خالي هنج جو ڏک
صوفيه جي شاديءَ کي پندرنهن سال ٿيا آهن. شاديءَ جي ٻن سالن کانپوءِ کيس فائبرائڊ ٿي پيو هو، جيڪو ٻار نه ٿيڻ جو سبب بڻيو هو. انڪري گائناڪولوجسٽ کي سندس آپريشن ڪرڻو پيو، پر کيس ٻار پوءِ به نه ٿيو. سرجري کان پوءِ کيس صحت جا ٻيا مسئلا شروع ٿي ويا. ان کانپوءِ هوءَ ڪيترن ڊاڪٽرن ڏانهن وئي، جن کيس ٻڌايو ته هن کي آپريشن نه ڪرائڻو هو. هڪ ڊاڪٽر جي ڳالهه تي ڇو لڳي، ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کان به صلاح وٺي ها. ڪي ڊاڪٽر ڪيڏا لاپرواهه آهن، لمحي ۾ غلط فيصلا ڪري وٺندا آهن. انسان وٽ پنهنجو عقل به هئڻ گهرجي. وڏا وس ڪيا ته ڪو ٻار هنج وٺي پر سندس مڙس عبدالمنان هن جي هڪ نه ٻڌي. سندس چوڻ هو ته اهو هڪ غير اسلامي فعل آهي. ڌيءَ مرد لاءِ ۽ پٽ عورت لاءِ غير محرم ٿيندا آهن. اڄڪلهه پنهنجو اولاد نه ٿو پڇي سو پرائو اولاد ڪهڙي ڪم ايندو! جي يتيم خاني مان وٺنداسين ته ڪهڙو جائز ٻار ملندو!
”منان ٻار ته معصوم ٿيندا آهن، کين دنيا جي براين جي ڪهڙي خبر.“
صوفيه ڪنهن به ٻارکي جهول وٺڻ لاءِ آتي هئي اصل ساهه پيو ويندو هيس.
”چري، ڪنيءَ ول جا پتا به ڪِنا هوندا اٿئي، سو متان ڪڏهن ڀلجي به يتيم خاني مان ٻار وٺي اچين.“
صوفيه کي منان جي ڳالهه تي ڪاوڙ لڳندي هئي. سوچيندي هئي، منان آخر ڪهڙي قسم جو انسان آهي، ڇو کيس احساس ناهي ته منهنجي خالي ممتا ڪيڏي نه اڃايل آهي.
صوفيه ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ٻيو نه ته پنهنجي ئي خاندان مان ڪٿان ٻار ملي وڃيس. ساهرن مان به جواب مليس. شايد منان دلچسپي نه ڏيکاري. جي زور ڀري ها ته ڪنهن ڀاءُ يا ڀيڻ کي رحم اچي وڃي ها. صوفيه جو هڪ ئي ڀاءُ هو. کيس چار ٻار هئا. ڀاءُ پنهنجي دنيا ۾ گم هوندو هو. ڀاڄائيءَ جو مزاج الڳ ستين آسمان تي هو. سو ساڻس ڳالهه ڪرڻ اجائي آهي. متان چڙي نه پوي ته منهنجي اولاد ۾ نظرون وڌيون اٿس. ائين نه ٿئي جو ٻار بيمارٿي پيا ته مون لاءِ مصيبت ڪري ڇڏيندي. چوندي هئي ته ٻارن کي صوفيه جي نظر ٿي لڳي. پوءِ ٻارن کي مولوين وٽ موڪليندي هئي نظر ڏنڀائڻ لاءِ. اهڙي آزار کان بس ڀلي. صوفيه اهي ڳالهيون سوچي دل تي پٿر رکي صبر ڪيو. عبدالمنان جي عمر پنجونجاهه سال هئي. هو ڪاروبار ڪندو هو. صوفيه کانئس نو سال کن ننڍي هئي. ڪاليج ۾ ليڪچرر هئي. منان سڳو سئوٽ هيس. طبعيت جو سادو هو پر مڙس جي روپ ۾ هو کيس سدائين ارڏو لڳندو هو. شل نه ڪا عورت ڪنهن جي نڪاح جي ڪاڳرن ۾ سندن ملڪيت ۾ اچي. پوءِ ته ڪنڌ کي به ڪَلف لڳي ويندو اٿن. هونئن ته عبدالمنان، صوفيه جو خيال رکندو هو. نه ئي زال کي نظر انداز ڪري ٻاهرين دنيا جي ميڙن ۾ رڌل هو. طبيعت ۾ نهٺائي هيس پر صوفيه کي لڳندو هو ته ٻارن جي ڪمي کي هو به محسوس ڪري ٿو، ان ڪري اڄڪلهه ڳالهه ڳالهه تي چڙي پوي ٿو. ڪاروبار ۽ ٻاهرين مسئلن کي گهر کڻي اچڻ تي صوفيه کانئس خفا ٿيندي. هر وقت حساب ڪتاب ۽ دڪانداري کيس سٺي نه لڳندي هئي. صوفيه هن کان ٻاهرين قصن ۽ مسئلن کي وري وري بيان ڪرڻ واري عادت ڇڏرائي هئي. پر ائين ڪري هوءَ نقصان ۾ اچي وئي. منان خاموش رهڻ لڳو. هونئن به هن وٽ ڳالهائڻ لاءِ گهڻا موضوع ڪونه هئا. هوءَ سوچيندي هئي، منان هن سان ائين کلي ڳالهائي جيئن ڀينرن سان کلي ڳالهائيندو آهي.
