راڳ جي رمز ۽ فقيري فيض
- مائي غلام فاطمه لعل
- داتا بگن شاهه وڏو
- ڀٽائي پير سائين شير
- داتا ولايت شاهه
اهڙي طرح مائي بيگم فقيرياڻي جي شخصيت سنڌ جي ٻن خاص صوفي درگاهن جي روحاني درسگاهه جي طالب علم ۽ عقيدتمند رهي هڪ درگاهه ڀٽ شاهه ۽ ٻي درگاهه حضرت هنباهه. هن هيٺ اسين تفصيل سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي مليل راڳ جي رمز ۽ فقيري فيض جو ذڪر ڪنداسون جنهن ۾ اها ڀلي ڀت خبر پوندي ته مائي بيگم فقيرياڻي مٿي ذڪر ڪيل درگاهن ۽ انهن شخصيتن کان گهڻو متاثر ۽ عقيدت مند هُئي ۽ اڳتي هلي صوفياڻي راڳ، شاعريءَ ۽ فقيري شخصيت ۾ انهن هستين جي دعا ۽ فيض جو مظهر بڻي.
مائي غلام فاطمه لعل جي پيشنگوئي ۽ دُعا
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت هُجي يا سندس خاندان جو ذڪر، ان سلسلي ۾ جنهن شخصيت جو پهريون حوالو ايندو اُها آهي سنڌ جي مانائِتي درويشياڻي، شاعره ۽ راڳي مائي غلام فاطمه موچاڻي، جنهن جو ذڪر هن ڪِتاب جي پهرين باب ”وڏن جو احوال “ ۾ اچي چُڪو آهي. اسان اهو اڳ به ٻُڌائي چُڪا آهيون ته مائي بيگم فقيرياڻي جي ڄمڻ جي پيشنگوئي به مائي غلام فاطمه ڪئي هُئي پر اڳتي هلي خود مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ويراڳ ۽ شاعري جي سفر ۾ ۽ سندس درويشي ۽ فقيري سڀاءَ ۾ مائي غلام فاطمه لعل جي شخصيت جو وڏو اثر ۽ دعا شامل رهي.
مائي غلام فاطمه جو تعلق مائي بيگم فقيرياڻي جي خاندان سان ان جي ولادت کان اڳ جُڙي چُڪو هو جو مائي غلام فاطمه کي به ڪا روحاني ۽ حقيقي رمز حاصل ٿيڻي هُئي پوءِ ان جو وسيلو ۽ مرحلو به، انهن ميربحرن (مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وڏن) جي بتيلن تي طئي ڪرڻو پيو هوس. مائي بيگم فقيرياڻي اڃان ڄايل به نه هُئي جو مائي غلام فاطمه لعل جا ڪلامَ ۽ سندس غمناڪ آواز سندس وڏڙن جي مياڻين ۽ ٻيڙين تائين پهچي چُڪو هو. اهو ڪلام مائي غلام فاطمه جي سنگتياڻي ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نانيءَ (مائي بيگم اول) کي ياد هو، اهو ڪلام ان جي وسيلي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ماءُ مائي موليڏني وٽ پهتو جا جيڪا ماءُ جي وفات کانپوءِ کيس ياد ڪري مائي غلام فاطمه جا ڪلامَ پئي جھونگاريندي هُئي.
درد لڳو آ دلبر جو، جيڪي آهي منهنجي جيءَ ۾
ڪير ڪشالا ڪري، تنهنجي محبت وڌو آ مامري
مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ننڍپڻ ۾ئي اهي ڪافيون ذهن نشين ڪرايون ويون جو هُنَ ياد ڪري ورتيون. ٻي طرف مائي غلام فاطمه لعل جي شخصيت جون ڳالهيون ۽ سندس وڏڙن وٽ اُنَ جي اچڻ ۽ سڪ پريت جا قصا به کيس ٻُڌڻ ۾ آيا. نه صرف ايترو مائي بيگم فقيرياڻيءَ سان ننڍي عُمر ۾ ئي مائي غلام فاطمه جي شفقت ۽ دعائون شامل رهيون.
مائي غلام فاطمه لعل جڏهن سن 1925ع ۾ وفات ڪئي تڏهن مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي عُمر ڏهه سالَ هُئي. جنهن انهيءَ عُمر ۾ نه صرف مائي غلام فاطمه کي ڏٺو بلڪه دُعا پڻ حاصل ڪئي. سندس ماءُ مائي موليڏني ننڍڙي هوندي ئي مائي غلام فاطمه وٽ کيس ڳوٺ ڪٽن (پنو عاقل تعلقي) ۾ وٺي ويندي هُئي ــ مائي غلام فاطمه ننڍڙي ”بيگم“ کي پنهنجي ساڳي سنگتياڻي مائي بيگم اول جي صورت سمجھي ڏاڍي خوش ٿيندي هُئي ۽ چوندي هُئي ”اچي ويو منهنجو محبوبُ بيگم سائين“ . مائي غلام فاطمه لعل، مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ننڍڙي هوندي ڀر ۾ ويهاريندي هُئي ۽ سندس مٿي تي هٿ گُهمائي پيار ڪندي هُئي ۽ دُعائون ڏيندي هُئي. اهو به چون ٿا ته مائي غلام فاطمه موچاڻي پنهنجي وفات کان اڳ، مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي اوبر پياري وئي هُئي (18).
اڳتي هلي جڏهن مائي بيگم فقيرياڻي باقاعده راڳ جي ابتدا ڪئي ته اُهو به هڪ عجيب اتفاق چئجي يا مائي غلام فاطمه جي پيشنگوئيءَ جو اثر جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجي راڳ جي باقاعده پهرين ”بسم الله“ به مائي غلام فاطمه لعل جي ڳوٺ ڪٽن ۾ سندس بيٺڪ واري ٿلهي تان ڪئي، جنهن ٿلهي تي ويهي مائي غلام فاطمه پنهنجي آخري ڏينهن ۾ يڪتاري تي راڳُ ويراڳُ ذريعي توحيد جي پرچار ڪندي هُئي. ان وچ ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي حياتيءَ ۾ ڪجهه اهڙا ڏک ڏولاوا به آيا، جو ڪجهه عرصو مائي بيگم فقيرياڻي مائي غلام فاطمه جي پوين وٽ ”سانگن“ ۾ به رهي. سانگن ۾ ئي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وڏي ڀاءُ محمد هاشم (1972ع ــ 1908ع) جي دوستي، مائي غلام فاطمه لعل جي ٻالڪي ۽ شاگرد ۽ راڳي وريام فقير گاهياڻيءَ سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي ڀائپيءَ ۽ برادريءَ ۾ بدلجي وئي. مائي بيگم فقيرياڻي، جڏهن 1944ع ۾ روهڙي شهر ۾ رهائش پذير ٿي ته مائي غلام فاطمه لعل جا ڏوهٽا ۽ ڏوهٽيون ته اُتي ايندا ها. جڏهن ته وريام فقير گاهياڻي ۽ ان سان مائي غلام فاطمه لعل جا ٻيا شاگرد سهراب فقير، نهال فقير ۽ پيرو فقير به روهڙي اچي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي مائي غلام فاطمه لعل جا ڪلام يڪتاري تي ڳائي ٻڌائيندا هئا.
ڀٽائي پير سائين شيرَ جي تلقين ۽ راڳ جي اجازت
طعنا، تُنڪا ڏين ٿا مونکي ـــ پاڻ ڏني آ شير امانت
سنڌ جي جنهن بزرگ هستيءَ جي دُعا ۽ ساٿَ مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي صوفياڻي ۽ توحيدي راڳ ويراڳ جي ميدان ۾ بي خوف آڻي بيهاريو اهو بزرگ هيو درگاهه ڀٽ شاهه سان تعلق رکندڙ ۽ سنڌ جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي خاندان جو چشم و چراغ ڀٽائي پير سيد شير محمد عرف سائين شير.
اُهو سائين شير ئي هُيو جنهن اڀرندڙ صوفي شاعره ۽ راڳي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي همٿايو، سندس مٽن مائٽن کي سندس راڳ لاءِ راضي ڪيو ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو درگاهه ڀٽ شاهه سان اهڙو تعلق قائم ڪرايو جو اڳتي هلي مائي بيگم فقيرياڻي سڄي سنڌ ۾ ”لطيف جي فقيرياڻي“ ۽ ”ڀٽائي جي فقيرياڻي“ سڏجڻ لڳي. پاڻ پوري زندگي درگاهه ڀٽ شاهه جي خاص طور تي سائين شير محمد، ان جي فرزند سائين محمد جوڙئي ويندي سائين شير جي پوٽن سائين غلام حيدر ۽ سائين مٺل جي بيحد عقيدت مند رَهي، اهڙي طرح مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو ڀٽائي پيرن جي ٽن پيڙهين سان گهرو تعلق ۽ نيازمندي رهي. خاص ڳالهه ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي لطيفي لباس ”ڪارو ويس“ به درگاهه ڀٽ شاهه تان مليو جيڪو هن سموري زندگي پاتو ۽ ٻي رنگ جو لباس تن تي نه پهريو. هينئر انهيءَ جو تفصيل پيش ڪجي ٿو.
هي انهن ڏينهن جو قصو آهي جڏهن اڃان مائي بيگم فقيرياڻيءَ باقاعده راڳ ويراڳ اختيار نه ڪيو هو، البت مائي غلام فاطمه لعل جي سندس خاندان سان تعلق ۽ ان جي شخصيت ۽ شاعريءَ سندس دماغ تي پنهنجا اثر ڇڏيا هئا، ٻي پاسي سندس والد هارون فقير جو درگاهه حضرت هنباهه جو طالب ۽ صوفي راڳي ٿيڻ ڪري، مائي بيگم فقيرياڻي فقراهي راڳ ۽ صوفيانه شاعريءَ کان واقف ٿي چُڪي هئي جو خود پاڻ به پنهنجي والد هارون فقير سان گڏ ننڍڙي هوندي ڪافين ڪلام جھونگاريندي هُئي جي هُنَ پنهنجي والد هارون فقير کان سکيا هئا. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شادي به ننڍي عُمر ۾ ٿي وئي. گهڻي عرصي کان پوءِ هيڏانهن کيس هڪ پُٽ جي ڄمڻ سان هڪ طرف گهڻي خوشي محسوس ٿي ته سُتت ئي سندس هڏ ڏوکي والد هارون فقير جي وفات کيس ڏکويل بڻائي ڇڏيو. انهن ئي ڏينهن جو ذڪر ڪندي سندس فرزند درگاهي ميراڻي لکيو آهي ته ”جڏهن آءٌ ناچيز امڙ بيگم فقيرياڻي کي سڪي سڪي ۽ پِيرن کان پني ڄميو هوس ته اَسُر ويل پنهنجي ٻيڙيءَ جي آڳل تي ويهي نبي ڪريمصه جي ساراهه ۾ مولود آلاپيندي هُئي (19) تن ڏينهن ۾ مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر ۾ ستين جي آستان لڳ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ پنهنجي ساهُرن وٽ رهندي هُئي جيئن ته سندس آواز سُٺو هو شروع شروع ۾ پنهنجن مٽن مائٽن جي شادي مُرادين ۾ سهرا ۽ لاڏا چوندي هُئي ــ سندس آواز ايترو ته اثر ڪندڙ هو جو کيس تر جي هر شاديءَ ۽ ٻي خوشيءَ جي موقعي تي سهرن چوڻ لاءِ باقاعده مدعو ڪيو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ روهڙيءَ ۾ سندن مياڻيءَ جي سامهون رهندڙ وڏيرن باغائي ڀُٽن جي ڪنهن شاديءَ جي موقعي تي ڀٽائي پيرُ سائين شير آيل هو جيڪو وڏيرن ڀُٽن جو مُرشد هو هيڏانهن مائي بيگم فقيرياڻي به انهيءَ ڪاڄ ۾ سهرا ۽ لاڏا چوڻ لاءِ ڪوٺايل هُئي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو آواز ۽ آلاپ جڏهن ”سائين شير“ ٻڌو ته چيائين ”اها ڇوڪري جيڪا سهرا ٿي چوي ڪٿي آ“. پوءِ مائي بيگم جڏهن سائين شير جي اڳيان آئي ته سائين شير کيس سهرو چوڻ لاءِ چيو: مائي بيگم سائين شير اڳيان جيڪو سهرو چيو اُنَ جا ٻول هي هُئا: ”دل آهي الائي ڪنهن لُٽي آ، پرين رمزن واري راز سان “. (20)
ڀٽائي پيرُ سائين شيرُ مائي بيگم جي آواز کان ڏاڍو مُتاثر ٿيو ۽ انعام ۾ کيس هڪ روپيو ڏنائين ۽ چيائين ته ”هي روپيو رکي ڇڏ جيتري حياتي اٿئي.“ ڀٽائي پيرَ سائين شير جي همت افزائي ۽ دُعا مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي وڌيڪَ حوصلو عطا ڪيو هينئر سندس آواز روهڙي ۾ ميربحرن ۾ مياڻيءَ مان نڪري آسپاس جي شادين مُرادين ۾ سهرن ۽ لاڏن جي صورت ۾ پهچي چُڪو هو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي والد هارون فقير کي ته فقيري ۽ راڳ جي رمز ملي چُڪي هُئي، پر سندس ٻيا مٽ مائٽ خاص طور تي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا ڏير ۽ سؤٽ ۽ سڄو ساهراڻو گهر هڪ طرف اڻ پڙهيل هئا ته ٻي طرف ڏنگا پڻ. جن کي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي روپَ ۾ سندن خاندان جي ڪنهن عورت جو راڳُ طرف ايڏو رجحان پسند نه آيو ۽ هو مٿس سخت ڪاوڙجي پيا. هي اهو وقت هو جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو والد هارون فقير ۽ سڳو چاچو ۽ سهرو گُل ميربحر وفات ڪري چُڪا هئا، باقي سندس پوڙهي ماءُ موليڏني ۽ هڪ ڀاءُ محمد هاشم رضا ڳوٺ ۾ رهندا هئا ــ مائي بيگم پنهنجن مٽن مائٽن جي سخت رويي کان ڏاڍو پريشان ٿي وئي. سندس گهر وارو ”واحد بخش“ هڪ سادو سودو ۽ اٻوجھه شخص هو جيڪو پنهنجن ڀائرن جي اعتراض ۽ ارڏائيءَ اڳيان نه اچي سگهيو ۽ ٻرندڙ باهه ۾ پنهنجي گهر واريءَ جو دفاع نه ڪري سگهيو ۽ بلڪل غير جانبدار ٿي ويو. اهڙي صورتحال ۾ مائي بيگم جي اڪيلي ڀاءُ محمد هاشم سان پڻ پنهنجن سوٽن ۽ مائي بيگم جي ڏيرن جي سخت اڻبڻٽ ٿي پئي. آخر مائي بيگم کي پنهنجي ڏيرن سال کن جي ڄايل پُٽ ”درگاهه ڏني“ سميت سندس پوڙهي ماءُ مائي موليڏني ۽ ڀاءُ محمد هاشم ڏانهن رضا ڳوٺ اُماڻي ڇڏيو (21). محمد هاشم پنهنجي پوڙهي ماءُ موليڏني سان پنهنجي والد هارون فقير جي پُراڻي بتيلي سان بابي مرحوم جي ئي پتڻ کي سنڀاليو پيٽ گذر پئي ڪيو. محمد هاشم جي بابي واري ٻيڙي گهڻي پُراڻي ۽ ڪمزور هئي جنهن سبب هو گهڻي مالَ ۽ ڍور ڍڳن جو پتڻ نه پئي ڪري سگهيو، مٿان سندس ڀيڻ ۽ ننڍڙو ڀاڻيجو وٽس رهڻ لڳا. اهڙن ڏينهن ۾ ڪجهه عرصو هو سانگين ۾ اچي رهيا. آخر مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو گهر وارو واحد بخش به پنهنجي ڀائرن جي رويي کان مايوس ٿي، اُنهن سان تڪرار ڪري پنهنجو ارڪو ترڪو ۽ بتيلو ڇڏي پنهنجي گهر واري ۽ ننڍڙي پُٽ سان اچي سانگين ۾ رهيو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو وڏو ڀاءُ محمد هاشم اهڙين حالتن ۾ سخت ذهني دٻاءَ جي ور چڙهي ويو ۽ ڪجهه عرصو ته ذهني مريض به ٿي ويو ۽ چرين جيان ڪهاڙي ڪلهي تي رکي ساري ساري رات درياهه ۾ بيٺو هوندو هو اهڙين ڏکين ۽ مشڪل حالتن مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي پوڙهي ماءُ، مسڪين ڀاءُ، ان جي ٻچن ۽ پنهنجي پُٽ سميت سارو اٽالو سنڀالڻو پيو (22).
مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي خبر هُئي ته سندس راڳ ويراڳ تي سندس ڏير ۽ ٻيا مٽ مائٽ سخت ڪاوڙيل آهن، اهڙي ئي هڪ سال جڏهن شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي سالياني ميڙي تي ڀٽ شاهه وئي ته اُتي ڀٽائي پير ”سائين شير“ کي حقيقت حال کان آگاهه ڪيائين. سائين شير کي پنهنجي مجبوري ٻڌايائين ۽ کيس پنهنجي ڏيرن ۽ مٽن مائٽن ڏانهن روهڙيءَ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ وٺي آئي، جِتي ڪنهن زماني ۾ سائين شيرَ سندس سهرن ڳائڻ تي روپيو ڏئي ويو هوس. سائين شير روهڙيءَ اچي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي مٽن مائٽن کي هدايت ڪئي ته ”بابا هي ڪو غلط ڳائڻ ناهي. هي ته فقيري رنگ آهي، ڇڏيوس ته لطيف سائين ۽ ٻين درويشن جي حق سچ جو پيغام گهر گهر پهچائي.“ سائين شير اُتي ئي مائي بيگم جي ڀاءُ محمد هاشم جي ٻانهن وٺي مائي بيگم کي ڏني ۽ چيائين ته ”هن مسڪين ڀاءُ ۽ هن جي ٻچن جي پارت هُجئي.“ سائين شير اُهو به چيس ته ”راڳ جي عزت ۽ پنهنجي شرافت قائم رکجانءِ ــ راڳ ۾ پئسن جي لالچ نه ڪجانءِ، ڪنهن سان به ڳائڻ جا پئسا مقرر نه ڪجانءِ. پنهنجي زندگي فقير ٿي گذارجانءِ.“ (23)
اهڙي طرح مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي راڳ ويراڳ جي باقاعده اجازت ڀٽائي پير سائين شير جي ساٿَ سان حاصل ٿي جو مائي بيگم جي ڏيرن ۽ مٽن مائٽن ۽ وارثن کڻي ماٺ ڪئي. مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ايترو به ٻُڌايو آهي ته سائين شير سندس مائٽن کي اهو به چيو ته ”ابا جيڪو مائي بيگم کي راڳ کان منع ڪندو ان جي قيامت نه ٿيندي.“ (يعني قيامت سُٺي نه ٿيندي) (24).
