شخصيتون ۽ خاڪا

حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
Title Cover of book حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)

آخري ڏهاڙا ۽ وفات

مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ وڏا صدما ڏٺا، جو سندس پيارا عزيز قريب ۽ گهر ڀاتي هڪٻئي پٺيان وفات ڪري ويا. سن 1956ع ۾ سندس پياري ڌيءَ، 1969ع ۾ سندس همدرد گهر وارو، 1970ع ۾ سندس پياري والده، 1972ع ۾ سندس مددگار مر‌بّي ڀاءُ، 1975ع ۾ سندس محبوب نُنهن، 1979ع ۾ سندس ننڍو ڀائيٽو، 1980ع ۾ سندس وڏو ڀائيٽو ۽ 1981ع ۾ سندس هڏ ڏوکي ڀاڄائي کانئس هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويا. کيس صدمن تي صدما رسيا، پوءِ به اهڙا بار ۽ ڏک سهندي به همت نه هاري ۽ پنهنجي توحيدي راڳ ويراڳ جاري رکيو جو سندس زندگيءَ جو عين مقصد هُيو. مٿس مرشد جي مهرباني ۽ دُعا چئجي يا قدرت جو معجزو جو عمر رسيده ۽ ڏکايل هجڻ باوجود ۽ صحت ناساز هئڻ باوجود پنهنجي ايماني جذبي، همت، جرئت سبب اڳي کان اڳري رَهي. سندس شروعاتي دور زرين در رهيو ته آخري دور به ڪمال جو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته پاڻ اڳ ئي نروار هُئي، پر پنهنجي آخري دور ۾ به ڪجهه اهڙو رنگ کڻي آئي جو شهرن ۾ منعقد ٿيندڙ مختلف تقريبات ۾ به پنهنجي لوڪ ۽ صوفياڻي راڳ سبب منفرد رَهي، سڄي سنڌ ته ڇا پر پوري ملڪ يعني ڪراچي کان اوٻاوڙو، صادق آباد کان اسلام آباد، جيڪب آباد کان دلمراد، ٿر، بر، ڪاڇي ۽ لاڙ تائين سندس الستي آواز ۽ الاپ جي لاٽ ڪنڊ ڪنڊ روشن ڪري ڇڏي ۽ هنڌين ماڳهين سندس مڌر ۽ پُراثر آواز ۽ انداز جو ڪيف ڇانيل رهيو.
سندس حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ئي سندس وفات کان صرف پنج مهينا پهريان نومبر 1986ع ۾ اداراه لوڪ ورثه اسلام آباد پاران کيس اسلام آباد گهرايو ويو جِتي سندس آواز ۾ آئڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪئي وئي. اها رڪارڊنگ سندس حياتيءَ جي آخري رڪارڊنگ هُئي.
مائي بيگم فقيرياڻي هونءَ ته ڪافي سال بيمار رهندي آئي هُئي جو سدائين دل جي دهڪي (دل تيز هلڻ) جي شڪايت به ڪندي هُئي بعد ۾ سندس صحت گهڻي ڪري پئي ۽ عمر رسيده هئڻ ڪري ڏاڍي ڪمزور ۽ ضعيف ٿي پئي. اهڙي، حالت ۾ به پنهنجي مرشد داتا ولايت شاهه جي سالياني ميڙي تي درگاهه حضرت هنباهه وئي، مرشدن جي مزارن جي زيارت ڪيائين، اندر حويليءَ ۾ پاڪ بيبن کان ۽ داتا بگن شاهه ثاني کان روئي موڪلايائين ۽ درگاهه تي سمورن فقراء کي چوڻ لڳي ”الائي دم حياتي ڇاهي وري ملڻ ٿئي الائي نه!؟“
مائي بيگم فقيراڻي پنهنجي وفات کان صرف ست ڏينهن اڳ پنهنجي وڏي فرزند درگاهي ميراڻيءَ ننڍي فرزند گل حسن عرف گل فقير، گهر جي ٻين ڀاتين ۽ ڪن ويجھن مٽن مائٽن کي پاڻ وٽ گُهرايو ۽ سڀني کي ڀاڪر پائي روئي موڪلائڻ لڳي ۽ ننڍڙن پوٽن کي پيار ۽ دعائون ڪندي رهي ۽ سڀني کي چوندي رهي ”ابا هاڻ تياري آ“ وڏي فرزند درگاهي ميراڻيءَ کي پنهنجي ننڍي پُٽ گل حسن لاءِ پارت ڪيائين، ۽ چيائين ”ابا هي تنهنجو ننڍو ڀاءُ آهي، سندس بابو ٿِجانءِ، ٻئي ڀائر ايڪي اتحاد ۽ ميٺ محبت ۾ رهجو“ ۽ ننڍي پُٽ گل حسن کي چيائين ”ابا، هيءُ تنهنجو وڏو ڀاءُ تنهنجو بابو آهي، سندس صلاح صلح سان رهجانءِ، سندس ادب ۽ چوڻ ۾ رهجانءِ. پوءِ وري ٻنهي پُٽن کي چوڻ لڳي ”ابا، ابو امڙ ڪنهن سان نبيههُ ناهي. منهنجي وڃڻ کان پوءِ دلگير نه ٿجو، منهنجون دعائون اوهان ٻچڙن سان هميشه شامل رهنديون جيڪي اڄ مونکي لک به هُجن ها ته اوهان ٻچن کي ڏئي وڃان ها!