ڪھاڻيون

خالي هنج جو ڏک

شبنم گل جو تخليقي ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. ڪهاڻي، ناول، ڪالم، شاعري ۽ ٻيون صنفون. هُنَ جنهن صنف ۾ به قلم کنيون آهي، سندس لکڻيون تخليقَ ۽ ڏاهپ جو حسين سنگم بڻجي سامهون آيون آهن.
شبنم گُل جون ڪهاڻيون ڏاڍيون موهيندڙ آهن. هوءَ زندگيءَ ۽ سماج جي بظاهر ننڍڙن موضوعن کي اهڙو ته حسناڪ انداز ۾ ورتائي ٿي جو اُهي ڪهاڻيون مَنَ ۾ پيهي وڃن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردارَ به اسان جي ئي آس پاس مان چونڊيل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3550
  • 818
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خالي هنج جو ڏک

ڪلر بلائنڊ

صبح سان ئي سفينه کيس فون ڪيو، سندس آواز ڳرو ڳوڙهن سان ڀريل هو.
”شينا! منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي، جلدي اچ.“
”يا الاهي خير.“ شينا سندس اوچتي فون تي پريشان ٿي وئي. جلدي جلدي تيار ٿي صدر جو رخ ڪيائين. روڊ تي گاڏين جي ڏاڍي رش هئي. چوراهي وٽ گاڏي موڙيندي ذري گهٽ حادثو ٿيندي بچيو. جلدي جلدي سفينه جي گهر پهتي. هوءَ بستري تي بخار ۾ ٻري رهي هئي. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون.
پليز شينا! ڪجهه ڪر نه ته مان مري وينديس.“
”ڪير به ڪنهن جي لاءِ نه ٿو مري.“
”بٽ آءِ ول ڊاءِ فار هم.“ لڙڪ سندس اکين مان ڪرڻ لڳا.
هوءَ شادي شده شخص افتخار احمد جي عشق ۾ مبتلا هئي، جيڪو سامهون واري فليٽ ۾ رهندو هو. هو سول ايويئشن اٿارٽي ۾ هڪ اهم عهدي تي فائز هو. سندس زال ٿلهي بي ڊولي ۽ انتهائي ڪرڙوڍ قسم جي عورت هئي. جيئن ته هو هڪ انتهائي مالدار فيملي سان تعلق رکندي هئي، انڪري افتخار سندس اشارن تي ڪنهن ڪٺ پتليءَ وانگر نچندو هو.
”ڪٿي پڙهيو هيم ته عشق ڪرڻ به دلچسپ قسم جي ان ڊور گيمز مان هڪ آهي، جڏهن برسات جي موسم ۾ ماڻهو ٽينس نه کيڏي سگهي يا سرديءَ جي ڪري سوئمنگ پول ۾ ٽپي ڏيڻ جي همت نه هجي يا اخبار پڙهندي دل ڀرجي وڃي ته وقت گذارڻ لاءِ عشق هڪ سٺي تفريح ٿي سگهي ٿو.“
شينا، سفينه کي مرڪندي چيو، پر هوءَ قائل نه ٿي سگهي.
”هن جي محبت ۾ ڪا کوٽ نه آهي.“ سفينه جي اکين مان لڙڪ ڪرڻ لڳا.
”اڄ جي دور جو عشق محض وقت گذاري جو ذريعو آهي.“
”ڏس سفينه! مرد وٽ پنهنجي دفاع لاءِ ڪيترائي هٿيار ٿي سگهن ٿا. پر عورت ان معاملي ۾ ڏاڍي ڪمزور هوندي آهي. مرد هميشه عشق جي ڪوڙي آڙ وٺي عورت کي تباهه ڪيو آهي.“
”هن سال جون تائين هو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو.“
”هو ائين ڪڏهن نه ڪندو.“
”ڏس هن کي اولاد به ته نه آهي. هو اولاد خاطر ٻي شادي ڪري سگهي ٿو.“
”اولاد کان وڌيڪ هن لاءِ پنهنجي زال جي دولت اهم آهي ۽ ها ٻڌ افتخار سان ٻاهر ڪٿي به نه ملجانءِ!“
”مون کي هن تي انڌو اعتماد آهي.“
”هونهن اعتماد! محترمه اهي مرد وڏا چالاڪ هوندا آهن، سويٽ ڊش طور هڪ عدد محبوبه پاڻ سان ضرور رکندا آهن.“
”هو انهن مردن مان نه آهي!“
”هو واقعي انهن مردن مان ئي آهي!“
”اهو تون ڪيئن ٿي چئي سگهين؟“
”مان اکيون رکان ٿي، مردن جي ٺاهيل هن سماج ۾ رهان ٿي، جتي عورت جي حيثيت محض هڪ جسم کانسواءِ ڪجهه نه آهي، ايتري قدر جو اهي پڙهيل لکيل مرد، جيڪي اسان سان گڏ ڪم ڪن ٿا. اهي به اسان کي ڪوليگ سمجهي نه، پر عورت سمجهي ورتاءُ ڪندا آهن.“
”تون خبر نه آهي ڇو مردن جي خلاف آهين!“
”مان مردن جي خلاف ناهيان، پر انهن جي ننڍڙي ذهنيت جي خلاف آهيان.“
”ڇا سمورا مرد هڪجهڙا هوندا آهن؟“
”عورت جي معاملي ۾ سندن سوچ ساڳي سطح تي اچي بيهندي آهي.“
”مون کي توسان اختلاف آهي.“
”توکي اختلاف ڪرڻ جو حق آهي.“
”تون انتها پسند آهين!“
”نه سفينه، ائين نه آهي، ڳالهه رڳو ايتري آهي ته مان انهن ماڻهن منجهان آهيان، جيڪي پنهنجي روايتن، پنهنجي سماجي قدرن جي دائري کان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪري سگهندا آهن. اسان جا سماجي قدر تباهه ٿي رهيا آهن. اسان جي معاشري ۾ اخلاقي پسماندگيءَ وڌي رهي آهي“.
