مُهاڳ: شوڪت حسين شورو
يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ان سوال تي بحث ٿيندو رهيو آهي ته هڪ مرد ليکڪ پنهنجي ڪهاڻي يا ناول ۾ عورت جي نقطئه نظر سان ڪيتري قدر ايمانداريءَ سان لکي سگهي ٿو. ان بابت ائلن وليمسن جو چوڻ آهي ته
“Certain emotions, certain basic human motives (including ………… narcisstic display, intense awareness of one’s own body, tender self surrender, vulnerability) are typed by our culture as feminine, Do the man who experiences them – or, especially, who finds them predominant in his own psychic make up may face a crisis of gender identity”.
عورت جي زندگي جا تجربا مرد جي زندگيءَ کان الڳ هوندا آهن. مرد ليکڪ عورت جي ڪردار کي ڀلي هڪ انسان جي حيثيت سان ڏسندو ۽ پيش ڪندو هجي، پر عورت جن تجربن مان گذري ٿي، مرد انهن مان نٿو گذري سگهي. مردن جي بالادستي واري معاشري ۾ عورت جنهن ذهني ويڌن ۽ پيڙا مان گذري ٿي، انهن ڪيفيتن کي فقط عورت ئي محسوس ڪري سگهي ٿي.
شبنم گل جون ڪهاڻيون پڙهندي مون کي لڳو ته هن عورتزاد جي حيثيت سان، عام عورتن جي مسئلن ۽ سندن من جي ڪيفيتن کي پنهنجن احساس ۾ شامل ڪري ڪردار تخليق ڪيا آهن. ”چهري تي سهميل چانڊوڪي جو عڪس“ ڪهاڻيءَ جي ثانيه رات جو 2:00 وڳي تائين جاڳندي سوچي ٿي ته پنهنجي مڙس کي ننڊ مان جاڳائي، کيس پنهنجي ڪيفيتن ٻڌائي. هن گهڻيون ڳالهيون دل ۾ سانڍي رکيون آهن. پر کيس موقعو ئي نٿو ملي. سندس مڙس سڄو وقت بزنيس ۾ مصروف رهي ٿو. تانيه پاڻ کي اڪيلو ٿي سمجهي. ”هاڻ هوءَ ڪنهن غير مرد لاءِ سوچڻ لڳي آهي. هوءَ ائين نٿي ڇاهي، پر دل جي اڪيلاين کيس مجبور ڪري وڌو آهي. روحل جي اداس اکين ۽ چهري جي گنڀيرتا ۾ پنهنجو پاڻ کي وڃائي ويٺي آهي. جيئڻ لاءِ ڪو ته اتساهه هجي! پر روحل هن جي ان احساس کان بيخير آهي. ثانيه سوچي ٿي ته ”محبت لاءِ اهو ڪافي آهي ته جنهن سان محبت ڪجي ان جو تصور زندگي ڏيندو رهي.“ ثانيه ان نتيجي تي ان ڪري پهتي آهي ته ٻن طرفن واري محبت سدائين قائم نٿي رهي. پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندڙ، هڪ منجهيل ڪردار واري عورت جي ڪردار تي ڪهاڻي لکيل آهي.
”رنگين پر هوا بنان اڌورا آهن“ هڪ خوبصورت پوپٽي جي ڪهاڻي آهي. آزاد فضائن ۾ اڏامندڙ پوپٽي انسانن کان ڊنل آهي. باغ ۾ هڪ سخت چهري وارو ماڻهو ريان پوپٽ ڦاسائي کڻي وڃي ٿو. هو پوپٽن کي محفوظ ڪري فريمن قيد ڪرڻ جو شوقين آهي. هڪ ڏينهن هو ان خوبصورت پوپٽي کي به ڦاسائي کڻي وڃي قيد ڪري ٿو. ريان جي محبوبه شينا کي سندس اهو شوق اڻ وڻندڙ لڳي ٿو. پر ريان جو چوڻ آهي ته ”خوبصورت شيون قيد ڪرڻ رکڻ لاءِ ٿين ٿيون“. هيءَ مرد جي اها ئي پراڻي ذهنيت آهي، جنهن موجب عورت کي ذاتي ملڪيت سمجهي گهرن ۾ قيد ڪري رکيو وڃي ٿو. ”انسانن جا هٿ ڪيڏا نه سخت ۽ بي رحم آهن، شايد ان ڪري هو پنهنجن هٿن سان ايڏو ظلم ڪن ٿا. ايڏي بي رياءُ سندن دل آهي. ڪاش سندسن دل پوپٽ جي پرن جهڙي نرم ۽ رنگين هجي ها.“ ڪهاڻي ۾ پوپٽي عورت جي علامت آهي. سخت ۽ بي رحم چهري وارا انسان اهي مرد آهن جن جون دليون بي رياءُ آهن.
”ڪاش مان البا ٽراس هجان ها!“ به هڪ عورت جي اڪيلائي جي ڪهاڻي آهي. مرڪ ذهني طور منتشر آهي. لامحدود سمنڊ ۾ جهاز تي پنهنجن ٻن ننڍڙن ٻارن سان سوار مرڪ، مڙس جي غير واجبي هلت سبب بد دلي ۽ ڊپريشن جي شڪار آهي. هوءَ جنيد کان الڳ ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿي. هن جي خيال ۾ تعلق بار بڻجي وڃي ٿو. هو مرڪ جي اڪيلائي کي محسوس ڪري کيس چئي ٿو: ”اڪيلائي فقط انسان جي ذهن جي پيداوار آهي. اڪيلائي هڪ ڪيفيت آهي. حقيقت نه“ الباٽراس نالي سان سمنڊ جا پکي محبت جي علامت طور ڪهاڻي جا ٻه ڪردار آهن. اليڪس مرڪ کي ٻڌائي ٿو ته ”الباٽراس زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيرو محبت ڪندو آهي. جيڪڏهن جوڙي مان ڪو هڪ مري وڃي ته سدائين اڪيلو رهندو آهي.“ ڳالهه ٻڌي مرڪ اداسي وچان سوچي ٿي: ”ڪاش مان به الباٽراس هجان ها ۽ مون کي اهڙي محبت نصيب ٿئي ها.“ اليڪس هن کي مرد جي نفسيات سمجهائي ٿو ته ”مرد گهري ۽ سچي محبت ڪري ئي نٿو سگهي، هو فقط محبت ڪري ٿو گهڻي ڀاڱي عورت جي جسم سان يا ذهانت سان“.
پنهنجائپ ۽ پيار جي رشتن جا بنياد به ڪڏهن لُڏي ويندا آهن. لالچ جي بنياد تي بيٺل رشتا ته هوندا ئي ڪچا آهن. شبنم گل جي ڪهاڻي ”منجهند جو هڪ پل“ ۾ عورت ۽ مرد جي رشتي جو بنياد محبت نه پر دولت آهي. منجهند جي ان پل کي شبنم گل خوبصورتيءَ سان چِٽيو آهي. ڪهاڻي جي مُک ڪردار نادره جي خوابن جي تعبير جمشيد نه پر سندس بي تحاشا دولت هئي. شادي جي ڪجھه سالن کان پوءِ جڏهن محبت جو خمار لهي ٿو وڃي ته جمشيد جون ڪاروباري مصروفيتون وڌي وڃن ٿيون. هاڻي هن وٽ نادره جي لاءِ ايترو وقت ڪونهي. نادره جيتوڻيڪ هن جي دولت ڏسي ساڻس شادي ڪئي هئي، پوءِ به هوءَ چاهي ٿي ته جمشيد جو ڌيان هميشه هن ڏانهن رهي. شام جو جڏهن تيار ٿيندي هئي ته ڪو به کيس ساراهڻ وارو نه هوندو هو. نادره کي لڳي ٿو ته سندن رشتو ٻن انسانن جي وچ ۾ ساهه کڻندڙ ڪوڙ تي مبني هو.
”هڪ مشروط محبت“ ڪهاڻي عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين بابت ئي آهي. انهن وڇوٽين جا ڪارڻ ڪي عورتون ئي آهن. رخسانه جو مڙس فيضان، هن جي اڳيان ماءُ جي تعريف ڪري ٿو يا وري فون تي ڇوڪرين سان ڳالهائي ٿو. انهن ڳالهين کي کڻي ٻنهي جي وچ ۾ جهيڙا ٿيندا رهن ٿا.
مڙس جي رويي رخسانه کي بيمار ڪري وڌو آهي ۽ هوءَ ڊپريشن جو شڪار ٿي وئي آهي. واڪ جي دوران رخسانه جي سوچن تي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪهاڻي جي اُڻت ٿيل آهي. ڊاڪٽر هن کي ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ واڪ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. واڪ ڪندي هوءَ سڄو وقت فيضان جي رويي بابت سوچي تي داخلي خود ڪلامي عام طور فرسٽ پرسن واري ڪهاڻي ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي، پر شبنم گل ٿرڊ پرسن ۾ لکيل ڪهاڻيءَ ۾ ان کي ڪاميابي سان آندو آهي. رخسانه جي سوچن دوران وچ ۾ هن جو ڌيان پاڻ سان گڏ واڪ ۽ جاگنگ ڪندڙ مردن ۽ عورتن ڏانهن به ويندو رهي ٿو. ڪي مرد هن کي وڻن ٿا ته هن کي پنهنجي سوچ تي عجب لڳي ٿو. شبنم گل ڊپريشن جي زندگي گذاريندڙ عورت جي من جي بدلجندڙ ڪيفيتن کي نفسياتي ڇيد جيان بيان ڪيو آهي.
عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ ڪڏهن اڻ چاهيل ٻار جي ڪري به وڇوٽيون پيدا ٿي وينديون آهن. ”هڪ لمحي جي خوشي“ ڪهاڻي ۾ آشا جو مڙس کي ٻن ٻارن کان پوءِ ٽئين ٻار جي ضرورت ناهي. اهو اڻ چاهي ٻار آهي، جن هن کي ڪيرائڻ لاءِ آشا کي زور ڀري ٿو. ٻنهي جي وچ ۾ پيدا ٿيل ذهني تاڻ ۽ پوءِ الميي بابت هڪ اثرائتي ڪهاڻي آهي.
”خالي هنج جو ڏک“ ڪهاڻيءَ ۾ وري گهر ٻارن کان خالي آهي. صوفيه کي گهر جو خالي پڻو محسوس ٿيندو رهي ٿو. گهر ۾ هر طرف اداسي وکريل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به صوفيه ۽ سندس مڙس جي وچ ۾ ويڇا وڌاندا وڃن ٿا. صوفيه ٻار کي گود وٺڻ چاهي ٿي، پر منان ڳالهه نٿو مڃي. صوفيه گهر ۾ طوطو پالي، ان کي ”امان امان“ چوڻ سيکاري ٿي ته سندس سڪايل مامتا کي ڪجھه سڪون ملي ٿو. ڪهاڻي ۾ ٻار کان محروم عورت جي نفسيات کي سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
زال ۽ مڙس جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جا ڪيئن ڪارڻ آهن جن کي شبنم گل پنهنجن ڪهاڻين ۾ ڦولهيو آهي. ”سينگار ميز“ ڪهاڻي ۾ حميد جي مرحوم ماءُ جي پراڻي سينگار ميز سان، مهرالنسا جون تڪليف ڏيندڙ يادون لاڳاپيل آهن. حميد اها سينگار ميز ڏسي ماءُ کي ياد ڪندو رهي ٿو، جنهن تي مهرالنسا جک کائي ٿي. هن جي خيال ۾ جيستائين گهر مان پراڻو فرنيچر نه نڪرندو.تيستائين حميد حال جي لمحن ڏانهن موت نه کائيندو. مهر النسا سينگار ميز ڪمري مان ڪڍڻ چاهي ٿي، اها ڳالهه حميد کي ڏکي لڳي ٿي. نتيجي طور گهر ۾ جهيڙا وڌي وڃن ٿا. هيءَ ڪهاڻي گهرو مسئلي جي هڪ بنهه الڳ موضوع تي لکيل آهي.
”عورت جو نالو برسات هجي ها“ ۾ ٽن عورتن جو ڏک سمايل آهي. ڪهاڻيءَ جي مُک ڪردار مشڪبار پنهنجي مڙس سان گڏ سري لنڪا گهمڻ آئي آهي. حسين واديءَ جي خوبصورت ماحول جو مزو ماڻيندي هن جي ذهن ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو: ”ڇا هي سڀ ائين خوبصورت رهندو! جيئن اڄ محسوس ٿي رهيو آهي. خوشيون، بيخودي ، ۽ هي احساس ڪڏهن به نه بدلبو....“ انهن سوالن جو پس منظر سندس وڏي ڀيڻ مهرين جو الميو آهي جنهن کي شاديءَ جي ڇهن مهينن ۾ طلاق ٿي وئي هئي. مشڪبار جي جنهن گهر ۾ شادي ٿي آهي اهو به روايتي گهراڻو آهي. هوءَ خوف وچان مصلحت ۽ سمجهوتي کي ترجيح ڏئي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ٽين عورت مڌو سري لنڪن آهي، جنهن سان گهمڻ دوران مشڪبار ملي ٿي ۽ ٻئي دوست بڻجي وڃن ٿيون. مڌو جو مڙس فقط ٽي سال ساڻس گڏ رهيو. پٽ پيدا ٿيڻ کان پوءِ هو ٻاهر هليو ويو ۽ اتي ٻي شادي ڪري ڇڏيائين. مڌو کي انتظار آهي ته شايد هو موٽي اچي. ”ڇا عورت جو نصيب هر هنڌ ساڳيو آهي!“
”هڪ مرد ۾ ورهايل ٽي عورتون“ ڪهاڻي جي شروعاتي ان جملي سان ٿئي ٿي: ’حل عورت کي ڳولڻو آهي‘. ٽن عورتن ۾ ورهايل مرد علي حيدر آهي. ڪهاڻيءَ جي مُک ڪردار ياسمين هن جي ٽين زال آهي، جنهن کي پندرهن سال اڳ طلاق ملي هئي. علي حيدر دولتمند آهي. هن ٽنهي زالن کي الڳ الڳ گهر وٺي ڏنا آهن. شبنم گل هن ڪهاڻيءَ ۾ مرد ۽ عورت جي رشتي جي وچ ۾ سوچ جو فرق ظاهر ڪيو آهي. عورت چاهيندي آهي ته مرد فقط هن جو هجي، پر مرد جي سوچ هڪ عورت تائين محدود نه هوندي آهي. هو ٽي زالون رکي يا چار ۽ انهن سان گڏ گرل فرينڊز الڳ رکي، پر هو عورت جي پيار ۾ ورڇ برداشت نه ڪندو آهي. مرد ورهائجي سگهي ٿو. هن لاءِ عورت اهڙي ملڪيت آهي جيڪا ورهائجي نٿي سگهي. ”ڪلر بلائنڊ“ ڪهاڻيءَ ۾ صفيه هڪ شادي شده شخص افتخار جي عشق ۾ مبتلا آهي. افتخار زال کي طلاق ڏئي ساڻس شادي ڪرڻ جا آسرا ڏيندو رهي ٿو. اهڙا واقعا اسان جي معاشري ۾ روزمره جي زندگيءَ ۾ اڪثر ٿيندا رهن ٿا. مرد، شادي شده هوندي به عشق ڪري سگهي ٿو ۽ عورت ان عشق ۾ سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائي ڇڏي ٿي.
اها چاهيل ٻار بابت هڪ ٻي ڪهاڻي ”امان“ آهي. الٽرا سائونڊ ۾ ڌيءَ جي خبر پوڻ سان نرجس جي مڙس ۽ ساهرن جا رويا بدلجي وڃن ٿا. مڙس جي زور ڀرڻ تي به نرجس ٻار کي نٿي ڪيرائي. طلاق جي صورت ۾ مرد جي جبر جو نشانو بڻيل نرجس کي پنهنجي معذور ڌيءَ سان گڏ اڪيلي زندگي گذارڻي پئي ٿي. ان جبر کي سهڻ کان پوءِ هن جي هڪ ئي حسرت آهي جنهن کي شبنم گل بيحد درد منديءَ سان بيان ڪيو آهي.
سموريون ڪهاڻيون عورت ۽ مرد جي رشتي جي چوڌاري ڦرن ٿيون، پر انهن ۾ يڪسانيت ڪانهي. هر ڪهاڻي ان لحاظ کان منفرد آهي، ته عورت جو مُک ڪردار هڪ الڳ تناظر ۾ جيئندي، پنهنجي پنهنجي نفسياتي مسئلن کي منهن ڏيندي نظر اچي ٿو. شبنم گل جي ڪهاڻين ۾ عورتون شهري وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ آهن . هن جي مشاهدي ۾ ڳوٺاڻي عورت نه آئي آهي. پر هروڀرو زبردستي لکڻ ضروري نه ڪونهي. پر شهرن ۾ رهندي هيٺئين پيڙيل طبقي جي عورت کان اڻ ڄاڻائي عجيب لڳي ٿي. ٻي ڳالهه اها به آهي ته عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کان سواءِ ٻيا به ڪيترا وڏا مسئلا آهن، جيڪي اسان جي سماج ۾ عورتزاد لاءِ ناسور بڻيل آهن. ڇوڪرين کي موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا تي ڌتارڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ ماڊرن ٽيڪنالاجي جو اهم مسئلو آهي. عورتن جي اغوا ۽ زوري زنا جا واقعا روز اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. جيڪا عورت ان جهنم مان گذري هوندي، تنهن جي ذهني ڪيفيت هن جا نفسياتي ۽ سماجي مسئلا سندس زندگي کي زهر بڻائي ٿا ڇڏين. طلاق يافته توڙي بي سهارا زندگي گذاريندڙ عورتون، زوريءَ جون شاديون ...... اهڙا ڪيترائي موضوع ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. ضروري ناهي ته شبنم گل ئي انهن سڀني موضوعن تي لکي ۽ جيڪڏهن نٿي لکي ته ان سان سندس ڪهاڻيڪار هجڻ واري حيثيت تي ڪو فرق نٿو پئي.
شبنم گل جي هن مجموعي ۾ ڪي اهڙيون ڪهاڻيون به آهن جن ۾ منفرد موضوعن جي اپٽار ڪيل آهي. ”پنهنجن لڙڪن ۾ اڃايل منڇر“، ”مور ٿو ٽلي راڻا“، ”ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي“ ۽”ٻوراني“ اڻ ڇهيل موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون آهن.
”پنهنجن لڙڪن ۾ اڃايل منڇر“ ماحولياتي الميي بابت ڪهاڻي آهي. خوبصورت تشبيهن واري ٻوليءَ ۾ لکيل شبنم گل جي هن ڪهاڻي ۾ منڇر جي تباهي جو درد سمايل آهي. ”ڪڏهن منڇر جي ڪناري تي ٻيڙين جون قطارون ڪنول جيان جهومنديون هيون“. پر هاڻي ”ائين ٿي لڳو ڄڻ منڇر ڪاريهر وانگيان وراڪا ڪري رهي هجي. ڏنگڻ لاءِ، ڪيترن کي پنهنجي زهر سان سٽي رکيو هئائين“.
منڇر ۾ ايندڙ زهريلو پاڻي ڪاري ڪامڻ (هيپاٽائٽس سي) جو ڪارڻ بڻجي ويو آهي. منڇر جي خوشحال مهاڻن جي رت ۾ هاڻي اهو زهر داخل ٿي چڪو آهي. ان ڪري ئي مڇين جا ڪيترا اهم قسم ختم ٿي ويا آهن. بيمارين ۾ ورتل منڇر جا مهاڻا بک ۽ بدحالي سبب سمنڊ تي ڪمائڻ ويا ته انهن مان ڪن کي انڊيا جي نيوي وارا کنڀي کڻي ويا. اهي مسڪين مهاڻا سالن کان وٺي گجرات جي جيلن ۾ سڙن پيا. منڇر جا ڪجھه مهاڻا لڏي پنجاب پيا وڃن. باقي جيڪي بچيا آهن سي ”صبح شام منڇر کي لڙڪن جي ڀيٽا ڏين ٿا“.
