شخصيتون ۽ خاڪا

حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
Title Cover of book حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

درگاهي ميراڻي

مرحوم درگاهي ميراڻي، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو وڏو فرزند هو، مائي بيگم فقيرياڻي کانپوءِ کيس پنهنجي خاندان ۾ وڏو مان ۽ مرتبو حاصل ٿيو. راقم الحروف جو هي والد سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ اديب هيو. 5 مارچ 1942ع ۾ درگاهه حضرت هنباهه تي سندس جنم ٿيو. درگاهي ميراڻي پنهنجي خاندان جو پهريون تعليم يافته بڻيو. سندس تعليم ڏانهن شوق ۽ رغبت جي سبب ئي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي درياهي زندگي ڇڏي روهڙي شهر ۾ رهڻو پيو. درگاهي ميراڻي 1959ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1968ع ۾ ايم.اي انگريزيءَ جو امتحان پاس ڪيو. شاعريءَ ۽ راڳ سان دلچسپي کيس ننڊي هوندي کان گھرو ماحول سبب ٿي پوءِ شعر ادب جو هن شاندار سفر شروع ڪيو. شاعريءَ جي شروعات ٻاراڻن نّظمن لکڻ سان ڪيائين ۽ سندس نظم وقت جي مشهور ٻاراڻن رسالن ۾ شايع به ٿيا. بعد ۾ هن سنڌي ڪافيون چوڻ شروع ڪيون ۽ جلد ئي سنڌ جي مقبول ڪافي گو شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو سندس ڪافي کي مشهور فنڪارن ڳائي مقبول بڻايو. ان دور ۾ پاڻ درگاهي ديواني جي نالي سان مشهور. سندس هن ڪافي کي سندس امڙ مائي بيگم فقيرياڻي پڻ ميڊيا تي آندو ۽ محفلن ۾ روشناس ڪرايو.
مونکي پنهنجي سهڻي سنڌ تي ناز آ
سنڌ جو سورهيه لعل قلندر سيوهاڻي شهباز آ

