شخصيتون ۽ خاڪا

حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
Title Cover of book حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

ولادت ۽ ننڍپڻ

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ولادت کان اڳ سندس وڏڙن جي احوال ۾ ”سڄڻ ميربحر“ کان ان جي پُٽ ”بچل ميربحر“ وري ان جي نياڻي مائي بيگي عرف مائي بيگم اول جو ذڪر ٿي چُڪو آهي ساڳي وقت وٽن مائي غلام فاطمه لعل جو اچڻ وڃڻ ۽ مائي صاحبا جي پيشنگوئي به بيان ڪري چُڪا آهيون. اڳتي هلي انهيءَ مائي بيگم اول جي ڏياٽي هارون فقير جو درگاهه حضرت هنباهه جو طالب ٿيڻ ۽ داتا بگن شاهه اول جي فيض سان هارون فقير جو راڳ ويراڳ سان اُنس ۽ سندس فقيري شخصيت جو ذڪر به ٿي چڪو آهي. هي اُهو هارون فقير آهي جنهن جي گهر/بتيلي تي اسانجي مانائتي مائي بيگم فقيرياڻي جي ولادت ٿي. انهيءَ جو تفصيل هن هيٺ ڏجي ٿو.
مائي بيگم اول جي ڌيءَ مائي موليڏني عرف مائي مولڻ کي سندس ماءُ مائي بيگم اول جي وفات جو وڏو ڏُک ۽ صدمو رسيل هو. کيس هِڪُ پُٽ ”محمد هاشم“ ڄايل هو، پر کيس پنهنجي ماءُ جي وفات کانپوءِ اها سڪ هُئي ته جيڪر کيس الله ڌيءَ عنايت ڪري ته ان تي پنهنجي مرحوما ماءُ ”بيگم“ جو نالو رکي ۽ آسيس پوري ڪري. مائي موليڏني ڌيءَ جي سڪايل هُئي ان لاءِ مائي غلام فاطمه لعل ڏانهن به پنڌ ڪندي هئي ۽ کيس چوندي هئي ته ”دعا ڪريو ته الله سائين مونکي امڙ بيگم ڏي“ هڪ دفعي مائي موليڏني ۽ سندس گهر وارو هارون فقير درگاهه حضرت هنباهه داتا فيض درياهه جي ميلي تي ويا، اتي جڏهن گادي نشين داتا بگن شاهه اول سان مليا ته داتا بگن کين دُعا ڪندي چيو ته ”الله اوهان کي پُٽ ڏيندو“. مائي موليڏني داتا بگن شاهه کي چيو ته ”داتا مونکي پُٽ آهي“ دعا ڪريو ته آءٌ ڌيءَ ڄڻيان ته ان تي پنهنجي پياري ماءُ بيگم جو نالو رکان ۽ جي ڌيءَ ڄائي ته مان اوهان سان گڏ پير يوسف عليءَ تي پيالا ورهائيندس.“ داتا بگن شاهه چيس ”تون پُٽ ڄڻيندينءَ آءٌ پير يوسف علي تي پَـڙُ چاڙهيندس.“ مائي موليڏنيءَ کي الله جي قدرت سان سال کان پوءِ ڌيءَ ڄائي. مائي موليڏني تمام گهڻي خوشيءَ مان پنهنجي ان سڪيلڌي ڌيءَ تي پنهنجي پياري مرحوما ماءُ ”مائي بيگم“ جو نالو رکيو ۽ پوءِ ”هنباهه“ وڃي پنهنجا باسيل پيالا به وڃي ”پير يوسف علي“ تي ورهايا. ساڳي وقت داتا بگن شاهه اول کي به جڏهن مائي موليڏني جي ڌيءَ جي ولادت جي خبر پئي ته هُنَ به فقراء سميت پنهنجو باسيل پَڙُ وڃي پير يوسف علي تي چاڙهيو ۽ چيائين ته ”پير يوسف علي، مائي موليڏنيءَ جا پيالا به کٽيا ته منهنجو باسيل پَڙُ به کٽيو ڇاڪاڻ ته هيءَ نينگري ڌيءَ به آهي ته پُٽُ به“ ــ داتا بگن شاهه ائين به چيو ته ”هيءَ نينگري هڪ مرد فقير آهي“ (15)
اهڙي طرح هارون فقير ۽ مائي موليڏني جي اها ڌيءَ مائي بيگم ثاني عرف مائي بيگم فقيرياڻي سن 1915ع مطابق 1333هه ڌاري رضا ڳوٺ تعلقو پنوعاقل ۾ ڄائي ــ مائي بيگم فقيرياڻي جي ولادت جو سن اندازي تي لکيو ويو آهي جو انهن ڏينهن ۾ روهڙي ۽ ان جي ويجھن علائقن ۾ پليگ جي بيماري پئي هُئي، جنهن کي عام طور تي ”هفتو“ چيو ويندو آهي يعني هڪڙي هفتي ۾ شهر ۽ ڳوٺن جا ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. مائي بيگم فقيرياڻي پاڻ به هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هوءَ انهيءَ پليگ واري هفتي دوران رضا ڳوٺ ۾ ڄائي هُئي. بيگم فقيرياڻيءَ جا وڏا اڪثر چيٽ جي مُند ۾ روهڙيءَ کان ٻيڙيون ڪاهي رضا ڳوٺ پتڻ ڪندا هئا ۽ ڪجهه عرصو اتي رهي وري روهڙيءَ ستين جي آستان لڳ ميربحرن جي مياڻيءَ وٽ اچي پتڻ ڪندا هئا. مائي بيگم فقيرياڻي رضا ڳوٺ ۾ ڪهڙي هنڌ ڄائي ظاهر آهي سندس والد هارون فقير ميربحر ٻيڙيائت هو ۽ اتان جي ڀرپاسي واري ڳوٺن جو پاتڻي پڻ، ضرور مائي بيگم ثاني پنهنجي پيءُ جي بتيلي تي يا سندن مياڻيءَ ۾ ڪنهن ڪکاهين گهر ۾ ڄائي هوندي ــ هڪ روايت اها به آهي ته جڏهن درياهه ۾ گهڻو چاڙهه ايندو هو ته ملاح پنهنجون ٻيڙيون رضا ڳوٺ ڀرسان عزيز پور جي سامهون ته ڪڏهن ڏکڻ طرف عبدالله شاهه جي ڳوٺ ۾ ڍنڍ سان بيهاريندا ها. مائي بيگم جو والد هارون فقير به انهيءَ ڍنڍ تي اچي پتڻ ڪندو هو جنهن جي ڪنڌيءَ تي مٿي هڪ ٿلهو هو، هڪ روايت موجب مائي بيگم فقيرياڻي ان ٿلهي تي اباڻن جي ڪکن ۾ ڄائي هُئي (16).
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو ننڍپڻ انهن بتيلن ۽ ٻيڙين تي گذريو. سندس والد هارون فقير، درگاهه حضرت هنباهه جو طالب ۽ راڳي به هُيو. اڪثر پنهنجي ٻيڙيءَ تي يڪتاري تي پنهنجي مرشد داتا فيض درياه ۽ ٻين بزرگن جا ڪلامَ ڳائيندو هو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي به راڳ جي ڄڻ سُتي پيل هُئي، پنهنجي پيءُ جا فقيري ڪلامَ ٻُڌي ٻُڌي پاڻ به ٻيڙي جي آڳل ۽ پاڇل تي وڏڙن کان ٻُڌل سهرا، لاڏا، مولود ۽ ڪافيون ڪلام جھُنگاريندي هُئي. سندس وڏا گهڻو مسڪين ماڻهو هُئا، رضا ڳوٺ جي زميندارن کان اُنَ وغيره يا ڏُڌ لسي وٺڻ لاءِ ننڍڙي بيگم کي موڪليندا هُئا ته چوندا هُيس ته امڙ ڳائيندي وڃجانءِ ۽ ڳائيندي اچجانءِ ته جيئن ايندي ويندي سندس آواز اچي ۽ سندس گم ٿيڻ يا ڀُلجي وڃڻ جو ڪو گمان نه ٿئي. ”ننڍڙي بيگم“ پنهنجي بتيلي مان لهي ڳوٺ ۾ سهرا ۽ لاڏا چوندي ويندي هُئي ۽ سيدو سامان وٺي وري ڪونه ڪو لاڏو يا ڪلام ڳائيندي ايندي هُئي، سندس آواز پري کان ئي سندس پيءُ جي ٻيڙي ۽ گهرن تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو جيڪو ٻُڌي هو مطمئن ٿيندا هئا ته اجھو ننڍڙي اچي ٿي. (17)

