”هارون ميربحر“ جي گهر/مائٽن جي هڪ نينگر به هُئي. هارون ميربحر کي جو خبر پئي ته سندن اها ڇوڪري، فقيرن جي انهيءَ محفل ۾ وئي آ ته سخت ڪاوڙ ۾ بتيلو ڇڏي اُتي آيو ۽ پنهنجي انهيءَ نينگريءَ کي هٿ کان پڪڙي اڃان ڇڪيو ئي مس ته پوئيتان سندس نظر داتا بگن شاهه اول تي پئي. داتا بگن شاهه جو کيس ڏٺو ته چون ٿا ته داتا جي نظر هارون ميربحر تي ايترو اثر ڪيو جو هو اُتي ئي ويهي رهيو. پورا ٽي ڏينهن گذري ويا. پوءِ داتا بگن شاهه اول چيس ته ”مُنهنجو مريد ٿيندين؟“ هارون ميربحر به چيس ”هائو سائين“. داتا بگن شاهه چيس ته تون ”هنباهه“ اچ، پر مونکي مُرشد نه پنهنجو دوست سمجھجانءِ. پوءِ داتا بگن شاهه اول رضا ڳوٺ ۾ هڪ جاءِ تي ڪِلو هڻي ڏنس ته هي اوتارو ٿي فيض درياهه جو (13) *** هارون ميربحر پوءِ باقاعده درگاهه حضرت هنباهه وڃي داتا بگن شاهه جو طالب ٿيو.
هارون ميربحر جيڪو هينئر هارون فقير بڻجي چُڪو هو درگاهه حضرت هنباهه جا ڀيرا ڪندو داتا بگن شاهه اول جي صُحبت ۾ رهندو آيو ته ساڳي وقت پنهنجي بتيلي ذريعي پيٽ گذر به ڪندو رهيو. صوفياڻي درگاهه سان وابستگيءَ هارون فقير کي راڳ جي چڻنگ به ڏني پوءِ هو ٻيڙي هونگارڻ سان گڏ راڳ جا آلاپ به ڪندو رهيو نه صرف ايترو بلڪه داتا بگن شاهه جي ٻين فقيرن جي ٽولي سان گڏجي ميڙن ۽ ٻين چونڪين ۾ باقاعده ڪافي ڪلامَ به ڳائيندو هو. مائي بيگم فقيرياڻي پاڻَ به پنهنجي انٽرويو ۾ اهو ٻڌايو آهي ته سندس بابو هارون فقير جيڪو درگاهه حضرت هنباهه جي بزرگ داتا بگن شاهه وڏي جو مُريد هو اهو سڀ ديسي راڳ جهڙوڪ ڪوهياري، سهڻي، سورٺ، راڻو وغيره يڪتاري تي ڳائي ويندو هو (14) هارون فقير جا وڏڙا ته اڳ به ڪڏهن ڪڏهن روهڙي کان ”چڪ“ درگاهه هنباهه جي سامهون ڪچي ۾ اچي ٻيڙيون جھليندا هئا، پر هينئر هن خاندان کي رنگ ئي ڪجهه ٻيو لڳي ويو. هينئر هو صرف ٻيڙائت ئي نه رهيا، پر حضرت هنباهه جي صوفياڻي ۽ رندي درگاهه ۽ مائي غلام فاطمه لعل جي اثر هيٺ هن خاندان کي هڪ طرف فقيري ملي ته ٻي طرف صوفياڻو راڳ ۽ فن ـــ پر اها اڃان شروعات هُئي. اصل ۾ اهي سڀ تياريون هڪ اهڙي شخصيت لاءِ ٿي رهيون هيون، جنهن پنهنجي فقيري شخصيت، سڀاءَ، صوفياڻي راڳ ۽ شاعريءَ ذريعي سنڌ کان ٻاهر پڻ نانءُ روشن ڪيو ۽ پنهنجي غريب ۽ ٻيڙائت خاندان کي درياهه جي ڇولين مان ڪڍي سڄي سنڌ جي واهڻ واهڻ، وستي وستي ويندي ٿر، بر، پنجاب ۽ بلوچستان جي جبلن، ريگستانن، وڻڪارن تائين روشناس ڪرايو.
