ڪھاڻيون

خالي هنج جو ڏک

شبنم گل جو تخليقي ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. ڪهاڻي، ناول، ڪالم، شاعري ۽ ٻيون صنفون. هُنَ جنهن صنف ۾ به قلم کنيون آهي، سندس لکڻيون تخليقَ ۽ ڏاهپ جو حسين سنگم بڻجي سامهون آيون آهن.
شبنم گُل جون ڪهاڻيون ڏاڍيون موهيندڙ آهن. هوءَ زندگيءَ ۽ سماج جي بظاهر ننڍڙن موضوعن کي اهڙو ته حسناڪ انداز ۾ ورتائي ٿي جو اُهي ڪهاڻيون مَنَ ۾ پيهي وڃن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردارَ به اسان جي ئي آس پاس مان چونڊيل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3599
  • 837
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خالي هنج جو ڏک

ڪاش مان الباٽراس هجان!

سمنڊ جي لهرن تي سج جا ڪرڻا جرڪي رهيا آهن، ڊيڪ تي مسافر ڪچهري ۾ رڌل آهن. پاڻي جو هي جهاز مسافرن کي هڪ خوبصورت جزيري ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. اڪثر ماڻهو پنهنجي خاندان سان اونهاري جون موڪلون گذارڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. انهن ۾ ڪي فوجي به شامل آهن. ٽوئرسٽ گائيڊ اليڪس، دوربين سان آسمان جو نظارو ڪري رهيو آهي. ٻاهٺ سالن جو اليڪس زندهه دل انسان آهي. جهاز تي موجود هر ماڻهو سندس ڪمپني ۾ پاڻ کي خوش ۽ پرسڪون محسوس ڪري ٿو. مٿي آسمان تي ٻه الباٽراس پکي اڏامي رهيا آهن.
دوربين ۾ الباٽراس جا سفيد کنڀ ڪپهه جي پوڻين جيان لڳن ٿا. انگلينڊ جا اهي جزيره پوري دنيا جي سياحن جي توجهه جو مرڪز آهن. جهنگلي جيوت سان پيار ڪندڙ ماڻهو سي گل ۽ الباٽراس جهڙن پکين جي خوبصورت اڏام سان محفوظ ٿين ٿا. انهن ساحلي علائقن ۾ زندگي، خوبصورت نظارن جي حسن ۾ وڃائجي وڌيڪ بامعنيٰ لڳي ٿي.
انهن پکين مان اليڪس کي، الباٽراس پسند آهي. هنجي دل ۾ الباٽراس وانگر اڏام جي خواهش آهي. الباٽراس کي ڇهي ڏسڻ جي تمنا. نيري آسمان جي پس منظر ۾ الباٽراس جو جوڙو اڏامي رهيو آهي.
پنهنجي اڻپوري تمنا تي دل ۾ کلي پوي ٿو. ڪٿي الباٽراس ۽ ڪٿي هو.
الباٽراس آسمانن جو شهزادو آهي. آسمان جي پنهنجي هڪ لامحدود دنيا آهي، سمنڊ جيان آسمان به اليڪس جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. سمنڊ جي اها خوبي آهي ته هو آسمان جي مختلف رنگن کي پنهنجي اندر جذب ڪري ٿو. سمنڊ آسمان جي مختلف منظرن ۾ کيس سدائين پرڪشش لڳندو هو.
سمنڊ هڪ سهڻو عڪس آهي. عڪس حقيقت کان وڌيڪ دلفريب ٿئي ٿو. اليڪس کي حقيقتن کان وڌيڪ خواب وڻن ٿا. خواب کيس لکڻ لاءِ اتساهين ٿا، سفر ڏانهن ڇڪن ٿا ۽ هو اڻ ڏٺل دنيائون، دريافت ڪندو رهي ٿو.
هن ڌرتي تي جيترا انسان وسن ٿا، اوتريون ئي دنيائون آهن، هر انسان ۾ هڪ مختلف دنيا وسي ٿي.
”تون آسمان ۾ ڇا ڏسي رهيو آهين؟“ مرڪ هن جي ويجهو اچي چيو.
”تون پاڻ ڏس“
دور بين وٺي هو آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳي.
”فقط آسمان نظر اچي ٿو.“
”آسمان ۾ گهڻو ڪجهه آهي هو ڏس اتر طرف الباٽراس اڏامن ٿا.“
”ها هو ٻه پکي“ مرڪ دوربين جو رخ بدلائي ڏسي ٿي.
”ها هو ٻه پکي آسمان ۾ اڏامندي ڪيترا نه سهڻا لڳن ٿا!“
”ها تمام گهڻا، خوبصورت آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته بلڪل گڏ اڏامي رهيا آهن، ڄڻ هڪٻئي سان جڙيل هجن.“
مرڪ حيرت مان چيو.
ڪي پل دوربين ۾ آسمان ڏانهن ڏسندي رهي ٿي پوءِ اليڪس کي دوربين ڏيندي چيائين،
”هي ڪهڙو پکي آهي؟“
”الباٽراس“ اليڪس پيار سان چيو.
”الباٽراس!“
”هي پيار جي علامت آهي“
”مون اڳي ان پکي جو نالو نه ٻڌو آهي“
”هي منهنجو پسنديده پکي آهي.“
”هن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟“ مرڪ تجسس سان
”هن جا پَر يارهن فوٽ کن ويڪرا ٿين ٿا.“
”واقعي!“ مرڪ حيرت مان چوي ٿي.
”هيءَ سمنڊ تي اڏامندو آهي، ڪيترا هزار ميل بنا پرن چورڻ جي اڏامندو آهي“.
تعجب جي ڳالهه آهي، مرڪ حيرت مان چيو.
"Albatrass is a Miracle of Nature"
اليڪس آسمانن ڏانهن ڏسي چيو جتي الباٽراس اڏامي رهيا آهن. مرڪ مٿي ڏٺو، نيرو آسمان هن جي اکين ۾ سڪون ڀري ٿو ڇڏي. آسمان جي وسعت کي روح ۾ لهندي محسوس ڪري ٿي.
”مان الباٽراس کي ويجهو کان ڏسڻ چاهيان ٿي“ ننڊ اکڙي لهجي ۾ مرڪ چيو.
”هي پکي ڪڏهن جهاز تي اچي پسار ڪندا آهن. پوءِ ويجهو کان ڏسجانءِ“.
اليڪس اٿي ڪيبن ڏانهن وڃڻ لڳو.
سونهن ۽ سارس هن جي ڀرسان اچي ويٺا. سونهن تيرهن سالن جي آهي ۽ سارس پندرهن سالن جو. هن ڀيري جنيد ملائيشيا ۾ پنهنجي ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ مصروف هئڻ سبب هنن سان نه آيو. هوءَ ٻارن سان اڪيلو سفر ڪري رهي هئي. هن ڀيري هوءَ ذهني طور منتشر هئي، هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ جنيد کان الڳ ٿي ويندي. تعلق بوجهه بڻجي وڃي ته ان کي ٽوڙي ڇڏجي ته بهتر آهي.
هو ان مصلحت جي ڪُن مان ٻاهر نڪرڻ ٿي چاهي.
ٻنهي زال مڙسن کي سنڌ کان موڪلائي ڏهه سال ٿيا آهن. مرڪ سڄي دنيا گهمي، ڪيترا ملڪ ڏٺا، پر سنڌ جهڙو مزو ۽ ماحول ڪٿي به نظر نه آيس.
ملائيشيا ۾ به اڪثر اداس رهندي هئي، ان ڳالهه تي جنيد وڙهندو هيس.
”ماڻهو جنهن مستقبل جي تمنا ڪندا آهن، جنهن منزل تي پڄڻ جا خواب ڏسن ٿا، اهي سموريون آسائشون توکي مليون آهن، اڃان توکي ٻيو ڇا کپي مرڪ.“
پر مرڪ قائل نه ٿي. هن جي زندگي مڪمل احساس کان وانجهيل هئي. جنيد هڪ عام مرد هو، هن کي هڪ سٺي زندگي ڏني هئائين. دنيا جي هر سهولت کيس ميسر هئي پر هو هڪ ورهايل مرد هو. رنگين مزاج ۽ عورتن جي ويجهو رهڻ وارو. مرڪ چوندي هيس ٻاهر جيڪو وڻيئي ڪر پر پنهنجي گرل فرينڊس کي گهر ۾ نه آڻ. گهر جو پنهنجو تقدس ٿئي ٿو، پر هو ڪجهه ڏينهن باز اچڻ کانپوءِ وري ساڳيون اڻ وڻندڙ حرڪتون ڪرڻ لڳندو هو. مرڪ مغربي تهذيب جي اثر کان ٻارن کي بچائي رکيو هو، پر جنيد جي معاملي ۾ بي وس هئي، سونهن او ليول ۾ هئي ته سارس اي ليول.