ڀينرون تنقيد نه ڪنديون هيس شايد ان ڪري، هوءَ گهڻي ڪوشش ڪندي هئي ته اڻ وڻندڙ ڳالهين تي خاموش رهي.
خاموش رهي هڪدم اونهو ڪُن بڻجي پوندي هئي. جيڪا ڀاڄي يا سودو سلف سمجهائيندي هيس ان بدران ٻي وٺي ايندو هو. لکي ڏيندي هيس ته سامان کٽل آڻيندو هو. گوشت يا ڪڪڙ جو ٻوڙ چاڙهڻو هوندو هيس ته ٿوم۽ ادرڪ وساري ايندوهو. هن جي عادت نه هئي پاڙي وارن کان گهرڻ جي.
عبدالمنان جي سادگيءَ مان اڪثر پنهنجا پراوا غلط فائدو وٺندا هئا. پوءِ موقعو ملندي ئي صوفيه اچي کيس ورائيندي هئي ته چڙي چوندو هو.
”ڇو؟ ڇوڪرين ڪاليج اچڻ ڇڏي ڏنوآهي ڇا جو مون کي پئي ليڪچر ڏين.“
صوفيه جک کائي پاڻ کي نارمل رکڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. هروڀرو ڳالهه مان ڳالهه وڌندي. هونئن به منان هر ڀيري ڪو هڪ جملو دل ۾ رکي مهينن جا مهينا کيس طعنا ڏيندو رهندو هو. مڙس ٿي سندس هر ڳالهه ۾ مداخلت ٿو ڪري پر هن جي ڳالهه نه ٿو ٻڌي.
ڀلي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي پر ٻار ته وٺڻ ڏئي. پر کيس منهنجي ڏک جي ڪهڙي خبر! پاڻ ته ٻاهر جي دنيا ۾ مگن آهي، کيس ڪهڙي خبر ته منهنجو وقت گهر ۾ ڪيئن ٿو گذري؟
رات جو هوءَ ان وقت ننڊ مان اٿي منان سان وڙهڻ لڳي. جڏهن هن سڄي سَوڙ سوري پنهنجي چوڌاري ويڙهي ڇڏي ۽ هوءَ سَوڙ بنا سيءَ ۾ ڏڪڻ لڳي. ٻه ٽي ڀيرا کيس سيني جو انفيڪشن به ٿي چڪو هو. ننڊ ۾ به مون سان ٻيائي، ڏند ڪرٽيندي هوءَ سوڙ ڇڪڻ لڳي.
”هان هان ڇا ٿي ڪرين....“ ڳاڙهيون اکيون کولي منان کيس ڪاوڙ مان ڏٺو.
”هيڏي ڪر سَوڙ سڄي ساري پاڻ کي ٿو ويڙهي ڇڏين.“
پوءِ منان سَوڙ جو هڪ حصو کيس آڇيندو هو، هوءَ اندر ٿيڻ جي ڪوشش ۾ وٽجي سٽجي اڌ ٻاهر پئي هوندي هئي.