اها شخصيت هُئي انهن ٻيڙائتن جي هڪ نماڻي، سليمي ۽ مانائتي خاتون مائي بيگم فقيرياڻي، جنهن کي اڄ سنڌُ واسي وڏي عزت ۽ احترامَ سان ”لطيف جي فقيرياڻي“، ”ڀٽائيءَ جي فقيرياڻي“ ۽ ”سنڌ جي ميران ٻائي“ جي خوبصورت لقبن سان ياد ڪن ٿا.


________
* مائي غلام فاطمه لعل جو پڙپوٽو لعل فقير ثاني ولد محمد سُليمان هن وقت پنوعاقل شهر ۾ رهي ٿو عُمر اٽڪل 70 سال اٿس. راقم الحروف تاريخ 30 جولاءِ 2000ع تي ساڻس پنوعاقل ۾ ملاقات ڪئي. پهرين لعل فقير ٻُڌايو ته مائي غلام فاطمه سندس والد محمد سُليمان جي سڳي ڏاڏي هُئي اسانجو پڙڏاڏو ۽ مائي صاحبه جو گهر وارو، حامد فقير هو هن کي پُٽ هو گل محمد ان جو پُٽ محمد سليمان ٿيو جو سندس والد هو. لعل فقير ثاني ٻُڌايو ته مائي غلام فاطمه جو والد لعل فقير پاڻ به فقير ۽ شاعر هو، جڏهن ته اسان جا وڏا مائي غلام فاطمه کي ڏاڏو چوندا ها جوسندس شخصيت وڏي ”مرداڻي“ ۽”فقير“ هُئي. مائي غلام فاطمه اڇي پوشاڪ پائيندي هُئي ۽ ان جي مٿان اجرڪ اوڙهيندي هُئي البت سندس مرشد جو ويس سائو ڏنل هوس، مرشد هوس پيرڳوٺ جو فقير نور محمد لاڙڪ. مائي غلام فاطمه جي تربت سانگين ڀرسان شاهه عثمان پير جي مقام ۽ ۾ هُئي جيڪو سڄو مقام درياهه پائي ويو.

** داتا بگن شاهه جنهن کي داتا بگن وڏو به چوندا آهن، سنڌ جي هڪ اهم صوفي درگاهه حضرت هنباهه لڳ چڪ (تعلقو لکي) جو گادي نشين هو. پاڻ درگاهه حضرت هنباهه جي وڏي بُزرگ ۽ رِند شاعر داتا فيض درياهه (1335هه ــ 1280هه) جي وڏي ڀاءُ داتا تاج محمد شاهه اول جو اڪيلو فرزند هو. داتا فيض درياهه جي وصال بعد درگاهه هنباهه جو پهريون گادي نشين ٿيو. هي اهو دور هو جڏهن داتا فيض درياهه جي رندي شخصيت ۽ هم اوست جو نعرو جهر جھنگ ۾ پکڙجي چڪو هو ۽ خود داتا بگن شاهه اول جا به ڪيترائي طالب ٿي چُڪا هئا. داتا بگن شاهه اول سن 1930ع ۾ وصال ڪيو. سنڌ جي وڏي عالم ۽ شاعر فقير هدايت علي نجفي تارڪ (1939ع ـــ 1894ع) داتا بگن شاهه اول جي وفات جي ماده تاريخ هن طرح لکي آهي.