ٻئي ٻار ماءُ کي سمجهائيندا هئا. الاءِ ڇو مرڪ کي اهو گهر پنهنجو نه لڳو. بسترن تان عورتن جا سونهري وارا کڻندي يا ڪڏهن سندن وساريل شين کي ڏسي اندر وڍجي پوندو هيس.
کيس گم صم ڏسي اليڪس هن ڏانهن ڏٺو ۽ ڏسندو ئي رهيو. پنجاهه سالن جي سنڌي عورت جي نقشن ۾ پراڻي سنڌ ساهه کڻي رهي هئي. توڙي کيس مغربي لباس پهريل هو. وار پرم ٿيل هيس، گولڊن ڪلر جا. هن پاڻ کي پنهنجي مڙس جي پسند مطابق بدلائي ڇڏيو هو.
”ڇا پئي سوچين؟“ اليڪس هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو، جتي هڪ گهري اداسي لڪل هئي.
”مشرقي عورت جو الميو سندس گهر جي چوڌاري ڦري ٿو.“
”تون انکي الميو سڏين ٿو.“
”ها ڇو ته مشرقي عورت جي پنهنجي ڪابه زندگي نه ٿي ٿئي.“
”تون مون کي فيمينسٽ ٿو لڳين.“
”چئي سگهين ٿي. ڇو ته مان عورت کي هڪ انسان سمجهان ٿو.“
سندس ڳالهه ٻڌي مرڪ ٿڌو ساهه ڀريو. هو کيس پنهنجو سالن جو وڇڙيل دوست لڳو. اهڙو دوست، جيڪو بنان لفظن جي احساس سمجهي وٺندو آهي.
”تنهنجي سوچ به ته فقط مڙس جي چوڌاري گهمندي هوندي ته هو ٻاهر ڇا ٿو ڪري، ڪٿي وقت گذاري ٿو وغيره وغيره...“
اليڪس کلي چيو.
”ائين ته آهي“ قائل ٿيندي مرڪي وراڻيو.
”پوءِ تون پنهنجي زندگي جيئڻ بدران ٻئي جي منفي اثر هيٺ وقت گذاري رهي آهين.“
”منفي اثر ڇا مطلب؟“ مرڪ حيرانيءَ مان سوال ڪيو. ان وقت سندس اکيون وڌيڪ خوبصورت ٿي ويون. گهريون ۽ بامعنيٰ.
”بي يقيني هڪ منفي رويو آهي“ اليڪس ٿڌو ساهه ڀري چيو.
”شايد تون ٺيڪ ٿو چوين. منهنجي ذهن ۾ هن حقيقي دنيا کان هٽي ڪري هڪ الڳ دنيا آهي، جنهن ۾ مون پناهه ورتي آهي. اڻ وڻندڙ روين کان....“
”يورپ جي عورت جي زندگي، سنڌي عورت کان مختلف نه آهي. ايشيا جي هر ملڪ ۾ مون عورت کي تڪليف ۾ ڏٺو آهي. يورپ جي عورتن جي خوشنما چهرن جي پٺيان محرومين ۽ تنهاين جون بي شمار ڪهاڻيون لڪل آهن.“
مرڪ جي اداسي، اليڪس کي دل ۾ لهندي محسوس ٿي.
”اليڪس، تون اهي ڳالهيون مرد جي حيثيت ۾ ڪري رهيو آهين. پاڻ کي عورت جي جڳهه تي رکي مون کي ٻڌاءِ ته ڇا تون پاڻ تي زوري مڙهيل زندگي گذاري سگهين ٿو!“
”ها گذاري سگهان ٿو“ اليڪس مرڪي وراڻيو.
