ڪھاڻيون

خالي هنج جو ڏک

شبنم گل جو تخليقي ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. ڪهاڻي، ناول، ڪالم، شاعري ۽ ٻيون صنفون. هُنَ جنهن صنف ۾ به قلم کنيون آهي، سندس لکڻيون تخليقَ ۽ ڏاهپ جو حسين سنگم بڻجي سامهون آيون آهن.
شبنم گُل جون ڪهاڻيون ڏاڍيون موهيندڙ آهن. هوءَ زندگيءَ ۽ سماج جي بظاهر ننڍڙن موضوعن کي اهڙو ته حسناڪ انداز ۾ ورتائي ٿي جو اُهي ڪهاڻيون مَنَ ۾ پيهي وڃن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردارَ به اسان جي ئي آس پاس مان چونڊيل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3550
  • 818
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خالي هنج جو ڏک

منجھند جو هڪ پل

ڊائنگ ٽيبل تي مختلف قسمن جا کاڌا پيا هئا. جمشيد برياني پليٽ ۾ وجهي نادره کي ڏٺو. هوءَ بنٽي ۽ بلوءَ کي پيالن ۾ سويٽ ڊش وجهي ڏيئي رهي هئي. سندس ڳلن تي خوشين جو گلابي عڪس جرڪي رهيو هو. وڏين ۽ سحر انگيز اکين ۾ زندگيءَ سان ڀرپور چمڪ هئي، اهڙي چمڪ جيڪا زندگيءَ کان زبردستي پيار جا پل چورائڻ کانپوءِ پيدا ٿيندي آهي. شاديءَ جي ڏهن سالن کانپوءِ به هوءَ سدا بهار گل جيان دلڪش هئي. هن وٽ دنيا جي هر نعمت هئي. شاندار بنگلو، پورچ ۾ بيٺل قيمتي گاڏيون، پائڻ لاءِ هڪ کان هڪ بهترين لباس، زندگيءَ جي انهن آسائشن سندس چهري تي گلاب جي پنکڙين جهڙي تازگي بخشي ڇڏي هئي.
بلو ۽ بنٽي ڊائنگ ٽيبل تان اٿي پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا.
”پوءِ تون ڇا سوچيو؟“ جمشيد کانئس پڇيو.
”ڇا جي باري ۾!“
”آمريڪا ۾ سيٽل ٿيڻ جي باري ۾، اڄڪلهه تون ڳالهيون وسارڻ ڇو لڳي آهين...!“
”رات ۾ ڪيل ڳالهيون خوابن جي گهٽين ۾ ڪٿي وڃائجي وينديون آهن.“
”اڃان به خواب ڏسندي آهين ڇا؟“ لهجي جي شرارت کي محسوس ڪري هوءَ مرڪي پئي.
خوابن جو اکين سان اهڙو ئي تعلق آهي، جهڙو گل جو خوشبوءَ سان. خواب ته انسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائين ٿا. تڏهن ته مون کي خوابن جي ساڀيا ايترو جلد ملي وئي، تنهنجي روپ ۾.“
ائين چوندي سندس اکيون جهڪي ويون، ڪوڙ ڳالهائيندي سندس لهجو ٿورو ڏڪيو پر جلد هوءَ نارمل ٿي وئي. زندگيءَ ۾ ظاهر نظر ايندڙ حقيقت پٺيان لڪل سچ ڪو ٻيو هوندو آهي. انسان ته رڳو گمان جي وجود کي ڇهي مطمئن ٿي ويندو آهي. ڪي سپنا ساڀيا ٿي به اڻپورا رهجي ويندا آهن. ڪي خواهشون تڪميل جي لهرن کي ڇهي به اڃايل رهجي وينديون آهن. انسان ڪلر بلائنڊ ٿي ويندو آهي. سچ جي رنگن کي سڃاڻي ئي نه سگهندو آهي. نادره جي خوابن جي تعبير جمشيد نه پر سندس بي تحاشا دولت هئي.سچ ته اهو هو ته هن جمشيد سان نه پر جمشيد جي بينڪ بيلنس سان محبت ڪئي هئي. جمشيد جي ٻانهن جي هار کان وڌيڪ هن لاءِ گلي ۾ پيل ڊائمنڊ جو نيڪلس وڌيڪ اهم هو.
جمشيد کيس هڪ پارٽي ۾ ڏٺو هو. بهار جي گلابي شام ۾ روشنين، رنگن سان ڀريل وڏي هال ۾، هوءَ پنهنجي ذات جي حصار مان نڪري ڪٿي وڃائجي وئي.
هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي پنهنجي وجود ۾ ڪنهن ٻئي جو وجود ڌڙڪڻ لڳندو آهي.
ساڳيو حال جمشيد جو هو، نادره کي ڏسي کيس محسوس ٿيو. تاريخ جي ڪوهيڙي مان جهاتي پائي ڄڻ هيلن مرڪي رهي هجي، مارلو جون سٽون پاڻمرادو سندس ذهن جي وسيع ساحل تي لهر بڻجي رقص ڪرڻ لڳيون.
Sweet Helen Make me immortal with a kiss.
۽ ساعتون ڄڻ ته امر ٿي ويون.
جمشيد بنان ڪنهن دير جي هن لاءِ رشتو موڪليو. هوءَ ننڍپڻ کان پنهنجي سوٽ سان مڱيل هئي. پر جيئن ئي جمشيد اڳتي وک وڌائي، هوءَ ان راهه تي ثابت قدم ٿي بيهي رهي. گهر وارا سندس ضد آڏو هارائجي ويا، ماڻهن ان کي سندس محبت جي فتح سمجهي پر حقيقت ۾ اها سندس خواهشن جي فتح هئي.
شاديءَ جي ڪجهه سالن تائين ته هوءَ جمشيد جي محبت کي شدت سان محسوس ڪندي رهي. جڏهن محبت، خوشي ۽ آسودگي هوندي آهي ته وقت کي ڄڻ پَـرَ لڳي ويندا آهن، وقت انساني زندگيءَ جو بي رحم نقاد آهي. وقت هڪ نه هڪ ڏينهن انسان کي سچ جي آئيني اڳيان اچي بيهاريندو آهي. پر ان کان اڳ اڻڄاڻائيءَ وارو دور انسان جي زندگيءَ جو سونهري دور هوندو آهي، جيڪو جيترو اڻڄاڻ آهي، اهو اوترو خوش ۽ مطمئن آهي.
وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جمشيد جون ڪاروباري مصروفيتون وڌڻ لڳيون. بزنس جي ڦهلاءُ سان گڏ هن پنهنجي پاڻ کي به وساري ڇڏيو. نادره کي محسوس ٿيندو هو، وقت گذرڻ سان گڏ، ڏينهن جي روشني ميري ۽ راتين جي سرهاڻ پاروٿي ٿي وئي هجي. جسماني ضرورتن جي تڪميل روح ۾ نا آسودگي جي احساس کي وڌائي ڇڏيو هو. شام جو جڏهن هو تيار ٿيندي هئي ته ڪوبه کيس ساراهڻ وارو نه هوندو هو.
ساراهه، جيڪا عورت جي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي آهي، ساراهه جي آڪسيجن نه هجي ته اڪثر عورتن جو دم گهٽجي وڃي. ساراهه جو هٿيار کڻي مرد، محبت جي ميدان جو فاتح سڏرائيندو آهي. عورت جي انا، عورت جي خودداري سان راند ڪندو آهي.
آئيني ۾ پنهنجو تنها عڪس ڏسي، هوءَ هراسجي ويندي هئي. سندس سڄو حسن تنهائيءَ جي تپش ۾ ميڻ ٿي رجي پوندو هو. حسن جي اداسيءَ کي مهربان رفاقتن جي مضبوط حصار جي ضرورت هئي.
