رحيم بخش مهر
سنڌ سُونهاري ۾ کوڙ ساريون اهڙيون عورتون ٿي گذريون آهن جن آواز جي دُنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو پر انهن ۾ ”مائي بيگم فقيرياڻي“ منفرد ۽ ممتاز آهي ۽ سندس نالو فن جي دنيا ۾ مٿانهون آهي ـــ مائي بيگم جو روحاني واسطو شڪارپور ضلعي ۾ چڪ ڳوٺ لڳ حضرت هنباهه جي درگاهه سان هُيو. اُهو هنباهه جِتان جو حصرت ولايت علي شاهه جيلاني هڪ شاعر ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي. مائي صاحبا سدائين ڪاري ويس ۾ هوندي هُئي. بيگم فقيرياڻي ميربحر ۽ ٻيڙائت هُئي جن جا گهر ٻيڙين تي هوندا هُئا. اسانجو ڳوٺ به عزيز پور يونين ڪائونسل نوراجا پوسٽ سومرا آهي ــ اسانجي ڳوٺ جي اولهه ۾ سنڌو درياهه جو وهڪرو وهي ٿو. جڏهن درياهه جو چاڙهه هوندو هو ته ٻين ميربحرن سان گڏ ”مائي بيگم“ جا وڏا به پنهنجون ٻيڙيون درياهه مان ڪڍي عبدالله شاهه جي ڍنڍ ۾ ايندا هُئا. اسانجا وڏا پڻ راڳ ويراڳ جا شوقين هيا ۽ پڻ صوفي خيال جا ماڻهو هيا خاص طور تي اسانجو ڏاڏو ”گُلڻ خان مهر“ ـــ منهنجو والد نالي بهاول خان مهر جو سگھڙ شاعر ۽ فاريسٽ کاتي ۾ گارڊ هيو. منهنجا چاچا مرحوم ڌڻي بخش مهر، مرحوم احسان مهر، مرحوم واحد بخش مهر، مرحوم رسول بخش مهر ۽ چاچو ڪريم بخش مهر، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا همعصر هيا ۽ اُنهن جو مائي صاحبا جي خاندان سان ويجھو ناتو هيو.
مون مٿي عبدالله شاهه جي ڍنڍ جو ذڪر ڪيو ته انهيءَ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي مِٽيءَ جو هڪ ٿلهو هو مائي بيگم فقير ياڻي ان جاءِ تي ڄائي هُئي. انهن جي وڏن جو تعلق اسان سان تمام گهاٽو ۽ گهڻو هيو. حد اها آهي ته مائي صاحبا جي آڪهه اسانجي ڳوٺ ۾ ايندي ويندي هُئي ڄڻ ته اسان سڀ هڪ گهر جا ڀاتي هُئاسون اهو تعلق مائي صاحبا جي حياتيءَ تائين جاري رهيو. مائي صاحبه اسانجي ڳوٺ ۾ ڄائي ۽ کيڏي ـــ مائي بيگم سائين ولايت علي شاهه هنباهي جي فقيرياڻي هُئي ته ٻي پاسي منهنجي مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻانهي به هُئي ـــ مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي ڪوئل ۽ عوامي فنڪاره هُئي. سنڌ جا سردار، زميندار، پير، مير، سڀ کيس ڄاڻندا، سُڃاڻندا ۽ سندس عزت ڪندا هُئا. مائي صاحبا جڏهن محفل مچائيندي هُئي ته سنڌ جا مارو ماڻهو جھومي اٿندا هُئا تنهن وقت ريڊيو ۽ ٽي وي جو اوج نه هيو ۽ هر هڪ سنڌي ماڻهو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو مداح هُيو. مائي صاحبا جا ڪلامَ توحيد ۽ وجداني دنيا سان تعلق رکندا هُئا. اهي ڪلام صوفي رنگ ۾ چوندي هُئي. سندس هي ڪلام گهڻو عام ۽ مقبول ٿيو.
”محبت وڌو آ مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪَري“
مائي صاحبه شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مائي غلام فاطمه موچاڻي، حضرت ولايت علي شاهه کي خوب ڳايو. سچ پچ آءٌ سندس روهڙيءَ واري اوطاق تي پنهنجو گهر سمجھي ويندو هُيس ۽ اُتي ويهي کانئس ڪلام ٻڌندو هُيس. سندس پُٽ درگاهي ديواني سان منهنجو تمام گهڻو پيار ۽ محبت هُئي ـــ هو ڳائڻ ۾ به مور هيو ته شاعر به بي مثال. ڪڏهن وقت مليو ته پنهنجي ان دوست تي به لکندس، ڇو ته زندگيءَ جا کوڙ سارا سال هن سان سنگ ۽ سنگت ۾ گذاريا آهن. اڄ درگاهي ديوانو به ڪونهي، محبوب، محمد هاشم به ڪونهي، گُل گلڙو به ڪونهي پر اختر درگاهيءَ سان وڏن واري محبت جاري آهي. مائي بيگم فقيرياڻي وڏا ڪشالا ۽ محنت ڪري وڏي لوڪ ڪلاڪاره بڻي ۽ هن ريڊيو يا ٽي وي جو سهارو نه ورتو. سنڌي ماڻهن جوڪو به خوشيءَ وارو ڏڻ هوندو هيو ته مائي صاحبا جو اُتي هجڻ ضرورت پئجي ويندي هُئي. جنهن محفل ۾ مائي صاحبا نه هوندي هُئي اها محفل بي مزي هوندي هُئي. اڄ اختر درگاهي، مائي صاحبا جي آستان تي ۽ ان جي مسند تي ويٺل آهي، شاعر به آهي، محقق به آهي ته بهترين راڳي به آهي، مون وڏا وڏا فنڪار مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي اوطاق تي ايندا ڏٺا جن ۾ اڄ جي وڏي فنڪارا عابده پروين به هُئي. مائي صاحبا جي ڏينهن ۾ تمام وڏا ۽ برک فنڪار موجود هُئا مگر مائي صاحبا جو انداز انهن سڀني کان نرالو هو. مائي صاحبا ۾ ڪا به وڏائي ڪانه هُئي ــ امير توڙي غريب جي محفل ۾ هڪ جهڙو ڏيکاءُ ڏيندي هُئي.