مائي بيگم فقيرياڻيءَ به سڄي عُمر صدق دل سان سائين شير جي مٿي بيان ڪيل اصولن، هدايتن ۽ تلقين تي عمل پيرا رهي. اهڙي ئي حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جا اُهي قيمتي لفظ هِتي لکجن ٿا، جنهن ۾ پاڻ چيائون ته ”راڳ لاءِ پرهيز ضروري آهي ڇو ته هي حق سچ جي ٻولي آ. مَلهه هُجي يا راڳي نخري بازي ڪندو ته نه هن جو راڳُ هلندو ۽ نه مَلههَ“. مائي بيگم وڌيڪَ چيو ته ”هي پاڪ ڪَمُ آهي، باقي ماڻهو شينهن خيال هُجي، مونکي ته مرشد لطيف جي هيءَ سُوءَ ڪارو ويس مليل هو تنهن ڪري هر ماڻهوءَ مونکي مائي بيگم يا مائي بيگم فقيرياڻيءَ ڪري پُڪاريو.“ (25)
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو درگاهه ڀٽ شاهه سان نهايت گهرو تعلق جُڙي ويو جو سائين شير جي وفات بعد سندس فرزند سائين محمد جوڙيل شاهه سان به ساڻس نهايت عقيدتمندي ۽ نياز مندي رهي، پاڻ سندس حاضريءَ ۾ درگاهه ڀٽ شاهه تي هر سال ڀيرا ڪندي هُئي خاص ڪري شاهه لطيف جي سالياني ميڙي تي ته پورا 15 ڏينهن اچي رهندي هُئي. ڀٽائي پيرن ۾ سائين محمد جوڙيل شاهه جي حويليءَ توڙي اوطاق تي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي وڏي عزت ۽ احترامَ سان ڏٺو ويندو هو جو سندس رهڻ لاءِ کيس الڳ ”ڪافي ڏني ويندي هُئي جِتي پاڻ پنهنجي ساٿي فنڪارن، مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين سان به اچي رهندي هُئي، اُتي مائي بيگم جي سموري ٽولي ۽ ڀاتين لاءِ سائين محمد جڙئي جي حويليءَ مان ڪشادو ننگر ايندو هو. مائي بيگم فقيرياڻي جي اهڙي عقيدتمنديءَ جو سلسلو سائين محمد جوڙيل شاهه جي فرزندن ۽ سائين شير جي پوٽن سائين غلام حيدر ۽ سائين مٺل جي زندگيءَ ۾ به جاري رهيو. سائين غلام حيدر ۽ سائين مٺل ته مائي بيگم سان ملڻ روهڙي شهر ۾ سندس اوطاق تي به ايندا رهندا هُئا. مائي بيگم فقيرياڻي هڪ سهرو ٺاهيو جنهن ۾ هن سائين محمد جوڙيل جو ذڪر ڪيو آهي.
آڻي ڏي مساڳ الا، محمد جوڙئي جو جي باغَ جو.
ڪاري ويسَ جي ڪهاڻي
سنڌ ۾ ”ڪارو ويس“ جِتي ماتمي لباس طور سڃاتو ويندو آهي اُتي هن ويس کي ”لطيفي ويس“ به چيو ويندو آهي جو شاهه لطيف ۽ درگاهه ڀٽ شاهه سان عقيدتمندي ۽ تعلق رکندر طالب ۽ فقير ”ڪارو ويس“ پائيندا آهن. مائي بيگم فقيرياڻي به سموري زندگي ڪاري ويس ۾ گذاريو ۽ ٻي ڪنهن رنگ جو لباس نه پاتو. ڇو ته پاڻ امامن سڳورن جي وڏي عقيدتمند هُئي ۽ ڪاري ويسَ کي امامن پاڪن جي سُوءَ سمجھي ٻارهن مهينا پائيندي هُئي. ان حوالي سان مائي بيگم فقيرياڻي خود پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪاري ويس پائڻ جي اُها ڪهاڻي به ٻُڌائي آهي ته هن ڪارو ويس باقاعده ڪڏهن ۽ ڪينئن پاتو مائي بيگم فقيرياڻيءَ ٻُڌايو ته سائين شيرَ کي ٻه فرزند هُئا. وڏو سائين محمد جوڙيو ۽ ننڍو ولي محمد عرف ولڻ سائين. ولڻ سائين هڪ خوبرو نوجوان هو ۽ وڏو طاقتور پهلوان پڻ، پر افسوس جو سائين شير جو اهو پهلوان نينگر صرف 22 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو سو به ان تاريخ تي جنهن تاريخ تي سندس شادي ٿيڻي هُئي. اهڙي دُکدائڪ سانحي تي سائين محمد جوڙئي کي وڏو صدمو رسيو جنهن سندس سُوءِ ۾ ڪارو ويسُ پائي ڇڏيو ته سمورن طالبن ۽ فقيرن به ڪارو ويس پائي ڇڏيو. مائي بيگم وڌيڪَ ٻڌايو هو ته اهڙي ڏکوئيندڙ ۽ سوگوار ماحول اندر حويليءَ ۾ وڃون ته سڀئي سادات سُوءِ ۾ هجن ۽ اسانکي ڄڻ حياءُ ٿي اڇو لٽو پائڻ جو، يا مُساڳ لائڻ جو يا ڦڻي ڏيڻ جو“، مائي بيگم فقيرياڻي اڳتي اهو به ٻڌايو ته سائين محمد جوڙئي پورا 14 سالَ، ولڻ سائينءَ جي سُوءَ ڪئي. پر پاڻَ سڄي عُمر انهيءَ کي امامن سڳورن جي سوءَ سمجھي ڪاري ويسَ ۾ گذاري. هونءَ به مائي بيگم فقيرياڻي سڄي زندگي نه ڳهه ڳٺو پاتو نه ڪا دهري نه ڪا ٻانهين نه ڪا ڪڙي بس اهو ڪارو ويسُ ۽ ڪنٺو ڳچيءَ ۾.“ (26)
مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ڀٽ شاهه جي درگاهه توڙي سائين محمد جوڙئي سان بيحد نيازمندي ۽ عقيدتمندي هُئي، تنهن ڪري سائين ولي محمد عرف ولڻ سائين جي جوانيءَ ۾ اوچتو وفات سبب کيس ايترو صدمو رسيو جو مائي بيگم انهيءَ سانحي تي پنهنجو هڪ ڪلام به چيو:
جُدا ٿيو جاني آ، ولڻ ريءَ ويراني آ
نه صرف ايترو پر مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجن ڪيترن ئي ڪلامن ۾ ولڻ سائين کي ياد ڪندي سندس نالو کڻندي هُئي.
درگاهه حضرت هنباهه جو فيضُ
بيگم جا سائين!، ڪر ڪا ڀلائي
مُرشد منهنجا هوت هنباهي
مائي غلام فاطمه لعل ۽ ڀٽائي پير سائين شير جي دُعا کانپوءِ، مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي درگاهه حضرت هنباهه تان به گهڻو فيض حاصل ٿيو . نه صرف ايترو پر درگاهه ڀٽ شاهه سان گڏوگڏ درگاهه هنباهه سان به سندس اهڙو تعلق جُڙي ويو جو پاڻ ”لطيف جي فقيرياڻي“ سڏجڻ سان گڏ درگاهه حضرت هنباهه جي اهم فقيرياڻي ۽ ويراڳي طور سڃاپجڻ لڳي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي خاندان جو درگاهه هنباهه سان تعلق ته مائي بيگم جي ولادت کان اڳ ئي قائم ٿي چُڪو هو، جو سندس والد هارون فقير درگاهه هنباهه جي بزرگ داتا بگن شاهه اول جو طالب هو ۽ مائي بيگم فقيرياڻي جي ولادت وقت داتا بگن شاهه وڏي ائين به چيو هو ته ”هيءَ نينگري هڪ مرد فقير آهي.“ مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي والد هارون فقير جي وفات کانپوءِ پاڻ به درگاهه هنباهه جي گادي ڌڻي داتا ولايت شاهه جي طالب ٿي اهڙي طرح درگاهه هنباهه سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي خاندان جي نه صرف عقيدتمندي جو سلسلو جاري رهيو بلڪه اهڙي گهري تعلق جِتي مائي بيگم فقيرياڻي جي فقيري سلسلي ۽ ويراڳ کي جلا بخشي، اُتي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي پرسوز آواز جي ذريعي درگاهه هنباهه جي صوفي بزرگ شاعرن داتا فيض درياهه ۽ داتا ولايت شاهه جو رندي ۽ مجازي ڪلام سنڌ جي جھر جھنگ ۾ ڦهلجي ويو.
مائي بيگم فقيرياڻي ننڍي هوندي کان ئي درگاهه حضرت هنباهه تي ويندڙ هُئي مائي بيگم فقيرياڻي جي جڏهن شادي ٿي ته پوءِ به سندس اچڻ وڃڻ درگاهه هنباهه تي جاري رهيو جو سندس هڪ فرزند درگاهي ميراڻيءَ جو جنم به هنباهه ۾ ئي مرشدن جي حويلي ۾ ٿيو هو. اڳتي هلي سن 45 ــ 1944ع ۾ مائي بيگم فقيرياڻي سانگين کان لڏي روهڙي شهر ۾ اچي رهي ۽ درياهي زندگي ترڪ ڪري پنهنجي پوڙهي ماءُ موليڏني، ڀاءُ محمد هاشم، اڪيلي پُٽ درگاهي ۽ گهر واري واحد بخش سميت مسواڙ تي جاءِ وٺي رهڻ لڳي. هي اهو دور هو جڏهن مائي بيگم فقيرياڻي باقاعده راڳ ويراڳ شروع ڪيو هو ۽ ساڳي ئي سال جئن درگاهه هنباهه تي داتا فيض درياهه جي ميڙي تي وئي ته اُتي گادي نشين داتا ولايت شاهه جي طالب ٿي ــ مائي بيگم فقيرياڻي کي درگاهه ڀٽ شاهه تان حسيني ۽ لطيفي ڪارو ويس ته اڳ ئي مِلي چُڪو هو ”داتا ولايت شاهه کيس گيڙو ويسُ به ڏنو جيڪو چُمي ڪري هُنَ اکين تي رکيو ۽ سيني ۾ سمايو.
مائي بيگم فقيرياڻي درگاهه هنباهه تي پنهنجي پهرين محفل ئي اهڙي ڪئي جو ماڻهو دنگ رهجي ويا. هينئر داتا فيض درياهه ۽ داتا ولايت شآهه جي ڪلام کي هڪ نئون آواز ملي ويو ــ مائي بيگم فقيرياڻي اهو ڪلام سڄي عُمر وڏي عقيدت ۽ اُڪيرَ سان ڳايو ۽ ان کي سنڌ جي جھر جھنگ ۾ پهچائي ڇڏيو ۽ ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو تعلق داتا ولايت شاهه سان اهڙو جُڙي ويو جهڙو ڀڳت ڪنوار رام جو پنهنجي مُرشد سترامداس سان. مائي بيگم فقيرياڻي سچ پچ درگاهه هنباهه جي سڄي عُمر تمام گهڻي عقيدتمند رهي پاڻ ته ٻڌي ٻانهي رهي پر پنهنجي اولاد ۽ پوري عيال سميت درگاهه هنباهه جون حاضريون ڏيندي رهي، داتا ولايت شاهه جو به مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت توڙي راڳ سان وڏو رازُ هو. مائي بيگم فقيرياڻي به داتا ولايت شاهه جي شخصيت توڙي شاعريءَ کان گهڻو مُتاثر هُئي. ٻي پاسي درگاهه هنباهه صوفياڻي راڳ جو به وڏو مرڪَزُ هُو جِتي اٺئي پهرَ راڳُ ويراڳُ هلندو هو ۽ وڏا راڳي ايندا هُئا ــ خود داتا ولايت شاهه پاڻ به راڳَ جو وڏو ڄاڻو ۽ عاشق هو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي به راڳ ويراڳ جون رمزون پنهنجي والد هارون فقير کانپوءِ مرشد داتا ولايت شاهه وٽان مليون. هينئر پاڻ شاهه لطيف، مائي غلام فاطمه لعل، داتا فيض درياهه ۽ ٻين صوفي شاعرن سان گڏوگڏ داتا ولايت شاهه جو به گهڻي کان گهڻو ڪلام پنهنجن محفلن ۾ ڳائيندي رهي. نه صرف ايترو بلڪه ڪجهه ڪلامن جون ڌُنون به هُنَ داتا ولايت شاهه کان ٻُڌندي سکي ورتيون، ان لحاظ کان داتا ولايت شاهه مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو مرشد سان گڏوگڏ صوفياڻي راڳ ۾ استاد به هو. مائي بيگم فقيرياڻي جِتي ٻين بزرگن جو ڪلام ڳائي مقبول بڻايو اُتي هن، داتا ولايت شاهه جو ڪلام پڻ سڄي سنڌ ۾ نه صرف مشهور ڪيو بلڪه اُنَ کي ميڊيا تي رڪارڊ پڻ ڪرايو.
1. حُسن سردار ڪيا سينگار ٿيا گلزار گلزار
2. حال ٻڌايان ڪنهنکي عشق جي آزار جو
3. پنهنجي پنهل کي پرچايان
4. وڃان ٿو يار جي در تي گدا گرٿي کٽي قسمت وغيره.
داتا ولايت شاهه، مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي تمام گهڻي عزت ۽ شفقت سان ڏسندو هو ۽ مائي بيگم فقيرياڻي کانئس گهڻو فيض حاصل ڪيو. داتا ولايت شاهه سير سفر دوران مائي بيگم جي گهر روهڙيءَ به ايندو هو، جِتي مائي بيگم سندس عقيدت ۽ احترامَ ۾ هر وقت ٻانهون جوڙي رکندي هُئي.
داتا ولايت شاهه هر سال نائين محرم جي رات ۽ بيدل سائين جي سالياني عرس تي روهڙي ايندو هو ته مائي بيگم فقيرياڻي سندس عقيدت ۾ اُتي موجود رهندي هُئي.
جڏهن 1971ع ۾ هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي هُئي ته روهڙي شهرُ هندستاني جنگي جهازن جي خاص نشاني تي هو جو ريلوي اسٽيشن روهڙي ۽ لئنسڊائون پُل تي روزانو بمباري ٿيندي هُئي، اهڙي صورتحال ۾ روهڙي شهر جا اڪثر شهري لڏي ٻين شهرن هليا ويا هئا، مائي بيگم فقيرياڻي اهڙي صورتحال ۾ پنهنجن ويهن کان به وڌيڪَ گهر ڀاتين ۽ عيال سان درگاهه هنباهه وڃي رهي هُئي. داتا ولايت شاهه سندس سموري عيال کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. درگاهه جون ڪافيون سندن حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پورا پنڌرنهن ڏينهن مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي عيال جي سارَ سنڀالَ لڌي. راقم الحروف به انهيءَ عيال ۾ شامل هو جنهن جي ان وقت عُمر 8 سالَ هُئي.
داتا ولايت شاهه جي وفات (1982ع) کان پوءِ سندس فرزند ۽ گادي نشين داتا بگن شاهه ثانيءَ جي به مائي بيگم فقيرياڻيءَ تمام گهڻي عقيدت مند ۽ نياز مند رهي، جيئن ته داتا بگن شاهه، سندس مرشد داتا ولايت شاهه جو پيارو ۽ اڪيلو فرزند هو مائي بيگم فقيرياڻي کيس ساڳي صورت سمجھيو نه صرف ايترو بلڪه اڪثر ڪلامن ۾ هو عقيدت وچان داتا بگن شاهه جو نالو به کڻندي هُئي.
مثال طور جڏهن مائي غلام فاطمه لعل جو ڪلام ”ڪير ڪشالا ڪَري تنهنجي محبت وڌو آ مامري“ ڳائيندي هُئي ته داتا بگن شاهه کي ياد ڪندي ائين به چوندي هئي ته:
تنهنجي مُحبت وڌو ”بگن“ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪَري
مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي شاعريءَ ۾ به ڪافي جاين تي ”درگاهه هنباهه“ سان ۽ خاص ڪري ان جي بزرگن داتا فيض درياهه، داتا ولايت شآهه ۽ داتا بگن شاهه سان تمام گهڻي عقيدت منديءَ جو اظهار ڪيو آهي، سندس هڪ ڪافي ته اهڙي آهي، جنهن ۾ مائي بيگم فقيرياڻي درگاهه هنباهه جي سمورن بزرگن ۽ گادي نشينن جو ذڪر نالو کڻي ڪيو آهي، جيڪا هن طرح آهي:
تنهنجا مونتي لک لک ٿورا آ هلي سردار
مُرشد هوت هنباهي
ٻُڍڙيءَ جا تو ٻيڙا تاريا، ٻُڍڙيءَ ڪئي پُڪار
آءٌ اوهانجي ساڳي ٻُڍڙي، سيد لهه ڪا سار
جان محمد جاڳ هنباهي، فيض جا درياهه
تاج محمد تجلي وارا تار منجان اچي تار
اتر وارا پيرَ هليا نيليءَ جا هسوارَ
بگن مون سان ڪر ڪا ڀلائي ڪامِلَ ڪلنگي دارَ
بيگم جا تون پير هلي آ، جانب جلويدار
شاهه ولايت شاهنشاهه تون، مرضيءَ جا مختيار
مطلب ته مائي بيگم فقيرياڻي سموري عُمر درگاهه حضرت هنباهه جي خاص طالب ۽ عقيدت مند رهي جنهن هن درگاهه خاص طور تي داتا ولايت شاهه کان تمام گهڻو فيضُ حاصل ڪيو.
