شخصيتون ۽ خاڪا

حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
Title Cover of book حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

ادبي تاريخُن ۾ تذڪرو

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت پنهنجي فقيري سڀاو، سنڌي صوفيانه راڳ ۽ سنڌي صوفيانه شاعري جي حوالي سان ايتري ته نمايان ۽ نامياري هئي جو سندس حياتي ۾ ئي سنڌي ادب ۽ ثقافت جا جيڪي تذڪرا ۽ تاريخون لکيون ويون انهن ۾ مائي بيگم فقيرياڻي کي وڏي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو ويو ۽ کيس وڏو خراج پيش ڪيو ويو. اهڙي طرح سندس شخصيت ۽ شاعري کي سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ اهم جاءِ ڏني وئي.

1. تذڪره شعراءِ روهڙي:

روهڙي شهر جي 26هن جي شاعرن جي تذڪري تي مشتمل هي ڪتاب محترم گل محمد گلاڻي مرتب ڪيو ۽ جولاءِ 1978ع ۾ روهڙيءَ مان شايع ٿيو جو انوقت مرحوم گل محمد گلاڻي صاحب عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج جو پرنسپال هو. فقير قادر بخش بيدل کان راقم الحروف تائين جن شاعرن جو ذڪر گلاڻي صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي ان ۾ 19 نمبر تي هن مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال ڏنو آهي.
جيئن ته مائي بيگم فقيرياڻي جي حوالي سان ڪنهن ڪِتابَ ۾ اهو پهريون ادبي ۽ تاريخي تذڪرو آهي انڪري هِتي سمورو احوال پيش ڪجي ٿو. جيڪو ڪتاب جي صفحي 15 تي مائي بيگم فقيرياڻي جي هڪ ڪافيءَ سميت ڏنو ويو آهي.
”مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي عوامي فنڪاره آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ خاص طور تي کيس تمام عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي ۽ کيس ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي يا لطيف جي فقيرياڻي ڪري سڏيندا آهن، هن وقت ميمڻ محلي روهڙيءَ ۾ رهي ٿي ۽ سندس عمر اٽڪل پنجاهه سال آهي. هڪ سٺي فنڪاره هجڻ سان گڏ هوءَ هڪ سٺي شاعره به آهي سندس ڪلام تي وير اڳ جو رنگ غالب آهي، سندس ڪلام جي نموني طور هِتي سندس هڪ ڪافي ڏجي ٿي. (34)
مرحوم گل محمد گلاڻي صاحب مختصر طور تي مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال ڏنو آهي البت مائي صاحبا جي عمر اندازي تي لکي وئي آهي جيڪا صحيح نه آهي ڇو ته جنهن وقت اهو ڪتاب شايع ٿيو انوقت مائي بيگم فقيرياڻي جي عمر پنجاهه سال نه پر ٽيهٺ سال هئي.

2. بيدل مخزن 80-1979ع

بيدل مخزن عطا حُسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙيءَ جي ميگزين آهي جهنکي پڻ پروفيسر گل محمد گلاڻي صاحب شايع ڪرايو. انهيءَ مخزن ۾ گلاڻي صاحب جو هڪ اهم مضمون ”روهڙيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون“ شامل آهي. مضمون ۾ روهڙيءَ شهر جي تاريخي ۽ ادبي پس منظر کانپوءِ روهڙي شهر جي علمي ادبي شخصيتن کي مختلف دورن ۽ خاندانن ۾ ورهائي انهن جو مختصر تذڪرو ڪيو ويو آهي. مضمون جي آخر ۾ گلاڻي صاحب روهڙي شهر جي حال حيات شخصيتن جو ذڪر ”اڪيلا شخص پر مڪمل ادارا“ جي عنوان سان ڪيو آهي ۽ انهن اهم شخصيتن ۾ هن علي اڪبر درازي، عبدالعلي قلباڻي، امر جليل قاضي غني، ۽ محمد حسين عاصم سان گڏ مائي بيگم فقيرياڻيءَ ۽ سندس فرزند درگاهي ميراڻي جو ذڪر به وڏي اهميت سان ڪيو آهي. گويا مائي بيگم فقيرياڻي کي گلاڻي صاحب روهڙي شهر جي هڪ اداري جي حيثيت ڏني آهي. گلاڻي صاحب جا لفظ هن طرح آهن ”موجوده دور جي شاعرن ۽ اديبن ۾ قاضي غني، محمد حسين عاصم، مائي بيگم فقيرياڻي ۽ درگاهي ميراڻي به پنهنجو مقام رکن ٿا. (35)

3.قافيون (جلد ٽيون)

هيءَ برک محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تاليف آهي جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ پاران 1990ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال ۽ هڪ ڪافي انهيءَ جلد جي 1418 صفحي تي ڏني آهي. سمورو احوال هن گل محمد گلاڻي جي ڪتاب تذڪره شعراء روهڙي تان کنيو آهي. جڏهن ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ متعلق هن پنهنجي طرفان ڪا اضافي ڄاڻ مهيا نه ڪئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مائي بيگم فقيرياڻي جي ولادت جو سن به 1925 ڄاڻايو آهي جيڪو صحيح نه آهي (36)

4. سکر تاريخ ۽ سماج

هيءُ سکر جي تاريخ تمندن ۽ مشاهيرن جي احوال ۽ ان موضوع تي لکيل مختلف مقالن ۽ مضمونن جو ڪتاب آهي جنهنکي ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري سکر هسٽاريڪل سوسائٽي پاران مئي 2001ع ۾ شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ محترم شمس الدين ڪلوڙ جو هڪ مضمون ”روهڙيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون“ شامل آهي، جيڪو ڪلوڙ صاحب بيدل مخزن ۾ گل محمد گلاڻي صاحب جي شايع ٿيل مضمون جي ساڳي عنوان سان ڪجهه وڌيڪ شخصيتن جي احوال سان سينگاري پيش ڪيو آهي. ڪلوڙ صاحب انهيءَ مضمون ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال بلڪل اڻپورو ۽ سڌو سئون تذڪره شعراء روهڙيءِ تان کڻي شامل ڪيو آهي. سواءِ هن اضافي جملي جي ته ”سموري حياتي ڪاري لباس ۾ رهندي تقريبا 60 سالن جي ڄمار ۾ ماضي قريب ۾ فوت ٿي وئي آهي (37) شمس الدين ڪلوڙ صاحب روهڙي شهر جو رهندڙ آهي ان لحاظ کان سندس پاران مائي بيگم فقيرياڻي متعلق اڻپوري ڄاڻ ڏيڻ تي حيرت وٺي وڃي ٿي. سندس بيان ڪيل مائي بيگم فقيرياڻي جي عمر به غلط آهي جو وفات وقت سندس عمر 60 سال نه بلڪ 72سال هئي.

5. مارو جي ملير جا

ويهين صديءَ جي مشهور سنڌي شخصيتن جي احوال تي مشتمل هي اهم ڪتاب محترم خادم حُسين چانڊيو مرتب ڪيو آهي ۽ گنج بخش ڪتاب گھر پاران آڪٽوبر 2001ع ۾ شايع ٿيو آهي. توڙي جو خادم حُسين چانڊيو جو تعلق روهڙي شهر سان نه هو پوءِ به هن صاحب وڏي جاکوڙ ڪري مائي بيگم فقيرياڻي متعلق 134 صفحي تي ڪافي، اضافي احوال ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، البت مائي صاحبه جي ولادت جو سن هن به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ڏنل 1925ع ئي درج ڪيو آهي. خادم حُسين چانڊيو جو مائي صاحبه متعلق اهم ۽ اضافي احوال هن ريت آهي ”بيگم فقيرياڻي جي خاندان جي ڪرت ٻيڙيون درياه ۾ هلائي گذران ڪرڻ هو. سندس والد به ڳائيندو هو ۽ درگاه فيض درياه جو مريد هو. بيگم فقيرياڻي ڳائڻ جو فن گھر ۾ پنهنجي والد کان سکيو ۽ پوءِ جڏهن هن باقاعده ڳائڻ شروع ڪيو ته سندس ڏيرن کي اها ڳالهه نه وڻي، پوءِ ايترو ته مشهور ٿي جو پوري سنڌ ۾ سندس نالي جي هاڪ هئي. پاڻ ولايت شاه انباه شريف واري جي مريدياڻي هئي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان به کيس وڏي عقيدت مندي هئي. ماڻهن جي هن سان ايتري عقيدت ٿي وئي جو هر جڳهه تي کائنس دعائون گھرائيندا هئا ته سندس فلاڻا فلاڻا مئسلا حل ٿين. بيگم فقيرياڻي سٺي شاعره به هئي“. (38)

6. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا

سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد پاران آگسٽ 2009ع ۾ شايع ڪرايل ”انسائيڪلوپيڊيا سڌيانا“ جي پهريل جلد ۾ صفي 525 تي مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال سندس تصوير سان گڏ ڏنو ويو آهي، مائي بيگم فقيرياڻيءَ متعلق انهيءَ تذڪري ۾ ان کان اڳ شايع ٿيل ڪتابن کان ڪجهه اضافي ۾ صحيح ڄاڻ ڏني وئي آهي جيڪا هتي پيش ڪجي ٿي.
”مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر جي فنڪار گھراڻي سان واسطو رکندي هئي سندس جنم 1915ع ۾ ٿيو. مائي بيگم فقيرياڻي مائي غلام فاطمه موچاڻيءَ جي هي ڪافي ڪمال گائيڪي سان ڳائي هئي جيڪا سندس سڃاڻپ بڻجي وئي.
”محبت وڌي آهيان مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪري“
بيگم فقيرياڻي پنهنجو فني ورثو پنهنجي پٽ نامياري شاعر استاد ۽ فنڪار درگاهي ميراڻي ڏانهن منتقل ڪيو ۽ هن وقت سندس پوٽو اختر درگاهي نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر ۽ سريلو فنڪار آهي. بيگم فقيرياڻي جي وفات 13 اپريل 1987ع تي ٿي. (39)

7. پنو عاقل ماَضي حال

پنو عاقل جي تاريخ ۽ مشاهيرن تي هي ڪتاب نامياري اديب سرور سيف لکيو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت پنو عاقل پاران مارچ 2013ع ۾ شايع ٿيو آهي هن ڪتاب جي ستين باب ”پنو عاقل جون نامور خواتين“ ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي جنهن مان خاص هي آهي ”مائي بيگم سائين ولايت شاه هنباهي جي طالب هئي تصوف ۽ راڳداريءَ جي ڄاڻو هئي هن جي آواز ۾ وڏو درد ۽ سوزهو پاڻ سـٺي شاعره به هئي، شاهه لطيف، فيض درياهه، مائي غلام فاطمه لعل جو گِهرو اثر هوس. هن مائي غلام فاطمه لعل جي شاعري کي ڳائي انکي نه صرف امر ڪيو پر کيس نيڪ نام ڪيائين. مائي بيگم 1987ع ۾ وفات ڪئي سندس مدفن روهڙي ۾ آهي سندس مرقد تي ميلو مچي ٿو. (40)
مٿي ذڪل ڪيل سنڌ جي ادبي تاريخن کان سواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي ناميارن اديبن، دانشورن پڻ مائي بيگم فقيرياڻي جي فن ۽ شخصيت تي پنهنجا بهترين مقالا ۽ مضمون لکيا آهن جيڪي اسين هن ڪتاب جي ڀاڱي ”مائي بيگم فقيرياڻي سنڌجي اديبن ۽ دانشورن جي نظر ۾“ جي عنوان سان پيش ڪري رهيا آهيون.