”پر منهنجو انهن سڀني ڳالهين سان ڪهڙو تعلق!“
”چڱو ڀلا اهو ٻڌاءِ ته اشفاق جي پروپوزل جو ڇا ٿيو؟“ شينا ڳالهه مٽائي ٿي.
”گهر وارا چڱا خاصا سنجيده آهن، پر مان انڪار ڪري ڇڏينديس.“
”اها تنهنجي سڀ کان وڏي بي وقوفي ٿيندي.“
”هو ته اجايو هٿ ڌوئي منهنجي پويان پيو آهي.“
”هو توکي پسند ڪري ٿو.“
”پر منهنجي پسند جو به ڪو معيار آهي.“
”مڃان ٿي ته شڪل صورت جي لحاظ کان ايترو سٺو نه آهي پر ڪردار جي لحاظ کان هڪ بهترين انسان آهي.“
”مان شادي ڪنديس ته صرف افتخار سان ۽ بس.“
”۽ ان چڪر ۾ تون ايڏو سٺو رشتو وڃائي ويهندينءَ“
”منهنجي لاءِ رشتن جي ڪمي آهي ڇا؟“
”هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ اڄڪلهه ماڻهپي جي ڏاڍي ڪمي ٿي وئي آهي.“
”ڇا مون توکي انڪري گهرايو جيئن تون منهنجي زخمن تي لوڻ ٻرڪين.“ سفينه وري روئڻ لڳي.
سفينه يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڇوڪري کي لفٽ نه ڪرائي هئي، جيڪي سندس ڊگهن وارن ۽ بادامي اکين جا ديوانه هئا. ان زماني ۾ سفينه جا ڏاڍا سٺا رشتا آيا. ڪن جو تعلق سندس ذات سان نه هو، ڪن جو گهراڻو گهٽ هو، ڪي شڪل و صورت جي لحاظ کان مات کائي ويا. ائين سندس گهر وارا اکيون ٻوٽي رشتا ٺڪرائيندا رهيا. هاڻي سفينه هڪ عجيب قسم جي محروميءَ ۽ تنهائي جو شڪار هئي. اهو ئي سبب هو جو هوءَ افتخار جي چڪر ۾ اچي وئي هئي.
”ڇا پئي سوچين!“ سفينه کانئس پڇيو.
”تنهنجي باري ۾ پئي سوچيم.“
”سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪيان.“
”اشفاق لاءِ ها ڪري ڇڏ.“
”اوهه شينا! اهو منهنجي مسئلي جو ڪو حل ته نه آهي.“
”چڱو تون ٻڌاءِ افتخار ڪڏهن ٿو پنهنجي زال مان جان ڇڏائي.“
”ڪلهه هن زال کي خوب شاپنگ ڪرائي، رات جو ماني ڪنهن هوٽل ۾ کاڌائون، واپس آيا ته سڄو ورانڊو سندس ٽهڪن سان گوجندو رهيو،” سفينه جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
”آخر هوءَ سندس زال آهي.“
”مون سان هن سڄو هفتو نه ڳالهايو آهي.“
”تون ڪلر بلائنڊ آهين.“
”ڇا مطلب....!“
سفينه! تو ۾ رشتن جي سڃاڻپ ڪانهي بلڪل ائين جيئن ڪلر بلائنڊ ماڻهو ڪجهه رنگن کي سڃاڻي نه سگهندا آهن.