________
 پير يوسف علي هنباهه ۾ ئي هڪ وڏو بزرگ ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذّريو آهي. هيءُ بزرگ داتا فيض درياهه کان به اڳ جو هو. سڄي هنباهه جا ماڻهو ۽ خود درگاهه هنباهه جا بزرگ پير يوسف عليءَ سان وڏي عقيدتمندي رکندا هئا نه صرف ايترو بلڪه ان جي مزار تي باسون به ڏيندا هئا. پير يوسف علي جي مزار درگاهه هنباهه جي بلڪل سامهون چڪ ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي ۽ اڄ به اُتي ”پير يوسف علي جو مقام“ مشهور آهي. پير يوسف علي ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏيکاريون، سندس مزار چوڌاري ڪنڊين جا وڻ بيٺل هوندا هئا جيڪي ڪوئي به پٽي يا ڀڃي نه سگهندو هو هڪ دفعي داتا فيض درياهه جو اُستاد سائين ڏنل شاهه پير يوسف علي جي مزار جي زيارت ڪرڻ آيو ڇا ڏسي جو پير يوسف پاڻ (توڙي جو مماتي ۾ هو) پَٽَ جي رومال سان اتي ڪنڊين جي وڻن کي ڇنڊي رهيو هو ــ داتا فيض درياهه بعد ۾ پير يوسف علي جي مزار واري مقام جو ڪجهه حصو پنهنجن فقيرن جي مقام لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هو.

(راوي: عبدالمالڪ بجاراڻي ۽ سيد مهدي شاهه بُخاري)