ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي
اهو نم جو وڻ، هن جي ڪنهن پراڻي سرتيءَ جيان آهي، جنهن کي ڏسي کيس آٿت ملي ٿي. هن جون سهيلون پنهنجي دنيا ۾ مگن آهن، ڪي دنيا ڇڏي چڪيون آهن. فقط هڪ نم جو وڻ آهي، جنهن کي ڏسي يا ان جي هيٺان ويهي ساڻس دل جو حال اوريندي آهي.
وڻ سندس ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي جو اکين ڏٺو گواهه آهي.
جڏهن هوءَ شادي ڪري هن گهر ۾ آئي هئي ته، اهو وڻ موجود نه هو سندس والد کي ٻوٽن ۽ وڻن پوکڻ جو شوق هو. جنهن کيس نم جي وڻ جي چڪي آڻي ڏني هئي. جيڪا هن وڏي پٽ احسن کان هڻائي هئي. جيڪو ان وقت ٻن سالن جو هو. وڻ مان کيس احسن جي خوشبو پڻ ايندي هئي. ڪجهه سالن ۾ وڻ وڌي ڊگهو ۽ گهاٽو ٿي ويو. پوءِ هوءَ اڪثر شام جو چانهن وڻ هيٺان پيئندي هئي. سندس گهر وارو مراد ڪڏهن آفيس کان سوير موٽندو هو ته هو به ساڻس گڏجي چانهن پيئندو هو. ڪي خاموشيءَ ۾ ڳالهائيندڙ پل کيس حوصلو ڏيندا هئا. ڪلثوم هڪ گڏيل ڪٽنب ۾ رهندي هئي. مراد آفيس کان موٽڻ کانپوءِ ويجهن رشتن ۾ ورهايل هوندو هو. ڪلثوم جي دل جون ڳالهيون دل ۾ رهجي وينديون هيون.
تنها وڻ هيٺان ويهي به کيس تنهائي جو احساس نه ٿيندو هو. وڻ جي شاخن مان نيري رنگ جي آسمان کي ڏسندي رهندي هئي. ڪڏهن وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لڏندي هئي. وڻ جي ٿڌي ڇانو کيس ماءُ جي هنج جهڙي لڳندي هئي. هڪ گهرو، ٿڌو ۽ ننڊ ڀريو سڪون هو، ان ڇانوري ۾.
پوءِ سندس ئي ٻار احسن، اسد ۽ ثوبيه ان پينگهه ۾ لڏندي وڏا ٿيا. احسن ۽ ثوبيه جي شادي ٿي وئي. ننڍو اسد ڪراچي هليو ويو. تيئن هن جي دل جي اڪيلائي وڌي وئي.
هڪ مسئلو سندس دل ۾ ڪنڊي جيان چڀندو هو. اهو خوف، سندس ذهن تي ايترو ته حاوي هو جو هوءَ اڪثر رات جو ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي پوندي هئي. سامهون مراد جي وڏي ڀاءُ سجاد جو گهر هو.
هونئن ته سندس سهرو چڱي نموني ملڪيت ورهائي ويو هو. پر سجاد جي گهر جو هڪ حصو مراد جي گهر ۾ اچي ويو هو، جنهن تي نم جو وڻ لڳل هو. اهو زمين جو ٽڪرو تقريباً ستر گز تي ٿيندو، جنهن تي نم جو خوبصورت وڻ ڪَرُ کنيو بيٺو هو. حالانڪه سجاد جي حصي ۾ هڪ ٻيو گهر ۽ چڱيون خاصون ٻنيون پڻ هيون. هو پاڻ به هڪ سڻڀي پوسٽ تي هو. کين پئسي جي ڪا ڪمي نه هئي، پر هو ضد ڪري بيٺو ته اهو پلاٽ هن جو آهي. اتي هو پٽ لاءِ ڪمرو ٺهرائيندو، جنهن جي شادي جا سانباها ڪري رهيو هو. يا سندس گُهر هئي ته کين پنج لک ڏنا وڃن. مراد وٽ به پئسي جي ڪا ڪمي نه هئي. ڪيترا دڪان ڪرائي تي ڏنل هيس. زمين الڳ هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هو پرائيويٽ نوڪري ڪري ٿو. پر مراد کي ان پلاٽ جي ٽڪري ۽ وڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي.
آخر ڪلثوم رهي نه سگهي، هڪ ڏينهن پنهنجا زيور آڻي مراد کي ڏنائين.
هي زيور کپائي پلاٽ جا پئسا ڏيو پر اهو وڻ ڪٽڻ نه ڏيندس.
مراد کي هن جي دماغي حالت تي شڪ ٿيڻ لڳو.