اهڙي رفاقت جنهن ۾ ڪنهن ڪوڙ، ڪنهن مصلحت جي ملاوٽ نه هجي. پر ڪوبه سندس تنهائين کي خوبصورت ساٿ ڏيڻ وارو نه هو.
ڪڏهن کيس محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته هوءَ ميڊاس هجي، جنهن جي هٿ لڳائڻ سان هر شيءَ سون جي ٿي پوندي هئي ۽ هاڻ هوءَ سون جي ان مقبري مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ واجهائڻ لڳي آهي.
هڪ ڏينهن خوشين جي منتظر فهرست، اهڙي لمحي اڳيان رڪاوٽ جو اڻ وڻندڙ بورڊ هٽائي ڇڏيو.
اهو احتشام هو جنهن کيس زندگيءَ جي بند ڪوٺڙيءَ مان ڪڍي، جذبن جي سرهاڻ سان مهڪندڙ هوائن ۽ روشن فضائن ۾ آڻي بيهاريو هو.
هو جمشيد جو گهرو دوست هو، جيڪو تازو ئي يورپ مان موٽيو هو.
”توهان ايڏو خاموش ڇو رهندا آهيو؟“
”بس ائين ئي“ سندس مرڪ ۾ سرنهن جي ڦلهار جهڙي اداسي هئي.
”ائين ٿو لڳي ڄڻ توهان کي ڪنهن جو انتظار هجي.“
”توهان اهو ڪيئن ٿا چئي سگهو.“ حيران ٿيندي نادره پڇيو. ڄڻ ڪنهن هن جي اندر جي ڳجهه کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.
”توهان جي خاموشيءَ ڪيترا ڀيرا مون سان ڳالهايو آهي.“
”جي...!!!“ پنبڻن جي ريشمي جهالر تي حيرت جا ڦڙا جرڪڻ لڳا.
”ڪي اڻ چيل ڏک، ڪي اڻ چيل ڳالهيون خاموشيءَ ۾ اظهار ڳولهي وٺنديون آهن، جڏهن خاموشيءَ کي زبان ملي ويندي آهي، تڏهن ڪوبه راز، راز نه رهندو آهي.“
احتشام کيس قائل ڪري ورتو ۽ بند ڪتاب جا ورق کلڻ لڳا...
”مون کي هميشه اهو محسوس ٿيندو رهيو آهي، ڄڻ ته مون کي ڪنهن جو انتظار هجي، ان انتظار ڪيترا سال اڳ منهنجي اکين جو رستو ڏسي ورتو هو. جڏهن به منهنجي ڪا خواهش پوري ٿي، ڪنهن خواب کي تعبير ملي ته لڳندو هو ڄڻ انتظار جو سفر پڄاڻيءَ تي پهچي ويو هجي، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اکين ۾ وري انتظار جي اکٻوٽ شروع ٿي ويندي هئي. شايد انتظار جي سفر جي ڪا پڄاڻي نه هوندي آهي.“ نادره جي لهجي ۾ زندگيءَ جو سوز محسوس ڪري احتشام مرڪي چوڻ لڳو.
”دراصل انسان کي ان ڏينهن جو انتظار هوندو آهي ته ڪو اچي هن کي دريافت ڪري“
احتشام جي ڳالهه ٻڌي هوءَ ڇرڪي وئي. تڏهن کيس لڳو ڄڻ هو زندگيءَ ۾ ڪيل غلط فيصلن جي بي ترتيب رستن تي بيٺل رائٽ مين هجي.
هن نادره جي روحاني بيماريءَ کي ڳولهي لڌو هو.
هو دوست هو، محبوب هو يا مسيحا! نادره کي گمنام رشتي جو ڪوبه سرو هٿ نه ايندو هو.