”ٿوري سَوڙ هيڏي ڪيو.“
”نه، تون پنهنجو وزن گهٽاءِ.“ منان مرڪي کيس چيڙاِئيندو هو. وڙهي جهڙي سوڙ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي هئي. جيئن آرام سان سمهي سگهي. ٻه ٽي ڏينهن کان فاصلا اڃان وڌي ويا آهن. منان سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر هوندو هو، گهر اچڻ بعد وهنجي سهنجي چانهه پي پيو ٽي وي ڏسندو هو. رات جون گهڙيون هيون جو ٻنهي کي ايتري ويجهڙائي نصيب ٿيندي هئي. سندس ڏاڏي چوندي هئي ته زال مڙس هڪ سوڙ ۾ سمهن، ٻه سوڙيون دلين ۾ جدائي وجهنديون آهن. ٻيو چوندي هئي ته جي ننڍا ٻار هجن ته مرد ٻئي ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ پيو واجهائيندو آهي. کيس ٻئي ڪمري ۾ نه سمهڻ ڏجي، نه ته ٻارن کان پري ٿي ويندو. هوءَ فقط پهرين ڳالهه تي عمل ڪري سگهي. ٻار ته سندس قسمت ۾ نه هئا. ٻار به زال مڙس جي وچ ۾ تعلق جي پل ٿين ٿا.
ٻار هجن ها ته مان انهن سان گڏ سمهان ها. پوءِ مڙس سان به ايترو نه وڙهان ها. عورت جي سوچ ٻارن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. صوفيه کي اولاد نه هئڻ جو ڏاڍو ڏک هو. هڪ ڏينهن سندس سهيلي شازيه کيس پنهنجي گهر وٺي وئي. گهر ۾ ٻوٽا ۽ وڻ پوکيل هئا. شازيه جا ٻه ٻار هئا. ٻارن طوطا پاليا هئا. طوطن جون ٻوليون ٻڌي هوءَ اندر ۾ ٻارن جهڙي خوشي محسوس ڪرڻ لڳي.
گهر اچي سوچيندي رهي ته هوءَ طوطو ضرور پاليندي. منان زمين تان موٽڻ بعد وهنجي ماني کائي لائونج جي صوفي تي آهلجي ٽي وي ڏسڻ لڳو.
صوفيه به ڀرسان اچي ويٺي. ”ريسلنگ ڏسڻ جو شوق ٿيو اٿئي ڇا؟“ منان کيس چڙ ڏيارڻ لاءِ چيو.
”هن قسط ۾ الاءِ ڇا ٿيو هوندو. چينل بدلايو ته ڊرامو ڏسان.“
”سڀاڻي منجهند جو ٻيهر هلندو. پوءِ ڏسجانءِ.“
منان جون اکيون ريسلر جي داءُ ۽ پيچن ۾ کتل هيون.
”منجهند جو مان ماني ڪندي آهيان، ٽائم ڪٿي هوندو اٿم ٽي وي ڏسڻ لاءِ.“
هنن جي اڪثر ٽي وي چينلز تي به ويڙهه ٿيندي هئي، بلڪل ٻارن وانگر.
”منهنجي ڳالهه ٻڌو.“
”ها چئه“
”مون کي طوطو آڻي ڏيو.“
”هان!“
منان حيرت مان صوفيه کي ڏٺو.
”ها مان طوطو پاليندس.“
منان کلي ڏنو.
صوفيه روئڻ لڳي ته منان ڪجهه سنجيده ٿيو.
صوفيه جي ڳلن تان لڙڪن جون لارون وهڻ لڳيون.
”توهان مون کي ٻار ته نه پالڻ ڏنو، هاڻ مان طوطو پالينديس. طوطن ۾ محرم يا غير محرم جو چڪر نه هوندو آهي. نه ٻارن وانگر جائز يا ناجائز جي مهر هوندي اٿن.“
هڪ عجيب درد هو. صوفيه جي لهجي ۾، منان ان وقت بازار ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ شام تائين کيس طوطو آڻي ڏنائين. ننڍڙو طوطو هو. صوفيه کي بي اختيار طوطي تي پيار اچي ويو. ”ٻن هزارن جو طوطو آهي. ماڻهوءَ واري سمجهه اٿس.“
منان خوش ٿي کيس ٻڌايو. طوطو پڃري ۾اداس ويٺو هو.
”هيءُ چپ ڇو آهي؟“ صوفيه طوطي کي پيار مان ڏسي چيو.
”نئون ماحول اٿس. ٻن ٽن ڏينهن ۾ هري مري ويندو. پر ڪٽيل اٿس. پڃري کان ٻاهر ٿوري دير ۾ ڪڍي ڇڏجانئس.“
منان صوفي تي ويهي خبرون ڏسڻ لڳو. طوطي جي اچڻ کانپوءِ صوفيه جي دنيا بدلجي وئي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ طوطو هن سان هري مري ويو. طوطو ڏاڍو سيکاريل ۽ سمجهدار هو. جيڪو لفظ هن جي سامهون ڳالهائبو هو، طوطو اهو لفظ ورجائيندو هو. صوفيه ڪاليج مان موٽندي هئي ته طوطو کيس هڪ خاص اشاري سان ٻڌائيندو هو ته کيس بک لڳي آهي. صوفيه کيس کائڻ لاءِ ڪجهه ڏيئي ڪپڙا تبديل ڪري طوطي جو پڃرو کولي ڇڏيندي هئي. صوفي تي ٿوري دير آرام ڪندي هئي. طوطو هنجي ڪلهي تي اچي ويهندو هو.
”ڪاشف مما کي پيار ڪر.“ صوفيه لاڏ مان چوندي هئي ۽ طوطو کيس ڳلن تي چنهب رکندو هو. ڄڻ کيس خبر هجي ته ماءُ کي پيار ڪيئن ڪبو آهي.
هوءَ طوطي کي ڪاشف سڏيندي هئي. شاديءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سوچيندي هئي. پٽ ڄمندو ته ڪاشف ۽ ڌيءَ کي رابعه نالا رکندي. اهي ٻه نالا سالن کان سندس من ۾ سڏڪندا رهيا آهن. پر طوطي جي اچڻ کانپوءِ هوءَ ڪافي بدلجي وئي هئي. هن جي اچڻ تي طوطو پَــرَ کنڊيري خوشيءَ جو اظهار ڪندو هو. هوءَ ايندي هئي ته ”امي“ ”امي“ ڪري ٻوليندو هو. هن چڱي مغز ماريءَ کانپوءِ طوطي کي سيکاريو هو ته هو کيس امي سڏي.
پر منان کانئس خفا رهڻ لڳو. شايد هوءَ طوطي کي وڌيڪ وقت ڏيندي هئي. طوطي ٻه ٽي ڀيرا منان جي ڪلهي تي پنهنجا تکا پير هڻي سندس پهرياڻ ڦاڙي ڇڏيا هئا. منان جڏهن به تکي لهجي ۾ صوفيه سان وڙهندو هو ته طوطو گول ڦري، ڪاوڙ جو اظهار ڪندو هو. پڃري جي در کي چنبا هڻي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
”امي.... امي... امي...“
”هن طوطي کي ته خدا جي واسطي ڪڍ گهر کان ٻاهر، اصل آزار ۾ ڪري ڇڏيو اٿائين.“ منان ڏند ڪرٽيندي چوندو هو.
هوءَ بي اختيار وڃي طوطي کي پڃري مان ڪڍي پيار ڪرڻ لڳندي هئي.
ڪوته آهي منهنجو بدر کڻڻ وارو، سمجهي ته سڀ ڪجهه ٿو نه...
صوفيه جي اکين مان لڙڪ ڪري پوندا هئا، طوطو هن جي ڳلن تي چنهب رکي پيار ڪري وٺندو هو. طوطي جي گلي مان ٽين ٽين جو آواز نڪرندو هو، ڄڻ لڳندو هو ته طوطو کيس پرچائيندو هجي. طوطي جي سياڻپ تي هوءَ دنگ رهجي وئي. هن ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته پکين وٽ به ڪا ايتري وسيع پيار جي دنيا ٿئي ٿي. جيڪا انسانن کان گهڻي مٿانهين آهي. منان چپن ۾ ڀڻڪندو گهر کان ٻاهر نڪري ويندو هو.
اڄ جهيڙي جو سبب ڪَلف جو اهو وڳو هو، جيڪو اڄ منان کي پائڻو هو. هن ٻيا ڪپڙا ڪَلف ڪري استري ڪرائي رکيا هئا. اڄ کيس اهو وڳو ڇو پائڻو هو. مڙئي مون تي رعب ڪري هيسائڻو جو هيس. مرد جي مزاج جي ڪابه خبر نه ٿي پوي، کيس ڪاوڙ جا بهانا گهرجن، هڪ هيڻي عورت کي ڌمڪائي پنهنجي مردانگيءَ جو مان وڌائيندا آهن.
هوءَ صوفي تي ويهي سڏڪڻ لڳي. طوطو سندس ڳل تي چهنب رکي کيس پرچائي ٿو. مامتا جو احساس محسوس ڪري، هن کيس هٿن سان ڇهيو، آڱر رکي سندس نرم کنڀ وکيري ڇڏيائين. طوطو اکيون بند ڪيون ته، هوءَ ٿڌو ساهه ڀري سوچي ٿي. ڪاش! انسانن وٽ پکين جيان محبت ڪندڙ دل هجي ها. طوطي کي پڃري ۾ واپس بند ڪري هوءَ گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي، پر کيس پنهنجي دل وساميل لڳي ٿي. جڏهن کان طوطو گهر ۾ آيو آهي، منان بدلجي ويو آهي. ڳالهه ڳالهه تي وڙهي ٿو پوي. هوءَ ڪم ڪار ۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿي ڇڏي، ماني ٽڪي، ڪپڙو لٽو ۽ هر ضرورت جي شيءَ وقت تي ٿي ڏئيس پر پوءِ به ڪا نه ڪا وڏ ڪڍي اجايو پيو هن جي دل ساڙيندو. صوفيه جو ڀاءُ پنهنجي دنيا ۾ مگن هو. هن کي فرصت نه هئي جو ڀيڻ جو حال پڇي. ماءُ الڳ بيمار رهندي هيس. پاڙي ۾ هن جو ايترو اچڻ وڃڻ نه هو. پوءِ ڪنهن سان دل جو حال اوري، انڪري اڪثر بيمار رهندي هئي. بيمار اهي ماڻهو رهندا آهن جن جي دل ۾ اڪيلائيءَ جي ميخ کتل هوندي آهي. ڪنهن جي گڏ رهڻ سان دل کي اهو ساٿ ڪٿي ٿو نصيب ٿئي، دل ته پنهنجائپ جي احساس سان ڀربي آهي. عورت جي دل به شايد پکين جي دل جهڙي ٿئي ٿي. پکيءَ کي نرميءَ سان ڇهبو ته خاموش ۽ سڪون ۾ هوندا. هٿ جو ٿورو زور وڌائبو ته دل تيز ڌڙڪڻ لڳندي اٿن. جيئن منان جي رڙ تي هوءَ ڊڄي ويندي هئي. هاڻ هوءَ طوطي سان دل جو حال اوريندي آهي. ڀاءُ نه ٿو پڇي، ڀاڄائي جو رويو، مڙس جي لاپرواهي، پنهنجي ڪاليج جا مسئلا...
۽ دل جي اڪيلائي...
طوطو پَــرَ کنڊيري ساڻس لاڏ ڪري آگاهه ڪندو هو ته هو اڪيلي نه آهي.
هڪ ڏينهن طوطو بيمار ٿي پيو، هوءَ ڏاڍي پريشان ٿي. ڇو ته طوطي کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هو. هن جانورن جي ڊاڪٽر لاءِ گهڻيون پڇائون ڪيو پر ڪٿي به اهڙي ڊاڪٽر جو ڏس نه مليو. ڪاليج ۾ به طوطي لاءِ پئي سوچيندي هئي، هڪ ڏينهن کيس وٽنري اسپتال جو ڏس مليس، ان ڏينهن پرنسپل کيس آفيس ۾ ويهاري ڇڏيو.
هن جي ڪلاس ۾ پڙهندڙ ڇوڪري يونيفارم بدلائي رنگين ڪپڙا پائي ڪاليج مان ٻاهر پئي نڪتي ته پٽيوالي کيس پڪڙي ورتو ۽ پرنسپل وٽ وٺي آيو. ڇوڪريءَ جي چهري تي ذرو به پريشاني نه هئي. هوءَ خوداعتماديءَ سان بهانا گهڙي رهي هئي. هر ڪو نصيحتون ڪندي ڇوڪريءَ تي ملامت ڪري رهيو هو.
الاءِ ته ڪيتريون ڇوڪريون اهو سڀ ڪجهه ڪنديون هيون، شوقيه يا ڪنهن مجبوريءَ سبب هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ٿي. کيس پنهنجي طوطي جو فڪر آهي. طوطو بيمار آهي. سڄي شهر ۾ الاءِ ڪيترا وٽنري ڊاڪٽر هوندا پر کيس ڏس نه ملي سگهيو آهي. هڪ اسپتال جو پتو مليو آهي، هتان جان ڇٽي ته وڃان.
”ميڊم مون کي طوطي کي اسپتال کڻي وڃڻو آهي، جي اجازت ڏيو ته وڃان.“ هٻڪندي هن چيو، باقي عورتون معنيٰ خيز انداز ۾ هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳيون.
”هتي انسان پيا مرن وارثن هوندي، توکي طوطي جو ايترو اونو آهي.“ هڪ ڪرڙوڍ ماسترياڻي چوڻ لڳي.
ميڊم کيس اجازت ڏني ته هوءَ جلدي گهر پهتي، طوطو پڃري ۾ هيڻو پيو هو. کيس کڻي اسپتال پهتي. اسپتال ويران پئي هئي. گيٽ تي چوڪيدار ننڊ پيو هو، اندر پهتي ته ڪمپائونڊر مليو. ڊاڪٽر ڪيترن ڏينهن کان موڪل تي هو. ڪمپائونڊر طوطي جي چڪاس ڪري کيس دوا پياري ڪجهه دوائون لکي پرچو صوفيه ڏانهن وڌائيندي چيو. ”هيءَ دوا ٽي ڏينهن پياريوس، ٺيڪ ٿي ويندو.“
واپس ايندي منان لاءِ سوچيندي رهي. واپس گهر پهتي ته منان صوفي تي آهليو پيو هو ۽ کيس ڪاوڙ ۾ گهوري رهيو هو، هوءَ گهٻرائجي وئي. طوطي جي بيماريءَ ۾ هوءَ منجهند جي ماني نه ٺاهي سگهي هئي. طوطي کي پڃري ۾ وجهي محسوس ڪيائين ته هو هاڻ ڪافي بهتر هو. جلدي ماني ٺاهي منان جي اڳيان رکيائين پر پاڻ خاموشيءَ سان هڪ پاسي ويهي رهي.
”ڇو ماني نه ٿي کائين؟“ منان کانئس پڇيو.
”الاءِ ڇو بک ناهي.“ هوءَ اداس هئي.
”پٽهين ته چڱو ڀلو ٿو ڏسجي، اجايو ٿي پريشان ٿين.“ منان جي لهجي ۾ طنز کي محسوس ڪندي ڏکاري ٿي پئي. طوطا انسانن کان هزار درجا بهتر آهن، هو نه مطلبي ۽ خود غرض آهن، نه ئي کين نفرت جي خبر آهي. پر هوءَ اهو جملو چئي نه سگهي، نه ته منان سمجهي ها، هو هن کان وڌيڪ طوطي کي اهميت ڏيڻ لڳي آهي.
ماني کائي، منان ڪم سان ٻاهر نڪري ويو. هوءِ سوچي ٿي مان ۽ طوطو پاڻ ۾ انڪري هري مري ويا آهيون جو اسان جون دليون هڪجهڙيون آهن. باقي منان وٽ هڪ باز جي دل آهي، اهڙيون ئي سندس ڳالهيون آهن.
تڏهن ته طوطو منان کان پري ڀڄندو آهي، جيئن ٻار بخيل پيءُ کان لنوائيندا آهن. ماءُ جي دل ٻارن جي دل کي سمجهي سگهي ٿي. پر پيءَ ٻار جي دلين کي دماغ سان سمجهندو آهي.
تڏهن ٻارن ۽ پيءُ ۾ احساس جي وڇوٽي رهي ٿي ۽ ٻار ماءُ جو يا ماءُ ٻارن جو عڪس ٿين ٿا.
ماءُ جي دل هڪ اونهو درياهه آهي، جيڪڏهن ماءُ نه ٿي بنجي سگهي ته به اهو درياهه سندس من کي سيراب ڪندو رهندو آهي.
طوطو ڪجهه ڏينهن ۾ چڱو ڀلو ٿي ويو. هاڻ پر وڏا ٿي ويا هيس. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ سهڻي مادي ڀت تي اچي ٻوليندي هئي. طوطو کيس ڪنائيندو هو. ڪجهه ڏينهن ۾ طوطو به طوطڻ کي جواب ڏيڻ لڳو. طوطڻ هاڻ ڀت سان لهي اچي طوطي سان گڏ کائيندي هئي. ٻئي چنهبون ملائي الاءِ ته هڪٻئي کي ڇا چوندا هئا. صوفيه جيئن رڌڻي مان ايندي هئي طوطڻ اڏامي وڃي ڀت تي ويهندي هئي. هڪ ڏينهن صوفيه ٽي وي ڏسي رهي هئي ته طوطڻ اچي ڀت تي ويٺي، طوطو به اڏامي وڃي ڀت تي ويٺو.
”ائي منهنجو ڪاشف...“ صوفيه جي اکين آڏو انڌاري ڇانئجي وئي. صوفيه هڪدم اٿي بيٺي. ٻنهي چنهب سان چنهب ملائي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه چيو ۽ اڏامي ويا.
صوفيه رڙيون ڪرڻ لڳي.
جيئن ئي دروازي ڏانهن ڀڳي، پير ٿڙي ويس، ڪرڻ کان بچڻ لاءِ صوفي جو سهارو ورتائين، پر پير مان نڪرندڙ سور جي سٽن بيحال ڪري وڌس. ان وقت منان اندر داخل ٿيو. ڊوڙي اچي صوفيه کي سڌو ڪيائين.
”ڇا ٿيو، خير ته آهي؟“ منان جي دل تيز ڌڙڪڻ لڳي.
”پير مڙي پيو اٿم.“ صوفيه سڏڪا ڀري روئي رهي هئي، منان کيس سهارو ڏئي صوفي تي ويهاريو.
”ڪاشف جا پيءُ...“ صوفيه جي چهري تي هيڊ هارجي وئي. ”ها ها چئه، ڇا ٿيو طوطي کي، مري ويو ڇا...!!!“ منان کيس غور سان ڏٺو، ظاهري طور تي پريشاني ڏيکاري ڄڻ منان هن تي ٿورو ڪيو.
”منهنجو ڪاشف اڏامي ويو...“
صوفيه اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي ۽ منان کان بي اختيار ٽهڪ نڪري ويو.
صوفيه سڏڪن ۾ کيس شڪايتي نظرن سان ڏٺو، هو کيس پنهنجي رويي ۾ انتهائي خود غرض لڳو.
”توهان ٽهڪ ٿا ڏيو!؟“
صوفيه شڪايتي لهجي ۾ چيو.
”نه ته ٻيو ڇا ڪيان... مٿي تي خاڪ وسايان. زمين تي ليٿڙيون پايان... سڌي سنئين ڳالهه آهي، طوطي کي پر نڪتا ته هو اڏامي ويو، طوطو نه اڏامندو ته ڇا مان اڏامندس.“
”منان...!؟“ صوفيه اذيت مان رڙ ڪئي.
”ڪاش مان به طوطو هجان ها. ڪڏهن جو اڏامي وڃان ها. هن ظلم نگريءَ مان...“
ڊپ کان منان مرڪ کي چپن ۾ اندر ڌوڪيندي ڪمري ڏانهن ڊوڙ پاتي.
طوطي جي اڏامي وڃڻ کانپوءِ صوفيه خاموش ٿي وئي. منان کي هان هون ۾ جواب ڏيندي هئي. رات جو سوڙ بنا وٽجي سٽجي پئي هوندي هئي پر کيس سيءُ جو احساس نه ٿيندو هو. نه ئي منان سان وڙهندي هئي. منان ريسلنگ پيو ڏسندو هو. پر صوفيه چينل بدلائڻ تان ساڻس ڪر ڪر ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي. ماني به نالي ماتر کائيندي هئي. ڪاليج مان واپس اچي ماني پچائي خاموشيءَ سان هڪ پاسي ويهي سوچيندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن طوطو ۽ طوطڻ اچي ڀت تي ويٺا. طوطي کي ڏسي صوفيه جي چهري تي رونق اچي وئي.
”منهنجو ڪاشف...“
هن اڱڻ ڏانهن ڊوڙ پاتي ته ٻئي طوطا اڏامي ويا. صوفيه اکين ۾ لڙڪ ڀري واپس صوفي تي اچي ويٺي.
ان کانپوءِ هوءَ اڱڻ ۾ طوطن لاءِ پاڻي ۽ کائڻ جو سامان رکڻ لڳي ۽ طوطا روز اچي کاڌو کائڻ لڳا. هو پري کان کين کائيندي پيئندي ۽ چنهبون ملائيندي ڏسي پئي خوش ٿيندي هئي. طوطي جي وڃڻ کانپوءِ وري ٻئي ڏينهن جو انتظار ڪيڏو ڏکيو لڳندو هيس. وقت ئي نه گذرندو هو. ٻه ڏينهن گذري ويا پر طوطو نه آيو. صوفيه جي حالت خراب ٿي وئي. انتظار ڪندي ٽن ڏينهن کان پوءِ طوطا آيا ته سندس من گل جيان ٽڙي پيو. هن گهڻو ئي طوطي کي سڏيو.
”ڪاشي ڪاشي...“
”مٺو پٽ....“
”مون کي امي چئه جيئن چوندو هئين“
”امي.... امي... امي...“
پر طوطي سندس هڪ نه ٻڌي، پنهنجي سندر طوطڻ سان چنهبون ملائي ٽين ٽين ڪندو رهيو.
”ڏائڻ اها طوطڻ نه اچي ها ته منهنجو طوطو به اڏامي ڪڍ نه لڳيس ها.“
هن وڏي آواز سان چيو.
ڪمري کان ٻاهر نڪري منان اهو جملو ٻڌي ٽهڪ ڏنو.
”چڱو ٿيو جو اسان کي اولاد ناهي. سڀ پٽ ان طوطي جيان طوطين پٺيان اڏامي ويندا اٿئي. ويچارا ماءُ پيءُ پڇاڙيءَ ۾ اڪيلا رهجي ويندا آهن.“
”تنهنجي دل ۾ دل نه، پر پٿر آهي.“ صوفيه خار وچان چيو.
”شڪر آهي تنهنجي دل وانگر ميڻ جي ٺهيل نه آهي جو بار بار رجي هلاڪ ٿيندي رهي.“ منان هميشه جيان چڙ ڏياريندڙ انداز ۾ وراڻيس.
چئي ته جائي ٿو منان، الله سائين تو عورت جي دل ميڻ جهڙي ڇو ٺاهي! هو سوچي ٿي.
اڱڻ ڏانهن ڏسي ٿي، ٻئي طوطا چڳي رهيا آهن، طوطڻ تي خار ٿي اچيس، جيئن سس کي ننهن تي ايندي آهي.
جيڪو پٽ هن جي اختيار ۾ هوندو آهي، زال اچڻ کانپوءِ ورهائجي ويندو آهي. دل ٿي چئيس طوطو اچي سندس ٻانهن تي ويهي، چولي جي بٽڻن کي چنهب هڻي ۽ هوءَ ٽڪ ٽڪ جي آواز تي خوش ٿئي.
وري هوءَ چئيس. ”ڪاشي اميءَ کي پيار ته ڪر.“
صوفيه کي پنهنجي اندر هڪ گهري اڃ جو احساس ٿيو. ڳلن تي ڳوڙها ڪرڻ لڳس. ان کانپوءِ وري طوطو نه آيو، ڪيترائي ڏينهن انتظار ڪندي رهي. ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري جاڳي پوندي هئي. کيس محسوس ٿيندو هو. طوطو پنهنجي طوطڻ سان اڱڻ ۾ داڻو چڳي رهيو آهي. اٿي ڏسندي هئي ته اڱڻ خالي هوندو هو. طرح طرح جا وسوسا تنگ ڪندا رهيس. طوطي کي ٻيهر ڪو شڪاري نه پڪڙي ويو هجي. ڪٿي شرارتي ٻارن غليل هڻي زخمي نه ڪري وڌو هجيس. الائي جيئرو به آهي يا نه. اي پروردگار تون منهنجي ٻچي کي پنهنجي امان ۾ رکجانءِ.