ڪھاڻيون

خالي هنج جو ڏک

شبنم گل جو تخليقي ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. ڪهاڻي، ناول، ڪالم، شاعري ۽ ٻيون صنفون. هُنَ جنهن صنف ۾ به قلم کنيون آهي، سندس لکڻيون تخليقَ ۽ ڏاهپ جو حسين سنگم بڻجي سامهون آيون آهن.
شبنم گُل جون ڪهاڻيون ڏاڍيون موهيندڙ آهن. هوءَ زندگيءَ ۽ سماج جي بظاهر ننڍڙن موضوعن کي اهڙو ته حسناڪ انداز ۾ ورتائي ٿي جو اُهي ڪهاڻيون مَنَ ۾ پيهي وڃن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردارَ به اسان جي ئي آس پاس مان چونڊيل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3550
  • 818
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خالي هنج جو ڏک

رنگين پَرَ هوا بنان اڌورا آهن!

هوءَ آزاد فضائن ۾ وڻن مٿان اڏامندي رهي ٿي، اڏامڻ ۾ هڪ وڻندڙ احساس لڪل آهي، جيڪو لهرن ۾ ترندي محسوس ٿيندو آهي. وقت لهرن جي دائري ۾ قيد آهي، پر فضا لامحدود آهي.
زمين جي حدن کان ٻاهر هر شيءَ مختلف آهي.
زندگيءَ سان ڀرپور...
هوءَ هڪ انتهائي خوبصورت پوپٽي آهي. حسين رنگن واري، سندس انڊلٺ ورنا رنگ، اُس ۾ گهرا لڳن ٿا. ڇانو ۾ هوءَ وڌيڪ حسين لڳي ٿي. اهو هڪ خوبصورت باغ آهي. گهاٽا وڻ قطار در قطار پريمين جيان، هڪٻئي جي ڳچين ۾ ٻانهون وجهي راز و نياز ۾ مصروف نظر ايندا آهن. باغ ۾ ڇٻر جو هڪ چهچ سائو گلم وڇايل، جنهن مٿان انيڪ گل ۽ ٻوٽا هوائن جي سرن تي رقص ڪندا رهن ٿا. هوا جي هر جهوٽي سان ساهه، گلن جي لطيف خوشبوءَ سان معطر ٿي وڃن ٿا. پوپٽي گلن جو مٺو رس پنهنجي وجود ۾ اوتي فضا ۾ اڏامي ٿي. جنهن رنگ جي گلن جو رس پيئي ٿي ته گهڙي پل لاءِ اهي رنگ سندس پَرن مان جرڪڻ لڳن ٿا.
هوءَ فضا ۾ ائين اڏامي ٿي ڄڻ لهرن ۾ ترندي هجي. اڏامڻ سمي سندس پرن مان نڪرندڙ مڌر آواز ڪنهن ساز کان وڌيڪ دلڪش آهي.
آزادي جي نغمي جيان...
شاخن مان ڇڻيل پيلا پن، هڪ غير محسوس اداسيءَ ۾ ويڙهيل آهن ۽ مٿي روشن فضا ۾ پوپٽي وجد جي ڪيفيت ۾ اڏامي رهي آهي.
ڪڏهن ٿڪجي ڪنهن سائي ٻوٽي تي ويهڻ مهل ساون پنن جي جهرمٽ ۾ ڪو گل لڳي ٿي.
فضا ۾ پکين جي ٻولين جا سر وکريل آهن، سج جي روشنيءَ جي عڪس ۾ باغ جو هر منظر حسين لڳي ٿو.
روشنيءَ جو ساوڪ سان هڪ گهرو سنٻنڌ آهي،
جئين دل جو محبت جي ڪشش سان هوندو آهي.
سج جا ڪرڻا پوپٽي جي اکين کي ڳرا لڳڻ لڳا، ٻارن جو هجوم هن ڏانهن ڊوڙي آيو، هوءَ مرڪي ٻيهر اڏامي وئي. هن جي پرن ۾ گلن جي سڳنڌ آهي، ٻار هن جي پٺيان ڊوڙندا رهيا ۽ هنن کان خائف ٿي هوءَ گل تان ڇرڪي اٿي وئي.
اڃايل رهجي وڃي ٿي، گلن جي خوشبوءَ جو نشو کيس پاڻ ڏانهن ٿو ڇڪي، پر پڪڙجڻ جي خوف کان هوءَ ان امرت کان محروم نظر اچي ٿي.