ماده تاريخ وفات سيد بگن شاهه جيلاني
ويٺل هانباهه ضلع سکر
اهل الله خيرا واعظم، وله غريق ابدال (12)
1930ع 1348هه
داتا بگن شاهه اول کي ٻه فرزند ٿيا. داتا ولايت شاهه (1982ع ــ 1911ع) ۽ سيد ڪامل شاهه مست (وفات 1970ع کان اڳ) داتا ولايت شاهه کي هڪ فرزند ٿيو داتا بگن شاهه ثاني (2004ع ـــ 1937ع) داتا بگن شاهه ثانيءَ کي ٻه فرزند ٿيا داتا جان محمد شاهه ثالث (ولادت 1962ع) ۾ ڪامل شاهه (ولادت:1974ع) هن وقت داتا بگن شاهه ثانيءَ جو وڏو فرزند داتا جان محمد ثالث درگاهه هنباهه جو گادي نشين آهي.

*** راقم الحروف کي خوشقسمتيءَ سان پنهنجي وڏڙن جي انهن ماڳن ۽ مڪانن کي ڏسڻ جو موقعو نصيب ٿيو. تاريخ 15 ڊسمبر 2000ع تي سکر مان رضا ڳوٺ ۾ ئي رهندڙ پنهنجي مائٽ اربيلي پُٽ شاهڏنو پارواڻي ميربحر سان جيپ تي پنو عاقل ۽ نوراجا کان ڪچي جي ڳوٺ عزيز پور کان ٿيندا رضا ڳوٺ پهتاسون. اسان کي پنهنجي وڏڙن هارون ميربحر ۽ سندس ڀاءُ گُل ميربحر جي گهر ٻاهران پڌر تي نم جي وڻ هيٺان کٽون رکي ان جي مٿان چادرون ۽ وهاڻا رکي ويهاريو ويو. چيائون ته اتي ئي هارون فقير داتا بگن شاهه جو مئخانو/اوتارو ٺهرايو هو. اهو جمعي جو ڏينهنُ هو ۽ رضا ڳوٺ جي مسجد مان لائوڊ اسپيڪر تي قرآن پاڪ جي تلاو ت جو آواز اچي رهيو هو. وڏن جي پوکيل نم ۽ مُرشدن جي مئخاني جي ڇانو ۾ ڏاڍو سڪون پئي آيو. ڪانون جي”ڪان ڪان“، ڳيرن، جھرڪين ۽ ٻين پکين جو مٺڙو آواز پُر سڪون ماحول ۾ هڪ روحاني ڪشش پيدا ڪري رهيو هو،.
راقم الحروف رضا ڳوٺ وارو اهو درياهي پتڻ به ڏٺو جتان اسانجي وڏن جو ٻيڙيءَ رستي روهڙيءَ کان اچڻ وڃڻ رهندو هو. تنهن وقت اتي هڪ ننڍي ڪٽار بيٺي هُئي، درياهه ۾ پاڻي نالي ماتر هو. خالي درياهه هڪ ڪئنال/واهه جو ڏيکُ ڏئي رهيو هو. رضا ڳوٺ جي گهرن چوڌاري مهر وڏيرن ۽ ميربحرن جون زمينون هُيون جن ۾ ان وقت ڪڻڪ، بصر، سارين جي پوک ٿيل هُئي. اسان جنهن جڳهه تي/ داتا بگن شاهه جي مئخاني تي هارون ميربحر جي گهر ويٺل هاسي، ان جي اوڀر ۾ ڦُلو ڳوٺ، اُتر ۾ بکو مهر، ڏکڻ ۾ سرڪاري ٻيلو ڳوٺ عزيز پور هو. هارون فقير جي گهر/مئخاني جن چوڌاري لوا، ٻَٻُرَ جا وڻ هئا. رضا ڳوٺ پنو عاقل کان اٽڪل 18 ڪلوميٽر پري آهي. ڳوٺ ۾ صدرئاڻو، پرائمري اسڪول ته آهي پر اسپتال ڪا به نه هُئي. اتي مهر، ميربحر، موچي، منگي، مڱڻهار قومون رهندڙ آهن. چڱا مُڙسَ مهر هُئا. اسانکي ايندي ويندي جنون ڍنڍ جا نشان ۽ هارون فقير ميربحر جي پتڻ جا نشان به ڏيکاريا ويا، جن جي اسان فوٽوگرافي به ڪئي.