”زيور کپائڻ ڪو سٺو سوڻ نه آهي، مان توکي زيور کپائڻ نه ڏيندس.“
”پوءِ توهان ان پلاٽ جا پئسا ڏيو.“
”پر ڇو؟ اسان کي ڪهڙي ضرورت آهي، ان پلاٽ جي، اسان ٻه ڄڻا ايڏي وڏي گهر ۾ رهون ٿا.“ هو ڪلثوم کي حيرت سان ڏسي چوي ٿو.
”جيڪڏهن ادا سجاد وڻ ڪٽرايو ته مان جيئري نه رهنديس.“
هو سڏڪي پئي.
سندس والد ٻيلي کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. ڪلثوم جو گهر ٻوٽن، ولين، گلن ۽ وڻن سان ڀريل هو. والد چوندو هو، اهي ٻوٽا ۽ وڻ اسان جي اولاد وانگر آهن. هو وڻن جو ڪٽڻ جي سخت خلاف هوندو هو. ڀلا ڪير پنهنجي اولاد کي هٿ سان قتل ڪري سگهي ٿو؟ سندس والد هاڻ دنيا ۾ ناهي رهيو. ان وڻ جي چڪي والد ڏني هيس، ڪلثوم کي وڻ مان پيءَ جي خوشبو پڻ اچي ٿي. ڌيءَ لاءِ پيءُ جو پيار وڻ جي گهاٽي ڇانوري جهڙو هوندو آهي، نم جو وڻ هن جي ڪل ڪائنات آهي.
وڇڙي ويل سمورن رشتن جي آسيس هن کي ان وڻ مان ملي ٿي.
سندس ڌيءَ ثوبيه هڪ ڏينهن هن وٽ ٻئي ٻار مومنه ۽ سعد ڇڏڻ آئي ته کيس هلڪو بخار هو ۽ هوءَ بستري ۾ ليٽيل هئي. ثوبيه ۽ سندس ور نياز ٻئي ڊاڪٽر هئا. ٻار اسڪول نه ويندا هئا، انڪري اسپتال ويندي هوءَ ٻار ماءُ وٽ ڇڏيندي هئي.
ٻارن ۾ هو بهلجي ويندي هئي. هو ٻئي ٻار نانيءَ سان اڪثر وڻ هيٺان اچي ويهندا هئا. پينگهه ۾ لڏندا هئا ۽ ڪلثوم کين پکين جون آکاڻيون ٻڌائيندي هئي. آچر جي ڏينهن ٻار نه ايندا هئا ته هوءَ پنهنجي دل کي گهر جيان خالي محسوس ڪندي هئي. پر اڄ ثوبيه جڏهن ماءُ کي ٻڌايو ته کيس ميڊ سرونٽ ملي وئي آهي ته ڪلثوم جو هيانءُ ڄڻ ته جهري پيو. دل ويڳاڻپ جي ڪُن ۾ ٻڏڻ لڳي.
بيٺل وقت ۾ درد ۽ اوسيئڙي جي انوکي دنيا سمويل آهي، جيڪا فقط ماءُ جي دل جي دنيا آهي. ثوبيه کي خبرنه پئي ته ڪيئن ڪلثوم جون اکيون آليون ٿيون ۽ ڪيئن هن اهي لڙڪ واپس دل ڏانهن ڌڪيا.
تڏهن ته ماءُ جي دل سدائين زرخيز رهي ٿي، لڙڪن جي پاڻي سان.
ڪلثوم ٿڌو ساهه ڀري خاموش ٿي وئي. ٻار وڏا ٿي پنهنجي دنيا ۾ مگن ٿي وڃن ٿا، ڪنهن مشڪل ۾ ماءُ پيءُ ياد پوندا اٿن. خاص ڪري ماءُ جون دعائون، آمريڪا مان وڏي پٽ احسن جو فون ايندو آهي.
”امان منهنجا امتحان ٿيڻ وارا آهن، دعا ڪر منهنجي لاءِ.“
هو بي تحاشا دعائون ڏئي ٿي. فاصلي جي ڪال چند منٽن لاءِ آهي، مهانگي الڳ ٿئي ٿي، سو ڪلثوم جي من جي اڃ تهائين وڌي وڃي ٿي.
ٻوسٽ هجي ۽ ڀريل ڪڪر رڳو چند ڦڙا وسائي گذري وڃن ته زمين جي اڃ جي ڏک کي ڪير محسوس ڪري سگهندو! ساڳي ماءُ جي ويڳاڻي ڪيفيت ٿئي ٿي. پنهنجي اڌورين رهجي ويل ڳالهين جي نراسائي تي. احسن شروع کان ماءُ سان گهڻو پيار ڪندو هو. هر وقت هن جي اڳيان پويان پيو ڦرندو هو. هاسٽل مان به ڏينهن ۾ ٽي چار دفعا فون تي ماءُ سان ڳالهائيندو هو.
جيئن شادي ٿيس. ذميوارين ۾ ورهائجي، ماءُ کي به وساري ويٺو. وڏا ٿي پٽ تجربن ۽ خواهشن جي ڪشش ۾ وڃائجي ويا. هوءَ هڪ گهرو ٿڌو ساهه ڀري ٿي.
احسن جي وڃڻ کانپوءِ ڪلثوم جي نم جي وڻ سان جذباتي وابستگي اڃان وڌي وئي. اڪثر وڻ جي هيٺان ويهي کيس پنهنجي تنها لمحن جي باري ۾ ٻڌائيندي هئي. تيز هوا لڳڻ تي، وڻ جا ڪي سڪل ته ڪي ساوا پن برسات جيان وسڻ لڳندا هئا. جيڪي ڪلثوم کي وڻ جي اکين مان ڪريل لڙڪ لڳندا هئا. اڪثر کيس محسوس ٿيندو هو، وڻ به انسان جيان احساس رکندو هجي. پنهنجي زبان ۾ ڳالهائيندو هجي، جنهن جا لفظ هو سمجهي سگهي ٿي. آفيس مان مراد آيو ته هن کيس چانهن آڻي ڏني. سڀاڻي سجاد وارا وڻ ڪٽرائي رهيا هئا. ڪلثوم جو چهرو انتهائي زرد هو. اکين ۾ خوف جي ڪيفيت هيس، پر مراد سندس اها ڪيفيت محسوس ڪري نه سگهيو.هو هڪ رواجي مرد هو، احساس جي دنيا سان هن جو ڪوبه تعلق نه هو.
ڪلثوم کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڳالهه ڪئين شروع ڪري، ٻيهر انڪار ڪيائين ته سندس دل ڪٿي هميشه لاءِ بيهي نه رهي، هڪ انتها جي اميد ۾ انسان ڊڄڻو ٿي پوي ٿو.
انڪار هن جي اميد جي نازڪ آئيني کي پٿر جيان ڀوري ڇڏيندو.
پوءِ هن لاءِ خواب ڏسڻ ۽ جيئڻ جو جواز باقي نه ٿو رهي.
انڪري ڪلثوم جي دل بي اختيار ڌڙڪي رهي هئي. مراد چانهن پيئڻ سان گڏ ٽي وي تي خبرون ٻڌي رهيو هو.
کيس دنيا جي ڪيتري فڪر آهي پر منهنجو ڏک ۽ دل جي تڙپ کان ڪيترو بي خبر آهي!
ڪلثوم جي اکين جي اڻ تڻ کان هو غافل آهي، تڏهن ڪلثوم کي لڳي ٿو ڄڻ هن هڪ اجنبيءَ سان زندگيءَ جا ايڏا سال گذاري ڇڏيا!
لمحي جي ان انڪشاف ۾ هڪ عجيب پيڙا هئي، وقت جي رفتار بيهي رهي هجي ڄڻ ته.
”سائين.“ هن هٻڪندي چيو.
”ها چئه“ مراد هن ڏانهن ڏٺو.
”ادا سجاد وارا سڀاڻي وڻ ڪٽيندا“ ڪلثوم لڙڪ پيئندي چيو.
”پوءِ-؟“ مراد جي سواليه نظرن ۾ تکائي هئي، ڪلثوم جي دل ميڻ جيان ان بي رخيءَ جي ڄر تي رجڻ لڳي.
”اهو وڻ احسن پنهنجي هٿن سان پوکيو هو. اهو وڻ بابا جي نشاني آهي، ان جي پينگهه تي اسان جا ٻار لڏيا آهن.“
”ماڻهو ته اڪثر وڻ ڪٽي ڇڏيندا آهن، پر ايترو نه سوچيندا آهن.“ مراد ڪاوڙ ضبط ڪندي چيو.
”ان وڻ ۾ ڪيترن پکين جا آکيرا آهن. اهي سمورا پکي بي گهر ٿي ويندا.“ ڪلثوم ڏک وچان چيو.
”هت انسان بي گهر لڳا پيا آهن، انهن لاءِ ڪو نه ٿو سوچي، توکي پکين جي بي گهر هئڻ جي ڳڻتي اچي لڳي آهي.!“
”انسان هجن يا پکي پر گهر هنن لاءِ پناهه جو آسرو آهن.“ ڪلثوم ٽٽل لهجي ۾ چيو.
”تون چوڻ ڇا ٿي چاهين آخر!“ آخري ڍڪ ڀري مراد ڪوپ سامهون ٽيبل تي رکيو.
”مان اهو چاهيان ٿي ته اهو وڻ نه ڪٽيو وڃي.“ ڪلثوم جي لهجي ۾ التجا هئي.
”چڱو ادا سجاد سان ڳالهائي ٿو ڏسان“ مراد سوچ ۾ پئجي ويو.
ڪلثوم جي دل ۾ وسامندڙ اميد جي ڏياٽي ٻيهر ڀڙڪي اٿي. تيار ٿي مراد ته ڪنهن دوست ڏانهن هليو ويو. ڪلثوم ٻاهر وڻ هيٺان اچي ويٺي. وڻ به اداس هو، سندس پن مرجهايل ٿي لڳا. شايد هن انسانن جي سازش کي پرکي ورتو هو.
هن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو وڻ کي اداس ڏٺو. وڻ جا چهچ ساوا پن ڪومائجي ويا هئا ۽ سندس ٽارين رقص نه ٿي ڪيو.
اڄ ڪلثوم وٽ وڻ سان ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نه هو. هوءَ ۽ وڻ خاموشيءَ ۾ به هڪٻئي سان هم ڪلام هئا.
وڻ جي ٿڌي ڇانو ۾ هڪ گهرو سڪون هو، جيڪو کيس ڪڏهن به انسانن مان نه ملي سگهيو. اها ٿڌي ڇانو فقط کيس ماءُ پيءُ مان محسوس ٿي. وڻ جي ڇانو جيان ماءُ پيءُ جو پيار غير مشروط آهي.
اڄ کيس پيءُ جو مهربان چهرو ياد پيو. ”بابا“ بي اختيار هن پيءُ کي سڏيو. پري پري تائين تنهائي کان سواءِ ڪير به نه هو. بابا ڪيڏو خيال رکندو هو. منهنجي خاموشي کي محسوس ڪري وٺندو هو.
بلڪل هن وڻ وانگر...
هوءَ بي اختيار سڏڪي پئي. ان لمحي کيس لڳو ڄڻ ننڍڙو احسن پينگهه ۾ لڏي رهيو آهي. پوءِ ثوبيه، اسد، مومنه ۽ سعد به لڏندا رهيا. هوءَ ٻارن جا ٽهڪ ٻڌندي رهي.
هڪ سائي وڻ کي ڪٽڻ هڪ جيئري جاڳندي انسان جو خون ئي ته آهي. هن جي پيءُ زندگي ۾ بي شمار وڻ لڳرايا، هو وڻ ڪٽڻ جي سخت خلاف هوندو هو.
وڻ به ته اسان جي ٻچن جهڙا آهن. رشتن جيان پيارا ۽ دوستن وانگر عزيز آهن. وڻ فقط محبت سان ڇانو نڇاور ڪري ٿو. وڻ انسان کان هزار درجي بهتر آهي. ٻئي ڏينهن ان وقت ڪلثوم جي اميد تي پاڻي پئجي ويو جڏهن هن وڻ تي ڪهاڙين جا آواز ٻڌا.
اهو آچر جو ڏينهن هو، مراد گهر ۾ هو. هوءَ بي چين ڦرندي رهي، ڪيترا ڀيرا فرج کولي پاڻي پيتائين. جيترو پاڻي پيتائين ٿي اوترو اڃ وڌندي محسوس ٿيس. چپ صفا اڇا ٿي ويس. ڄڻ ته اڃ جو صحرا بڻجي پئي هئي. دل معمول کان انتهائي تيز ڌڙڪي رهي هيس. احساس جو ڇانورو کسجڻ وارو هو.
پکين جا آکيرا وکرڻ وارا هيا.
پکين جا ٻچا زمين تي ڪري پيا هئا. ٽاريون ڪٽجڻ تي ٻاهر پکي چرڙاٽ ڪري رهيا هئا، وڻ کيس سڏي رهيو هو.
”امان مون کي بچاءِ، امان هو مون کي ماري رهيا آهن.“ ڪلثوم کي لڳو ڪو هن جي دل کي ڪپي ۽ ڪوري رهيو هجي، ”هنن کي جهليو، هو منهنجي ٻچي کي ماري رهيا آهن.“ هڪ انتهائي سوز ۾ ٻڏل رڙ هئي.
مراد گهٻرائجي ننڊ مان جاڳي پيو، ڪلثوم پيلي ٿي چڪي هئي، هوءَ ڏڪي رهي هئي.
هڪدم ٻاهر ڊوڙ پاتائين.
”ڪلثوم..!“
مراد کيس رڙ ڪري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ان لمحي وڻ آخري ڀيانڪ ٽڙڪاٽ ڪري ۽ ڌڌڪي سان اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو. آکيرا اچي زمين تي ڪريا، پکين جو گوڙ وڌي ويو. هر طرف ڌوڙ ڇانئجي وئي.
ڪلثوم ڊوڙي اچي وڻ تي ڪري.
مراد اچي سڌو ڪيس، ڪلثوم جو بي ستو وجود ڪنهن بوتي جيان پيو هو.