ادل سومرو
ڏکن سکن جي ڏيههَ ۾ انسان پنهنجي زندگيءَ جو سفر مختلف آسن اُميدن خوابن ۽ سهارن جي آسري تي جاري رکيون پيو اچي ـــ ڪڏهن ته ائين به ٿئي ٿو، جو انسان حياتيءَ جي رُڃَ ۾ مايوسي جي چادر پائي ويهي ٿو رهي هن جون اکيون آگم جا خواب ڏسڻ بدران، ڏکن جي اثر هيٺ لڙڪ لاڙِن ٿيون، اِها حياتي هميشه ڊپ جي ڇانوَ ۾ گذري ٿي. ڊپ يا خوف جنهن دل ۾ واسو ڪري ٿو، اُها اُجڙي وڃي ٿي. اُهي انسان جيڪي دردن جي ديسَ ۾ رهندي به پنهنجي چهري تي مرڪ سجائي، سُونهن، سُرَ ۽ سرهاڻ سان سڪ رکن ٿا، اُنهن لاءِ حياتيءَ جون سوڙهيون گهٽيون، شاهراهه بڻجي وڃن ٿيون.
شاعر، موسيقار مصور ۽ راڳي پنهنجي پنهنجي ذات ۽ ڏانءَ وسيلي ماڻهن جي دُکي دلين ۾ مرڪن جون مکڙيون ٽڙائڻ سان گڏ انسانن کي حياتيءَ سان پيار ڪرڻ سيکارين ٿا ۽ مايوس انسانن کي آٿت ۽ حوصلو بخشين ٿا.
هلندڙ صديءَ جي شروعات ۾ روهڙي لڳ سنڌوءَ جي سيني تي، ننڍن ٻارن جان ڪُڏندڙ بَتيلن مان هڪ اهڙو دلسوز آواز اُڀريو جنهن ٿوري عرصي اندر آسپاس جي واهڻن ۽ وستين ۾ پنهنجي سُريلي آواز جي سُرهاڻ ڦهلائي ڇڏي. اُهومن موهيندڙ عوامي آواز هو ”مائي بيگم فقيرياڻيءَ“ جو.
مائي صاحبه جو پورو نالو بيگم هو، پر لطيف سائينءَ سان بيحد عقيدت هئڻ سبب پاڻ کي لطيف سائينءَ جي فقيرياڻي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندي هئي. اهڙي ريت شآهه لطيف جي اِها طالب پنهنجي مرشد جي محبت جي حوالي سان بيگم فقيرياڻيءَ جي نالي سان سُڃاتي ويندي هئي.
سندس جنم سن 1915ع ۾ پني عاقل تعلقي جي رضا ڳوٺ ۾ مسڪين ميربحرن جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد هارون فقير پنهنجي تَرَ جو ناميارو راڳي هو. بيگم فقيرياڻي جي خاندان جو جياپو انهن بتيلن سان هو جيڪي ڪڏهن رضا ڳوٺ وٽ پتڻ ڪندا هئا ته ڪڏهن وري روهڙي ۾ ستين جي آستان وٽ اچي بيهندا هئا. مائي صاحبه جو ننڍپڻ انهن بتيلن تي سنڌوءَ جي لهرن تي لُڏندي گذريو. پنهنجي والد هارون فقير جي، راڳ جو اثر، مائي بيگم فقيرياڻيءَ تي به ٿيو. ائين کڻي چئجي ته پيءُ جي ڏات جي حصي مان ڪجهه پتي مائي صاحبه کي ملي. انهيءَ وقت ۾ پني عاقل جي ڳوٺ ”ڪَٽن“ جي مائي غلام فاطمه ”لعل“ جو نالو هِڪَ فنڪاره ۽ شاعره جي حيثيت سان پسگردائيءَ ۾ گهڻو مشهور هو. مائي غلام فاطمه لعل جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وڏڙن سان گهرو رستو هو. ۽ وٽن اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. والد صاحب جي اثر ۽ غلام فاطمه لعل جي صحبت، بيگم فقيرياڻيءَ کي راڳ ڏانهن رغبت ڏياري. اهڙيءَ، ريت مائي صاحبه مٽن مائٽن جي شاديءَ جي موقعن تي مولود يا سهرا ۽ لاڏا چوڻ شروع ڪيا ۽ اهو سلسلو اڳتي وڌندو ويو.
مائي بيگم فقيرياڻي سٺي آواز جي مالڪ هئڻ سان گڏ هڪ بيحد حساس دل شاعره پڻ هئي. سندس لکيل ڪافيون ٿوري تعداد ۾ موجود آهن. پاڻ پنهنجيون ڪافيون به ڳائيندي هئي ته اُنهن جي ڌُن وعيره به خود تيار ڪندي هئي. گهڻَ خوبين جي مالڪ اِها عوامي فنڪاره ۽ شآعره نه صرف پنهنجي آسپاس جي شهرن ۾ فن جو ڏياٽيون روشن رکيون، پر پنهنجي ڏات جي مڃتا اسلام آباد، مري، بهاولپور، لاهور، ملتان ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ ڪرائي. سندس انهيءَ عوامي مقبوليت کي ڏسندي اسلام آباد جي لوڪ ورثي واري ثقافتي اداري پاران سندس آواز جون ٽي عدد آڊيو ڪيسٽس ۽ هڪ وڊيو ڪيسٽ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪافي تعداد ۾ آڊيو ڪيسٽس جي رڪارڊنگ سندس آواز ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي، انٽرويوءَ جي وڊيو ڪيسٽ پڻ رڪارڊ طور محفوظ آهي.
مائي صاحبه جي پنهنجي عوامي انداز واري آواز جي جيئن هڪ منفرد سڃاڻپ هئي تيئن سندس شخصيت به ٻين فنڪارن کان بنهه نرالي هئي. پاڻ سڄي حياتي ڪاري لباس ۾ گذاريائين ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻئي رنگ جو ڪپڙو نه پاتائين. هميشه عجز عاجزي ۽ انڪساري ۾ گذاريندي هئي، گهمنڊ ۽ غرور کي ڪڏهن ويجھو اچڻ نه ڏنائين. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي فقيرياڻي سڏائڻ پسند ڪيائين، ڇو ته انهيءَ لفظ ۾ سا دگي ۽ نئڙت آهي ۽ تڪبر انهيءَ لفظ جي ويجھو اچي نٿو سگهي.
وڍي وڏائيءَ کي، همت ساڻ حقيرَ
فڪر منجهه فقيرَ، پُهتا پرينءَ پار ڏي
عوامي انداز ۾ ڳائڻ کانسواءِ مائي بيگم فقيرياڻي کي ڪلاسيڪي راڳ جي بنيادي ڄاڻ به هئي. ان سلسلي هُنَ لاڙڪاڻي جي اُستاد جان محمد کان تربيت حاصل ڪئي. سڀني ديسي راڳن جهڙوڪ سورٺ، راڻو، ڪوهياري ۽ ڀيروي وغيره تي مائي صاحبه کي ڪافي عبور حاصل هو. اڪثر ڪري سندس ڳائڻ جو وقت رات 8 بجي کان سج اُڀرڻ تائين هوندو هو. عارفاڻي ڪلام سان کيس دلي لڳاءُ هو، ان ڪري هميشه شاهه لطيف، سچل سرمست ولايت شاهه، بيدل، بيڪس، غلام فاطمه، ٻڍل فقير، خوش خير محمد ۽ ٻين صوفي شاعرن جو عارفاڻو ڪلام ڳائيندي هُئي. ڳائڻ وقت محفل تي سندس آواز جو جادو ڇانئجي ويندو هو ۽ ماڻهو وقت وساري ٻُڌڻ ۾ ايترو ته گم ٿي ويندا هئا جو کين مهل جي خبر تڏهن پوندي هئي جڏهن سج اڀرڻ جاآثار ظاهر ٿيندا هئا. هو مسڪسن مارن ۽ عوام جي بيحد مقبول فنڪاره هئي ان ڪري ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ سندس فن جا عقيدتمند گهڻي تعداد ۾ موجود آهن.
مائي بيگم فقيرياڻي جي فنڪارانه صلاحيتن جي اعتراض طور 1986ع ۾ شباب آرٽس ڪائونسل خيرپور پاران سچل سرمست ايوارڊ ۽ سنڌ اسپيڪرس فورم شاخ روهڙي پاران بيدل گولڊ ميڊل 1984ع ڏنو ويو. ريڊيو پاڪستان خيرپور پاران آگسٽ 1986ع ۾ سندس آخري انٽرويو ۽ ڪافي رڪارڊ ڪئي وئي. بعد ۾ مائي صاحبه جي طبيعت عليل ٿي پئي. آخرڪار انهيءَ علالت واري حالت ۾ هيءَ عوامي فنڪاره ۽ شاعره هن فاني جهان ۽ فن جي دنيا کي هميشه لاءِ الوداع چئي هلي وئي ـــ سندس آخري آرامگاهه ميمڻ محلي روهڙيءَ جي قبرستان ۾ آهي. سندس فرزند پروفيسر درگاهي ميراڻي ۽ پوٽو اختر درگاهي سٺي شاعر هئڻ سان گڏ دلسوز آواز جا مالڪ پڻ آهن.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو دلسوز آواز اَڄُ به جھنگ جھر ۾ ٻُري ٿو. سندس سُر جي سُرهاڻ جيستائين ڦهلبي رهندي، تيسين سندس نانءُ عوامي دلين ۾ محفوظ رهندو.
ٻُرندا رهندا جيسين جڳ ۾ درد ڀريا آواز
تيسين رهندي سُونهن سُندرتا، ساهه ۾ رهندا سازَ