مرحوم درگاهي ميراڻي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ ترقي پسند ۽ انقلابي شاعر جي حيثيت ۾ نموندار رهيو ۽ سندس جديد شاعري وقت جي اهم رسالن نئين زندگي روح رهاڻ ۽ سوجهرو ۾ به شايع ٿي. درگاهي ميراڻي سٺو نثرنگار به هو ۽ ڪيترائي مقالا ۽ مضمون به لکيائين.
مرحوم درگاهي ميراڻي پهريان ٽريزيري آفيس پوءِ ڪاٽن ڪارپوريشن ۾ ملازمتون ڪيون بعد ۾ 1979ع کان انگريزيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، پهريان ڪراچي ۽ پوءِ شِڪارپور ۾ جڏهن سندس آخري پوسٽنگ عطا حسين شاه ڪاليج روهڙيءَ ۾ رهي. درگاهي ميراڻي جي پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻيءَ سان والهانه ۽ جذباتي وابستگي هئي. ان ڪري ئي پاڻ پنهنجي والده جي وفات جو صدمو نه سهي هڪ سال اندر تاريخ 23 اپريل 1988ع بمطابق 6 رمضان المبارڪ 1408هجري تي اوچتو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. وفات وقت سندس عمر صرف 46 سال هئي کيس روهڙيءَ ۾ پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻي جي ڀَرِ ۾ دفن ڪيو ويو.
درگاهي ميراڻي جي شادي سن 1956ع ۾ پنهنجي مامي محمد هاشم جي نياڻيءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٻن پٽن ۽ ٽن نياڻين جي اولاد ٿي. 1975ع ۾ جڏهن سندس گھرواري وفات ڪري وئي تڏهن سندس ٻي شادي ماروٽ محبوب علي جي نياڻيءَ سان ٿي جنهن مان به کيس ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد ٿي. درگاهي ميراڻي جي فرزندن جا نالا اختر درگاهي (راقم الحروف) اظهر درگاهي، عرفان محبوب ۽ فرحان علي آهن. جن مان سندس ٽيون نمبر فرزند عرفان محبوب رضا الاهيءَ سان 27 سالن جي عمر ۾ تاريخ 18 فيبروري 2010ع تي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. 19 فيبروري 2012ع تي سندس تدفين روهڙيءَ ۾ پنهنجي والد مرحوم درگاهي ميراڻي جي ڀر ۾ ٿي.
راقم الحروف پنهجي والد مرحوم درگاهي ميراڻيءَ جو پورو ڪلام ”ڪُليات درگاهي“ جي نالي سان ٻن جلدن ۾ مرتب ڪيو آهي جيڪو جلد منظر عام تي ايندو.
گُل حسن عرف گُل فقير
گل حسن عرف گُل فقير، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو ننڍو ۽ پيارو پٽ هو، جنهن کي هو پيار مان گُلڙو، سڏيندي هئي. گل حسن راقم الحروف جو چاچو هو، تاريخ27 ڊسمبر 1953ع ۾ روهڙيءَ ۾ ڄايو. مئٽرڪ تائين پڙهي سگھيو. ڪجهه ملازمتون به ڪيائين پر انهن سان نڀائي نه سگھيو. گل حسن، ننڍي هوندي کان پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻي سان گھڻو ويجهو ۽ ساڻس گھڻو عرصو ساڻ رهيو. ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والده سان گڏ ڳائيندو هو. سندس آواز ڏاڍو سريلو، بُلند ۽ چِٽو هو. جوانيءَ واري دور ۾ ڪجهه ڏنگو به هو بعد ۾ فقير ٿي ويو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي جڏهن والده، گھروارو ۽ڀاءُ وفات ڪري ويا، تڏهن پنهنجي محفلن ۾ هلڻ لاءِ پنهنجي هن ننڍي پُٽ گل حسن کي ساڻ کنيائين ۽ سنڌ جي جهر جهنگ ۾ پنهنجن مداحن ۾ کيس متعارف ڪرايائين. گل حسن جو آواز ايترو چٽو ۽ طاقتور هو جو جڏهن ڪورس ۾ گڏجي ڳائيندو هو ته سندس آواز سڀني آوازن کان نمايان هوندو هو. اها ڳالهه مائي بيگم فقيرياڻي جي رڪارڊ ڪيل ڪلامن ۾ به محسوس ڪري سگھجي ٿي. گل حسن هڪ سريلو نعت خوان به هو ۽پنهنجي وڏي ڀاءُ درگاهي ميراڻيءَ جي قائم ڪيل محمدي مولود انجمن جو سرگرم ميمبر ۽ اهم نعت خوان هو.
گل حسن عرف گل فقير پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻي سان سنڌ جي اڪثر درگاهن جون حاضريون ڏنيون. خاص طور تي درگاهه حضرت هنباهه جو وڏو معتقد رهيو جو سندس والده ۽ نانو هارون فقير به انهيءَ درگاهه جا طالب هئا. پاڻ به پنهنجي والده جي وفات کانپوءِ درگاهه هنباهه جي بزرگ داتا بگن شاهه ثاني جو طالب ٿيو. هن زندگيءَ جا آخري سال داتا بگن شاهه ۽ داتا جان محمد شاهه (موجوده گادي نشين) جي خدمت ۾ هنباهه ۾ گذاريا ۽ انهن سان لاهور تائين فقراهي سفر به ڪيا.
گل حسن عرف گل فقير درگاهه هنباه جي اهم راڳين مان به هو ۽ اڪثر ميڙن تي درگاهه جي فقيرن سان گڏ ته ڪڏهن اڪيلو پنهنجي والده بيگم فقيرياڻي جي راڳ جي ڊيوٽي ڏيندو هو. سندس راڳ جو انداز ۽ آواز به مائي بيگم فقيرياڻي جهڙُو هو.
گل حسن عرف گل فقير ريڊيو ۽ ٽي.وي تي به پنهنجي آواز جو جادو جڳايو. سندس آواز ۾ مشهور ريڊيائي ڪلام آهن“ حُسن سردار ڪيا سينگار ٿيا گلزار گلزارا ۽ رانجهي بنان سنئيان لڳدي نهين دوا. اهي ڪلام گل فقير جي آواز ۾ محترم شوڪت خاصخيلي ريڊيو خيرپور تي رڪارڊ ڪيا. هو وڏو جگري ۽ ميداني راڳي هو ۽ راڳ ۾ ماءُ جيان دم صُبح ڪري ڇڏيندو هو. گل حسن پنهنجي وڏي ڀاءُ درگاهي ميراڻي جو به وڏو معتقد هو ۽ سندس وفات کانپوءِ محمدي مولود انجمن جي به سرواڻي ڪيائين.
گل حسن عرف گل فقير کي بيدل يادگار ڪاميٽيءَ پاران سال 2007ع جي بهترين راڳي جو ”بيدل ايوارڊ“ به ڏنو ويو جڏهن ته کيس ٻيا ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ به ملي چڪا هئا. گل حسن 1970ع ۾ پنهنجي سئوٽ موسيٰ مير بحر جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٽن پٽن واحد بخش، ياسر گل ۽ عاشر گل ۽ نياڻين جي اولاد ٿي.
گل حسن عرف گل فقير ڪجهه عرصو بيمار رهڻ سبب تاريخ 14 مارچ 2008ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي. کيس 15 مارچ 2008ع تي پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻي جي ڀَرِ ۾ روهڙيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
گل حسن عرف گُل فقير ڪڏهن ڪڏهن شاعري به ڪندو هو سندس شعر جو هڪ نمونو هت ڏجي ٿو:
تنهنجو منهنجو مولا علي علي
ڪندو حيدر سڀ جي ڀلي ڀلي
هر وار ڪندو ڪر علي علي
هر مشڪل ويندءِ ٽلي ٽلي

خيبر ۾ آ سرور ساريو، قمبر دلدل کي ته سنواريو
قدم نه هڪڙو پوئتي ڌاريو، دلدل خيبر ۾ هاڪاريو
ڪندو مولا............

حيدر آيو صفدر آيو، سلمانُ جلدي نعرو لڳايو
مدنيءَ اڳتي قدم وڌايو، مولا عليءَ کي سيني لايو
ڪندو مولا............

مرحب کي آ ماري مڃايو خيبر در کي عرش اُڏاريو
حورن به اُت حمد آ ڳايو جڏهن حيدر ميدان ۾ آيو
ڪندو مولا............

گل فقير جو عرض اگھايو مولا جلدي چائنٺ چمايو
فقر سڄي جو فڪر مِٽايو، سڪندن کي سيني سان لايو
ڪندو مولا............