مٿي تمام مٿي اڏامي ٿي، جتي بادل هوائن سان ڪچهرين ۾ مشغول آهن. هوءَ فضا ۾ ترندڙ رنگن سان کيڏڻ لڳي ٿي.
بلندي کان باغ هڪ گلدستي جيان لڳي ٿو، تيز هوا ۾ هوءَ بنا پرن چورڻ جي اڏامي ٿي.
خاموشي ۽ سرشاريءَ سان...
گلن جا نيرا، پيلا، ڳاڙها ۽ واڱڻائي رنگ کيس پاڻ ڏانهن ڇڪن ٿا.
پر خوف، سيراب ٿيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو آهي. جڏهن ٻار هليا ويا ۽ ماڻهن جو تعداد گهٽ ٿي ويو ته هوءَ هيٺ لهي آئي. گلن جي رنگ ۾ پوپٽن جو ويساهه جيئي ٿو، هوءَ هڪ گهري ڳاڙهي گل سان چهٽي ان جو رس مزي سان پي رهي آهي، جيئن مڌ پيئندي هجي.
ساوڪ سان پوپٽي کي پنهنجو رشتو مضبوط ٿيندي محسوس ٿيو.
ساوڪ برسات بنا اڌوري آهي، پوپٽي گلن جا خواب ڏسي ٿي. ساوڪ بادلن جا.
شين جي تعلق ۾ هڪ عجيب سونهن آهي. پوپٽي ٽيڏي اک سان ان گل ڏانهن ڏسي ٿي، جنهن کي ماکيءَ جون مکيون چهٽي ان جو رس مزي سان پي رهيون آهن.
پوپٽي بي چين ٿي گل مٿان ڦيرا پائڻ لڳي، ان گل جو رس باغ جي تمام گلن کان وڌيڪ مٺو آهي.
ماکيءَ جي مک چالاڪ هئڻ ڪري پوپٽي کي وارو نه ٿو ملي. هوءَ دير تائين انتظار ڪري ٿي پنهنجي واري اچڻ لاءِ.
پوپٽي، ماکيءَ جي مکين سان حسد محسوس ڪرڻ لڳي. انهن کان ڊڄي ٿي. ماکيءَ جون مکيون رس پي وينديون ته پوءِ گل جو رس ڦڪو ۽ بي مزي ٿي پوي ٿو.
ان رس مان ماکي ٺهندي. انڪري گل تي ماکيءَ جي مک جو وڌيڪ حق آهي. پوپٽي پاڻ کي سمجهائي ٿڌو ساهه ڀريو. ماکيءَ جي مکين جي جيئڻ جو ڪو مقصد آهي.
هوءَ وڻن جي پناهه ۾ هلي وئي، جتي جهرڪيءَ جي آکيري ۾ ٻچا کاڌي لاءِ واجهائي رهيا آهن. سمورا وڻ پکين سان ڀريا پيا آهن، کيس طرح طرح جا پکي نظر آيا.
منهنجي زندگيءَ جو به ڪو ضرور مقصد هوندو. هڪ وڻ جي پن تي هوا جي آڌار تي لڏندي کيس ننڊ اچي وئي. ڪانءَ جي ڀوائتي آواز تي ڇرڪي، جاڳي پئي. کيس لڳو ڄڻ ڪنهن تيز سٽ سان سندس پر ٽٽي هوا ۾ وکري ويا هجن...
هوءَ ڪرڻ واري انداز ۾ وڻ تان هيسجي لهي آئي ۽ هڪ سڪل پن تي ويهي مٿي ڏسڻ لڳي. روشني وڻ جي وٿين مان جهرمر ليئا پائي رهي آهي. ڪانءُ وڻ تي مستقل بي سري آواز ۾ ڪان ڪان ڪري پيو. سمورن پکين ۾ هوءَ ڪانءُ کان خوف محسوس ڪندي آهي.
ماکيءَ جو مکيون گلن تي لامارا ڏيڻ لڳيون.
وڻ وٽ هڪ سخت چهري وارو شخص بيٺو هو، جيڪو هن اڳ نه ڏٺو هو. ان شخص جي هٿ ۾ سفيد ڄاري هئي. جنهن ۾ ڪجهه پوپٽ ڦٿڪي رهيا هئا. پوپٽي خوف وچان ڏڪڻ لڳي ۽ اڏامي ٻوٽن جي جهرمٽ ۾ لڪي وئي.
هو Entomologist ريان هو. پوپٽن کي قيد ڪري کڻي ويندو هو. ايئن هڪ خاص عمل تحت کين محفوظ ڪري، فريم ۾ قيد ڪري ڇڏيندو هو. هو هڪ سئي پوپٽن جي ٻنهي پرن جي وچ واري حصي ۾ هڻندو آهي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن هنن جا پر سڪي وڃن ٿا ته هو سئي ڪڍي، هڪ ٻئي عمل تحت کين محفوظ ڪري فريم جي زينت بڻائي ٿو. هنجي ان منفرد فن جي ملڪي توڙي غير ملڪي مارڪيٽ ۾ وڏي گهرج آهي. هو ماڻهو هليو ويو، پر پوپٽيءَ جو ڄڻ ته سک ڦٽي ويو. هوءَ باغ جي سڀ کان خوبصورت مخلوق هئي. کيس عجيب خوف دل ۾ محسوس ٿيندو هو ته ڪٿي هو انسانن جي ظالم هٿن جي ور نه چڙهي وڃي. هوءَ ته انسانن کان خوفزده هئي. هن انسانن کي پوپٽن سان به برو سلوڪ ڪندي ڏٺو هو. هن ڪيترا دفعا شاخن کان جدا ٿيندڙ گلن جون ڪيهون ٻڌيون هيون. جڏهن انساني هٿ شاخن کان کين الڳ ڪندا هئا.
جڏهن کان ان سخت چهري واري شخص باغ ۾ اچڻ شروع ڪيو آهي ته پوپٽي ان جڳهه کان پري اڏامندي آهي. باغ جي هڪ اهڙي حصي ۾ جيڪو ويران ۽ خاموش آهي. جتي ڇٻر خشڪ ۽ بي جان آهي. اڪثر ٻوٽا به سڪل آهن. زمين تي هر طرف پيلا پن وکريل هوندا آهن. هڪ عجيب اداسي هوندي آهي، باغ جي ان حصي ۾. ان ڪري پوپٽي کي باغ جو اهو حصو اڃايل لڳندو آهي. سيراب ٿيڻ کانپوءِ، شايد هتان جي رٺل بهار واپس موٽي آئي. پوپٽي کي ساوڪ سان پيار آهي پر هاڻ کيس خزان وگهي سٽيل خشڪ ٻوٽن ۽ اجڙيل وڻن سان انسيت ٿي وئي آهي. هتي هوءَ پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿي. ان حصي ۾ هڪ ٻيو پوپٽ به خاموشيءَ سان اڏامندو رهندو هو.
پوپٽي خاموش رهندي هئي پر پوءِ به پوپٽ همت نه هاري. هو به ڪافي عرصي تائين پوپٽي جي خاموش لمحن جو ساٿي بڻيل رهيو. پوپٽي کي پوپٽ جي اها خاموش ادا وڻي وئي، هڪ ڏينهن ٻئي سٺا دوست بڻجي ويا.
ان ڏينهن پوپٽي خاموش ۽ اداس هئي. پڇڻ تي هن پوپٽ کي پنهنجي انديشن کان آگاهه ڪيو.
”اهو تنهنجو وهم آهي.“ پوپٽ پرڙا پکيڙي ٻوٽن مٿان اڏامڻ لڳو.
”هو ماڻهو روز پنهنجي ڄار ۾ پوپٽ ڦاسائي کڻي وڃي ٿو.“
”پر تون هڪ هوشيار پوپٽي آهين، توکي ڪو نه پڪڙي سگهندو.“ پوپٽ شرارت سان چيو.
”مون وڏن کان ٻڌو آهي ته جنهن شيءَ جو گهڻو چاهه ٿئي ٿو، اها کسجي وڃي ٿي.“
پوپٽي جي لهجي ۾ اداسي هئي.
”توکي ڪنهن شيءَ جو چاهه آهي؟“ پوپٽ تجسس مان پڇيو.
پوپٽي هوريان، باغ ۾ ٽڙندڙ هڪ خوبصورت نيري گل تي لهي ان جو رس چوسڻ لڳي.
”تو منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو “ پوپٽ هن جي ڀر سان ويهندي چيو.
”مون کي آزاد فضائن ۾اڏرڻ جو چاھ آهي ، هي باغ مون کي پسند آهي. هتي جي ساوڪ، گلن جي سرهاڻ ۽ وڻن جي ڇانو منهنجي روح ۾ سمائجي وئي آهي.“
”ان جو مطلب ته تون رڳو بي جان شين جي چاهه ۾ مبتلا آهين“ پوپٽ جي لهجي ۾ مايوسي هئي.
”ها شايد“
پوپٽ ڪاوڙ مان گل تان اڏامي ويو.
ان ڏينهن پوپٽي خماريل ڪيفيت ۾ آزاد هوا ۾ اڏامندي رهي. هوءَ پوپٽ سان گهري محبت ڪرڻ لڳي هئي.
کيس ايئن لڳو، ساوڪ جي ڪشش سان گڏ، پوپٽ جو چاهه به هن جي اکين ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ هو به هن سان گڏ خاموشيءَ سان اڏامي رهيو هجي.
اڏامندي اڏامندي رات ٿي وئي، رات هن کان اڏامڻ جي سگهه کسي وٺي ٿي. انڪري پوپٽي کي ساوڪ سان گڏ سورج سان به پيار آهي. صبح جو هن جي ٿڌي ۽ بي جان وجود ۾ ان وقت ساهه پوندو آهي، جڏهن سج جا ريشمي ڪرڻا هن جي پرن تي پوندا آهن. ايئن کيس ٻيهر اڏرڻ جي سگهه موٽي ملندي آهي. هوءَ هڪ سائي ٻوٽي جي اندر پنهنجي بستري تي سمهي رهي، جيڪر سج ڪڏهن به نه لهي! هوءَ سج جي روشن ڪرڻن کي ياد ڪري سڏڪي پئي. هو چاهي ٿي ته ڪاش رات جو به اڏامي سگهي. هو ان وقت اڏرڻ چاهي ٿي، پر بي ستي وجود ۾ هڪ اداسي کي محسوس ڪري صبر جو ڍڪ ڀري ٿي. رنگين پَر پنهنجي سگهه وڃائي ويٺا آهن.
صبح جو هوءَ ساڳي طاقت ۽ زندگيءَ جو احساس پرن ۾ سموئي اڏامڻ لڳي. ڪڏهن وڻن کان تمام گهڻو مٿي اڏامڻ لڳي ٿي. نيري آسمان ۾ ڇانو جهڙو سڪون ڀريل آهي. سج هلڪن ڪڪرن سان اکٻوٽ کيڏي رهيو آهي. تمام گهڻو مٿي بادلن جي ڀرسان پکي پر پکيڙي اڏامي رهيا آهن.
هوءَ حسرت سان مٿي ڏسي ٿي. هن جي دل ۾ آسمان کي ڇهڻ جي تمنا آهي.
پوپٽي کي پنهنجي نرم، رنگين ۽ ريشمي پرن سان پيار آهي. هوءَ جنهن وقت چاهي زمين جي حدن مان نڪري آسمان جي رنگن ۾ اڏامندي رهندي آهي. هن کي آسمان سان پيار آهي. جنهن جي هنج ۾ اڏامندي هوءَ هوائن کان سک ۽ آزاديءَ جا گيت ٻڌندي آهي. هوا سندس ويجهي سرتي آهي. جيڪا کيس پيار سان پنهنجي ٻانهن ۾ سنڀالي رکي ٿي. جڏهن ڪاوڙ مان گهلندي آهي تيزيءَ سان ته، پوپٽي هن جي ڀرسان وڃڻ کان پاسو ڪري ٿي.
پوپٽ ڪيترن ڏينهن کان ناراض آهي، هو خاموشي سان پري اڏامندو آهي. ان ڏينهن به هوءَ پوپٽ جي خيالن ۾ هئي ته ان ظالم شخص جي ڄار ۾ ڦاسي پئي.
ساوڪ، گل، هوا ۽ سج جا نرم ڪرڻا هن لاءِ محض خواب بڻجي ويا. سندس سهڻن پرن جي خوبصورتي ڪنهن مرجهايل گل جيان باسي لڳڻ لڳي.
رنگن جي جوت جهڪي ٿي وئي.
سندس پَر ڪيڏا بي معنيٰ ٿي پيا آهن آزاد فضا کسجي وڃڻ کانپوءِ.
شين جي خوبصورتي تعلق جي روشنيءَ ۾ آهي، ان تعلق جي نوعيت بدلجي وڃي ته سرشاري جي ڪيفيت هڪ مستقل ڪسڪ ۾ بدلجي وڃي ٿي.
سرشاري ظاهري سچ آهي يا ڪسڪ ۾ زندگيءَ جي سموري حقيقت پوشيده آهي. ان ڳوڙهي فلسفي کي پوپٽي جي ننڍڙو ذهن سمجهڻ کان قاصر آهي.
پوپٽي، جاڳي ٿي ته قيد جي بدصورتيءَ ۾ سندس پر سڏڪندا رهن ٿا. سمهي ٿي ته خوابن ۾ ساڳي آزاد فضا آهي. موسم جي هڳاءُ ۾ واسيل هوا جي هنج ۾ هوءَ دير تائين ترندي رهي ٿي.
ڪاش! پوپٽ سان سچ ڳالهايان ها، کيس پنهنجي محبت جو يقين ڏياري سگهان ها!
هڪ اڌوري جملي جو ڏک زهر بڻجي هن جي جسم ۾ ڊوڙڻ لڳو.
ان پڃري کي ڦيٿا لڳل آهن، جنهن ۾ پوپٽي قيد آهي. اهو ظالم شخص ڏينهن جو پڃري کي ٻاهر باغ ۾ رکي ٿو، جيئن سج جا ڪرڻا پوپٽ جي پَرن کي ڇهي کين تازگي ڏئي سگهن. رات جو پوپٽن جا پَر باسي گلن جهڙا ٿي وڃن ٿا. ڏينهن، انهن پرن کي مکڙيءَ مان تازي ڦٽل گل جيان سهڻا رنگ عطا ڪري ٿو. ريان کي خبر آهي ته مسلسل ڇانو ۾ رکڻ ڪري پوپٽن جا پَر بي رنگ ۽ بي جان ٿي ويندا آهن. پوپٽ کي گهڻو وقت قيد نه ٿو ڪري سگهجي. انڪري هو جيئن پوپٽ پڪڙي اچي ٿو ته هنن کي هڪدم ”اسٽائي روفوم“ تي ليٽائي پوپٽ جي وچ جسم ۾ پن هڻي ٿو پوءِ کين فريزر ۾ ڪيترا ڏينهن رکي ٿو ڇڏي. پوپٽ جا پر جڏهن هڪ اسٽل فوٽرگراف جو ڏيک ڏين ٿا ته هو سئي پوپٽي جي جسم مان ڪڍي کين فريم ۾ سينگاري ديوار تي لڳائي ٿو ڇڏي. نمائش ۾ اهي تصويرون سٺن اگهن تي وڪامجي وڃن ٿيون. انڪري پوپٽي کي احساس ٿي ويو آهي ته هن جي زندگي جا باقي ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن.
پڃري مان هڪ هڪ ڪري سمورا پوپٽ فريم ۾ قيد ٿي ديوارن جي زينت بڻجي ويا. هاڻ پوپٽي جو وارو هو. ان ڏينهن ريان جي محبوبه شينا کيس چيو
”ريان تون پوپٽن جي زندگي وٺڻ بدران ڪو ٻيو ڪم ڇو نه ٿو ڪرين؟ مون کي فريم ۾ قيد انهن پوپٽن کي ڏسي سخت وحشت ٿيندي آهي.“
”خوبصورت شيون قيد ڪرڻ لاءِ ٿين ٿيون.“
اها ڳالهه ٻڌي پوپٽي اکيون بند ڪري اذيت سان سوچي ٿي
”ڪاش! مان خوبصورت نه هجان ها! ايئن قدرت مونکي ڪمزور مخلوق بدران هڪ خوفناڪ جانور ٺاهي ها، جنهن کان انسان ڊڄي پري ڀڄي وڃي ٿو.“
هن ڀت تي لڳل فريم ۾ قيد پوپٽن کي غور سان ڏسڻ لڳي، ”اها خوبصورتي سان وڏي زيادتي ناهي جو کيس قيد ڪري رکيو وڃي.“ شينا احتجاج ڪندي چيو.
”پوپٽن کي قيد ڪرڻ منهنجو پسنديده مشغلو آهي، ننڍپڻ ۾ کين ڪتابن ۾ قيد ڪندو هيس، هاڻ فريم ۾ کين محفوظ ڪري ٿو ڇڏيان.“
ريان خبر ناهي ڇو پوپٽي کي اذيت پسند لڳو. خدا انسانن کي سڀ ڪجهه ڏئي ها پر خوبصورت شين کي قيد ڪرڻ لاءِ هٿ نه ڏئي ها!
پوپٽي اداس ٿي سوچيو.
پوپٽ آزاد فضا ۾ اڏامندو هوندو. سج جا ريشمي ڪرڻا سندس پرن کي ڇهندا هوندا. هو منهنجي پسنديده گل تي ويهي ان جو رس مزي سان پيئندو هوندو. نئين موسم جي هڳاءُ سان مهڪندڙ هوا جي هنج ۾ لڏندي کيس پل ڀر لاءِ به منهنجو خيال نه آيو هوندو!
هوءَ آزاديءَ جي نشي ۾ ٻڏل آزاد فضا ۾ اڏامندو هوندو شايد ڪنهن ٻي پوپٽيءَ سان. اهو سوچي پوپٽي لڙڪن ۾ ٻڏي وئي.
پوپٽي پنهنجي بي جان پَرن کي ڏٺو، جن جا رنگ جهڪا پئجي چڪا هيا. هوائن سان تعلق ختم ٿيڻ سان پَرن جي اهميت به اها ساڳي نه رهي هئي.
”پوپٽي ڏٺو پڃرو خالي ٿي چڪو هو، هاڻ هن جو وارو هو، پڃري ۾ بند هن جا ساٿي پوپٽ فريزر ۾ قيد ٿي چڪا هئا.
پوپٽن جا پَر ڪيڏا نه سهڻا ۽ رنگين ٿين ٿا.“ شينا پڃري ۾ هڪ ننڍي ڪونڊيءَ ۾ ٽڙيل نارنگي گلن تي ويٺل پوپٽي کي ڏسي چيو.
”انڪري مان انهن پَرن جي سونهن ۽ رنگن کي هميشه لاءِ امر ڪري ٿو ڇڏيان.“
”پَر اڏامندي سٺا لڳندا آهن.“ شينا سراپا احتجاج بڻيل لڳي ٿي.
”پر انهن کي هر ماڻهو نه ٿو ڏسي سگهي، ماڻهن باغن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. موجوده دور جا ٻار هاڻ پوپٽن کي فقط فريمن ۾ بند ڏسي خوش ٿيندا.“ ريان هٿ وڌائي پوپٽي کي آڱرين ۾ جهلي ٻاهر ڪڍيو.
پوپٽي خوف وچان ڏڪڻ لڳي. سندس اکين ۾ ساوڪ جي يادگيري لهي آئي، بهار جي موسم جي سڳنڌ سان واسيل هوا جو جهوٽو هن جي احساس ۾ هرڻ لڳو. اڏرڻ سمي پَرن جو آهنگ سندس يادن ۾ ڦٿڪڻ لڳو. پوپٽ جي سنگت جي سونهن ڀريل لمحن کيس آواز ڏنو.
باغ ۾ ٽڙندڙ پسنديده ڳاڙهي گل جي ڪشش کيس بيچين ڪري وڌو ۽ هوءَ هڪ بي رحم انسان جي سخت هٿن مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڦٿڪڻ لڳي.
”مون زندگيءَ۾ ڪڏهن اهڙي خوبصورت پوپٽي نه ڏٺي آهي. فريم ۾ قيد ٿي هڪ شاهڪار فن پارو ٿي پوندي.“ ريان غور سان پوپٽي جي رنگين پرن کي ڏسي چيو.
”ها هيءَ انتهائي خوبصورت پوپٽي آهي.“
شينا پوپٽي جا پر ڇهي چيو، پَرن جي نرمي سندس روح ۾ لهي آئي.
انسان جا هٿ ڪيڏا نه سخت ۽ بي رحم آهن، شايد ان ڪري هو پنهنجي هٿن سان ايڏو ظلم ڪن ٿا، ايڏي ئي بي رياءِ سندن دل آهي. ڪاش! سندن دل پوپٽ جي پَرن جهڙي نرم ۽ رنگين هجي ها!
ريان پوپٽي کي ڦاسي گهاٽ جهڙي Styrofoam تي ليٽائي ڇڏيو. پوپٽي جي جسم جا سهڻا رنگ، ڳوڙها بڻجي هوا جي آهن ۾ جذب ٿي ويا.