”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي.“
”هڪ طرف ته تون هن تي ايڏو اعتبار ڪرين ٿي ٻئي طرف هن کي شڪ جي نگاهه سان به ڏسين ٿي.“
”انتظار جي ڪا حد نه هوندي آهي.“
”گهر وارا جلد از جلد مون مان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ هو آهي جو ان ڳالهه کي سمجهي نه ٿو.“
”ڇا ٿو چئي.“
”چئي ٿو انتظار ڪيان.“
”هوءَ تو سان ڪڏهن به شادي نه ڪندو.“
”هو مون کي دل جي گهرائين سان چاهي ٿو، هن جو چوڻ آهي ته مان سندس خوابن جي خوبصورت تعبير آهيان، هو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.“
”هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو پر پنهنجي مالدار زال جهڙي موٽي آسامي کي نه ٿو ڇڏي سگهي.“
“تون ايڏو حقيقت پسند ڇو آهين شينا!“
”مان خوابن جي حقيقت کان واقف آهيان، خوابن جو مٺو زهر انسان کي ماري ڇڏيندو آهي.“
”ائين هجي ته جيڪر ڪوبه ماڻهو خواب نه ڏسي.“
”خواب خود فريبي جو ٻيو نالو آهي، جڏهن ته هي حقيقتن جي صدي آهي.“
”ته ڇا محبت محض خود فريبي آهي.“
”اڄڪلهه محبت جي آڙ ۾ جيڪي تماشا ٿي رهيا آهن، انهن تي خود انسانيت شرمسار آهي.“
”محبت ته انسان جي اهم ضرورت آهي.“
”هن مشيني دور ۾ محبت جو تصور محض هڪ خود فريبي آهي. محبت جي آڙ ۾ لڪي مرد هميشه عورت جي جذبن سان کيڏندو رهيو آهي.“
”اسان جي محبت مثالي آهي، هو جلد ئي پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو پوءِ اسان جي راهه ۾ رڪاوٽ نه هوندي.“
شينا لاهور ۾ سئوٽ جي شادي مان ٿي واپس آئي ته کيس سفينه جي بيماريءَ جي خبر ملي، سفينه اسپتال داخل هئي.
”هي پنهنجا ڪهڙا حال ڪيا اٿئي!“
”مون کي سچ پچ مري وڃڻ گهرجي.“
”آخر ٿيو ڇا آهي؟“
”مون کي خبر نه هئي ته هو محبت جي آڙ ۾ مون سان ڪو شيطاني ناٽڪ رچائي رهيو آهي.“
”صاف صاف ڳالهه ڇو نه ٿي ٻڌائين.“
”شينا! هن مون کي برباد ڪري ڇڏيو.“
سفينه هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪڻ لڳي. شينا کي ائين لڳي ڄڻ ڪنهن زمين هن جي پيرن هيٺان کسڪائي ورتي هجي. گهري صدمي جي ڪري لفظ سندس نڙي ۾ اٽڪي پيا. هوءَ ڪجهه به نه چئي سگهي.
”مون کي احساس به نه ٿيو ته خوبصورت ڳالهين جي آڙ ۾ ڪوڙا، منافق ۽ بي عمل ماڻهو لڪي سگهن ٿا.“
”هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي“. شينا کي پنهنجا لفظ اوپرا لڳن ٿا.
”مون به کيس معاف نه ڪيو، مان سندس سمورا خط ۽ ڪارڊ سندس زال جي منهن تي اڇلائي آيس. تڏهن کان سندس زال رسي وڃي پيڪن ۾ ويٺي آهي. ٻڌو آهي هن طلاق وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.“
”ايتري ڳالهه تي هن جو ايڏو سخت ردعمل! هن معاشري ۾ مرد ڇا نه ٿا ڪن، هو وفاداريءَ کان سواءِ زال کي زندگيءَ جي هر سهولت مهيا ڪري ڏيندا آهن، پوءِ ڇو عورتون سمجهوتو نه ٿيون ڪن!“
شينا کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌي حيرت ٿي.
”دراصل هن کان هڪ غلطي ٿي وئي. هن پنهنجي ڪجهه خطن ۾ زال کي ٿلهي، بي ڊولي ۽ بدشڪل سڏيو هو. ڪابه عورت ايڏي توهين برداشت نه ٿي ڪري سگهي.“
”انسان کي پنهنجي غلط عملن جي سزا ضرور ملندي آهي.“
”مون اشفاق جي رشتي لاءِ ها ڪري ڇڏي آهي.“ شينا کي حيرت جو ٻيو جهٽڪو لڳو.
”واقعي خواب، خود فريبي جو ٻيو نالو آهي.“
سفينه جي بادامي اکين مان لڙڪ ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿيڻ لڳا. خبر نه آهي هو ڇو روئي رهي هئي. خوابن جو مان ٽُٽڻ تي يا اهي لڙڪ حقيقتن جي دنيا ۾ واپسيءَ جي خوشيءَ جي نالي هئا!