هو سندس ننڍين ننڍين خوشين جو تمام گهڻو خيال رکي ٿو. اهي ننڍيون خوشيون ئي ته انسان کي متحرڪ رکنديون آهن نه ته جيون ته جيڪر اونداهي رات هجي، سندس سالگرهه يا خوشيءَ جي ڪنهن لمحي ۾ وش ڪرڻو جو دلڪش انداز.
آبشارن جي تسلسل جهڙو نرم لهجو...
جسم ۽ جان جي عذابن تي پيار جا پها رکندڙ ڪومل لفظ.
۽ انهن سڀني عنايتن جي جواب ۾ نادره جي اکين ۾ بيخودي جي ڪيفيت لهي ايندي هئي. جذبن جي ردم تي رڳون رباب ٿي پونديون هيون ۽ هن جي لبن تي چمپا جهڙي مرڪ ڦهلجي ويندي آهي.
جمشيد جڏهن به ڪنهن ڊگهي بزنس ٽور تي ويندو هو ته هوءَ آزاديءَ سان احتشام سان ملندي هئي.
”تون روشني آهين!“
”نه مان اونداهي جو اڻٽٽ حصو آهيان، تيز هوائن ۾ رکيل ديپ آهيان.“
هوءَ هئڻ ۽ نه هئڻ جي ٻڏتر ۾ مايوس لهجي ۾ چوندي هئي.
”خوشبو هوا ۾ وکري وڃي ته خوشبو ئي رهندي نه جنهن کي ساهه ۾ سانڍي رکي سگهجي ٿو.
چنڊ پاڻي ۾ لهر لهر بڻجي وکري وڃي ته به چنڊ ئي رهندو
روپ ته ساڳيو رهندو عنوان بدلجي وڃي ته ڇا آهي“. احتشام لفظن جو بازيگر هو.
روح جي ساز تي ڇڙيل گيت جي آلاپ ۾ هڪ ئي آواز، هڪ ئي صدا آهي.
نادره جي وجود ۾ گهري خوشي اٿل کائي غم جي ساحلن جا ڪنارا ڇهي ايندي هئي. سندس سڄو وجود اوسيئڙي جي اُوڙاهه ۾ جلي رک ٿي پوندو هو.
هوءَ يادن مان نڪرڻ نه چاهيندي به حال جي جيئرن جاڳندن لمحن ۾ موٽي آئي.
”مان ڪيڏو نه خوشقسمت آهيان، جو تو جهڙي مخلص ساٿي ملي اٿم“ سچ نادره، جي تون نه ملي ها ته زندگي ڪيڏي نه اڌوري هجي ها!“
نادره کي جمشيد جي ڳالهه اُس جي ان ڪرڻي جيان لڳي، جنهن ۾ دل جو سورج مکي ٽڙي پوندو آهي.
خبر نه آهي ڇو ڪوڙ ڳالهائيندي. جمشيد کي پهريون ڀيرو عجيب قسم جي وحشت ٿي، نادره ته هن لاءِ محض شوپيس هئي، جنهن سندس گهر جي سجاوٽ ۾ شاندار اضافو ڪري ڇڏيو هو، محبت جو جام خالي ڪري هاڻ هو رڳو دنياداري نڀائي رهيو هو.
اها انسان جي فطرت آهي ته هو هر شيءَ مان جلدي اڪتائجي ويندو آهي. هو جيتري شدت سان محبت جي تصوير ۾ رنگ ڀريندو آهي، ايتري تيزيءَ سان ڪينوس جا سمورا رنگ جهڪا پئجي ويندا آهن. سو محبت جو پيالو جيڪڏهن کيس امرت جيان لڳو هو، سمنڊ جي کاري پاڻي ۾ بدلجي چڪو هو. هونئن غرض جي بنياد تي قائل ڪيل رشتن ۾ ڪڏهن به هم آهنگي پيدا ٿي نه سگهندي آهي. هو محبت کي واپرائڻ جي ڪا شيءِ سمجهڻ لڳو هو، جنهن کي هڪ خاص عرصي تائين پنهنجو ڪري سگهجي ٿو. هن جي هڪ ئي وقت ۾ ڪيترين عورتن سان دوستي هئي. محبت جي ڪتاب ۾ هر ڀيري هڪ نئون عنوان ڳوليندڙ جمشيد اندر ۾ اهو ئي ساڳيو روايتي مرد هو، پر کيس يقين هو ته نادره جي محبت صرف ۽ صرف هن لاءِ آهي. هن کانسواءِ ڪو ٻيو نادره جي توجهه جو مرڪز نه ٿو ٿي سگهي.
پر ڪڏهن ڪڏهن نادره تي پنهنجي محبت جي سچائيءَ جو احساس ڏياريندي هو من جي آئيني ۾ پنهنجو اصلي روپ ڏسي شرمسار ٿي ويندو هو. ان جرم ۾ مان اڪيلو ته شامل نه آهيان. زندگيءَ جي عمارت ئي ڌوڪي ۽ بي وفائيءَ جي بنيادن تي بيٺل آهي. ڪير به ڪنهن سان سچو نه آهي.
اندر جو آواز خود غرضي جي آلاپ ۾ گم ٿي ويندو هو.
ايڪيهين صديءَ جي حدن ۾ داخل ٿيندڙ انسان، جرم کي پنهنجو حق ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ ڪيترائي جواز ڳولهي ورتا آهن.
اوچتو فون جي گهنٽي وڳي، فون تي ڳالهائي هو واپس اچي پنهنجي جڳهه تي ويهي رهيو.
”ڪنهن جي فون هئي.!“
”ادا فاروق جي وفات ٿي وئي آهي“ جمشيد نارمل انداز ۾ چيو.
”اڇا! ”نادره کيس حيرت مان ڏٺو“ ٻه ٽي ڏينهن اڳ ته بلڪل ٺيڪل ٺاڪ هو، مون کي ته يقين نه ٿو اچي“.
فاروق، نادره جو وڏو ڀاءُ آهي
”موت اٽل آهي، ان کان ڪير به فرار حاصل ڪري نه ٿو سگهي“ نادره جو چهرو پرسڪون هو.
”پوءِ ڇا خيال آهي هلجي!“
”پري اوري جا مائٽ ايتري جلدي ته نه پهچندا ان ڪري شام جو هلنداسين“
”جيئن تنهنجي مرضي.“
خاموشيءَ جي ٿوري وقفي کانپوءِ جمشيد کانئس پڇيو.
”سال جي آخر تائين، اسان کي آمريڪا شفٽ ٿي وڃڻ گهرجي. ڇا خيال آهي تنهنجو؟“
ٻيو نه ته ڇا... ڇا رکيو آهي هتي نه زندگي نه رونق ۽ نه ئي ڪا مصروفيت، ٻارن جو مستقبل ٺهي پوندو ۽ مان به بيوٽيشن جو ڪورس ڪري وٺندس. هونئن به آمريڪا منهنجي خوابن جي سر زمين آهي.“
”نادره ڊارلنگ! تون ڪيتري نه سٺي آهين، مون کي تنهنجي ان ادا ئي ته موهيو آهي ته تو وٽ منهنجي راءِ جو ڪيترو احترام آهي.“ جمشيد سندس خوبصورت چهري کي پيار سان ڏسي چيو.
”جتي محبت هوندي آهي اتي هڪٻئي لاءِ سمجهه پاڻهي پيدا ٿي پوندي آهي.“
نادره مرڪي چيو ۽ پيالي ۾ سويٽ ڊش وجهڻ لڳي.
ٽيبل جي ٻنهي ڪارنرز تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺل ٻن انسانن جي وجود ۾ ساهه کڻندڙ ڪوڙ، هڪٻئي جي اکين ۾ اکيون ملائي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو!