غلام قادر ”منصور“ ميراڻي
سنڌ ۾ اهڙا ڳائيندڙ هئا ۽ آهن جيڪي نه خانداني راڳندڙ نه ڪنهن کان راڳ جي سکيا ورتل نه وري رات جو پوئين پهر اٿي رياض ڪيائون، اهڙن راڳين ۾ هڪ نالو مائي بيگم فقيرياڻي جو آهي، جيڪا ست پيڙهائتي ٻيڙائت هئي، پاڻ ٻالپڻو ٻيڙيءَ جي هنج ۾ ماءُ جي جھولي وانگر جھوٽي گذاريو، آڳل، پاڇل تي کيڏي جوان ٿي ڪافي سالَ جر جاٽون ڏنيون، سندس وڏڙا تڙ ڌڻي ها، سنڌو جي ڪنن جا ڄاڻو، تار، تانگهي مان ٻيڙي اڪيري، پور سلامتي سان پار پهچائڻ سندن ڪرت هئي، رضو واري تڙ جا پانڻي ڪڏهن وري لانوارا لڙهيون هڻي پنو عاقل جي واپارين جو سامان کڻڻ ستين واري تڙ (لڳ روهڙي) تي ايندا ته وري سڙهه سنوان ڪري اوڀاري الا توهار ڪندي اچي خير سان پنهنجي تڙ پهچندا، ملاحن جي ماحول ۾ مائي بيگم اندر جي اوناهين ۾ آواز جي آلاپ کي سانڍيو پئي آئي.
ان وقت جي رسمن رواج موجب، هڪ عورت ڳائڻي جيڪا اترئين سنڌ جي مشهور مائي، فاطمه موچاڻي يڪتاري تي ڳائنيدي هئي، پنهنجي پيءُ ”لال“ جي نالي ڪلام ٺاهي وڃي راڄن ۾ شاديون ٻنيءُ مرادون، ڳائي وڄائي ايندي هئي، اها ڳائڻي پنهنجي تر ۾ ”لال“ موچاڻي جي نالي سان مشهور هئي، ڳوٺ ڪٽن رضوءَ واري تڙ ڀرسان ويٺل هئي، سا مائي موچاڻي تڙ پوڄا ڪرڻ خاطر سنڌوءَ جي ڪناري قطار ۾ بيٺل ٻيڙن تي به شاديون توڙي ڇٺي ۾ رڳو خبر پوڻ تي وڃي پهچندي هئي، جنهن جي مائي بيگم جي ماءُ ۽ نانيءَ سان نياز مندي هئي.
ٿوري عرصي ۾ بيگم فقيرياڻي جي نالي سان نروار ٿي، ۽ پاڻيءَ واري زندگي کانسواءِ کيس سڪ تي سڏ اچڻ لڳا، ان وچ ۾ مائي بيگم باقاعدي پنهنجي استاد مائي لال موچاڻي کان فقيريءَ جو ڌاڳو ورتو، ڪارو ويس ڪنٺو ڳچيءَ ۾ سندس ڪارو رنگ، قد پورو پنو، منهن ڪشادو، ڳچي ڊگهي، مردن ۽ مائن جي محفل ۾ اٿي بيهي ڪن تي هٿ رکي ڪري جو الوميان ته جو جاتي سو تا تي سانت، هرڪو ٻڌڻ لاءِ آتو اوڙي، پاڙي پر سڄي تر ۾ اها شادي ڇٺي ڪهڙي جو بيگم فقيرياڻي نه هجي، ان حد تائين، مرحوم رشيد ڀٽي، مائي بيگم جي مرتئي تي جيڪو لکيو هو ان ۾ کيس پنهنجي سؤٽ جي پٽ جي طهر تي ٻڌڻ جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ رشيد ڀٽي ته ان حد تائين لکيو آهي ته مائي بيگم، الله وسائي، الله رکي، ۽ جيوڻي، کانپوءِ پنهنجو مٽ پاڻ هئي، هونئن به سندس ڄم جي تاريخ جي ڪا پڪ ڪانه آهي پر هڪ اندازي موجب 1915ع ڌاران ڄائي، سندس ڳائڻ واري زماني ۾ سنڌي راڳ جا هي بيتاج بادشاهه استاد الله ڏنو خان نوناري، سائين ڪنور رام، چندر وغيره به ڳائين پيا پر انهن جي هوندي، پنهنجو نالو پيدا ڪري انفراديت قائم رکيائين، لطيف سائين جي پانڌياڻي هئي، پر جڏهن کان ڳائڻ شروع ڪيائين ته هر سال ميلي تي ويندي هئي ۽ ميلو گل ڪري موٽندي، پنهنجي ويجھي تر ۾ ڀٽائي جي ڪا به ٽهائي نه ڇڏيندي هئي، جِتي به خبر پيس وڃي پهچندي هئي ۽ حياتي ۾ فقير نور محمد لاڙڪ پير جو ڳوٺ ڀرسان سدائين ان جي ميلي تي ايندي هئي، ٽئي، ٽئي ڏينهن چوڪي ڏئي پوءِ موٽي ايندي هئي، اهو فقير سندس استيادياڻي مائي موچاڻي جو مرشد هو، پر لطيف سائين سان ته سندس نينهن هو. ڳائڻ دوران ”لال“ ڀٽائي ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جا ڪلام سنجيدگي سان ڳائيندي هئي، وڏي ڳالهه ته پاڻ به شاعري ڪيائين. صفا فقيرياڻي ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍيائين، اهو ئي سبب هو جو کيس جيئري سرڪاري ڪامورن ٽي ـــ وي، ريڊيو ۽ ٻين سرڪاري نگراني ۾ ٿيندڙ ميلن تي نه سڏايو، پر هن پنهنجي ليکي، لوڪ گائيڪي ۽ سهرا ڳائي ثقافتي سونهن وڌائي راڳ جي دنيا ۾ هڪ نئون اواز ۽ اندازُ پيدا ڪيو ـــ لوڪ ورثي ثقافتي اداري اسلام آباد پاران سندس هڪ وڊيو ڪيسٽ ڪجهه آڊيو ڪيسٽ ڀريون. 1984ع ۾ سنڌالاجي آواز ۽ انٽرويو رڪارڊ ڪيو، حيدر آباد ريڊيو اسٽيشن وارن چار ڪلام رڪارڊ ڪيا ۽ ريڊيو خيرپور وارن 1986ع دوران هڪ ڪلام ۽ انٽرويو رڪارڊ ڪيو، سنڌ جي منفرد ۽ جنهن جي آواز جي ڪوڪ هو بهو ڪوئل وانگر هئي ڪڏهن به ٽي ـــ وي تي نه آئي، مائي بيگم نه فقط ڳائڻي هئي پر هڪ ساڃهه ڀري سگھڙ به هئي، جنهن پنهنجي جيئري ئي پونئيرن ۾ سماجي شعور پيدا ڪيو، سندس وڏو پٽ ـــ پروفيسر درگاهي ميراڻي، شاعر گل حسن ميراڻي (لوڪ فنڪار) اختر درگاهي (شاعر، فنڪار، محقق) ادب ۽ ڳائڻ واري فن ۾ سندس نالو هميشه جيئرو رکندا، کيس حياتيءَ ۾ سچل سرمست ايوارڊ 1982ع ۾ بيدل گولڊ ميڊل 1984ع ۾ مليا ۽ اهڙي طرح هن 13 اپريل 1987ع تي لاڏاڻو ڪيو.