جُھُريا ڪيئي جِيءَ
[b]نوشاد علي جعفري
[/b]امان بيگم جي اوچتو ارتحال تي ڏاڍو رنج رسيو. اکين اڪثر سندن تن تي ڪارا ڪپڙا ڏٺا ۽ ڪنن سچين زبانن کان ٻڌو ته شاهه سائين جا بيت آخري دَمَ تائين سندن دَهَنَ تي هُئا. کين اڪثر نياز، نئڙت ۽ نهٺائي جي انداز ۾ ڏٺم. افسوس! اهڙي سٻاجھڙي ساهه کي به موت مهلت نه ڏني.
[b]اطهر موساڻي
[/b]آهه! روهڙي جي تاريخي شهر مان تاريخي هستيءَ جو لاڏاڻو
[b]جاني پيرزادو
[/b]خوشبوءِ جڏهن پنهنجو پاند گل مان ڇڏائي فضا جي وسعتن ۾ ڦهلجندي آهي، تڏهن سڄي ماحول کي معطر ڪندي آهي. امان بيگم جو آواز به انهيءَ خوشبوءِ وانگر هيو جيڪو هوائن ۾ ڦهلجندي ڦهلجندي هوائن ۾ گم ٿي ويو.
[b]غلام علي سنديلو
[/b]امان بيگم زندهه آهي ۽ زندهه رهندي ۽ فنڪار هميشه زندهه رهندو آهي ۽ هي ته هڪ اهڙي ڪلاڪاره هئي جا سنڌي عوام جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل هُئي.
[b]ايازگل
[/b]هڪ فنڪار جو مرتيو، هڪ جسم جو مَرتيو ناهي هوندو، پوري زندگيءَ جو مرتيو هوندو آهي. مائي بيگم صاحبه اسان جي خوبصورت لوڪ فنڪاره پنهنجي فن جي حوالي سان سدائين جيئري رهندي اسان سان گڏ رهندي.
[b]سرور سيف
[/b]جڏهن اوچتو مائي بيگم جي وفات جي خبر ٻڌم ته ڏاڍو صدمو پهتو. سنڌ جا لوڪ فنڪار هڪ هڪ ٿي اسان کان موڪلائيندا ٿا وڃن ۽ اسان صرف دعائن گهرڻ ۾ مشغول آهيون. ههڙي عظيم لوڪ فنڪاره، جنهن جي فن ۽ آلاپ جو سنڌ جو پورهيت عوام شيدائي هو. ان جي ڪنهن سارَ به نه لڌي؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي اسان کي ڌونڌاڙڻ ۽ جنجھورڻ لاءِ شايد ناڪافي آهن.
[b]مختيار ملڪ
[/b]دک ۽ دردن سان ڀريل گونج، جنهن جا پڙاڏا اڄ به آٿت بڻجي دليون گهائن پيا ـــ شالَ آوازن جي سونهن هن ڌرتيءَ تي ڦهليل هُجي.
[b]رياض حسين شاهه
[/b]مائي بيگم فقيرياڻي روهڙيءَ جي سُڃاڻ هُئي، جنهن جي وفات سان روهڙي ڇوري ڇني ٿي پئي آهي.
[b]زوار نور علي شاهه
[/b]محترمه مائي بيگم فقيرياڻي جي انتقال سان سنڌ مان عموماً ۽ هن خطي مان خصوصاً لوڪ موسيقيءَ جو هڪ باب اختتام پذير ٿي ويو ــ مرحومه پنهنجي ذات ۾ بي حد ملنسار هر دلعزيز ۽ محترمه هُئي، جنهن سان هن علائقي ۾ لوڪ موسيقي، علم، ادب جو ڏيئو روشن هُيو.
[b]عبدالرزاق جمالي
[/b]محترمه بيگم فقيرياڻي لوڪ موسيقي ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکندي هئي. سندس وڇوڙي سان سنڌي لوڪ موسيقي جي دنيا کي وڏو نقصان رسيو آهي.
[b]امداد علي شاهه
[/b]بظاهر موت ڪيترو نه عام واقعو آهي، پر ڪن انسانن جو موت قطعي به عام نٿو لڳي ــ اهڙن ئي انسانن مان مائي صاحبه جن هيون ـــ پاڻ پنهنجي شخصيت ۾ هڪ اهم ادارو هيون.
[b]ماسٽر لونگ
[/b]مائي بيگم سان گڏ رهندي اسان کي ائين محسوس ٿيندو هيو ته ڄڻ اسان سان ڪو بزرگ ساڻ آهي ــ سنڌ جي عوام جي ساڻس عقيدت جي حد ڪانه هُئي ــ موڪلائڻ وقت مائي صاحبه کي ماڻهو پوتيون پهرائيندا هُئا، دعائون گهرائيندا هُئا ۽ سڳا ڪرائيندا هُئا.
[b]نثار بلوچ
[/b]سائنس جيئن، اڄ لکين ميل دور خلا ۾ روشن ستارن کي ڏسڻ لاءِ دوربينون ايجاد ڪيون آهن ــ تيئن جيڪر انسان اهڙيون ذهني خوردبينيون ايجاد ڪري هن ڌرتي تي چمڪي اجھامي ويندر اهڙن انسانن جهڙوڪ بيگم فقيرياڻي کي به ڳولي لهن.
[b]هادي ڀٽ
[/b]محترمه بيگم فقيرياڻي جو آواز مون تڏهن کان پئي ٻڌو جڏهن مونکي لفظ ”موسيقي“ جو به پتو ڪونه هو ــ مائي بيگم جو لاڏاڻو سنڌ جي لوڪ ورثي جو وڏو نقصان ڀانيان ٿو.
[b]رحيم بخش مهر
[/b]مائي بيگم فقيرياڻي اها عظيم عورت هئي جنهن سنڌ جي صوفين جي اسرارن ۽ رمزن کي سنڌ جي جھر جھنگ ۾ وڃي ڪلام جي آسان صورت ۾ عوام تائين پهچايو.
[b]ارڏو اُترادي
[/b]جن ادب کي سيني سانڍيو، تن قوم کي زندهه رکيو، ۽ اهڙا ماڻهو دنيا ۾ هميشه زندهه رهيا آهن. انهن ۾ مائي بيگم به سرفهرست آهي.
[b]ننڍو جلال جوڳي
[/b]مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي سرتاج فنڪاره ٿي رهي جيڪا اسان سڀني فنڪارن جو تاج هُئي اسان سڀني کي مٿس فخر آهي.
[b]برڪت علي ڀٽ
[/b]امان بيگم فقيرياڻي جي وفات تي ايترو صدمو رسيو آهي جو چئي نه ٿو سگهجي. اهڙا فنڪار ڪڏهن به مرندا ناهن ۽ سدا جيئرا رهندا اهن.
[b]غلام رضا شاهه بُخاري
[/b]
تاريخي شهر روهڙيءَ مان هڪ تاريخي هستيءَ جو لاڏاڻو ـــ هِڪُ وڏو سانحو آهي.
[b]برڪت علي آزاد
[/b]محترمه مائي صاحبه جن جي رحلت جو احوال مونکي عزيزم اختر درگاهي صاحب جي اسڪول ۾ معلوم ٿيو ــ هن جهان فاني مان آخر هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن لاڏاڻو ڪرڻو آهي.
[b]شبير بيدار ڀُٽو
[/b]امڙ بيگم فقيرياڻي جي وفات تي هڪ حساس ترين انسان تي ٿيندڙ ڏک جي اثرن کان وڌيڪَ اثر مون تي ٿيو آهي.
[b]زبير احمد دايو
[/b]اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جي فن جي هڪ ماءُ اسان کان جُدا ٿي وئي آهي.
[b]رياض شاهد
[/b]امڙ بيگم فقيرياڻي اها هستي هئي جنهن پنهنجي آواز ذريعي سنڌي لوڪ سنگيت کي هڪ موڙ ڏنو ــ جنهن جي صدين تائين ڪائنات ۾ پڙاڏو رهندو.
[b]غلام رسول ڪلهوڙو
[/b]هر سچي فنڪار جو لاڏاڻو ان دؤر جي فن جو لاڏاڻو هوندو آهي. مائي صاحبا سنڌي گائڪيءَ جي هڪ تاريخ هُئي. اُنَ جي اوچتي فوتيءَ سبب جيڪو خالُ پيدا ٿيو آهي، سو آسانيءَ سان ڀرجڻ جو نه آهي.
[b]شوڪت خواجائي
[/b]
مائي بيگم فقيرياڻي جنهن نموني فن جي خدمت ڪئي سا سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ منفرد مقام رکي ٿي.
[b]نعيم شيخ
[/b]فن جي دنيا مان هڪ ڏيئو بظاهر گُم ٿي ويو پر سندس فن (آواز) سدائين جيئرو رهندو.