ٿر ۾ فطرت جي سونهن جا انيڪ رنگ روپ آهن، جن ۾ مور به شامل آهن. بيماري وگهي مورن جو مرڻ هڪ الميو آهي. ان موضوع تي شبنم گل ڪهاڻي لکي آهي، پر اها ڪهاڻي گهٽ رپورتاج وڌيڪ لڳي ٿي.
”ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي“ موضوع جي لحاظ کان منفرد ڪهاڻي آهي. ڪلثوم جي گهر جي هڪ حصي ۾ نم جو وڻ آهي، جيڪو سندس ڪمري جي دريءَ مان نظر اچي ٿو. ڪلثوم کي نم جي وڻ سان بيحد لڳاءُ آهي. ان جي چڪي سندس والد ڏني هئي، جيڪو ٻيلي کاتي ۾ ڪم ڪندو هو. ڪلثوم کي نم مان پيءُ جي خوشبو اچي ٿي. اهم گهاٽو وڻ کيس جيئڻ جو اتساهه ڏئي ٿو. ڪلثوم جي سهري جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ملڪيت جي ورهاست ٿئي ٿي. نم جو وڻ ڪلثوم جي ڏير جي پلاٽ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ هو ان وڻ کي وڍائي پٽ لاءِ ڪمرو ٺاهڻ چاهي ٿو. ڪلثوم جو نم جي وڻ سان والها نه لڳاءُ جو ڪهاڻيءَ ۾ اثرائتو بيانيه آهي. ڪهاڻي جي پڄاڻي البت وڌاءُ واري لڳي ٿي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا نه وسهندڙ واقعا به ٿي گذرندا آهن.
دهشت گردي وسيلي بم جي ڌماڪن سان عام ماڻهن کي مارڻ هن دور جو هڪ موتمار مسئلو آهي. ”سرد خانو بڻجي ويل احساس“ ان اهم موضوع تي لکيل ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي جي پڇاڙي غير ضروري طور وڌائي وئي آهي. ڌماڪي کان پوءِ وڌيڪ ڪجھه لکڻ بدران پڙهندڙن جي محسوسات تي پڄاڻي کي ڇڏيو وڃي ها ته ڪهاڻي جو مجموعي تاثر وڌيڪ چڀندڙ هجي ها.
نرالي ۽ اڻ ڇهيل موضوع واري هڪ ٻي ڪهاڻي ”ٻوراني“ آهي. ڍنڍ ۾ ٿيندڙ پن جي گاهه جي سنگن مان نڪتل، هئڊي رنگ جي اٽي جهڙي ٻور ۾ کنڊ ملائي موريون ٺاهي، ٻاڦ تي اوٻاري جيڪا شيءَ ٺهندي آهي ان کي ’ٻور‘ يا ’ٻوارني‘ سڏيو ويندو آهي. شبنم گل ٻوراني وڪڻندڙ هڪ غريب ۽ خود دار شخص جي ڪهاڻي لکي آهي. بيماري ۽ غربت جي لاچاري واري زندگي گذارڻ جي باوجود، هو خودداري وچان فقط پنهنجي حق حلال جي روزي ڪمائڻ چاهي ٿو. شبنم گل جي هن مجموعي جون سموريون ڪهاڻيون ٿرڊ پرسن ۾ لکيل آهن. فقط ٻوراني ۽ ”درد جو چهرو“ ٻه اهڙيون ڪهاڻيون آهن جيڪي فرسٽ پرسن ۾ آهن. ”ٻوراني“ ڪهاڻي ۾ سنڌ جي هڪ ثقافتي اسم کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ، سماج جي مسڪين ڏتڙيل ماڻهن جي عڪاسي ڪيل آهن.
[b] شوڪت حسين شورو
[/b]