عورت جو نالو برسات هجي ها!
هن بالڪوني مان ڏٺو پوري وادي انتهائي حسين لڳي رهي هئي. پهاڙن ۽ ٻوٽن ۾ گهيريل ماٿريءَ جا ڳاڙها گهر ساوڪ جي وچ ۾ گلن جيان لڳي رهيا هئا. هتي سندن ٻن ڏينهن جو قيام هو. ٻئي هني مون ملهائڻ آيا هئا. ڪپڙا وغيره تبديل ڪري ميز آڏو ميڪ اپ ڪرڻ لڳي.
”ڇٽيون کڻڻ نه وسارجانءِ“ عفان چانهن جو آخري ڍڪ ڀري ڪوپ واپس ٽيبل تي رکندي کيس ياد ڏياريو.
مشڪبار ڇٽيون بيگ مان ڪڍي هٿ ۾ کنيون. ٻئي ٻاهر نڪري آيا. ڏاڪڻين کان هيٺ لهندي مشڪبار محسوس ڪيو ته زندگي خوبصورت ۽ متحرڪ آهي. هر طرف خوشي وکريل آهي، فقط ٽهڪن جا گهنڊ وڄن ٿا.
چاٻي رسيپشن تي جمع ڪرائيندي مڌو جون اداس اکيون ۽ ڀنل مرڪ ڏسي منجهي پئي.
زندگي لڙڪن جي آلاڻ به ته آهي، پاروٿي مرڪ جا گل، مڌو جي چپن تي ڄڻ سڏڪي پيا هجن. هن هڪدم نظرون مڌو جي چهري تان هٽائي ڇڏيون. عفان ۽ هو جڏهن دروازي ڏانهن وڌي رهيا هئا ته هن محسوس ڪيو مڌو جون اکيون، کين حسرت مان تڪي رهيون هيون.
ندي ڪناري ويهي ٻئي لهرن کي ڏسي رهيا هئا. بينچ ڀرسان بيٺل وڻ انتهائي حسين هو. سندس خالي شاخون دعائن جيان آسمان ڏانهن کڄيل هيون. ڪي ٽاريون اڃان ساون پتن سان مهڪي رهيون هيون. ڪٿي ڪٿي ڳاڙها گل خوابن جو اهڃاڻ ڏيئي رهيا هئا. ڄڻ چوندا هجن.
زندگي خوبصورت آهي.
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل سياح مندر ۾ اندر وڃي رهيا هئا. عورتن جي هٿن ۾ ڪنول جا گل هئا. هلڪي برسات پوڻ لڳي. هرطرف رنگين ڇٽين جي بهار وکريل هئي. ڄڻ قسمين قسمين گل ٽڙيل هجن. هو ٻئي ڇٽي هٿ ۾ جهلي پاڻيءَ تي پوندڙ برسات جا قطرا ڏسڻ لڳا. جن جي پوڻ سان لهرون گول رقص ڪرڻ لڳن ٿيون.
ڇا هي سڀ ڪجهه ايئن خوبصورت رهندو! جيئن اڄ محسوس ٿي رهيو آهي، خوشيون، جواني ۽ هي احساس ڪڏهن به نه بدلبو. هڪ ٿڌو ساهه چپن کان وڇڙي سرمئي رنگن ۾ وڃائجي ويو.
مهرين جي زندگي به خوبصورت هئي. پر شادي جي ڇهن مهينن ۾ طلاق جو بدنما داغ پيشاني تي سجائي گهر واپس موٽي آئي.
مهرين سندس وڏي ڀيڻ هئي. ضروري نه آهي ته جيڪو هن سان ٿيو اهو مون سان به ٿئي.
ها نه اي خوبصورت ڳاڙها گل!“ هن خالي شاخ تي چند پتن جي وچ ۾ جهومندڙ حسين گل کي مخاطب ٿي چيو.
”ڇا ٿي چئين“ عفان پڇڻ لڳو.
”هي منظر ڪيترو نه خوبصورت آهي، ڄڻ خوابناڪ زندگيءَ جو حصو هجي.“ ذهني خوف مان جان ڇڏائيندي چوي ٿي
”ها واقعي“ عفان سر شاريءَ سان ٿڌو ساهه ڀريو هو به منظر جي حسن ۾ مڪمل طور تي وڃايل هو.