”اهو ڪيئن ممڪن آهي“ مرڪ بي يقينيءَ سان کيس ڏٺو.
”زوري مڙهيل زندگي مڪمل ته نه هوندي، مثال ٽيهه فيصد فيصلا مرد جي اختيار ۾ هوندا يا پنجاهه سيڪڙو کيس اختيار جو حق هوندو.باقي بچيل حصو ته عورت جو پنهنجو هوندو. جتي هوءَ بااختيار آهي. ان حصي کي به مرد جي محدود محڪوميت جي اثر هيٺ تباهه ڪري ڇڏي ٿي.“ اليڪس ساهه پٽي وري ڳالهايو.
”ها زندگي جا انيڪ پهلو آهن ۽ سوچ جا بي شمار رخ آهن، اسان فقط ذهن جي مخصوص نظرين جي قيد خاني ۾ پاڻ کي بند ڪري ويٺا هوندا آهيون.“ مرڪ سندس اکين ۾ ڏسڻ کان لنوائيندي چيو، ڄڻ هو سندس من جو ڳجهه پرکي وٺندو. اڃان هو ڳالهائي رهيا هئا ته اوچتو سامهون ٽيبل تي ويٺل ماڻهن ۾ گوڙ پئجي ويو. نشي ۾ ٻڏل هڪ مسافر هوائي فائر ڪيا، چوپاسي خاموشي ڇائنجي وئي.
هڪ گولي جهاز جي ڀرسان اڏامندڙ الباٽراس کي وڃي لڳي ۽ هو قلابازيون کائيندي اچي عرشي تي ڪريو، اليڪس ڊوڙندو ويو.
”اوهه منهنجا خدا هي ڇا ٿي ويو!“ ڦٿڪندڙ پکيءَ کي ڀاڪر وڌائين، سندس ڪپڙا رت ۾ تر ٿي ويا.
مرڪ خوف وچان چهرو هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو. الباٽراس، اليڪس جي ٻانهن ۾ دم ڏنو.
الباٽراس جو ٻيو ساٿي جهاز تي ڦيرا پائيندي ميڪون ڪري رهيو هو.
اليڪس ڊوڙي وڃي ان ماڻهو کي ڳچي کان جهليو.
”ظالم انسان هي تو ڇا ڪري ڇڏيو. هن معصوم پکي تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو.“
اليڪس ماڻهوءَ مٿان ڪاوڙجي پيو، جهاز جي سيڪيورٽي عملو پهچي، ان ماڻهو کي کنڀي اندر کڻي ويا.
مسافر پنهنجي ڪرسين تي ويهي رهيا.
اليڪس جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. مرڪ سندس ڪلهي تي هٿ رکيو کيس آٿت ڏيڻ لاءِ.
پر هو ڪمري ۾ هليو ويو. مرڪ آسمان ڏانهن ڏٺو، جتي مري ويل الباٽراس جو ساٿي لامارا هڻي رهيو هو.
هوءَ اداس ٿي ايٽلانٽڪ سمنڊ جي لهرن ڏانهن ڏسڻ لڳي. جن ۾ آسمان جو نيرو رنگ بيخودي سان تري رهيو هو.
الباٽراس کي گولي لڳڻ بعد جهاز ۾ موجود هر ماڻهو ساڳيو هو، سواءِ اليڪس جي. هاڻ هو خاموش ويٺو هوندو هو. دوربين ڀرسان پئي هوندي هيس پر آسمانن ڏانهن نه نهاريندو هو. سمنڊ ساڳيو ئي هو پر اهو به هن لاءِ بي معنيٰ ٿي ويو هجي. مرڪ بور ٿيندي هئي. اليڪس کانسواءِ ڪو ٻيو هن جي ويجهو نه هو. الباٽراس کي گولي هڻڻ وارو ماڻهو ڊيوڊ فوج سان تعلق رکندو هو. ٻي ڳالهه تي هن وٽ جواز هو ته هو نشي ۾ هو.
ٿوري دير ۾ ماحول ئي بدلجي ويو. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ تيز هوائون هلڻ لڳيون. سمورن ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي ڪيبن ڏانهن وڃن. مرڪ، ٻار ڪيبن ۾ موڪلي ڇڏيا، پاڻ ٻاهر ويهي رهي.
”تون اندر وڃي ويهه“ اليڪس چيس.
”نه مان طوفان کي ڏسنديس“ مرڪ چيو.
ماڻهو عرشي تي ويٺا هئا، هو ڪچهري ڪرڻ ۾ مگن هئا.
”منهنجي خيال ۾ طوفان ڪو ايترو تيز نه آهي، مان فطرت جي ڪاوڙ کي محسوس ڪرڻ ٿي چاهيان.“
هڪ ڪراڙو ماڻهو سامهون دعا ۾ مشغول هو. ٿورو ذهني طور تي کسڪيل ٿي لڳو. فرانسيسي هو، اڪثر پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو هو.
”هي فطرت جو انتقام آهي، طوفان ايندو ۽ هي جهاز لڙهي ويندو، ها، ها، ها، معصوم پکي جو خدا توهان سڀني کان بدلو وٺندو..... ها ها ها... خدائي قهر نازل ٿيڻ وارو آهي. توهان تي خدا جي مار پوي، توهان هي عذاب آندو آهي.“
هو نشي ۾ هو ٿاٻڙجي وڃي ٽيبل تي ڪريو، هڪ فوجي کيس بغلن کان جهليو ته ٻئي ٽنگن کان ۽ کيس هيٺ سمهاري ڇڏيو ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا. هوا جي وهڪرو تيز کان تيز تر ٿي رهيو هو. لهرن جو چاڙهه وڌي رهيو هو. هو به طوفان کان خوفزده لڳي رهيون هيون. جهاز لهرن تي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. هڪ عجيب صورتحال هئي.
”مرڪ تون اندر هل خوامخواهه پريشان ٿيندينءَ،“ ائين چئي اليڪس مرڪ ڏانهن ڏٺو، جنهن جي چهري تي هاڻ تشويش جا آثار نظر اچڻ لڳا هئا. مرڪ اٿي پنهنجي ڪيبن ۾ آئي، سونهن ۽ سارس به پريشان هئا.
هوءَ ٻنهي جي وچ ۾ سمهي رهي، ٻنهي کي ٻانهن تي سمهاري.
”مون کي ڊپ ٿو ٿئي مما، سونهن کيس ڀاڪر پائيندي چيو.
”طوفان به ته زندگي جي حقيقت آهي.“
”سمنڊ ناقابل يقين آهي“ سارس چيو.
”پرسمنڊ خوبصورت به ته آهي.“
مرڪ لهجي ۾ خوش مزاجي پيدا ڪندي چيو. هو سندن خوف ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ ساڻن ڳالهائيندي رهي. ٿوري دير ۾ سونهن ۽ سارس گهري ننڊ ۾ سمهي رهيا.
الباٽراس هن طوفان ۾ ڪٿي هوندو؟
هوءَ الباٽراس جي باري ۾ سوچڻ لڳي. هو آسمانن ۾ اڏامندو هوندو، طوفان کان بي نياز پنهنجي انجام کان بي خبر. اهو فقط انسان آهي، جيڪو وهمن ۽ وسوسن ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. جهاز لهرن تي ڇلي رهيو هو. هڪ عجيب چاڙهه هو بي چين لهرن ۾. سمنڊ جي زندگي ۾ ڪيتري بي چيني آهي، انساني زندگي وانگر. طوفان ۾ سمنڊ ڪيترو نه ڀوائتو لڳي ٿو. سمنڊ جي سطح ڏسي ڇا ڪير اندازو ڪري سگهي ٿو ته ان جي اندر ڪيتري دهشت لڪل آهي. هوءَ مسلسل سوچي رهي هئي، کيس طوفان جي شدت کان وحشت ٿيڻ لڳي. ٻاهر نڪتي ته اليڪس ۽ ڪافي ماڻهو دعا گهرڻ ۾ مصروف هئا.
مسافرن ۾ هڪ پوڙهو پادري به هو، هو دعا ڪري رهيو هو ”اي رب! اسان کي معاف ڪر، اسان تنهنجا گنهگار آهيون، گناهه چاهي ڪنهن جو به هجي پر سزا گهڻن کي ملي ٿي. گناهه جو منفي اثر زمين به محسوس ڪري ٿي ۽ آسمان جا تاثرات به بدلجي وڃن ٿا. پر اسان دل جي گهرائي سان پنهنجي گناهن جي معافي گهرون ٿا. اسان کي معاف ڪر.“
مرڪ جڏهن عرشي تي وئي ته اتي هر شيءَ وکريل هئي. جهاز جي عملي جا ماڻهو ان بي ترتيبي کي ٻيهر سهيڙي رهيا هئا. هن مٿي آسمان ڏانهن نهاريو، جتي بادل ڇڙ و ڇڙ ٿي چڪا هئا. ٿڌي هوا هلي رهي هئي، نيري آسمان جو عڪس لهرن تي ڇلي رهيو. اليڪس به ماڻهن سان ڪم ۾ رڌل هو. مرڪ ٻيهر سمنڊ ڏانهن ڏٺو. سمنڊ پرسڪون هو. هن ان کان اڳ پنهنجي اندر اهڙي ڪيفيت محسوس نه ڪئي هئي. هر سفر انسان کي ڪجهه نه ڪجهه سيکاري ٿو. هن سفر دوران کيس زندگيءَ جي اهميت جو اندازو ٿيو هو. هوءَ ڪجهه ڏينهن تنها رهي هئي. سمنڊ جي ڀرسان رهي هن تي زندگيءَ جا انيڪ اسرار کليا هئا. انسان زندگيءَ جي معمولي مسئلن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. جذباتي حادثن کان خوف کائي ٿو پر دنيا ۾ ان کان به وڏيون تباهيون ٿين ٿيون. جن کي منهن ڏئي وٺي ٿو، مرڪ اندر ڪيبن ۾ اچي ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
ٻئي ڏينهن جڏهن عرشي تي وئي ته هڪ روشن ۽ خوشگوار ڏينهن سمنڊ جي سموري سونهن سميت هن جي آڏو هو.
”ڏاڍو خوفناڪ طوفان هو“ اليڪس هن جي ڀرسان ويهندي چيو.
”ها تمام گهڻو ڊيڄاريندڙ به“ مرڪ طوفان ياد ڪري ٻيهر وحشت ۾ ويڙهجي وئي.
”طوفان جي ڪابه اڳڪٿي نه هئي، هي اوچتو آيو ۽ سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيانين.“
”ڇا طوفان الباٽراس جي ڪري آيو هو“ مرڪ پڇيو.
”ممڪن آهي ته ائين هجي“ اليڪس چيو،
”ڇا ٿي سوچين.“
”سمنڊ جي باري ۾ ٿي سوچيان.“
”سمنڊ هڪ انوکو موضوع آهي، اليڪس سمنڊ ڏانهن ڏسندي چيو، پري آسمان تي اڪيلو الباٽراس اڏامي رهيو هو.
مرڪ دل ۾ اداسي کي لهندي محسوس ڪيو.
”مٿي ڇا ٿي ڏسين؟“
”الباٽراس اڪيلو رهجي ويو“ مرڪ اداسي مان چيو.
”هو آسمانن ۾ تنها آهي ۽ تون زمين تي“ اليڪس جي لهجي ۾ درد هو.
”ها واقعي جيئن عمر گذرندي پئي وڃي، اڪيلائي جو احساس وڌي رهيو آهي.“
”اڪيلائي هڪ ڪيفيت آهي حقيقت نه“ اليڪس مرڪ ڏانهن ڏسي چيو.
”ڇا مطلب اڪيلائي فقط انسان جي سوچ ۾ رهي ٿي.
”ها جيڪو پاڻ کي تنها سمجهندو اهو اڪيلو آهي.“
”اهو ڀلا ڪيئن.“
”ڏس تنهنجا ٻار آهن، گهر آهي پوءِ تون اڪيلي ته نه آهين“
مرڪ ڪنڌي ورائي ڏٺو، سونهن ۽ سارس ڏانهن نهاريو جيڪي، سمنڊ ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
”هون“ مرڪ گهري سوچ ۾ پئجي وئي.
”هن وقت اڪيلو فقط الباٽراس آهي، هن جي اڪيلائي حقيقت آهي.“
”شايد تون ٺيڪ ٿو چوين، اڪيلائي فقط اسان جي ذهن جي پيداوار آهي.“
مرڪ قائل ٿيندي چيو.
”انسان ۾ هڪ مڪمل دنيا وسي ٿي پوءِ هو تنها ڪئين ٿو ٿي سگهي!“
”بشرطيڪه انسان ان دنيا سان رابطي ۾ هجي.“
مرڪ اداس ٿي چيو. هن جي اکين ۾ ماضيءَ جا لمحا هئا.
”رابطن کي محسوس نه ڪرڻ بدقسمتي آهي.“
”ها اڄ جو انسان بدقسمت آهي، اليڪس.“
”شايد ائين هجي.“
اليڪس ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويو.
”رات جو الباٽراس ان ساڳي جڳهه تي اچي ويهندو آهي، جتي سندس ساٿي دم ڏنو هو.“
اليڪس اداس ٿي چيو.
”واقعي“ مرڪ حيران ٿيندي اليڪس ڏانهن ڏٺو.
”ها پرهه ڦٽيءَ مهل هو، واپس آسمانن ڏانهن اڏامي وڃي ٿو.“
”مان ته سمجهندي هيس ته پکي وڇوڙي جي درد کي محسوس نه ڪري سگهندا هوندا!“
مرڪ ٿڌو ساهه ڀري چيو.
”پکين وٽ اظهار جو ڏانءُ ناهي، شايد ان ڪري هو انسانن کي لاتعلق لڳن ٿا پر حقيقت ۾ پکين وٽ انسان کان وڌيڪ خوبصورت احساس ٿئي ٿو.“
”شايد انڪري ته پکي نفرت نه ڪندا آهن. يا هنن ۾ حسد يا انتقام جو جذبو نه هوندو.“
”مون کي به پکي وڻندا آهن. ڳوٺ ۾ منهنجي اک به صبح جو پکين جي مٺڙين لاتين تي کلندي هئي.“
اچانڪ آسمان تي ڪڪر ڪارونڀار ڪري آيا ۽ برسات پوڻ لڳي. سمورا ماڻهو پنهنجي ڪيبنز ۾ هليا ويا، ڪي ڊائنگ هال ۾ ويهي تاش کيڏڻ ۾ لڳا. مرڪ به اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي پر کيس ننڊ نه آئي. کيس عجيب خوف اندر ۾ محسوس ٿي رهيو هو. جنيد ياد اچي ويس. ٻارن جا چهرا نظرن آڏو ڦرڻ لڳا. اليڪس صحيح چوي ٿو. مان انا جي ڪوٽ ۾ بند آهيان، خاميون ته هر انسان ۾ هونديون آهن. ڀلا ڪنهن کي مڪمل زندگي ملي آهي! پوءِ سمنڊ جي باري ۾ سوچڻ لڳي، هن ڪڏهن سوچيو به ته هو ته سمنڊ جي زندگيءَ ايتري خوبصورت ٿي سگهي ٿي.
ٻئي ڏينهن هوءَ ڊيڪ تي ويٺي هئي ۽ اليڪس دوربين سان آسمان ۾ نهاري رهيو هو جتي تنها الباٽراس اڏري رهيو هو.
”هي سدائين تنها رهندو.“
”ڪير“ مرڪ سوچن مان ڇرڪي اليڪس ڏانهن نهاريو.
”الباٽراس“ اليڪس اداسي سان چيو.
”هن کي ڪو ٻيو ساٿي نه ملندو؟“ مرڪ پڇي ٿي.
”هن کي ڪيترا ساٿي ملي سگهن ٿا پر الباٽراس زندگي ۾ فقط هڪ ڀيرو محبت ڪندو آهي. جيڪڏهن جوڙي مان ڪو هڪ مري وڃي ته سدائين اڪيلو رهندو آهي.“
مرڪ حيرت سان مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو جتي الباٽراس وڇوڙي جو ڏک ساهه ۾ سانڍي سمنڊ مٿان اڏامي رهيو آهي.
ڪاش مان به الباٽراس هجان ها! ۽ مون کي اهڙي محبت نصيب ٿئي ها. اداسيءَ سان سوچي ٿي.
عورت هڪ دفعو محبت ڪري ٿي.
الباٽراس وانگر....
عورت الباٽراس آهي.
”محبت ۾ ڪامليت نه هوندي آهي. محبت هڪ اڻپورو لفظ آهي، زندگي جي لغت لاءِ“. اليڪس چيو.
”مون کي انساني محبت هڪ گهري ڪُن وانگر لڳي ٿي. مون کي ان ڪُن کان وحشت ٿئي ٿي“. مرڪ چئي سمنڊ ڏانهن ڏٺو، جتي لهرون پرسڪون آهن، جن ۾ نيري آسمان جو عڪس آهي. آسمان، زمين کان پري نه آهي، پر لهرن جو اڻمٽ حصو آهي.
آسمان سچ آهي يا لهرن ۾ آسمان جو عڪس .................
”جڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ محبت نه هئي ته مان پرسڪون هيس. پر جڏهن محبت ڪرڻ لڳس ته وهمن ۽ وسوسن ۾ ورهائجي ويس. هڪ مرد جي بدلجندڙ روين جو ڳجهه پرکڻ جي چاهنا، مون کي پنهنجي وجود کان ڌار ڪري ڇڏيو.“
”تون ان مرد سان مشروط محبت ڪرين ٿي، انڪري بي سڪون آهين.“
اليڪس جي ڳالهه ٻڌي هوءَ سوچ ۾ ٻڏي وئي.
”ڇاٿي سوچين؟“ اليڪس مرڪي کيس ڏٺو.
”اهو ته ڪمي منهنجي محبت ۾ آهي.“
”نه ڪمي تنهنجي ذات ۾ آهي، جيڪا هڪ عورت جي حيثيت ۾ توکي ماحول ڏني آهي، پوئتي پيل سماج ۾ جڏهن عورت سان تفريق ڪئي وڃي ٿي ته هوءَ اڃايل رهجي وڃي ٿي، پوءِ جڏهن هڪ مرد هن جي زندگيءَ ۾ اچي ٿو ته هوءَ هن کان گهري ۽ سچي محبت چاهي ٿي.“
”ڇا عورت غلط آهي، پنهنجي گهرج ۾“ مرڪ حيرت سان کيس ڏسي ٿي.
”ها ڇو ته مرد گهري ۽ سچي محبت ڪري ئي نه ٿو سگهي. هو فقط محبت ڪري ٿو، گهڻي ڀاڳي عورت جي جسم سان. يا ذهانت سان- مرد جي محبت مشروط آهي. اهو سچ آهي ۽ ان سچ کي قبول نه ڪري وقت نه وڃاءِ“ ائين چئي اليڪس اٿي ڊيڪ تي ويٺل هڪ گروپ کي ايٽلانٽڪ سمنڊ جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳي ٿو.
سمنڊ تي لهندڙ سج جا رنگ وکريل آهن. جهاز پنهنجي منزل تي پهچڻ وارو آهي. سورنهن ڪلاڪن جو اهو سفر مرڪ لاءِ اهميت رکي ٿو. زندگيءَ ۾ ڪوته ماڻهو اهڙو مليو جيڪو هن کي سمجهي ٿو، ڪجهه گهڙين لاءِ ئي سهي.
محبت ڪجي پر ان کي ڪنهن پيماني تي نه پرکجي پر انسان جي گهرج وسيع آهي. کيس دريا ملي يا سمنڊ پر هو اڃايل ئي رهندو.
منهنجي سوچ فقط هڪ شخص جي چوڌاري ڦري ٿي، اها زندگي سان زيادتي آهي.
مان به هڪ محور جي چوڌاري ڦران پئي، پر مان چاهيان ٿي ته اهو محور مون سان گهري محبت ڪري الباٽراس وانگر. پر اهو ممڪن نه آهي.
هوءَ مٿي ڏسي ٿي.
آسمان تي تنها الباٽراس اڏامي رهيو آهي.


(انگريزي جي مشهور شاعر سيميوئل ٽيلر ڪولرج جي
مشهور نظم Ancient Mariner کان متاثر ٿي لکيل ڪهاڻي)