صوفياڻو راڳُ ۽ ان جو اثرُ
سنڌي راڳ جو سنڌ جي ثقافت ۽ صوفيانه فڪر ۽ تحريڪ تي وڏو اثر رهيو آهي سنڌ جا صوفي راڳي ۽ صوفي شاعر تصوف جي وحدت الوجودي فڪر جي اثر هيٺ عالمي وحدت، انساني ايڪتا ۽ پيار محبت جو پيغام وڏي واڪي پهچائيندا رهيا آهن ــ سنڌ اندر صوفي شاعرن جو ڪلام ۽ پيغام صوفي راڳين جھر جهنگ پهچائي سنڌ جي عوام کي ذات، پات، رنگ، نسل ۽ مذهبي تفرقي جي قيد مان آزاد ڪري انهن ۾ ايڪي، اتحاد ۽ وحدت قائم رکڻ جي جدوجهد پئي ڪئي اهي. اهڙا اڪثر صوفي راڳي سنڌ جي مختلف صوفيانه فڪر جي يونيورسٽين (صوفي درگاهن) مان نروار ٿيندا رهيا آهن.
راڳ جي مورچي تي صوفي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي اها نرالي، يگاني ۽ شايد پهرين خاتون هُئي جنهن سنڌ جي صوفي درگاهن جي اثر هيٺ صوفي تحريڪ ۽ صوفيانه راڳ جو عَلَمُ کڻي سماجي رواجن ۽ پابندين کي ٽوڙي سچل سائينءَ جي سِٽ ”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون مرد ٿي مردانو“ جي مصداق جرئت مندانه قدم کڻي نروار ٿي ۽ پنهنجي فن ۽ شخصيت جو ايترو ته اثر قائم رکيو جو سنڌ جي تاريخ ۾ مرد صوفي راڳين جو حصو هڪ پاسي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو حصو هڪ پاسي آهي.
صوفي فڪر ۽ صوفي راڳ جي حوالي سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ کان اڳ ۾ ٻن ٻين عورتن مائي غلام فاطمه لعل (وفات 1925ع) ۽ رُڪي ٻائي عرف نماڻو فقير (ديهانت 1962ع) جا نالا اچن ٿا، پر صوفياڻي راڳ جي ڦهلاءَ ۽ اثر جي حوالي سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو حصو انهن کان ڪجهه قدر گهڻو رهيو آهي. مائي غلام فاطمه لعل جي ته دُعا سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي اها ڏات ملي پر مائي غلام فاطمه صوفياڻي راڳ جي مقابلي ۾ صوفيانه شاعريءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو ڇاڪاڻ ته مائي غلام فاطمه جي راڳ جو حلقو محدود هو، پاڻ صرف پنهنجي مرشد يا انهن جي خاص مُريدن جي حاضريءَ ۾ ڳائيندي هُئي سو به چون ٿا ته نقاب پائي ــ جڏهن ته مائي بيگم فقيرياڻي زندگيءَ جا پورا 60 سال عوامي ڪلاڪاره جي حيثيت ۾ سنڌ جي جھر جھنگ ۾ سنڌ جي صوفيانه پيغام ۽ آواز کي پهچايو. ٻي پاسي مائي رُڪي ٻائي کي وري پنهنجي مُرشد سخي قبول محمّد درازي مرداڻو نالو ”نماڻو فقير“ ڏنو جنهن پنهنجو تعلق صرف درگاهه درازا تائين محدود رکيو سو به صرف فڪري حد تائين ۽ هُنَ زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا به سنڌ کان ٻاهر بڙودا ۾ گذاريا ــ ان حوالي سان ”مائي بيگم فقيرياڻي“ جو حصو ان ڪري به گهڻو ۽ اهم رهيو جو هُنَ عورت جي ئي نالي ۽ روپ ۾ سنڌي راڳ کي ايترو ته زور شور سان ڦهلايو جو هينئر سنڌي راڳ ۽ تصوف جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن عورت جو ذڪر ڪبو ته يقيناً هڪدم ”مائي بيگم فقيرياڻيءَ“ جو نالو ئي ذهن تي تري ايندو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت ۽ صوفيانه راڳ تي جيڪڏهن غورَ سان نظر وجھبي ته ائين سمجهه ۾ ايندو ته هُنَ سنڌي راڳ جي ميدانَ ۾ انهيءَ ئي تحريڪَ کي اڳتي وڌايو جنهن کي شهيد ڪنؤر ڀڳت ڇڏي ويو. هونءَ به مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس راڳ جي انگ ۽ رنگ کي ڏسبو ته پاڻ ڀڳت ڪنؤر جو ئي ڄڻ ٻيو روپ هُئي. اها ئي فقيري ۽ نماڻائي، اهو ئي ڳائڻ جو سنڌي صوفياڻو ۽ اجتماعي انداز، غريبن ۽ اٻوجھن لاءِ اها ئي سڪ ۽ پريت، اُهائي سخاوت، اهو ئي نياز نوڙت ۽ هٿ جوڙي.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي راڳ ۽ آواز ۾ هڪ فقيري رنگُ ۽ قدرت جي ڪا ڏات شامل هُئي ۽ سندس راڳ حقيقت ۾ توحيد ۽ تصوف جو پرچار هو جنهن ۾ هڪ روحاني رمز ۽ رازُ رکيل هو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي صوفيانه راڳ جي ابتدائي سُتي ته پنهنجي والد ”هارون فقير“ کان ملي جنهن بعد ننڍپڻ ۾ ئي مائي غلام فاطمه لعل جي شاعريءَ ۽ شخصيت کان مُتاثر ٿي. سندس والد هارون فقير، درگاهه هنباهه جو طالب ۽ راڳي هو. مائي بيگم فقيرياڻي پاڻ به انهيءَ درگاهه جي گادي نشين داتا ولايت شاهه جي طالب ٿي جيڪو پاڻ به نه صرف برک صوفي شاعر هو پر راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو ۽ پاڻ به ڳائيندو هو اهڙي طرح مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي راڳ جي اوسر ۾ درگاهه هنباهه جي صوفيانه مرڪز ۽ داتا ولايت شاهه جي شخصيت جو گهڻو اثر ۽ حصو پڻ شامل ٿيو. ٻي پاسي سن 1944ع ۾ جڏهن پاڻ روهڙي شهر ۾ رهائش پذير ٿي ته وٽس مائي غلام فاطمه لعل جا پوٽا ۽ ٻالڪا خاص طور تي سُليمان فقير، وريام فقير گاهياڻي، پيرو فقير ۽ نهال فقير اچي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي سنڌُ جي صوفي بزرگن شاهه لطيف، سچل سائين، بيدل، فيض درياهه ۽ مائي غلام فاطمه لعل جون ڪافيون ياد ڪرائيندا رهيا. ٻي پاسي مائي بيگم فقيرياڻي راڳ جي باقاعده آغاز ۾ لاڙڪاڻي جي ڪلاسيڪل راڳي اُستاد جان محمد کان ڪلاسيڪل راڳ جي بنيادي تعليم به حاصل ڪئي، اهڙي طرح فقراهي ۽ صوفيانه راڳ توڙي لوڪ راڳ ۽ راڳڻين ۾ پڻ پاڻ رچي ريٽو ٿي پئي. اهو ئي سبب آهي جو جنهن دور ۾ مائي بيگم فقيرياڻي راڳ جي ابتدا ڪئي ان دور ۾ سنڌ اندر تمام وڏا راڳي جهڙوڪ جيوڻي ٻائي، جاڙو ڀڳت، ماسٽر چندر، الله ڏنو نوناري ۽ مٺو ڪلهوڙو وغيره موجود هئا جن جو وڏو ڌاڪو ڄمايل هو، پر مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي عوامي ۽ فقراهي انداز ۽ اثر ڪري ۽ بُزرگن جي دُعائن سان ايترو اُڀري جو جلد ئي سنڌ جي مقبول صوفيانه راڳين ۾ شُمار ٿيڻ لڳي. پاڻ پنهنجي فقيري شخصيت ۽ پُر اثر آواز سان ايترو اُڀري جو فن جي دنيا ۾ آفتاب بڻجي چمڪي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ويراڳ جي سلسلي ۾ اهڙا زرين اصول مليا جيڪي ورلي ڪنهن فنڪار ۾ لڀندا! جن اُصولن تي پاڻ سڄي عُمر عمل پيرا رَهي.
جنهن به محفل ۾ کيس دعوت مليل هوندي هُئي ان ۾ واعدي مُطابق ضرور ويندي هُئي ۽ بغير دعوت ڪاٿي به نه ويندي هُئي، اُتي ڏاڍي اُڪيرَ سان ويندي هُئي جِتي کيس وڏي مانَ مرتبي ۽ عزت سان گهرايو ويندو هو.
مائي بيگم فقيرياڻي هڪ عوامي فنڪاره هُئي ان ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهو کيس آسانيءَ سان دعوت ڏئي گهرائيندا هُئا ان ڪري به ته پاڻ پنهنجي هڪ اصول تحت محفل تي اچڻ جا مقرر پئسا نه ڳالهائيندي هُئي جو چوندي هُئي ته ”مقرر پئسا ڳالهائڻ مرشد جي جھل آهي.“ بس جيڪو منهنجو نصيب هوندو مونکي ملي ويندو.“ اهڙيءَ ريت پاڻ مهيني جون ٽيهئي راتيون دعوتن تي هوندي هُئي جوهر غريب غربو کيس پنهنجن شادين مرادين ۾ گهرائيندو هو، ايتري قدر جو عيد جي ڏهاڙي به پنهنجي گهر ۾ موجود نه هوندي هُئي. کيس صرف محرم مهيني جا ڏهه ڏينهن فرصت ملندي هُئي جيڪي پنهنجي ٻچن سان گذاريندي هُئي ۽ انهن ڏينهن ۾ خير خيراتيون ۽ نذر نياز ڪَندي هُئي.
دعوت امير جي هُجي يا غريب جي جنهن سان پهريان زبان ٿيل هوندي هُيس اتي ئي ويندي هُئي ۽ ڪنهن کي به دوکو نه ڏيندي هُئي البت جيڪڏهن اوچتو مرشدن يعني ڀٽائي پيرن يا هنباهي بُزرگن جي چوڻ تي ڪنهن ٻي پاسي وڃڻو به پوندو هوس ته اڳ واعدي ڪيل دعوت جي ميزبانن ڏانهن سندس ڳوٺ اڳواٽ اطلاع موڪليندي هُئي ۽ معذرت ڪندي هُئي ته ”ابا مرشدن جو زور پئجي ويو آهي اوهان ٻيو ڪو بندوبست ڪيو، يا مون وٽ اچي ٻي ڪا تاريخ مقرر ڪري وڃو آءٌ مرشدن کي پُٺي نه ٿي ڏئي سگهان“ ۽ اُهي به وري وٽس ٻيهر اچي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کان ٻي تاريخ وٺي ٻيهر برادريءَ ۾ سڏ ۽ ڪانڍون ڏيندا هئا، ڪيترا ته اڳواٽ مائي صاحبا کان تاريخ پڇي پوءِ پنهنجي شادي يا خوشيءَ جي پڌري ڪندا هئا. بهرحال پاڻ ڪوشش ڪري وعدي مُطابق مقرر تاريخ تي پهچي ويندي هُئي.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو شروع کان اهو اصول هيو ته جنهن به دعوت تي ويراڳ لاءِ ويندي هُئي ته پنهنجو ”وارث“ ضرور وٺي ويندي هُئي پهريان سڳو ڀاءُ، پوءِ گهر وارو ۽ آخر ڏينهن ۾ پنهنجي ننڍي پُٽ گل حسن عرف گل فقير کي ساڻ کڻندي هئي ۽ پاڻ سان گڏ ڳارائي کيس راڄن ڀاڳن ۾ متعارف ڪرائيندي هُئي. سندس فقيري شخصيت ۽ توحيدي راڳ جو اثر هو جو سنڌ جا ماڻهو کيس پنهنجي گهرن يعني نياڻين ۽ خواتين ۾ به ڳارائڻ سان عار نه ڪندا هئا. سندس ڳائڻ جو انداز ئي اهڙو هو جو محفل ۾ هڪ روحاني ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندي هُئي. محفل جي شروعات ۾ دعا گهري الله سائين، رسول پاڪ صه، پنجتن پاڪ ويندي پنهنجن مرشدن کي سنڀاريندي هُئي پوءِ حاضرين کي هٿ جوڙي چوندي هُئي ”ابا مهرباني ڪري مرشد لطيف ۽ ٻين بُزرگن جو توحيدي ڪلام خاموشِءَ سان ۽ دل جي ڪنن سان ٻڌو.“ (27)
ڪلامن ۾ توحيدي پچار، الله تعاليٰ ۽ رسولصه جو شانُ، امامن پاڪن جي مدح، قصيدا ۽ مرثيا ۽ پڻ شاهه لطيف جو صوفياڻو ڪلام ۽ ٻين بُزرگن جو عارفاڻو ڪلام وڏي عشق، اُڪير ۽ رندي انداز ۾ ڳائيندي هُئي سندس راڳ سان ٻڌندڙن تي هڪ عجيب ڪيف ۽ مستي ڇانئجي ويندي هُئي ۽ ڪيترائي فقير منش سندس راڳ ۽ آواز تي وجد ۾ اچي ويندا هئا ــ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي الستي ۽ عارفاڻي آواز جو پڙلاؤ ڪنن تي پوندي ئي پري پري جي ڳوٺن جا ماڻهو ڪوههَ پنڌَ ڪري ۽ وڏي شوقَ سان سندس محفل ۾ پهچي ويندا هئا. پاڻ جڏهن به ڪنهن عُرس يا ميڙي ۾ ايندي هُئي ته سندس مداح وڏا وڏا نعرا هڻي سندس آجيان ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان وقت ڪنهن ٻي راڳيءَ جي محفل هلندڙ به هوندي هُئي ته هو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي احترام ۾ پنهنجي محفل بند ڪري مائي صاحبا کي محفل لاءِ عرضُ ڪندو هو. (28)
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو راڳُ ڪنهن فقيري رمزَ سان رتل هو، سندس آواز ۾ ڪو عجيب اسرار هو ڪو جادو هو يا ڪو طلسم جو ماڻهو سندس راڳ ٻڌڻ سان موهجي ويندا هئا ۽ سندس راڳ تي مشتاق ۽ مفتون ٿي پوندا هئا. ڪيترائي ماڻهو باوله ٿيا ۽ پنهنجو ذهني توازن به وڃائي ويٺا. سندس راڳ جو اهڙو اثر ٿيو جو ”وزير جيهو“ نالي هڪ ڏنگو ۽ رهزن شخص سندس توحيدي راڳ ٻڌي فقيراڻو جامو پائي زندگيءَ جا باقي ڏينهن فقراهي حال ۾ گذاري ڇڏيا. ”وونچ ملاح“ نالي هڪ شخص کي الائي ڪهڙي رمز لڳي جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي راڳ ٻُڌڻ سان پنهنجي هڪ هڪ مينهن درياهه جي ڀر تي بيهاري اُنَ جي مُنڍي ڪهاڙيءَ سان ڪپيندو درياهه ۾ لوڙهيندو ائين چوندو رهيو ته ”وڃ ڙي مينهن مائي بيگم ڏي وڃ“ آخر ان ڳوٺ جا ماڻهو کيس مائي بيگم فقيرياڻيءَ ڏانهن وٺي آيا، مائي صاحبا کيس دُعا ڪئي پوءِ اهو ديوانو داناءُ بڻجي ويو. (29)
شخصيت َ
مائي بيگم فقيرياڻي سراپا نياز نوڙت واري سادي سودي فقيرتن شخصيت هُئي، منجھس ڪنهن به قسم جي هَٺُ وڏائي يا پنهنجي راڳ ۽ آواز جي مقبوليت تي بلڪل بانور ڪو نه هو. جيئن پاڻ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو اٿائين ته: ”اسان پاڻ کي پاڻ نه ڀانيو، اسان پاڻ کي فنڪار نه ڀانيو نه بڻايو صرف ويراڳ ڪمايو، مان هميشه پاڻ کي ٻانهيءَ جو ٻار سڏيو ۽ سمجھيو، جي مان پنهنجو قدر ڪيان ها ته ڪا ٻي شيءِ هُجان ها.“ (30)
مائي بيگم فقيرياڻي ظاهري توڙي باطني هڪ سچي فقيرياڻي هُئي سندس تن تي ڪارو ماتمي ۽ لطيفي ويس، ڳچيءَ ۾ فقيراڻو ڪنٺو سندس زندگيءَ جا ساٿي رهيا.
مائي بيگم فقيراڻي هڪ عوامي ويراڳي هُئي ۽ هر محفل ۾ پهچڻ تي ڪنهن به تڪليف جي ڪا شڪايت نه ڪندي هُئي ۽ دل جي خوشيءَ سان سچائيءَسان ٽرين هجي ته ڇا، بس هجي ته ڇا، پيادل وڃڻو پوي يا ڪنهن بيل گاڏيءَ تي يا ٽانگي تي يا وارياسن دڳن ۾ وڃڻو پوي، بهرحال وعدي مُطابق وڃي پهچندي هُئي، نه صرف ايترو سندس زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ توڙي جو آمدرفت جا گهڻا ذريعا هئا ۽ سندس همعصر سڀئي فنڪار ايڊوانس ٽيڪسيءَ جو ڪرايو وٺي ان تي سفر ڪندا هئا، اهڙي دور ۾ به مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي سادگي ۽ فقيري قائم دائم رکي ۽ پنهنجي شهر روهڙيءَ کان پنوعاقل، گهوٽڪي ويندي خيرپور ۽ شڪارپور تائين ٽانگي تي سفر ڪندي هُئي جنهن ڪري کيس ڏينهن رات سفر ڪرڻو پوندو هو ۽ آرام گهٽ ملندو هوس.
جِتي به ويندي هُئي ميزبانن کان کائڻ لاءِ ڪا به فرمائش نه ڪندي هُئي بلڪه جيڪو به ننگر ۾ ملي وڃي رب جا شڪرانا ڪندي هُئي. محفل لاءِ ڪنهن به اسٽيج، مائيڪ يا سائونڊ جي تقاضا ڪا نه ڪندي هُئي سندس آواز ايترو بُلند، چٽو، مٺو ۽ طاقتور هو جو کيس سائونڊ جي ضرورت ئي نه پوندي هُئي البت جي ڪو ٻڌندڙ پنهنجي شوق لاءِ اهڙو اهتمام ڪندو هو ته ان تي به خوشيءَ ۽ رضا سان ويراڳ ڪندي هُئي. مائي بيگم فقيرياڻي اهڙن ڳوٺن ۽ هنڌن تي به وئي جِتي بجلي نه هوندي هُئي اهڙي هنڌ به پاڻ گولا ۽ لالٽين ٻاري محفل ڪَندي هُئي.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ متعلق سنڌ جو ناميارو راڳي استاد ماسٽر لونگ (جيڪو ڪافي سال ساڻس گڏ رهيو) جو چوڻ آهي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي سڄي سنڌ ۾ هڪ بزرگ جيان عزت هُئي ۽ عام ماڻهو سندس بيحد عقيدتمند هو سڄي رات محفل کانپوءِ آخر ۾ سڀئي ماڻهو کانئس اولاد لاءِ ۽ ڪنهن ٻي مشڪل مسئلي لاءِ دعائون گهرائيندا هئا (31). پاڻ پنهنجي مُرشد شاهه لطيف ۽ داتا فيض درياهه کي سنڀاري سڀني جي خير لاءِ هٿ کڻندي هُئي ــ اهڙي دُعا کان پوءِ جڏهن ماڻهن جون مرادون پُورون ٿينديون هُيون ته وٽس گهر روهڙيءَ سکائون کڻي ايندا هئا ـــ سنڌ جي عام ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ دعوت کان پوءِ جڏهن انهن کان موڪلائيندي هُئي ته هو مائي صاحبا کي مٿي تي پوتيون پارائيندا هئا يعني سڀئي ماڻهو کيس پنهنجي امڙ، ڀيڻ ۽ نياڻي تصور ڪَندا هُئا. اهڙي طرح اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو احترام ۽ ادب ڪندڙ سندس ڪو نه ڪو ڀاءُ، ڪانه ڪا ڀيڻَ ۽ ڌيءَ موجود آهي، جيڪي کيس ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن.
مائي بيگم فقيرياڻي پئسن جي بلڪل طمع ۽ لالچ نه ڪئي ۽ وڏي سخا واري خاتون هُئي. پنهنجي راڳ دوران مليل انعام يا نذرانو پهريان ته اُتي موجود پيرن، فقيرن، ضرورتمندن ۽ حاجتمندن کي ڏئي ڇڏيندي هُئي باقي گهر جي ڀاتين ۾ ورهائي ڇڏيندي هُئي ۽ چوندي هُئي ته ”جيڪڏهن مون وٽ هڪ روپيو به هوندو ته مونکي ننڊ نه ايندي.“
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت سندس ساٿي فنڪارن/سُنگ جي سازندن لاءِ به گهڻي ٻاجهه ۽ شفقت واري هُئي. انهن کي پنهنجو ٻچو ۽ گهر جو ڀاتي سمجھندي هُئي ۽ انهن لاءِ به ڄڻ پاڻ پارس ثابت ٿي جو هو ساڻس گڏ رهڻ سبب سون ٿي پيا. انهن مان جيڪڏهن ڪو ساٿي کيس ڇڏي ويندو هو ته سندس حالت ابتر ٿي ويندي هُئي. آخر گهڻو شرمسار ٿي مائي بيگم فقيرياڻيءَ ڏانهن پنهنجون نياڻيون ميڙ ڪري ايندو هو ته مائي صاحبا کيس ٻيهر پنهنجي ساٿ ۽ سنگ ۾ شامل ڪَري.
مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي جھر جهنگ ۾ وڏي مانَ ۽ مرتبي سان ايندي ويندي هُئي. ٻهراڙيءَ جو علائقو هجي يا ڪچي وارو علائقو هر ڪو سندس وڏي عزت ڪندو هو. ڪٿي به ۽ ڪڏهن به رستي ويندي سندس سواريءَ کي ڪو بيجا روڪ ٽوڪ نه ڪندو هو. اگر ڀُلَ ۾ به سندس سواري روڪي ويندي هُئي ته مٿس نظر پوندي ئي ساڻس هٿ جوڙي ڪري ۽ نياز نوڙت ڪري ۽ کانئس دُعا گهرائي کيس رخصت ڪيو ويندو هو.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي هر هنڌ اهڙي ناماچاري ۽، عزت ۽ اثر ڏسي تر جا اڪثر ٻيا راڳي فنڪار ۽ فنڪارائون ٻاهر پاڻ کي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو پُٽُ يا ڌيءَ سڏائي فخر محسوس ڪندا هئا ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي پنهنجي امڙ چئي محفل ۾ وڏو مانُ حاصل ڪندا هُئا ــ جھر جھنگ ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نالي ڪري مالي، جاني ۽ ٻي ڪنهن خوف خطري کان به محفوظ رهندا هُئا.
مائي بيگم فقيرياڻي نئين ٽهيءَ جي فنڪارن جي وڏي همت افزائي ڪندي هُئي ۽ کين پنهنجو ٻچو ڪري سمجھندي هُئي، هر محفل ۽ ميڙي ۾ هو به سڀئي سندس احترام ۾ بيٺا هوندا هئا ته پاڻ وڏي فراغدليءَ سان سڀني کي پاڻ کان اڳ ۾ ڳارائيندي هُئي ۽ ائين چوندي هُئي ”ابا دل سان ڳائي پنهنجي محفل پوري ڪيو منهنجو خيال نه ڪيو مان آخر ۾ ڳائيندس جيڪو منهنجو نصيب هوندو اهو مونکي ملي ويندو.“
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت پنهنجي همعصر توڙي سينيئر فنڪارن ۽ موسيقارن لاءِ به گهڻي ڪشش جو باعث هُئي هو به سندس شخصيت ۽ آواز کان متاثر هئا ۽ سندس عوامي مقبوليت جا متعرف پڻ. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي برک عوامي فنڪاره مائي جيوڻي به روهڙي ساڻس ملڻ ايندي هُئي، ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فنڪار ساڻس ملڻ ۽ کيس ڏسڻ روهڙي سندس گهر ۽ اوطاق تي آيا جن ۾ عابده پروين ۽ سندس والد استاد غلام حيدر، مائي ڀاڳي، استاد امانت علي خان، استاد خورشيد علي خان، استاد ارباب خان کوسو، سينگار علي سليم، روبينا حيدري، آسيا بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ سان سندس ساٿَ ۾ ڪافي سالَ رهندڙ سنڌ جي نامياري راڳي گلشن علي زنگيجي جو چوڻ آهي ته امڙ بيگم فقيرياڻيءَ کي ڪنهن ڄاتو ڪنهن نه ڄاتو، ڪو سندس فقيري رنگ کان باخبر رهيو ڪو بي خبر. ڪنهن سندس فن جو قدر ڪيو ته ڪنهن نه ڪيو پر پاڻ هميشه سچل سائينءَ جي سٽ ”مان جوئي آهيان سوئي اهيان.“ جي اصول تي سڄي عُمر ڪار بند رَهي ۽ هميشه راضي رَهي.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت انهن خوبين سان گڏوگڏ هڪ خوددار ۽ بيپرواهه به هُئي ۽ سڄي زندگي ڪنهن جي ڪاڻياري نه ٿي نه ڪنهنجي محتاج رَهي. پنهنجي فقيرياڻي طبيعت ۾ سدا مست ۽ مگن رَهي.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت اوڙي پاڙي وارن لاءِ به وڏي متاثر ڪندڙ رهي ۽ کيس سڄي شهر توڙي پاڙي ۾ وڏي عزت ۽ احترامَ سان ڏٺو ويو، سمورا پاڙي وارا کيس ”بُوئا“ يا امان فقيرياڻي ڪري سڏيندا هُئا.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي جتي سڄي سنڌ ۾ مانُ ۽ مرتبو حاصل رَهيو اُتي پنهنجي خاندان ۾ به گهڻي عزت ۽ احترامَ سان ڏٺو ويو. پاڻ عورت ٿي ڪري پنهنجي سموري ڪتنب ۽ عيال جي سربراهه ۽ سرواڻ رَهي ۽ انهن جي ڪِفالت به ڪئي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت پنهنجي گهرڀاتين ۽ پنهنجي اولاد لاءِ ته وڏي پاٻوهه ۽ ٻاجهه ڀري هُئي. سندس وڏو فرزند ۽ ناميارو شاعر اديب درگاهي ميراڻي لکي ٿو ته: ”امڙ بيگم فقيرياڻي مونکي ڄڻي ڏيهه ڏيکاريو منهنجي پالنا ۽ پرورش ڪئي ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو. مونکي گهر تڙ وارو ڪيائين، مونکي فن ۽ فڪر جو شناسا ڪيائين، مونکي راڳ ۽ شاعريءَ سان آشنا ڪيائين پاڻ نه صرف پنهنجي پوڙهي ماءُ ــ ڀاءُ، ان جي ٻچن جو اٽالو سنڀاليائين پر مونکي به پنهنجي پيرن تي بيهاري وئي ۽ پنهنجي فقيرياڻي راڳ ذريعي مٽن مائٽن، سڪ وارن، مسڪينن غريب فقير بلڪه هر حاجتمند جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ کان ڪينَ ڪيٻايائين.درگاهي ميراڻي وڌيڪَ لکيو آهي ته: ”مونکي پنهنجي امڙ تي بجا طور تي ناز ۽ فخر آهي. بيشڪ هوءَ عظيم انسان هُئي. هن راڳ ذريعي توحيد جي پرچار ڪئي ۽ اهو ئي سندس زندگيءَ جو مقصد ۽ اصول هو.“ (32)
مائي بيگم فقيرياڻي سچ پچ پنهنجي سموري خاندان جي سُڃاڻپ رهي ۽ رهندي. پاڻ سنڌي لوڪ ۽ صوفياڻي راڳ ۽ سنڌي ثقافت جو اهم اُهڃاڻ رهي. پاڻ پنهنجي درويش شخصيت فقيري رنگ ۽ الستي آواز سبب سدا حيات رهندي.
شاعري
مائي بيگم فقيرياڻي، صوفي درويشياڻي ۽ ويراڳيءَ سان گڏوگڏ شاعره به هُئي هوءَ پنهنجي خاندان جي شايد پهرين شخصيت هُئي جنهن شاعري به ڪئي البت سندس شاعري ٿوري ٿيل آهي ۽ گهڻي محفوظ به نه رهي سگهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ اڻپڙهيل هُئي ۽ محفلن ۾ اوچتو ۽ بيساخته چيل پنهنجي ڪافين ۽ ڪلامن کي لکرائي نه سگهي ـــ کيس پنهنجون ڪجهه ڪافيون ياد رهيون جيڪي سندس فرزند مرحوم درگاهي ميراڻي لکي ورتيون. درگاهي ميراڻي پنهنجي والده ماجده جي ڪافين متعلق لکي ٿو ته: ”مائي بيگم فقيرياڻيءَ جون سنڌي ڪافيون ساديون پر تمام گهڻيون سلوڻيون آهن. سندس ڪافين ۾ دل جي ڪيفيت جو اوچتو اظهار آهي ۽ منجھن شاعريءَ جي ڪا به اجائي سجائي هنرمندي يا بيجا ڏکاءُ بلڪل ڪونهي. سندس ڪافيون فقيري رنگ سان رنگيل ۽ سندس اندر جي پُر خلوص جذبن ۽ سچي سوچ جي عڪاس آهن.“ هو وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”مائي بيگم فقيرياڻيءَ جون ڪافيون پاڪ جذبن جهڙوڪ سڪ، قرب پيار ساڻ پُر آهن ۽ پڻ تصوف ۽ توحيد سان ٽمٽار. سندس ڪلامن ۾ پنهنجي مرشد هاديءَ جي تعريف ۽ کيس سڏ ڪرڻ ۽ اوکيءَ ويل ۾ مدد ڪرڻ جي التجا به آهي. سندس ڪافين ۾ سچ ۽ سونهن جي مضمون کي تمام سُهڻي ۽ بااثر طريقي سان نڀايو ويو آهي.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جون توڙي جو صرف 13 ڪافيون محفوظ ٿي سگهيون آهن پوءِ به انهن ۾ سندس شخصيت، فڪر ۽ فن جي چِٽي پروڙ پوي ٿي. مائي بيگم فقيرياڻي جيئن ته هڪ صوفي درويشاڻي ۽ سنڌ جي اهم وحدت الوجودي صوفي داتا فيض درياهه هنباهي جي درگاهه جي طالب هُئي تنهن ڪري سندس ڪافين ۾ صوفياڻو رنگُ ۽ صوفياڻا موضوع ۽ وحدت الوجود جي فڪر جا اولڙا ملن ٿا بيگم فقيرياڻيءَ جي هن ڪافيءَ ۾ ساڳيو سچل سائين وارو، بيدل سائين وارو ۽ فيض درياهه وارو رنگ ۽ ڳالهه نظر اچي ٿي جنهن ۾ مائي صاحبا وڏي ۽ عظيم صوفي ڪردار حُسين بن منصور حلاج جي ڳالهه ڪئي آهي.
ڪاٿي هير ڪاٿي رانجھن
ڪاٿي مُرليون وڄائين ٿو
سُوليءَ تي منصور چڙهائين
اناالحق الائين ٿو.
واهه انصاف آ عشق اوهانجو
مشتاقن کي مڃائين ٿو
انهيءَ ڪافي ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جِتي سچل سائين جي ڪافي ”ڏسو عشق جو هي انصاف مڙئي مذهب ڪيائين معاف“ کي اڳتي وڌايو آهي ته اُتي هن اڻپڙهيل ۽ مسڪين ميربحرن جي مياڻيءَ مان اڀرندڙ صوفي فقيرياڻي ۽ شاعره پاران برک صوفي سرواڻ منصور جي نعري ”اناالحق“ جي اپٽار ڪرڻ وڏي اهم ڳالهه آهي. اصل ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جي شخصيت تي شروع کان سنڌ جي مائنائتي شاعره مائي غلام فاطمه لعل ۽ درگاهه هنباهه جي درويش شاعرن داتا فيض درياهه ۽ داتا ولايت شاهه جو اثر رهيو ۽ اها روش ۽ اِهو خيال کيس انهن وٽان ئي مليو. فني حوالي سان به ڏسو ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي انهيءَ ڪافيءَ جي آخري مصرع ۾ هُنَ لفظ طالب جو، مطلوب سان ۽ پنهنجي نالي بيگم جو بيرنگ سان ڏاڍو خوبصورت تڪرار قائم رکيو آهي جنهن سان هڪ طرف شعر جي معنيٰ وڌيڪَ مضبوط ۽ چٽي بيهي ٿي ته ٻي طرف شعر ۾ لفظن جي موسيقيت ۽ اثر به موجود آهي. هن مصرع جي هر سٽ ۾ لفظ ”ڪاٿي“ جو ورجاءُ، خوبصورت آهي.
ڪاٿي طالب ڪاٿي مطلوب
ڪاٿي سڪ وڌائين ٿو
ڪاٿي بيگم ڪاٿي بيرنگ
ڪاٿي نيهن نچائين ٿو
واهه انصاف آ عشق اوهانجو
مشتاقن کي مڃائين ٿو.
مائي بيگم فقيرياڻي جيئن ته هڪ نماڻي، سليمي ۽ نياز نوڙت واري فقيرياڻي هُئي تنهن ڪري سندس هن ڪافيءَ ۾ به اهڙي ئي انداز جو اظهار ڪيو اٿائين.
مون جهڙي درويش سان
ايڏو ماڻو نه ڪجي وو يار
ايندا ايندا ڪين ڇڏيندا
مونکي ورتيون نال ويندا
نڌر نماڻيءَ ساڻ جو نيندا
جن کي دل ٿي سڏي وو يار
مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي پنهنجي شروعاتي دور ۾ تمام گهڻا ڏک ۽ ڏولاوا به مليا جن جو ذڪر اسان اڳ به ڪري آيا آهيون ته ڪيئن هُن سائين شير ڀٽائي پير کي دانهن ڏني جنهن سندس مدد ڪئي ــ اهڙو اظهار مائي بيگم جي هن ڪافيءَ ۾ ملي ٿو:
طعنه تُنڪا ڏين ٿا مونکي
پاڻ ڏني آ شير امانت
جيڪي بديون ڏين ٿا مونتي
تن کي چوان ڇا تن جي نيت
مائي بيگم فقيرياڻي توڙي جو اڻپڙهيل هُئي، پوءِ به اهو مٿس بزرگن جو باطني فيض هو جو پاڻ پنهنجي ڪافين ۾ ڪٿي ڪٿي قرآني آيتون ۽ عربي صوفيانه قول به استعمال ڪيا اٿائين.
فاذڪروني اذ ڪُر ڪم
سر جو سانگو ساهي ڙي سرتيون
الانسان سري وانا سره
سِر کي سجدو آهي ڙي سرتيون
سڀ ڪجهه آهي جهان ۾
ڇاهي منهنجو ڇاهي ڙي سرتيون
مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي ڪافين ۾ پنهنجي مرشد داتا ولايت شاهه، داتا بگن شاهه ۽ درگاهه حضرت هنباهه کي به گهڻو ڳايو آهي ۽ انهن سان گهڻي عقيدت منديءَ جو اظهار ڪيو آهي.
بيگم جا سائين ڪر ڪا ڀلائي
مرشد منهنجا هوت هنباهي
پرين ڪر تون پنهنجو طلبگار سمجھي
بيگم جا تون پير هلي آ جانب جلويدار
شاهه ولايت شاهنشاهه تون مرضيءَ جا مختيار
بيگم سان ڪر بگن ڀلائي
وَڌِڪَ ڏک نه ڏيکار
آهيان تنهنجي آسري
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي دل تي هر وڏي سانحي ۽ واقعي وڏو اثر ڪيو سندس ڪافين ۾ سندس مرشد ڀٽائي پير سائين شير جي نوجوان ۽ ڳڀرو پُٽ سائين ولڻ جي المناڪ وفات ۽ خود بيگم فقيرياڻي جي پنهنجي سڳي ڀاءُ محمد هاشم جي وفات تي مرثئي جيان آهه وزاري بيان ڪيل آهي.
جُدا ٿيو جاني آ، ولڻ ريءَ ويراني آ
نيڻن وهايم نير، ڀاءُ فقير
ڳوليندي وتان توکي ڳوٺ ڳلين ۾