“. پنهنجي امڙ جا اهي لفظ ٻُڌي سڀئي روئي پيا هئا ۽ کيس چيائون ”امان! اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين، تنهنجون دعائون اسان لاءِ لکن ڪروڙن کان وڌيڪَ آهن، توهان اسان لاءِ سڀ ڪجهه ته ڪيو آهي اسان کي ته اوهان ڪيچَ ڪري ڏنا آهن.“ پوءِ مائي بيگم فقيرياڻي کين چيو ته ”مونکي منهنجا سڪ وارا ڀائر، ڀينر، پُٽ ۽ ڌيئر گهرائي ڏيو ته هيڪر انهن کي به ڏسي وڃان“ هنن کيس ”ها، امان حاضر“ چيو. پر قدرت الله جي جن کي مائي بيگم سنڀاريو پئي اُهي انهيءَ ئي ويل پنهنجو پاڻ وٽس پهچي ويا ۽ اچي اها ڳالهه ٻُڌايائون ته ”کين امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي ههڙي حال جي ته ڪا خبر ئي نه هُئي، اسان کي ته قدرتي طور تي ڇڪ ٿي ته جيڪر امڙ وٽان ٿي اچؤن ۽ تيستائين ويهڻ نه پي آيو جيستائين هت آيا آهيون (33).
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زبان تي هينئر ڪلمو پاڪ ۽ نبي ڪريمصه تي درود جاري رهيو، ساڳي ڏينهن تي ڪراچي ٽي وي جو پروڊيوسر محترم بيدل مسرور ٽپال رستي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جون ڪڍيل تصويرون ڏياري موڪليون. اهي تصويرون به کيس ڏيکاريون ويون. ٻي ڏينهن تي راقم الحروف (سندس وڏو پوٽو) سکر کان سندس آواز جي اها ڪئسٽ وٺي آيو جيڪا لوڪ ورثه اسلام آباد پاران 1986ع ۾ سندس وفات کان پنج مهينا اڳ رڪارڊ ڪئي وئي هئي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ٽيپ رڪارڊ تي اها ڪئسٽ به ٻُڌائي وَئي.
هوڏانهن سندس چالاڻي واري ڪيفيت ۽ هيڏانهن سندس آواز ۾ هلندڙ ڪلام اهڙو سوڳوار ماحول بڻائي ڇڏيو جو گهر جا سڀئي ڀاتي روئي رهيا هئا اهڙي ماحول ۽ ڪيفيت کي ڏسي راقم الحروف اُٿي وڃي ڪئسٽ بند ڪئي. انهي وقت مائي بيگم فقيرياڻي چيو: ته ”مونکي مرشد ولايت شاهه جو ڏنل گيڙو ويس اوڙهيو، ڇاڪاڻ ته منهنجا مالڪ اچي ويا آهن“ کيس مرشد جو ڏنل ويس سيني تي اوڙاهيو ويو هينئر مٿس هڪ عجيب گهري ۽ پُرسڪون ننڊ غالب رهي، تنهن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن هڪ مرداڻي ۽ بردبار نموني ”کنگهر“ پئي ڪيائين، گويا ائين چئي رهي هُجي ته آءٌ ننڊ ۾ الوٽ ۽ غافل ناهيان، بلڪه هوشيار آهيان. اهڙي ڪيفيت ۾ جڏهن سندس فرزند درگاهي ميراڻي سندس پيشاني چُمي ڳوڙها ڳاڙهي ”امان!“ چيو ته کيس نهاري چيائين ”ابا الله جي اَمانَ“ ۽ انهن آخري لفظن سان تاريخ 13 اپريل 1987ع مطابق 13 شعبان 1407هه تي سنڌ جي هڪ امر درويشياڻي لطيف جي فقيرياڻي ۽ درگاهه هنباهه جي صوفي ويراڳي ۽ شاعره جي روح جو پکيئڙو اُڏامي ويو ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي مليو ۽ ويندي ويندي به هڪ عجب فقيري ۽ رندي رنگ ڏيکاريندو ويو.
ٻي ڏينهن 14 اپريل 1987ع تي ميمڻ محلو روهڙيءَ ۾ سندس تدفين ٿي جنهن ۾ روهڙي ۽ ٻاهران آيل ڪيترن ئي سندس مداحن، عقيدتمندن، شاعرن، اديبن، فنڪارن، ثقافت ۽ صحافت جي شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ شهر واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سندس وفات جي بروقت خبر ريڊيو اسلام آباد، ۽ ريڊيو خيرپور تان نشر ڪئي وئي ۽ خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويا، ٻي ڏينهن اهم اخبارن ۾ سندس وفات جي خبر شايع ڪئي وئي.

ــــ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي مزارَ تي هر سال 14 شعبان (15 جي راتِ) شبِ برات تي ساليانو عرس مُلهايو ويندو آهي.