درد جو چهرو
مان ۽ منهنجي ڀيڻ کلڻ لڳندا هئاسين ۽ سائين ڇرڪ ڀري جاڳي پوندو هو. اجنبي نگاهن سان گهوريندو هو، ڄڻ پڇندو هجي ته مان ڪٿي آهيان؟
سائين علاو الدين ڊگهو ۽ سنهڙو هو. قميص جي اندر هڏائون پڃرو پيو لچڪندو هو. ويڪري قميص سندس غربت جو ڀرم رکي ويٺي هئي. سندس سلهه ورتل وجود ڏٻرو ۽ قابل رحم هو. ڪرسيءَ تي ويهي جڏهن سبق ڏيندو هو ته اڪثر اُڀ ساهي ورائي ويندي هيس. سهڪي سهڪي بيحال ٿي پوندو هو.
وڏا ساهه کڻندو هو ته وات مان گگ لار ڪري ڳڙڻ لڳندي هيس. پوءِ هيٺ جهڪندو ويندو هو ۽ ٻيڻو ٿي ٽيبل تي مٿو رکي ڇڏيندو هو. مان ۽ منهنجي ڀيڻ خوفزده ٿي ويندا هئاسين. ڊوڙندي وڃي بابا کي ٻڌائيندا هئاسين. بابا اسٽيٿسڪوپ ۽ بلڊپريشر جو آلو کڻي اچي کيس تپاسيندو هو. پوءِ کيس دوا ڏيندو هو. آهستي آهستي سائين ڪجهه سامت ۾ ايندو هو.
”سائين طبيعت ٺيڪ نه اٿو ته کڻي ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪيو.“ بابا چوندو هيس
”نه نه آئون ٺيڪ آهيان، موڪل ڪندس ته ٻارن جي پڙهائيءَ جو نقصان ٿيندو.“
هو بيماري ۾ به ڪم ڪرڻ چاهيندو هو. سنڌ جي پوئتي پيل ٻهراڙيءَ جو سلهه ورتل خود دار ماستر، جنهن وٽ علاج جا پئسا نه هئا. مون کي به انهن ڏينهن ۾ احساس ٿيو هو ته زندگي رڳو بادلن ۽ پوپٽن سان راند جو نالو نه آهي.
زندگيءَ جو سچ ڪڙو ۽ جيءَ جهوريندڙ آهي. زندگي ۾ بک، بيماري ۽ بيوسي آهي. ان وقت جاگيرداري نظام جي ڳري پهاڙ هيٺان ساهه کڻندڙ سنڌ هيڻي حال ۾ هئي. درد جي چهري سان شناسائي، ان عمر جو هڪ انوکو تجربو هو. ان دور ۾ احساس ٿيو هو ته زندگي ڏاڍي ڏکي آهي ۽ جيئڻ تهائين هڪ وڏي آزمائش.
سائين علاوءُ الدين منهنجي معصوم ۽ بي خبر ذهن ۾ درد جو ٻج پوکيو هو. جيڪو وقت سان پروان چڙهندو رهيو ۽ وڌي وڻ ٿيو. اهو ڏک جيڪو اجتماعي شعور سان سلهاڙيل هو. جنهن ڏينهن سائين علاو الدين نه ايندو هو ته لڳندو هو زندگي ڪٿي پري ٿڪل جهڪا ۽ جهيڻا ساهه کڻي رهي آهي. سائينءَ جا ساڻا تکا ساهه ۽ سهڪندي ٻيڻو ٿي اڳيان جهڪڻ، کليل وات مان گگ جو لار ڪري وهڻ، ننڊ جا ٻه ٽي جهوٽا کائي ڇرڪ ڀري جاڳي پوڻ، منهه مان اڪثر اها باس ايندي هيس، جيڪا لنگهڻ ڪٽڻ سبب ايندي آهي.
”سائين ماني کڻي اچان؟“ مان کيس اکين ۾ همدردي ڀري پڇندي هيس.
”نه نه ماني ڍءُ ڪري کاڌي اٿم، تون رڳو پاڻي ڍڪ پياريم.“
ڊوڙي پاڻي کڻي ايندي هيس، جيڪو هو هڪ ساهي پي ويندو هو. مان کيس جاچيندي رهندي هيس. غور سان ڪڏهن اکين ۾ لڙڪ به هوندا هيس. کلندو بنهه نه هو. نه ڪا اضافي ڳالهه ڪندو هو.
”کوليو ڪتاب ۽ پڙهو اڄ جو نئون سبق“ رعبدار آواز ۾ چوندو هو ۽ اسان سبق پڙهڻ لڳندا هئاسين. سبق پڙهائي ختم ڪري موڪلائي روانو ٿيندو هو. ٿڙندو ۽ ٿاٻڙندو هليو ويندو هو ته ڪمري ۾ درد سان ڀريل خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. هڪ ڏينهن نه آيو ته خوش ٿياسين. ان ڏينهن باغن ۾ پوپٽن پٺيان ڊوڙندا رهياسين. گڏين راند کيڏيسين ۽ ڦر ڦر سوٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي واري راند ۾ مصروف ٿي وياسين. سائين ٻئي ڏينهن به نه آيو، ان ڏينهن بلور راند کيڏڻ ۾ مگن ٿي وياسين. ان کانپوءِ لڪ لڪوٽي راند کيڏندا رهياسين. اسان سوچيو، سائين کي بخار ٿي پيو هوندو. ٽئين ڏينهن خبر پئي ته سائين علاوالدين گذاري ويو.