”تون به منهنجي زندگيءَ جو طلسم آهين، مشڪبار“
اهو طلسم وکري به ته سگهي ٿو. پر چئي نه سگهي، بس عفان ڏانهن نهاري مرڪي پئي. هوءَ ڪنهن ٻئي کي پنهنجي ذهني پيڙا جو حصو ڇو بنائي؟ ٻئي ڄڻا اٿي، ٽيمپل آف ٽوٿ، ڏانهن هلڻ لڳا. هنن سان گڏ يورپين سياح به هئا. گائيڊ کين مندر بابت ڄاڻ ڏيئي رهيو هو. هي مندر ڪينيڊين بادشاهه جي حڪومت دوران سورهين صدي ۾ ٺهيو. هن مندر ۾ گوتم ٻڌ جو مقدس ڏند رکيل آهي. هر دور حڪومت ۾ حڪمران مندر جي حفاظت ڪندا رهيا ڇو ته سندن عقيدو هو ته جيڪو حڪمران هن ڏند کي ڇهندو ته سندس حڪومت مضبوط ٿيندي. عفان سندس هٿ پڪڙي هڪ پاسي وٺي آيو. جتي ڪنول جا گل وڪرو ٿي رهيا هئا. ٻه گل وٺي هڪ سندس هٿ ۾ ڏيندي چيائين.
”هي سڀ ماڻهو گلن جي ڀيٽا ڏيندا. اسان کي به هن عظيم روحاني رهنما کي مقدس گل ارپڻ گهرجي.“
ائين چئي هو اڳتي وڌيو ۽ هو هڪ اهڙي جڳهه تي پهتا، جتي ڊگهين ميزن تي ڪنول جا گل ۽ ميڻ بتيون ۽ ڏيئا رکيل هئا. ماڻهو گل رکندي ميڻ بتي ٻاري رهيا هئا. فضا ۾ ڪنول جي پنکڙين ۽ اگربتين جي مهڪ وکريل هئي، جڏهن ته پوئلڳن جي چهري تي روحاني آسودگي ۽ سرور هو.
ٻنهي ميڻ بتيون ٻاريون ۽ گل رکيا. ٻنهي دعا گهري ۽ اهو طئي ڪيائون ته شام جو هڪٻئي کي ٻڌائيندا ته هنن ڪهڙي دعا گهري. اهي لمحا امر هئا، جنهن ۾ محبت جي احساس ۾ هم آهنگي هئي.
ثقافتي شو ۽ مندر ڏسي واپس موٽيا. رستي ۾ ڪيتريون عورتون ڇٽيون کڻي ٻارن سان مندر مان نڪري رهيون هيون. هنن عورتن جي چهري تي ايترو سڪون ڪيئن آهي؟ اهو سڪون کيس پنهنجي ملڪ جي عورتن جي چهرن تي نظر نه ٿو اچي. واپس هوٽل ۾ داخل ٿيا ته مڌو جي اداس مرڪ کي محسوس ڪري هوءَ اتي ئي بيهي رهي. مڌو سان ڪچهري جو خيال هيس. ان وقت مڌو ڪائونٽر تي اڪيلي هئي.
”توهان انڊيا کان آيا آهيون؟“ مڌو پڇيو.
”نه پاڪستان کان“
”پاڪستان ۾ ته ڏاڍا حالات خراب آهن.“
هوءَ پاڪستان جو نالو ٻڌي خوفزده ٿي وئي.
”هاڻ ته بهتر آهن“ مشڪبار مرڪي وراڻيو.
”هني مون تي آيا آهيو؟“ مڌو پڇيو.
”جي“ هوءَ مرڪي پئي ته مڌو جي اکين جي حسرت تهائين وڌي وئي. مڌوُ چاليهن سالن جي تمام متحرڪ عورت هئي، کلڻي ڳالهائڻي ۽ تمام ذميوار، هر وقت چست ۽ فعال پر سندس اکين ۾ هڪ وساڻل چڻنگ خاموشيءَ سان دکندي پئي ليئا پائيندي هئي.
”توهان کي گهڻا ٻار آهن؟“
”هڪ پٽ آهي“ مڌو وراڻيو.
ان وقت سياح جوڙو سامان کڻي ڪائونٽر ڏانهن وڌيو ته هوءَ به ڪمري ڏانهن رواني ٿي وئي. ڳالهه اڌوري رهجي وئي. مڌو جون حسرت ڀريون اکيون ڪنڊي جيان سندس احساس ۾ چڀي رهيون هيون.
رات جي ماني کانپوءِ هو ٻئي هوٽل جي ٻاهران روڊ تي چهل قدمي ڪرڻ لڳا. آسمان ۾ ستارن جون ڏياٽيون حسين لڳي رهيوهيون.
”تو مندر ۾ ڏيئو ٻاريندي ڪهڙي دعا گهري“ عفان کانئس پڇيو.
پر هوءَ خاموش رهي، پنهنجي خوف جو اظهار نه ڪري سگهي.
”تو ڪهڙي دعا گهري؟“ مشڪبار پڇڻ لڳي.
”تنهنجي ملڻ کانپوءِ دعائون گهرڻ ڇڏي ڏنيون اٿم.“
”هاڻ ٻڌاءِ تو ڇا گهريو هو خدا کان.“
”مون احساس جي نه بدلجڻ جي دعا گهري هئي.“
”ڇا مطلب“
”هڪٻئي لاءِ اهو احساس ساڳيو رهي.“ مشڪبار جي لهجي ۾ انيڪ انديشا لڪل هئا.
”سچو احساس ڪڏهن به نه بدلبو آهي.“
عفان يقين سان چيو.
واپس ڪمري ۾ آيا ته عفان ڪتاب پڙهڻ لڳو. هوءَ هيٺ لهي آئي.
مڌو صوفي تي ويٺي هئي. سندس چهري تي ٿڪ نمايان هو. هوءَ سندس ڀرسان اچي ويهي رهي.
مان تنهنجي اکين جي اداسي جو سبب ڄاڻن ٿي چاهيان، پر چاهيندي به اهو جملو چئي نه سگهي، ٿوري ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن مان کيس خبر پئي. ته مڌو جو مڙس ٻاهرين ملڪ ۾رهي ٿو، هوءَ ماءُ ۽ پٽ سان رهندي آهي.
هوٽل جي گاڏي اچي وئي هئي، جيڪا هوٽل جي ملازمن کي گهر ڇڏڻ ويندي آهي.
مڌو کانئس موڪلائي ٻاهر دروازي ڏانهن وڌي ته هوءَ ڪمري ۾ موٽي آئي. رات جو دير تائين سوچيندي رهي. مڌو جي اکين ۾ جيڪا حسرت ليئا پائيندي محسوس ٿي ته اها حسرت مهرين جي اکين ۾ پڻ محسوس ٿيندي آهي. هر عورت مڪمل ساٿ ۽ احساس جو خواب ڏسي ٿي. ان خواب جي ساڀيان پائڻ کي مڪمل نه ٿي سمجهي پر جيڪڏهن اهو خواب اڻپورو رهجي وڃي ٿو ته سڄي زندگي عجيب احساس ڪمتري ۾ مبتلا رهي ٿي. چاهي پاڻ کي ڪيترو ئي خوش ڇو نه ظاهر ڪري. سندس ڀيڻ مهرين جي شادي هڪ روايتي خاندان ۾ ٿي هئي. غلطي کي غلط چوڻ جي جرئت هن جي ذات ۾ هئي. جنهن جي ڪري کيس ڀوڳڻو پيو. مشڪبار گهڻي خوفزده ٿي وئي. شادي کانپوءِ اهو خوف کڻي نئين گهر ۾ داخل ٿي ته پنهنجي راءِ جو اظهار نه ڪندي. گهٽ ڳالهائيندي جيئن مسئلا پيدا نه ٿين. هي به هڪ روايتي گهراڻو آهي. پر هوءَ مصلحت ۽ سمجهوتي سان هلڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. عفان هڪ تقريب ۾ ڏسي کيس پسند ڪيو هو. هو کيس ڪٿي به اوپرائپ جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي. پر هوءَ ويڳاڻي احساس ۾ ويڙهيل، ڊنل رهي ٿي. خبر نه آهي ڪيستائين هراسيل رهندي. ڳالهائيندي اڪثر خاموش ٿي وڃي ٿي. شادي کي مهينو مس ٿيو آهي. شروع ۾ هر ڪنوار ائين هوندي آهي، جيستائين نئون ماحول سمجهه ۾ اچيس. عفان کيس خاموش ڏسي دل ۾ سوچي ٿو.
ڪجهه ڏينهن ۾ هن جي مڌوءَ سان سٺي دوستي ٿي وئي. شام جو مڌو جي گهر وڃڻ کان اڳ ڊرائنگ روم ۾ سندن ڪچهري ٿيندي هئي. جيڪو رسيپشن جي بلڪل سامهون هو. اتي اڪثر اخبارون ۽ رسالا پيا هوندا هئا. اهو ڪمرو خالي پيو هوندو هو. ڇو ته ماڻهو گهڻي ڀاڱي مٿي بار ۾ ويهندا هئا. ان ڏينهن مڌو خاموش هئي. پڇڻ تي جواب ڏنائين.
”امان ڪافي عرصي کان بيمار آهي، ان ڪري پريشان آهيان.“
ان کان علاوه به ڪا پريشاني اٿئي مڌو؟“ مڌو جي اکين جي حسرت کيس پريشان ڪرڻ لڳي.
”ها“ مڌو جي اکين ۾ حسرت وڌي وئي.
”هڪ اهڙو ڏک جنهن کي ڪنهن سان ونڊي نه ٿي سگهان.“
”مان پڇي سگهان ٿي ته ان ڏک جي باري ۾“
”ڌڪار جو هڪ اهڙو ڏک اٿم، جيڪو هر پل زخمي ڪندو ٿو رهي.“ اهو ڏک مرد جي جبر سان وابسته هوندو. مشڪبار سوچڻ لڳي.
”منهنجو مڙس فقط ٽي سال مون سان رهيو. پٽ جيئن پيدا ٿيو ته ٻاهر هليو ويو، اتي ئي ٻي شادي ڪري ڇڏيائين. وري واپس نه موٽيو.“
”پوءِ تو طلاق ڇو نه ورتي؟“ ڪمري ۾ فضا ڳري ٿي وئي. مشڪبار جي لهجي ۾ همدردي هئي.
”هتي طلاق وٺڻ ڏکيو عمل آهي، امان مون کي طلاق لاءِ چوندي هئي پر مون کي يقين نه ٿي آيو ته ڪو ماڻهو ايڏو پٿر دل به ٿي سگهي ٿو؟ مون کي يقين هو ته هو موٽي ايندو. مون لاءِ نه سهي پر پنهنجي پٽ لاءِ!“
مڌو جي اکين ۾ ٽٽل سپنن جي ڀور جهلڪڻ لڳي.
”ڇا توکي اڃان به هن جو انتظار آهي؟“
مشڪبار پڇيو.
”شايد!“ مڌو جي جواب ۾ بي يقيني هئي.
”تو سڄي زندگي اجائي انتظار جي نذر ڪري ڇڏي!“
مشڪبار لهجي ۾ حيرت ڀري چيو.
”ان ڏک امان کي جهوري وڌو، ماءُ لاعلاج بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي.“
”ها هر ماءُ، ڌيءَ جي گهر ڦٽڻ تي جهري پوندي آهي.“
کيس پنهنجي ماءُ جو ويڳاڻو چهرو ياد اچي ويو. مهرين جي گهر ڦٽڻ کان پوءِ اداس رهڻ لڳي هئي.
دل تي بوجهه کڻي هوءَ ڪمري ۾ واپس آئي.
شام جو هوٽل کان ٻاهر نڪري عفان ۽ هو روڊ ڪناري گهمندا رهيا. ٻئي ڏينهن ڪولمبو واپس وڃڻو هين. پوءِ وري پنهنجي ملڪ واپس ورندا.
رات جو دير تائين جاڳندي رهي. پاڙي واري سڪينه ياد آيس. جنهن سان ساڳي ويڌن ٿي هئي. مڙس چار ٻار سندس ڳچيءَ ۾ وجھي ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي. وري پوئتي موٽي نه ڏٺائين ته ڪهڙي حال ۾ آهن.
عورت جو نصيب هر هنڌ ساڳيو آهي. هنن عورتن جي زندگي اڃايل آهي. پر سندن وجود غم جي بارش ۾ پيو سيراب ٿيندو آهي. عورت جو نالو عورت بدران جيڪر برسات هجي ها!