شخصيتون ۽ خاڪا

حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
Title Cover of book حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

مُهاڳ:

[b] بتيلي جي آڳلِ تي ٻرندڙ لالٽين
مائي بيگم فقيرياڻي
[/b]

ماڻهو پنهنجي انساني عمر ۾ توڙي سماجي درجي ۾ ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي پر ننڍپڻ جون يادون ساڻس سدائين چهٽيل رهنديون آهن، اهو ته ڪو بدنصيب هوندو جيڪو پنهنجي ماضيءَ کي وساري ويٺو هوندو، ڇا ته گهٽيون گهميون سي، ڇا ته راڳ ٻڌاسي، ڇا ته درويشن سان ملياسي، الا الا ــ شڪارپور ته شڪارپور پر اسان سکر جو بندر ۽ روهڙيءَ جون گهٽيون توڙي درگاهون، راڳي، اديب ۽ شاعر به ڏٺاسي، پر نه ٻڌوسي ته روهڙيءَ جي مشهور راڳي فقيرياڻيءَ مائي بيگم جو راڳ.
ائين روبرو ويهي، ته اسان الهه رکيءَ ۽ جيوڻيءَ کي به نه ٻڌو پر سندن ڳالهيون گهڻيون ٻڌيون سي. ائين بيگم فقيرياڻيءَ جي ڳائڻ جون به گهڻيون ڳالهيون استاد بچل خان ٻرڙو جيڪب آباد وارو ٻڌائيندو هو، استاد محمد بچل ٻرڙو نه رڳو جيڪب آباد، شڪارپور پر لاڙڪاڻي، سکر ۽ روهڙيءَ جي سپڙتاين ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ڳلي کان ڪجهه ويٺل هو، پر باجي جو آڙيڪاپ استاد هو. ٻين وڄتن وانگر کل ڀوڳ جو به ماسٽر هو سو بيگم فقيرياڻيءَ متعلق به اهل ڪري ٻڌائيندو هو ته:
”بيگم فقيرياڻيءَ جي جوڙ جا سازندا مائيءَجي ڳائڻ کان اڳ ۾ راڳ ۽ چال کي قائم ڪندا هئا، پوءِ جڏهن مائي ڳائڻ جو سانباهو ڪندي هئي. ته حُقي مان هٿ ڪڍي پهرين سازندن کي هٿ جي اشاري سان آواز کي هلڪي ڪرڻ جو اشارو ڪندي هُئي. ۽ پوءِ ڪن تي هٿ رکي، ”آ“.... يا ”ها“... ڪندي گوڏو کوڙي اُٿي بيهندي هئي، قد جي چڱي هوندي هئي ان ڪري جڏهن اٿندي هئي ته اسان اندازو ڪندا هياسي، ته ٽَين سپتڪ جي ٽيپ تي ”آ“ يا ”ها“ ڪندي.... پر اٿندي ئي ڏاڍي آرام سان کرج جي هيٺين سر تي ئي ”ها“ ڪري ڏوهيـڙو شروع ڪندي هئي... پر ڳائيندي ڏاڍي سڪون سان هئي، اڄ جي ڳائڻ وانگر لڇندي پڇندي نه هئي، سندس آواز ڳورو سُريلو ۽ ڪنن کي وڻندڙ هو، ڪڏهن بيهي ڳائيندي هئي، ته ڪڏهن ويهي حقو ڇڪيندي محفل مچائيندي هُئي.“
ان کان علاوه به بيگم فقيرياڻيءَ جي لفظن جي ادائگي لاءِ هٿ کڻي يا ٻانهن ڊگهي ڪري ڳائڻ جي انداز، يا سدائين ڪاري ويس ۾ رهڻ ۽ ڪنٺا ڪولابا پائڻ جون ڳالهيون خوب ٻڌيون سي. خط، تار يا ٽيليفون جي هاڻوڪيون سهوليتون نه هونديون هيون ان ڪري اسان ٽي ويءَ جو ته ڪو پروگرام رٿي نه سگهياسي، پر ٽي ويءَ جي نوڪريءَ دوران ئي، شايد 1985ع ۾ شاهد ڀٽي صلاح ڏني ته ڪجهه ناليوارن سنڌي فنڪارن جا انٽرويو ڪجن، ان سلسلي ۾ جڏهن روهڙي بيگم فقيرياڻيءَ جو انٽرويو ڪرڻ آياسي ته اسان جي مربي، سنڌي ٻوليءَ جي نهايت سيبتي شاعر ۽ تعليم کاتي سان وابستا سائين درگاهي ميراڻيءَ ۽ سندس فرزند اختردرگاهيءَ اسان کي وڏو مانُ ڏئي، بيگم فقيرياڻيءَ جو انٽرويو رڪارڊ ڪرايو ۽ فوٽن ڇڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.
بدن ۾ سنهڙي ته اڳي ئي هئي پر عمر ۾ شايد بيماريءَ سبب ڪافي ڪمزور ٿي وئي هئي، پر انهن نماڻين اکين ۾ فقيري جوت ۽ فني ڏيا اڃان به جاڳيل هيس، رنگ جي البت سانوري هئي، پر جيئن شاديءَ ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار جي سونهن جي مٽ ڪو به نه هوندو آهي، تيئن فنڪار به سدائين سهڻو لڳندو آهي، ۽ جڏهن ڳائيندو آهي ته دليون لٽيندو آهي، ساڳي ڳالهه اسان هن فقيراڻيءَ ۾ به ڏٺي سي، ايتري قدر جو پنهنجي ٻڍاپي جي باوجود نزاڪت محبت ۽ شفقت واري گڏيل نوع سان ڳالهائڻ اڃان قائم هيس. قد ۾ ماشاءَ الله مردن وانگر قداور هئي. پنهنجي زماني جي ته ظاهر آهي، نهايت ٻهڳڻي ڳائڻي هئي، پر عمر جي ان حصي ۾ به جڏهن جھُنگاريائين ته مون کي پنهنجون وڏور ڀڻيون ياد اچي ويون، جيڪي بابا مسرور جا ڪلام ائين بنا تند تار جي جھونگارينديون هيون. بلڪل ائين ئي فقيرياڻيءَ جي گلي مان ڄڻ منهنجي ٻنهي ڀينرن گڏجي پئي ڳاتو.
تازو جڏهن اختر درگاهيءَ فون تي ٻڌايو ته هن بيگم فقيراڻيءَ متعلق ڪِتاب ترتيب ڏنو آهي ته سچ پچ ته خوشيءَ جي حد ئي ڪانه رهي، مان ته رڳو واهه واهه ڪرڻ ۾ پورو هوس ان ڪري اختر درگاهي جيڪي ڳالهايو ٿي، ٻڌڻ ۾ ته آيو پئي پر مان رڳو ان تصور ۾ گم هوس ته اهو هڪڙو شخص نالي اختر درگاهي:
سنڌيءَ جو ناليوارو شاعر ۽ مضمون نِگار ۽ محقق.... آهي ته هو به سنڌ جي مشهور شاعر ۽ تعليمدان مرحوم ”عبدالرحمان درگاهيءَ“ جو فرزند ۽ معروف لوڪ فنڪاره ”بيگم فقيرياڻيءَ جو پوٽو. ۽ ڄائو به ميمڻ محلي روهڙيءَ ۾ آهي. سندس اصل سڃاڻپ ته هڪ شاعر واري آهي، پر بيدل سائينءَ جي راڳي فقيرن، مريدن خادمن ۾ سندس هڪ باضابطه ۽ وفادار خدمتگار ۽ راڳيءَ واري ساک ۽ ساراهه تمام وڏي آهي. سندس بيدل سائينءَ جي تصنيفات شايع ڪرائڻ، ادبي ڪانفرنسن، مشاعرن ۽ موسيقيءَ جي محفلن سڏائڻ ۽ سجائڻ ۾ سندس حيثيت هڪ اڳواڻ واري آهي. وڏي ڳالهه ته سارو سال، پنهنجي ملازمت سان، گهر سان ۽ ادب دوستن سان سنمک رهي ٿو، يقيناً مٿس مالڪ جي ڪيڏي نه مهر دائم قائم آهي.
هي ڪِتاب به يقيناً ان سنگهر جي هڪ ڪڙي آهي جنهن ۾ هن جو جيءُ جڙيل آهي. مان اول ته هن کي ان ڳالهه تي لکين واڌايون ٿو ڏيڻ چاهيان ته هن بيگم فقيرياڻيءَ متعلق ڪِتاب ترتيب ڏئي، رڳو پنهنجي ڏاڏيءَ جو قرض نه لاٿو آهي پر سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي فنڪاره جي حياتيءَ کي سهيڙيو آهي، جنهن کي جيڪڏهن اختر درگاهي نه سهيڙي ها ته شايد ان ڪم ۾ ٻيو ڪو به هٿ نه وجھي ها.
اسان جي دؤر جو اهو ئي وڏو الميو آهي، ڇاڪاڻ ته اها ذميداري ادارن جي آهي ته هو خاص طور محققن کي کوجنا جي لاءِ موضوع ۽ مواد ميسر ڪري ڏين ته جيئن هر نسل کي تاريخ جا پنا انهن بزرگن، راڳين توڙي ليکڪن جي سونهن سان سينگاريل ملن. يقيناً هي ڪم ادارن کي ڪرڻ گهرجي، پر افسوس اهو آهي ته اهو ڪم فرد ڪري رهيا آهن ۽ سي به سندس ئي عزيز قريب ۽ پرين پيارا، اهي ادارا شايد اقربا پروريءَ جي روايت کي قائم رکڻ ۽ پنهنجي ملازمن کي رڳو پگهارن ڏيڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن.
سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ هن ۽ ههڙن ڪِتابن جي سخت ضرورت آهي، ۽ ان ڏس ۾ مانواري اختر درگاهيءَ چڱي جاکوڙ ڪئي آهي، خاص طور تحقيق واري اهميت کي نظر ۾ رکندي هن ڪِتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. پهرين ڀاڱي ۾ فاضل محقق جيڪو سوانحي احوال لکيو آهي، ان ۾ خاص شخصيت ۽ شاعريءَ واري حصي ۾ سندس تيرهن ڪافيون ڏئي هن بيگم فقيرياڻيءَ کي سنڌي شاعرائن جي قطار ۾ آڻي، ادب ۾ هڪ انمول اضافو ڪيو آهي.
ساڻ ساڻ درگاهي ميراڻي، اختر ۽ اطهر موساڻيءَ جي اها شاعري به شامل ڪئي آهي، جيڪا بيگم فقيرياڻيءَ جي جدائيءَ ۾ چيل آهي، پر جا ڳالهه اڃان به وڌيڪَ اهم آهي اها، اها آهي ته هن ڪِتاب ۾ بيگم فقيرياڻيءَ جي ڳايل ڪلامن جو وچور ڏئي هڪ شاندار ڪم ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ئي اهـڙن درگاهي فقراء فنڪارن جي ڳايل ڪلامن جو رڪارڊ هٿ ڪرڻ نهايت مشڪل ٿي پوندو آهي.
ساڳيءَ ريت اختر درگاهيءَ ڪِتاب جي آخر ۾ بيگم فقيرياڻيءَ، هنباهي بزرگن ۽ ڀٽائي پيرن جي خاندان جا شجرا شامل ڪري، ڪِتاب کي تحقيقَ جي اصول سان آراستو ڪيو آهي، ۽ منهنجي نظر ۾ سندس کوجنا جو اهو ڀاڱو هڪ الڳ ڪِتاب جي صورت ۾ به پنهنجي اهميت جو حامل آهي. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري جس لهڻي اسان جو هي پيارو اديب شاعر اختر درگاهي.
ٻئي ڀاڱي ۾ ڪجهه ليکڪن جا تاثرات به ڏنل آهن، جن ۾ مانَواري محقق مٺل سائينءَ جو مضمون وڌيڪَ اهم ان ڪري آهي جو ان ۾ هڪ تمام آڳاٽي محفل جو اکين ڏٺو احوال آندل آهي، ان کان علاوه ٻيا به نهايت معلوماتي ۽ تعريفي مضمون آهن. منظوم خراج جي ذمري ۾ درگاهي، اختر ۽ اطهر پنهنجي دلي ڪيفيت کي نهايت سهڻي پيرائي سان بيان ڪيو آهي ۽ ان سموري مواد مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پنهنجي تر ۾ بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجو وارو ڪيئن وڄايو ۽ ٻڌندڙن جي دلين تي راڄ ڪيئن ڪيو. ها البت مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي مضمون جي آخر ۾ لکيل آهي ته:
”پنهنجي فقيري، بيپرواهه ۽ مست طبيعت جي ڪري ڪنهن جي ڪاڻياري نه ٿي، ان ڪري سنڌي موسيقيءَ جي سنسار ۾ اهو مقام ماڻي نه سگهي، جو ماڻڻ گهربو هوس.“
مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي ان آخري جملي سان منهنجو ٿورو اختلاف آهي، ڇاڪاڻ ته فنڪار پنهنجي پنهنجي وس ۽ وت آهر پنهنجي خدمت پيش ڪندو آهي، مقام ماڻڻ جي جستجو فنڪار نه ڪندو آهي، پر ڳائي ماڻهن جا روح ريجھائيندڙ، دليون ڌوڏائيندڙ ۽ ذهن ڌونڌائيندڙ پر پنهنجي پَرَ ۾ بي غرض، بيپرواهه، مسڪينن جو مددگار ۽ يارن جو يار هوندو آهي ۽ بيگم فقيرياڻي به سچ پچ فنڪار ۽ مٿان فقيرياڻي به هئي، ان ڪري گراموفون يا ڪيسٽ ڪمپنيءَ جي مالڪن يا انهن جي ٻولڙين سان سندس ڪا به ٻولاچاري نه هوندي هئي. هوءَ ڳائيندي هئي، پنهنجي انهن ماروئڙن جا ڏک درد، هوءَ ڳائيندي هئي ميثاق ۾ ڪري آيل قول قرارن کي، هوءَ ڳائيندي هئي معرفت جي مردن لاءِ، فيض جي فائقن لاءِ.... ان ڪري هن جي دل ڪڏهن به پلٽو نه کاڌو! پئسي يا شهرت جي پاسي.
سچو فنڪار اجھو ائين هوندو آهي، جنهن جون ”ڪجهه“ ئي رڪارڊنگس ٿي سگهنديون آهن ۽ انهن مان به ڪي ٿوريون محفوظ ٿي سگهنديون آهن.
مڃان ٿو ته مون پنهنجي ٽي ويءَ واري عرصي ۾ جڏهن هوءَ حيات هئي ته ان کي سڏائي ٽي ويءَ جو ڪو پروگرام به نه ڪري سگهيس، ان جو افسوس ته اٿم پر هاڻي جڏهن سندس لاکيڻي پوٽي مانَواري اختر درگاهيءَ مٿس سوانح ۽ سندس راڳ جي فن ۽ شاعريءَ متعلق انتهائي اهم ڪِتاب سهيڙي مون ڏي مهاڳ لکڻ لاءِ مُڪو آهي، حالانڪه مون کان وڌيڪ سٺا ۽ ناليوارا دانشور سنڌ ۾ موجود آهن، ۽ اهي اختر درگاهيءَ جي محنتن کان واقف به آهن پر بيگم فقيرياڻيءَ جي هن ڪِتاب جي ”مهاڳ لکڻ جو پُکو“ منهنجي نالي شايد ان ڪري نڪتو آهي، جو اها منشا لڳي ٿو خود بيگم فقيرياڻيءَ جي آهي، ڄڻ مون کي قرضائي ڪرڻ کان بچائي ورتو اٿائين.
ظاهر آهي، هئي به ته درويشن جي ويڙهي جي فقيرياڻي، جنهن تي نه رڳو موج ڀريي مهراڻ جي مهر هئي، پر ساڳئي وقت سائين بگن بادشاهه، مائي غلام فاطمه ”لعل“، ڀٽائي پير سائين شير محمد توڙي داتا ولايت شاهه جي فقيري فيض جي ولڇل هوندي هئس، يا خود بيدل ۽ بيڪس سائينءَ جي فيض جي پالوٽ به مٿس جھجيري هئي، جنهن جي ظاهر نشاني پهرين ته اها آهي ته سندس فرزند پاڻ ”درگاهي“ سڏايو، ۽ ٻيو هي اسان جو مانَوارو شاعر اختر درگاهي، جيڪو درگاهه عاليجاهه سرڪار بيدل سائينءَ جي درٻار جي خدمت لاءِ قبول پيل آهي. يقيناً اهو سمورو ڦل ان مائيءَ بيگم فقيرياڻيءَ جي ان حُب جو آهي، جنهن سڄي ڄمار ان فيض جو بَهرو راڳ ۽ ڪلامَ ذريعي فقيرن ۽ درويشي دلين ۾ ونڊيندي گذاريو.
اها مڃيل حقيقت آهي ته فقرائي راڳي پنهنجي سازندن سان به سدائين ”ونڊ ورهاءِ ايمان پاءِ“ وارو سلوڪ رکندا آهن، جيڪي گھور گھاٻار پوندي اٿن ته اڳ ۾ پنهنجي جوڙ جي وڄتن ۾ بخرو ڪندا اهن، پوءِ جيڪي گودڙيءَ ۾ چار ڏوڪڙ بچيا ته خير نه ته علي وارث آ! ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن ڪا مڏي مال يا ملڪيت نه ٺاهي، جيڪي آيو مولا جي مملڪت ۾ ونڊجي ورهائجي ويو. ها البت وٽس اهو رپيو پاسيرو ڪري ضرور رکيل هوندو، جيڪو هن پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته ”کيس شروعاتي وهيءَ ۾ ”ڀٽائي پير سائين شير“ کانئس سَهرو ٻڌي انعام طور ڏنو هو.“ ۽ مان سمجھان ٿو ته فقيرن جا مال خزانا به درويشن وارا اهي انعام هوندا آهن، جيڪي کٽي نه کٽندا آهن.
بيگم فقيرياڻيءَ کي ڪارن ڪپڙن ۾ اسان به ڏٺوسي، ۽ مان سمجھان ٿو ته هن حَسنين سڳورن جي غم ۾ اهو ڪارو لباس اختيار ڪيو هو. ۽ ڪنٺا ڪولابا ته آهن ئي فقير جو سينگار ــ پر آفرين آهي فقيرياڻيءَ کي جنهن مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي انهن حال ڌاڳن کي پاڻ کان پري نه ڪيو.
بيگم فقيرياڻيءَ جي شاعريءَ کي پڙهندي ٿوري دير لاءِ منهنجو ڌيان پنهنجي ننڍپڻ ۾ ٻڌل انهن آلاپن ڏانهن ڇڪجي ويو، جڏهن سريلن ۽ روح پرور آوازن ۾ ڪافي ”ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا“ ڪنن تي پوندي هئي، يا وري وڏي وقت کان پوءِ ”سَمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي“ ٻڌڻ ۾ آئي هئي. ۽ هاڻي جڏهن هن ڪِتاب جو مسودو پئي پڙهيم ته هن فقيرياڻيءَ جي ڪافي:
- بيگم جا سائين، ڪر ڪا ڀلائي
مرشد منهنجا هوت هنباهي
تمام ويجھي کان، ڄڻ پاڻ سامهون بيٺي پئي جھونگاري. اسان جي هن فقيرياڻيءَ جي شاعريءَ جي ٻولي به لڳڀڳ ائين ئي ٻڌڻ ۾ آئي ته دل ۾ عجب فرحت محسوس ٿيڻ لڳي.
بيگم فقيرياڻيءَ جي شاعري گهڻي قدر فيض جي درياهن مرشدن سان واڳيل آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو پنهنجي من جي مرادن لاءِ کين ساريو سنڀاريو آهي، پر انهن جا ڳڻ به ڳاتا آهن، ۽ جڳ جهان جي خير سان گڏ پنهنجي سچي سڪ ۽ اُڪير کي به اظهاريو آهي. حالانڪه پنهنجي وڏڙن جي حوالي سان بيگم فقيرياڻي جي لِڇ پاڻيءَ، ٻيڙين ۽ مڇين سان هئي پر شاعريءَ ۾ ”سهڻي“ يا ”نوريءَ“ بجاءِ منجھنس سسئيءَ واري صفات ملي ٿي ۽ مرشد جي عقيدت وچان چيل اهڙين ڪافين ۾ هن فقيرياڻيءَ پاڻ کي ميهر سان ملڻ لاءِ ڪچي گهڙي جو سهارو وٺڻ بجاءِ سسئي جي پنهونءَ لاءِ ووڙڻ ۾ ئي حقيقت کي پاتو آهي، ۽ پنهنجي ڪلام ۾ سسئي واري عرفان سان مرشد کي ”پنهون“ ڪري پڪاريو آهي:
- بيگم سان ڪربگن ڀلائي
- بيگم توکي ٿي سڏي ساري
- بيگم کي آ پڪ پنهل ۾
- بيگم سان تون رهه اچي راضي
- بيگم جا سائين، ڪر ڪا سڻائي
شاعريءَ ۾ عشق جي ان تند کي به اجاگر ڪيو اٿس، جيڪا ليلا مجنون، هير ۽ رانجھي، مومل ۽ راڻي، سهڻيءَ ۽ ميهار جي وچ ۾ طالب ۽ مطلوب واري مام ۾ لڪل هئي، ۽ ”عشق“ مٿن ڪهڙا حڪم هلايا، کين ايمان ۽ بردباري عطا ڪئي، ان عشق جا انصاف به خوب ڳڻايا اٿائين:
- واهه انصاف آ عشَق اوهان جو، مشتاقن کي مڃائين ٿو
ڪاٿي بيگم ڪاٿي بي رنگ، ڪاٿي نينهن نچائين ٿو
فقيرياڻيءَ جي شاعريءَ تي تر جي ڪجهه شاعرن جي محبت ۽ معرفت جو شيڊ ضرور آهي، پر ٻوليءَ ۾ چس ۽ درد فقيرياڻيءَ جي پنهنجي وجدان جو عڪس آهي:
- مون سان هلو سڀ ميڙ ٿي،
پنهل منهنجو پرچايو،
اڄ مان درد پرايو.

فقيرياڻيءَ جي ڪلام ۾ حقيقت جي اسرار سان گڏ مجاز جي مام به رکيل آهي:
- بيگم کي ڏنو جام الستي، جانب تو جوڙي،
عشق اندر ۾ آتش لاتي، سور نه ٻئي ڪنهن سلي سلي


- سڀ ڪجهه آهي جهان ۾، ڇا هي منهنجو؟ ڇاهي ڙي سرتيون
الا نسان سري و ان سرهُ سِر کي سجدو آهي ڙي سرتيون


- ڏنم دل ته توکي وفادار سمجھي
ڇڏي وڃ نه مون کي گنهگار سمجھي

بيگم فقيرياڻيءَ جو دور راڳ توڙي علم ادب جي لحاظ کان تمام يادگار ۽ اهم دور رهيو آهي، ان دور ۾ جنهن جيترو به ڪم ڪيو آهي، انهن جي کوجنا ڪري، هن قسم جا ڪِتاب شايع ڪرڻ/ڪرائڻ گهرجن، ۽ ان کوجنا جي حوالي سان اچو ته پنهنجي جاکوڙي اديب اختر درگاهيءَ جو تيار ڪيل هڪ اهڙي سانوري سيبتي ۽ سهڳڻي فنڪاره بيگم فقيرياڻيءَ متعلق لکيل هي ڪِتاب پڙهون ۽ پياري اختر درگاهيءَ جي محنت جو دادُ ڏيون.

بيدل مسرور بدوي