امان سندس موت جي خبر ٻڌي روئڻ لڳي. ”ڏاڍو ڀلو انسان هو، الله جنت ۾ جايون ڏيس.“ موت جو تصور انهن ڏينهن ۾ اوپرو لڳندو هو. آخر ماڻهو هلندي ڦرندي ڪيڏانهن گم ٿي وڃي ٿو. وري سوچيندا هياسين آخر جنت ڪهڙي جڳهه آهي، جتي هرڪو وڃڻ جو خواهشمند آهي.
درد جو چهرو جنهن کي روز ڏسندا هئاسين، هڪ ڏينهن وقت جي ڌنڌ ۾ وڃائجي ويو. دلين ۾ هڪ خلش رهجي وئي ته . ڇا هاڻ سائين علاو الدين ڪڏهن به نه ايندو.
هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ کيس ڳولڻ لاءِ نڪتاسين. هڪ اميد کڻي ته شايد سائين گهر ۾ موجود هجي. سندس گهر گهڻو پري هو. نٽهڻ اس ۾ پنڌ ڪرڻ محال ٿي لڳو. تيز گرميءَ ۾ اسان جا ڳل ٽامڻي هڻي ويا. مٿي کي ڦيري اچڻ لڳي، نڙي سڪي وئي،
”مار سائين ايترو پري کان پنڌ ڪري بيماريءَ جي حالت ۾ ايندو هو!“ مون پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو.
هلندي هلندي سامهون ٻن ڪمرن وارو ڪچو گهر نظر آيو، جنهن جي اڱڻ ۾ مٽيءَ جو واچوڙو گول ڦري رهيو هو. گهر کي چوڌاري ڪنڊن جو لوڙهو ڏنل هو. اڱڻ خالي ۽ اداس هو، واچوڙي رکي رکي ماتم ٿي ڪيو. هر طرف اڻ چيل اداسي هئي.
خاموشي به رانڀاٽ ڪري روئي رهي هئي. هوا جا تيز گهوگهٽ هئا، ڄڻ اها به نوحو پڙهندي هجي.
هڪ اداس رنل چهري واري مائي نڪتي، ”سائين علاوالدين آهي؟“ وڏي اميد سان پڇيم.
ڄڻ موت ڪو مذاق هجي، ڪو وهم يا ڪوڙ هجي.
”علاوالدين مري ويو، هاڻ ڪونه ايندو.“
ائين چئي اچي سڏڪن ۾ پئي.
”آخر سائين ڪهڙي ملڪ ويو آهي جو موٽي نه ايندو؟“ منهنجي ڀيڻ سوال ڪيو.
”هن زندگيءَ ۾ گهڻيون تڪليفون ڏٺيون هيون، ان ڪري جنت ۾ هوندو.“ سڏڪندي اميد سان وراڻيائين.
جنت جو تصور کڻي موٽياسين، سائين علاوالدين جنت ۾ هليو ويو.
”سائين جنت ۾ خوش هوندو، جنت دنيا کان بهتر جڳهه هوندي.“ مون ڀيڻ کي چيو ته هن ڪنڌ ڌوڻيو. هن کي نه ڏکن جي خبر هئي، نه ئي موت جي راڪاس جي، پر ايتري خبر ضرور هيس ته جنت هڪ خوبصورت جڳهه جو نالو آهي.
سائين علاو الدين جنت ۾ بيمار نه هوندو نه کيس اتي گرمي لڳندي هوندي. بادلن جي ڇانوري ۾ سرسبز واديءَ ۾ رهندو هوندو. نديءَ ڪناري وڏو گهر هوندس. ان گهر جي چوڌاري ڪنڊن جي لوڙهي بدران گلن سان مهڪندڙ ديوار هوندي، هو اتي خوش هوندو. هتي زندگيءَ ۾ڪڏهن به نه کليو هو، پر اتي هو ضرور مرڪندو هوندو.
هيءَ دنيا ڏکن جو گهر آهي، هو روز ايندو هو ته سندس اهميت نه هئي. اسان کي راند جو فڪر لڳو پيو هوندو هو. هڪ ڏينهن نه آيو ته ان ڏينهن سندس وجود جي اهميت کان واقف ٿياسين، اهو به احساس ٿيو ته هتي ماڻهو مري اهم ٿيندو آهي.
اهميت به فقط چند ڏينهن جي پوءِ سڀ پنهنجي دنيا ۾ مگن ٿي ويندا آهن. پر نه ڄاڻ ته ڇو درد جو چهرو يادن ۾ سدائين پيو احساس کي ڏنڀ ڏيندو آهي.