چهري تي سهميل چانڊوڪيءَ جو عڪس
هاڻ هوءَ ڪنهن غير مرد لاءِ سوچڻ لڳي آهي. هوءَ ائين نه ٿي چاهي پر دل جي اڪيلاين کيس مجبور ڪري وڌو آهي. روحل جي اداس اکين ۽ چهري جي گنڀيرتا ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺي آهي. جيئڻ لاءِ ڪوته اتساهه هجي!
هن جنهن بينڪ ۾ نئون اڪائونٽ کوليو آهي، روحل اتي سيڪنڊ آفيسر طور، ڪجهه ڏينهن اڳ بدلي ٿي آيو آهي. هو ڪم جي معاملي ۾ تمام گهڻو ذميدار آهي، تڏهن هن جو هر ڪم جلدي ٿي وڃي ٿو.
هو خاموش طبع ۽ لاتعلق لڳي ٿو. سندس اکين ۾ مردن واري هوشياري ۽ تجسس ناهي پر وڻ جي گهاٽي ڇانو جهڙو احساس آهي.
اهو احساس، جنهن جي پائڻ جي تمنا هر انسان کي ٿئي ٿي، ڪڏهن ڪنهن جي اکين ۾ پنهنجي ذات جو اولڙو نظر ايندو آهي.
چهري جي اداسيءَ ۾ پنهنجي اداسي ڌڙڪندي محسوس ٿيندي آهي.
يا ائين لڳندو آهي کيس ان ماڻهو جو انتظار هو. هوءَ پنهنجي ويجهي سهيلي نرمل سان به دل جو حال نه ٿي اوري سگهي، نرمل ڇا سوچيندي هن جي باري ۾....!!!
هوءَ پنهنجي احساس کان پاڻ ئي خوفزده آهي، نرمل ئي کيس ٻڌايو هو، روحل جي زال جيتري بد مزاج آهي اوترو ئي چاهيندو اٿس.
اهو ٻڌي ثانيه ٿڌو ساهه ڀري خاموش ٿي وئي.
ثانيه جيتري خوبصورت ۽ سلجهيل آهي، سندس مڙس الطاف اوترو ئي بدمزاج آهي. هو معمول کان وڌيڪ تيز لهجي ۾ ڳالهائي ٿو. اها ڪاوڙ ۽ بي صبري ڏينهن رات مصروفيت ڪري آهي. الطاف جو سافٽ ويئر جو ڪاروبار آهي، فائدو لڪائي نقصان وڌائي ٻڌائيندو آهي. ثانيه هڪ پرائيويٽ فرم ۾ نوڪري ڪري ٿي. شروع ۾ هوءَ الطاف کي سمورا پئسا ٻڌائيندي هئي. سندن جوائنٽ اڪائونٽ آهي. الطاف پئسي جي معاملي ۾ ڪنجوس آهي. انڪري لڪي الڳ اڪائونٽ کوليو اٿس. ان ڪري اڪثر اڪيلي پئسا ڊپازٽ ڪرائڻ ايندي آهي.
ڪڏهن ضرورت بنا به بينڪ وڃڻ تي دل چوندي اٿس. ان ڏينهن بينڪ وئي ته هڪ خوبصورت ڇوڪري، روحل سان ويٺي هئي. ثانيه جي اکين جي جوت وسامي وئي. بينڪ ۾ موجود ماڻهو ان ڇوڪريءَ جو آواز ڪنائي رهيا هئا. سندن بي باڪ اکيون ڇوڪريءَ جي وجود ۾ کتل هيون. هڪ ڌيان ڇڪائيندڙ خوشبو ڇوڪريءَ جي سوڙهن ڪپڙن مان آزاد ٿي، اتي موجود مردن جي خواهشن کي آزمائڻ لڳي هئي.
پر روحل جي نظر ۾ سادگي هئي، هو ان خوبصورتيءَ کان لاتعلق هو.
ان لاتعلقيءَ ته کيس موهيو هو. هن پنهنجي اندر اطمينان جي ٿڌاڻ کي لهندي محسوس ڪيو، ڄڻ هوءَ روحل سان ڪنهن تعلق جي ڏور ۾ ٻڌل هجي.
ڇوڪري جي وڃڻ بعد بينڪ ۾ موجود ماڻهو سندس وجود جي خوشبو کي محسوس ڪري ٿڌا ساهه ڀري رهيا آهن. فون وڳي ته روحل فون تي ڳالهائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. ڪو سخت لهجو فون ۾ گونجي اٿيو. شايد سندس زال آهي، ٿورو گهٻرايل لڳو.
هوءَ روحل جي چهري تان نظرون هٽائڻ نه ٿي گهري. پر کيس لڳي ٿو، بينڪ ۾ موجود هر ماڻهو کيس طنزيه نظرن سان گهوري رهيو آهي.
هوءَ گهٻرائجي روحل جي چهري تان نظرون هٽائي، سندس آواز ٻڌڻ لڳي. هڪ ڌيمو خوبصورت آواز آهي. سانوڻي مند ۾ وسندڙ خاموش برسات جيان....
بعض آواز ۽ لهجا ڪيڏا وڻندڙ ٿين ٿا. اڃايل احساس کي سيراب ڪندا رهن ٿا.
گهڙيءَ پل لاءِ ٻڌندڙ تي وجد جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي.
پوءِ وري خاموشيءَ جي هڪ گهري ڪُن ۾ احساس ڦرڻ لڳي ٿو. وري ڪنن کي انتظار رهي ٿو ان آواز جو....
روحل جي سامهون ويهندي کيس تحفظ جو احساس ٿيندو آهي، پر روحل بي خبرآهي هن جي اکين جي اُڻ تڻ کان...
هن جي جذبي جي تپش ۾ ڪو اثر ناهي شايد...
هوءَ اداسيءَ سان سوچي ٿي.
روحل پئسا ڊپازٽ ڪري ڏاهنس ڏٺو. اڄ هو ڪجهه اداس لڳي ٿو. هن جي اداسيءَ ۾ هڪ گهري ڪشش آهي. ان ڪشش ۾ وڃائجي ثانيه کي پنهنجي هئڻ جو احساس ٿيڻ لڳو.
ثانيه جي دل نه ٿي چوي اٿڻ لاءِ. هوءَ گهڻو ڪجه ٻڌڻ ٿي چاهي، چهري جي اداسي ۽ اکين جي ڳاڙهاڻ جو سبب معلوم ڪرڻ ٿي گهري. پر روحل ازل کان لاتعلق لڳي ٿو.
هوءَ نه چاهيندي به اٿي ٿي، روحل ڪنڌ جهڪائي لکڻ ۾ مصروف آهي.
گاڏي اسٽارٽ ڪندي سوچي ٿي، هوءَ ايترا دفعا بينڪ آئي آهي، پر روحل هڪ دفعو به نه مرڪيو آهي. هو مرڪندي سهڻو لڳندو هوندو، ائين جيئن ڪڪرن مان اوچتو سج نڪري اچي...
هو چاهي ٿي روحل جي باري ۾ نه سوچي پر پوءِ به سوچڻ کانسواءِ رهي نه ٿي سگهي، شايد زندگيءَ جا مسئلا سوچي ٿڪ محسوس ڪرڻ لڳي آهي.
هن جي دل ۾ شديد خواهش آهي، روحل سان فون تي ڳالهائڻ جي. فون تي هو خاموش محبت جو اظهار ڪري سگهندي شايد...
وڻن واري رستي تي دير تائين هن سان گڏ خاموشيءَ سان هلندي رهڻ جي...
يا شام جي ڪنهن هوٽل ۾ آرڪسٽرا جي ڌن ٻڌندي گڏ چانهن پيئڻ جي. ٻيو نه ته ڪو هڪ جملو کيس چئي سگهان!
عورت ڪنهن کي تصور ۾ سوچيندي به خوفزده ٿيندي آهي. پر منهنجو اظهار جيڪڏهن مون کي روحل جي نظر ۾ ڪيرائي ڇڏي ته اهڙي اظهار جو ڪهڙو فائدو! هڪ شادي شده عورت کي محبت ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي. هن جواب ۾ ڪا سخت ڳالهه چئي ته مان پنهنجي ئي نظرن ۾ڪري پوندس.
حساس عورت جو پيار شيشي کان به وڌيڪ نازڪ ٿئي ٿو. مون ته ڪڏهن يونيورسٽيءَ ۾ به ڪنهن ڇوڪري کي دل ڀري نه ڏٺو، هاڻ منهنجون نظرون هر وقت روحل جي چهري جو طواف ڪرڻ ڇو ٿيون چاهين! منهنجي ذهن ۾ هر هر هن جو خيال ڇو ٿو اچي!!! شايد هو ٻين مردن کان مختلف آهي.
هن جي نظر ۾ خواهش پرستي بدران عورت لاءِ احترام جو جذبو آهي. شايد منهنجي خوابن ۾ جيڪو تصور مون سان گڏ هلندو هو، روحل ان تصور جي حقيقت آهي.
هن جو تصور خواب جو حصو آهي، پر روحل ان خواب جي تعبير آهي. عورت گفتگوءَ ۾ نرم ۽ سٻاجهو لهجو چاهيندي آهي. پنهنجو گهر ڇڏي جڏهن ساهري گهر ۾داخل ٿيندي آهي ته پوئتي ڇڏي آيل محبتن جهڙي محبت پائڻ جي تمنا ڪندي آهي.
هڪ گهرو ڇانورو، جيڪو زندگيءَ جي سختين کان کيس پناهه ڏئي سگهي.
پر عورت جي حصي ۾ روين جي تيز اُس ايندي آهي. ڪنهن جي حصي ۾ گهٽ ته ڪنهن جي حصي ۾ وڌيڪ...
هوءَ مشين بڻجي زندگي گذاري ٿي. شايد هڪ ضرورت بڻجي. هوءَ ڏيڻ ۽ ارپڻ لاءِ آهي، هرڪو هن کان توقع رکي ٿو، پر هو ڪنهن ڏانهن اميد ڀرين نظرن سان ڏسي...!!!
جيئن هوءَ چاهي ٿي ماءُ جي گهر وڃي رهي، گهر جي هر هڪ ڪنڊ کي محسوس ڪري، ان ۾ لڳل وڻن ۽ ٻوٽن سان ڳالهائي. ماءُ پيءُ جي چهرن کي دير تائين تڪيندي رهي. الاءِ ته ڪهڙو اتساهه ملندو آهي انهن چهرن کي ڏسي. ڄڻ ته گهايل رُوح تي آٿت جا پها رکندا هجن اهي چهرا. احساس سان جڙيل، اهي محبتون ٻيو ڪير ڏيندو!
اهي وڃائجي ويل ٽهڪ ۽ مرڪون ڳولي، جتي هاڻ ماءُ پيءُ جا ٿڌا ساهه وڃي بچيا آهن. سندس ماءُ ڪينيڊا ويل ڌيءَ لاءِ خاموشيءَ سان لڙڪ ڳاڙيندي آهي ۽ اکين کان پري رهندڙ پٽن جي اوسيئڙي ۾ وقت گذرندو اٿس.
هوءَ بي چين ٿي پاسو ورائي ٿي.
محبت هڪ لمحي ۾ٿي ويندي آهي، هڪ پل ئي هوندو آهي، الهام جو...
ڪاش! اڳ ۾ روحل سان ملي ها! پوءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ها کيس پائڻ لاءِ...
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هوءَ بينڪ وئي ته روحل کيس غور سان ڏسندي چيو.
”ايترن ڏينهن کانپوءِ آيا آهيو؟“ کيس لڳو ڄڻ هن جو انتظار روحل جي لهجي ۾ منتقل ٿي ويو هجي.
پنهنجي خوشفهمي تي دکي ٿي پئي.
”بس ڪجهه مصروف هيس.“ اداس ۽ وکريل لهجي ۾ فقط ايترو چئي سگهي.
”توهان اڳي کان ڪمزور ٿا ڏسجو، طبعيت ته ٺيڪ آهي نه توهان جي؟“ روحل جي لهجي ۾ اوسيئڙو هو، هن جي نظر ۾ ثانيه کي ڪا تبديلي محسوس ٿي. ڄڻ هو ثانيه جي چهري جي اداسي جو سبب ڄاڻڻ چاهيندو هجي، اڄ هو خاموش ۽ لاتعلق نه ٿي لڳو.
حالات جي سختين مون کي وهمي ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ پنهنجي غلط فهميءَ تي دل ئي دل ۾ مرڪي پئي.
”پريشان ٿا ڏسجو؟“ روحل کيس غور سان ڏسندي چيو.
کيس لڳو اکين جي گُهور سان سندس احساس ميڻ جيان رجي پوندو. هوءَ ثانيه مان لڙڪن جو سمنڊ بڻجي پوندي.
سندس سڏڪا بينڪ ۾موجود سمورا ماڻهو ٻڌندا. پوءِ طرح طرح جون ڳالهيون ڪندا.
ثانيه جون اکيون لڙڪن سان ڀريل آهن، روحل جي چهري تي پريشاني وڌڻ لڳي.
”مان ٺيڪ آهيان“ ڪجهه لڙڪ ڳلن تي لڙي آيس، هوءَ خاموشيءَ سان ٻاهر نڪري آئي.
همدرديءَ جي ٻن ٻولن سندس وجود جي مضبوط ديوار ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هجن ڄڻ ته... روحل جون سواليه اکيون ۽ چهري جي حيرت پوئتي رهجي ويا.
انهن چند جملن ۾ مڪمل احساس موجود هو. ضروري ناهي ته هو به مون لاءِ ائين ئي سوچيندو هجي، جيئن مان هن لاءِ سوچيان ٿي. يڪطرفه محبت ۾ ٺهراءُ آهي.
ٻن طرفن واري محبت غلط فهمين ۽ جهيڙن جي نذر ٿيو وڃي، محبت جي چاشني زهر بڻجي پئي ٿي.
ٻن طرفن واري محبت کي بقا نه آهي. يڪطرفه محبت امر آهي، محبت لاءِ اهو ڪافي آهي ته جنهن سان محبت ڪجي ان جو تصور زندگي ڏيندو رهي.
پر هوءَ روحل کي سندس سوال جو جواب ڇو نه ڏئي سگهي! پنهنجي خوشفهمي جو ڀرم قائم رکڻ لاءِ هن پنهنجو اڪائونٽ ٻي بينڪ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو.