هڪ مشروط محبت جو ڏيک
”هتي مسئلا کٽڻ جا ئي ناهن، چنڊ کي ڏسڻ جي ڪنهن کي فرصت آهي.“
پوءِ هو مڙسن ۽ ساهرن جي گلا ڪرڻ لڳنديون هيون. يا وري آفيس جا مسئلا ۽ ڪوليگس جا منفي رويا، مهنگائي کي روئڻ لڳنديون هيون. تڏهن کيس محسوس ٿيندو هو ته هرڪو پنهنجي ذات جي غرور ۾ مبتلا آهي. رڳو اهو احساس اٿن ته ساڻن ڪيترو غلط ٿي رهيو آهي.
هو پاڻ ٻين سان ڪيترو غلط ڪري رهيا آهن، ان جو ڪو حساب ئي نه آهي.
چار سئو ميٽر جي واڪنگ ٽريڪ تي چوڌاري ماحول جي چرپر کي محسوس ڪندي هوءَ مستقل هلي رهي آهي.
ڊاڪٽر کيس ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ واڪ جو مشورو ڏنو آهي. مڙس جي رويي کيس ذهني طور تي بيمار ڪري وڌو آهي. مرد آخر زالن جي ڳالهه ڇو نه سمجهندا آهن؟ هو ٻاهرين دنيا، روزگار جي مسئلن ۽ خوب کان خوب ترجي ڳولا ۾ وڃائجي ويندا آهن، ڀلا پئسو ئي ته سڀ ڪجهه ناهي.
روين جي آلودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ هوءَ روز شام جو ڪلب ايندي آهي.
هڪ جوڙو تيزيءَ سان هن جي ڀرسان لنگهي ٿو. هنن زال مڙس ۾ ڪيتري نه هم خيالي آهي! هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ٿي. هو ٻئي پهريون بيڊ منٽن کيڏندا آهن، پوءِ گڏ چهل قدمي ڪندا آهن. اڪثر کلندا، ڳالهائيندا ۽ ٽهڪ ڏيندا هلندا آهن. سندن چار ٻار به بيڊ منٽن يا ٽينس کيڏڻ کانپوءِ ساڻن گهمندا آهن يا لان ۾ ڊوڙندا رهندا آهن. کيس اهو جوڙو ماورائي لڳي ٿو. هنن ۾ محبت آهي يا انڊر اسٽينڊنگ؟ محبت کانسواءِ به انڊر اسٽينڊنگ ٿي سگهي ٿي!!
ٻنهي جي فطرت به هڪ جهڙي لڳي ٿي. شايد ڪو معجزو ئي آهي. نه ته شادي شده زندگي ڪجهه سالن ۾ بيٺل پاڻيءَ جيان ساڪن ۽ بدبودار لڳڻ لڳندي آهي. رومينٽڪ ڳالهيون اڻپورو سهانو سپنو بڻجي وينديون آهن.
ماڻهن کي محبت ڪرڻ ئي نه ٿي اچي، هو پنهنجي غرض سان محبت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن.
محبت ته غير مشروط آهي. ڪا ضرورت، ڪاروبار، واپرائڻ جي شيءَ يا خود غرضي ناهي.
هن جي زندگي ۾ ايندڙ مرد به هن سان شرطن واري محبت ڪئي آهي، تڏهن ته هوءَ ڊپريس رهندي آهي ۽ ڊاڪٽر کيس واڪ لاءِ چيو آهي.
سمورا مرد، عورتن سان مشروط محبت ڪندا آهن. هوءَ اداسيءَ سان سوچي ٿي.
نه سمورا مرد نه....
هوءَ سمورا خيال ذهن مان ڪڍي تيز هلڻ لڳي ٿي. تيز.... اڃان تيز....
هوا، وڻن جي خوشبو ۽ سندس تکا ساهه ٽڪنڊو بڻجي دل جي ڌڙڪڻ ۾ گونجڻ لڳن ٿا.
مشروط ئي سهي پر محبت ئي ته آهي نه...
گهڻن کي ته زندگي ۾ محبت ئي نصيب ناهي ٿيندي...
محبت کانسواءِ زندگي ڪيتري نه اڌوري آهي! کيس پنهنجي انهن سهلين جا چهرا ياد اچڻ لڳا، جن جي شادي يا ته حالات جي غير موافق هئڻ ڪري نه ٿي يا سندن معيار ايترو ته اوچو هو جو ڪوبه سندن توقعات تي پورو نه لٿو.
پوءِ سندن اکين ۾ رڃ پئي ليئا پائيندي هئي، ڪوڙن ٽهڪن جي پڙاڏن ۾ سندن خواب ننڊاکڙي اداسيءَ ۾ ويڙهجي ويڳاڻا نظر ايندا هئا.
ڪا مشروط محبت به سندن زندگيءَ جو حصو نه بڻجي سگهي!
ماڻهو پنهنجي ذات جي تسڪين لاءِ محبت ڪندا آهن، ان محبت ۾ ڏيڻ گهٽ پر وٺڻ جي لالچ وڌيڪ هوندي آهي.
محبت ته بس محبت آهي.
هڪ ماڻهو تيزي سان ڊوڙندو سندس ڀرسان لنگهي ٿو. هن جي سوچ پکي جي ٽٽل کنڀن جيان فضائن ۾ وکري وڃي ٿي. اهو ماڻهو گهڻي دير تائين
وارم اپ کانپوءِ جاگنگ ڪندو آهي. هو مختلف وقتن تي ڪلب ايندي آهي. اهو ماڻهو اتي موجود هوندو آهي. شايد هن ماڻهوءَ کي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گهڻو پيار آهي جو هو صحتمند رهڻ ۽ گهڻي عرصي تائين جيئڻ چاهي ٿو.
جيئڻ جو اتساهه فقط محبوبه ئي ڏئي سگهي ٿي.
ممڪن آهي زال جي ڪر ڪر کان ڀڄي ڪلب ايندو هجي، مرد آخر گهرن ۾ شام جي وقت تي ايترو بيزار ڇو ٿيندا آهن؟
کين گهرن ۾ ويهڻ ڇو نه ايندو آهي...؟ شايد زالن جو ڏوهه هجي، هو شام جو ٿڪجي آيل، پنهنجي مڙسن سان پيار ونڊڻ بدران مسئلن جي لسٽ کي ورجائينديون آهن.
هتي زالن ۽ مردن جي لاءِ سکيا جو ادارو هئڻ گهرجي، جتي بهترين زال ۽ سمجهدار مڙس جي هڪ سٺي کيپ تيار ڪري سگهجي. اهي معاشرا ترقي ڪندا آهن، جتي پرسڪون گهر هوندا آهن.
اهڙو ڪو ادارو کليو ته سڀ کان پهريائين مان داخلا وٺندس. جيئن پنهنجي مڙس جي اجائي ڪاوڙ ۽ غصي جو ڪو حل ڪڍي سگهان.
هن جي ڪاوڙ جو سبب بزنس جا مسئلا، ماءُ جون بي جا پابنديون، قائدا ۽ قانون يا مستقبل جا خواب ئي ڇو نه هجن. مان اهو گُـر ضرور سکندس ته ڪهڙو به طريقو اختيار ڪري مان کيس پرسڪون رکي سگهان. گهر جو مرد پرسڪون آهي ته زال ۽ ٻار به سڪون ۾ آهن.
ڪٿي مرد سٺا هوندا آهن ته سندن زالون عذاب هونديون آهن پر جي مرد گهر ۾ سکيو ناهي ته اهو بدلو ٻين کان وٺندو آهي. چاهي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عملو ئي ڇو نه هجي.
ماڻهو گهرن جا مسئلا آفيسن ۾ ڇو کڻي ويندا آهن؟ هوءَ پنهنجي ئي سوچن کان ڇرڪي پئي، جڏهن اهو ماڻهو وري هن جي ڀرسان کان لنگهي ٿو. هي هڪ دفعو زال کي وٺي ڪلب آيو هو، زال گهريلو ۽ ان ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ شڪل جي پوري پني هئي.
پر هي زال کان وڌيڪ اسمارٽ ۽ هينڊسم آهي. پوءِ کيس خيال اچي ٿو ته هوءَ هڪ غير مرد جي باري ۾ ڇو پئي سوچي. ڪٿي اخلاقي قدرن جي ڀت هن تي نه اچي ڪري ۽ هوءَ حال کان به نه پوئتي هلي وڃي. ڪٿي ڊپريشن کان نڪري اينگزائٽي ۾ نه هلي وڃي. غير مرد لاءِ سوچيندس ته ماڻهو ڇا چوندا. توبهه مان هتي تفريح لاءِ آئي آهيان يا فضول قسم جون ڳالهيون سوچڻ...
هوءَ لان ۾ کيڏندڙ ٻارن ڏانهن ڏسي ٿي. رنگ برنگي ڪپڙا پهريل خوبصورت ٻار مرڪن ۽ ٽهڪن سان هڪٻئي پٺيان ڊوڙي رهيا آهن. ڪن جي هٿن ۾ بال آهن ته ڪي سائيڪل هلائي رهيا آهن. ٻارن جا چهرا ڪيترا نه پرسڪون آهن، سندن چهرن تي مرڪون آهن. هن ڪٿي پڙهيو هو، ٻار ڏينهن ۾ سو دفعا ۽ وڏا چاليهه دفعا مرڪندا يا کلندا آهن. هن ٻارن کي ته مرڪندي کلندي ڏٺو هو. پر وڏا يا ميچوئر ماڻهو هڪ دفعو به نه مرڪندي يا کلندي ڏٺا هئا. هن چوڌاري ڏٺو هر ماڻهوءَ جي چهري تي ٿڪ ۽ بيزاري آهي. ڪجهه عورتون ڪرسين تي ويهي ڪچهري ڪري رهيون آهن، هو يقينا ڪنهن جي برائي ڪنديون هونديون. هنن جي چهرن تي مرڪ بدران حسد يا ساڙ جون ريکائون آهن. توبهه....
هوءَ آسمان ڏانهن ڏسي ٿي. ڪڪر چنڊ سان اکٻوٽ کيڏي رهيا آهن. هوا جو تيز جهوٽو آيو، سامهون ويندڙ عورت جي مختصر قميص مٿي اڏامي وئي. پر کيس ڪابه پرواهه نه هئي. توڙي جو هوءَ مٿي تي اسڪارف پائي ايندي آهي. پر هلڻ وقت سندس سينو کليل هوندو آهي. ان عورت جو جسم ڪنهن انڊين ايڪٽريس کان گهٽ قيامت خيز نه آهي. هن جي چيلهه جا ور وڪڙ ۽ ڇلڪندڙ ارهه ڪنهن به شريف مرد جو ايمان خراب ڪري سگهن ٿا. ان کان ته بهتر آهي هيءَ ٽريڪ سوٽ پائي پر منهنجو ڇا وڃي...
جي مردن جي جمالياتي ذوق جي تسڪين ٿئي ٿي، ته ٿيندي هجي.
هڪ پوڙهو بيورو ڪريٽ ان خوبصورت حسينه جي پٺيان هلندي کيس معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندي ٿڌو ساهه ڀري ٿو. رخسانه هوريان مرڪي ٿي، ان پوڙهي جي بي وسيءَ تي.....
تيز هلڻ جي باوجود به هوءَ محسوس ڪري ٿي سندس ساهن جي وهڪري ۾ اها تازگي نه آهي جيڪا هئڻ کپي، چڱي نموني ساهه کڻڻ به هڪ فن آهي. ڊاڪٽر کيس چيو هو ته ماڻهو ان ڪري بيمار ٿين ٿا جو هنن جي ساهه کڻڻ جو طريقو غلط آهي. پوءِ ڊاڪٽر پاڻ هڪ ڊگھو ساهه کڻي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ساهه روڪي هڪ ٻه ٽي چار ڳڻي ساهه ٻاهر ڪڍيو هو ۽ کيس تاڪيد ڪئي هيائين ته هوءَ ان انداز سان ساهه کڻي، جيئن دماغ تائين صحيح مقدار ۾ آڪسيجن پهچي سگهي. هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته هوءَ ڊاڪٽر جي ٻڌايل طريقي مطابق ساهه کڻي سگهي. پر کيس ان مشق ۾ ڪا خاطر خواهه ڪاميابي نه ٿي سگهي. سندس ساهه سهميل، منجهيل ۽ گهٽيل ئي رهيا. ان کانپوءَ هوءَ ماڻهن جي ساهه کڻڻ جي طريقن کي نوٽ ڪرڻ لڳي هئي، ڪن جا ساهه جهڪا جهيڻا هئا، ڪي ڊنل انداز ۾ ساهه کڻي رهيا هئا. ڪي ته فقط نالي ماتر ساهه کڻي رهيا هئا. رات جو به سندس ساهه ننڊ ۾ منجهندو هو. جنهن جي ڪري بار بار سندس اکي کلي ويندي هئي. پوءَ هوءَ ان نتيجي تي پهتي ته اڄ جو انسان سک سان ساهه نه ٿو کڻي سگهي. ساهن ۾ ڀريل خوف، بي يقيني ۽ انديشا کين بيمار ڪري وجهن ٿا. کين هر وقت ڪجهه وڃائجي وڃڻ جو خوف آهي. اهي سندن جسم جا عضوا هجن يا محنت سان گڏ ڪيل قيمتي شيون...
هاڻ هوءَ ڪجهه بهتر محسوس ڪري ٿي. واقعي گهمڻ سان انسان جي صحت تي مثبت اثر پوي ٿو.
هو ڊپريشن جي ڪيفيت مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي. هوءَ ذهن ۾ سوچن کي اچڻ کان روڪي ٿي. ڪجهه دير ته بنان سوچڻ جي هلندي رهي ٿي. پر وري هڪ بي چين ڪندڙ سوال سندس ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳي ٿو.
آخر هوءَ عام ماڻهن جيان زندگي ڇو نه ٿي گذاري سگهي؟ اها زندگي جيڪا ماڻهو سوچڻ بنان گذاري ڇڏيندا آهن. مطمئن ۽ خوش رهندا آهن، جي گهڻا خوش نه به کڻي هجن پر پوءِ به ڪنهن حد تائين مطمئن هوندا آهن. ڇو ته هو بنا محسوس ڪرڻ جي زندگي گذاريندا آهن. شايد ذهني و جذباتي گهرجن جا ڪاٿا اسان کي پنهنجي ذات ۾ ويڳاڻو بڻائي ڇڏين ٿا. زندگي ته خوش رهڻ ۽ جيئڻ لاءِ آهي.
هڪ اڌڙوٽ عمر جو شخص، پنهنجي پندرهن سالن جي ايبنارمل ڌيءَ سان هوريان هلندي سندس ڀرسان لنگهي وڃي ٿو. تڏهن کيس احساس ٿئي ٿو ته، هن هلڻ جي رفتار ڪيتري نه گهٽ آهي.
هوءَ نه ڄاڻ ته ڇو ڇرڪي ان ايبنارمل ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسي ٿي. ڇوڪريءَ جو پيءُ اداس ۽ خاموش آهي، هميشه جيان...
هو شايد سوچيندو هوندو ته هن کانپوءِ ڪير سندس ڌيءَ جو خيال رکندو؟ ڪير کيس ڪلب وٺي ايندو! اها ڇوڪري اڄ ڪجهه بهتر ٿي ڏسجي. اڄ سندس زال نه آئي آهي، ٻئي زال مڙس پاڻ ۾ سئوٽ هوندا.
خاندان ۾ شادين ڪري اڪثر معذور ٻار پيدا ٿيندا آهن. ڇو ته هتي گهڻن خاندانن ۾ ٻاهر شاديءَ کي عيب سمجهيو ويندو آهي. ذاتيون ته انسان جي سڃاڻپ لاءِ آهن نه ڪي ٻين کي ڪمتر سمجهڻ لاءِ.
موبائيل جي رنگ وڄي ٿي. نمبر ڏسي نفرت جا آثار سندس چهري تي لهي اچن ٿا. ڪالهه رات وارو جهيڙو ياد ٿو اچيس.
فيضان جا نفرت ڀريا جملا ياد ڪري اداس ٿي وڃي ٿي.
فون کي Silent تي رکي ٿي ڇڏي. مان فيضان سان گڏ هاڻ وڌيڪ نه رهندس. مان اڄ ئي کيس پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪندس. هو ڀلي ٻار مون کان کسي وٺي. عورت ٻارن جي خاطر ئي ته هر ظلم برداشت ڪندي آهي. سمجهوتو ڪري هوءَ جيئڻ بدران مرڻ لڳي ته اهڙي زندگيءَ جو ڇا فائدو! مان ٻارن کان بغير زندگي گذاري ڇڏيندس...
اڪيلي سڪون سان رهندس. آخر منهنجي به ڪا عزت آهي. مان به هڪ انسان آهيان. نه مان فقط هڪ عورت آهيان. يا شايد نه مان هڪ زال آهيان، زال بڻجي عورت کي پنهنجي حيثيت جو اندازو ٿو ٿئي. ڪئين هڪ مرد مسلسل هن جي ذات جي نفي ڪندو ٿو رهي.
هن جي عزت نفس کي مجروح ڪندو ٿو رهي. هن جي هر عمل تي نظر رکي ٿو. هن جي اکين جو تعاقب ڪندو ٿو رهي. Over possessive مرد ڪڏهن به سٺا مڙس ثابت نه ٿيندا آهن. هو ته مون کي ڪلب به نه پيو ڇڏي نه ئي هن وٽ ايترو وقت هو جو کيس ڪلب وٺي اچي ها. پوءِ هڪ ڊگهي بحث مباحثي کانپوءِ کيس ڪلب اچڻ جي اجازت ملي هئي.
يقين انسان کي ڪڏهن به ناهي ڀٽڪائيندو، کيس شڪ غلط رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي.
اها محبت جنهن ۾ ويساهه هجي، انسان کي پنهنجي ذات ۾ مضبوط بڻائيندي آهي، ويساهه هڪ خود اعتمادي آهي.
هڪ آئيني مثل آهي، جنهن ۾ انسان کي ڏنل ويساهه جو عڪس چٽو نظر اچي ٿو.
ويساهه جو مان رکڻو پوندو آهي....
شڪ بي يقيني آهي...
بي يقيني انسان کي ڀٽڪائيندي آهي. پرفيوم جي تيز خوشبو سندس ساهن ۾ ڀرجي وئي. سامهون سٺ سالن جو شخص متوالي، چال سان وڃي رهيو آهي. اڪثر شوخ رنگن جون ٽي شرٽس پاتل هونديون اٿس.
خضاب لڳل ڪارن وارن کي ڏسي هوءَ سوچي ٿي، هن قداور شخص ۾ ڪيڏي نه زندگي آهي. ڪڏهن پيو سوئمنگ ڪندو ته ڪڏهن بيڊمنٽن پيو کيڏندو، ٻه ٻار هر وقت گڏ هوندا اٿس. جاگنگ ٽريڪ تي انهن سان ڪچهري ڪندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هلندو آهي.
اڄ ٻار نه آيا اٿس. شايد امتحانن ۾ مصروف هوندا. اڄ هي پاڻ کي آزاد محسوس ڪري رهيو آهي. تڏهن ويجهو کان گذرندڙ هر عورت کي ٽيڏي اک سان ڏسندو پيو هلي.
هي معاشرو ٽيڏي اکين وارن ماڻهن جو معاشرو آهي. پر ائين ڪنهن کي ڏسڻ ڪيڏو عجيب لڳي ٿو.
ڇو عجيب لڳي ٿو. هر ماڻهوءَ جو حق آهي ته هو ٻئي کي جيئن وڻي تيئن ڏسي.
پر اهو حق فقط مردن لاءِ مخصوص آهي، عورتن کي نظرون جهڪائي هلڻ گهرجي. پر عورتون به انسان آهن، انهن کي به ڪو چهرو يا ڪنهن جو انداز متاثر ڪري سگهي ٿو.
توبه توبهه مان ڇا پئي سوچيان. کيس محسوس ٿيو ڄڻ اخلاقي قدرن جا ماهر کيس پٿر اُلاري رهيا هجن.
هوءَ پنهنجي سوچن کان خوفزده ٿي وڃي ٿي.
مان اڄ فيضان کي ٻڌائيندس ته مان طلاق چاهيان ٿي.
تڏهن اهي لفظ ٻڌي هن جو چهرو ڪيڏو نه لهي ويندو.
شايد انا جو بت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پويس. مان هن جي چهري تي غرور بدران بي وسي ڏسڻ چاهيان ٿي. مان کيس ٺڪرائي اهو ثابت ڪندس ته هن جو وجود مون لاءِ نه هئڻ برابر آهي. مرد پنهنجي مردانگي جي ٽيڪ تي عورت جي نازڪ احساس جو مذاق اڏائي ٿو. پر هاڻ مان پاڻ سان وڌيڪ مذاق ٿيڻ نه ڏيندس. مان اهو ثابت ڪندس ته مان هڪ انسان آهيان، عورت ٿيس ته ڇا ٿيو. رڳو زال ٿورئي آهيان، مان هڪ ماءُ به ته آهيان.
نه مان فقط مسز فيضان آهيان.
منهنجو ڪوبه نالو نه آهي. منهنجي سڃاڻپ فيضان آهي. پر هاڻ مان پنهنجي نالي جي زور تي جيئڻ ٿي چاهيان.
مان رخسانه اعواڻ.
اها ئي ساڳي ٻارهن سال اڳ واري رخسانه...
ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيندڙ زندگيءَ سان ڀرپور...
جڏهن هو منهنجي ڳالهه نه ٿو سمجهي ته. پوءِ گڏ رهڻ جو ڪهڙو فائدو...
فيضان جي مون کي طلاق نه ڏيندو ته مان ڪورٽ ۾ هلي ويندس...
ثنا هن جي ڀرسان لنگهندي سلام ڪري ٿي. هوءَ نه چاهيندي به سلام جو جواب ڏئي ٿي.
”خير ته آهي، اداس ٿي ڏسجين؟“ ثنا هن سان گڏ هلڻ لڳي ٿي.
”بس ڪجهه طبعيت ٺيڪ نه اٿم.“ رخسانه هيڻي لهجي ۾ وراڻيو.
ثنا دنيا جهان جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي. توبهه هن عورت کي ڳالهائڻ جو ڪيترو نه شوق آهي. سندس ڳالهين ۾ رڳو سو فيصد پنهنجي، ٻارن ۽ مڙس جي تعريف هوندي اٿس. شايد ڪجهه ماڻهو دنيا ۾ فقط ”مان“ ”مان“ ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. کيس ثنا کان وحشت ٿيندي آهي. اهي ماڻهو ذات جي محبت ۾ مبتلا هوندا آهن. پاڻ کان سواءِ کين ٻيو ڪوبه نظر نه ايندو آهي. پنهنجي سوچ هروڀرو پيا ٻين تي مڙهيندا.
اهڙا ماڻهو هڪ ڏينهن اڪيلا رهجي ويندا آهن.
ثنا جي ڳالهين جو جواب هان هون ۾ ڏيندي هوءَ ڄاڻي واڻي رفتار گهٽائي ٿي. ثنا هن کان اڳتي نڪري وڃي ٿي.
ثنا جو مڙس، ڪئين رهندو هوندو هن سان. اهڙين عورتن سان مرد به سڌا هوندا آهن. زبان جو پٽو مڙسن جي ڳچين ۾ ٻڌي جتي ڪٿي کين گهلينديون وتنديون آهن.
سندس هٿ ۾ جهليل موبائيل وڳي ٿي، فون تي سندس سس روئي رهي آهي.
”رخسانه جلدي پهچ فيضان کي دل جو دورو پيو آهي، مان کيس طبه اسپتال کڻائي وڃي رهي آهيان. تون به اتي پهچ جلدي.“
رخسانه کي لڳو زمين گول گول ڦري رهي آهي، چنڊ کي باهه لڳي وئي هجي، هوائن جا سر نوحن ۾ بدلجي ويا. ساوڪ جو رنگ ڪارو ٿي ويو. زندگيءَ جي خوشبو مرجهائجي وئي. هوءَ ڊوڙندي گاڏيءَ ڏانهن آئي. ڊرائيور به گاڏيءَ جي ڀرسان بيٺو آهي.
کيس پريشان ڏسي گهٻرائجي ويو. ”علي محمد جلدي ڪر، طبه اسپتال پهچ، صاحب کي.“
سڏڪن ۾ سندس جملو اڌورو رهجي ويو. ڊرائيور جلدي سان دروازو کولي ٿو. هوءَ اندر ويهي منهن تي هٿ رکي ٿي. سڏڪن کي روڪڻ لاءِ.
گاڏي تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳي ٿي.
هاڻ هفتو اڳ منهنجي سالگرهه تي فيضان ڪيترو نه خوش هو. پهريون ڀيروهن ايڏي شان سان سالگرهه ملهائي هئي. کيس تحفي ۾ قيمتي واچ ڏني هئي. ڪينڊل ڊنر تي وٺي ويو هو. ڪي رومينٽڪ جملا به چيا هئائين. هوءَ ذهن تي زور ڏيڻ لڳي. جملا کيس ياد نه آيا.
جهيڙي ۾ چيل فيضان جي هر هڪ ڳالهه کيس زباني ياد هئي پر پيار جو ڪوبه ٻول کيس ياد نه هو. زندگي ڪيتري نه مختصر آهي. انسان کي اهو احساس ئي نه ٿو ٿئي.
محبت جي سونهن ۽ مٺاس کي محسوس ڪرڻ بنا مري وڃون ٿا.
سوچ جي ٻٽي معيار ۾ڪٿي ڦاسي پئون ٿا.
ڪاش پنهنجي ذهن جي قيدخانن مان ٻاهر نڪري رشتن جي سونهن کي محسوس ڪري سگهون. ان کان اڳ جو وقت گذري وڃي.
رخسانه جي ڳلن تي ڳوڙها ترڪڻ لڳا.
الله سائين فيضان کي وڏي زندگي ڏجانءِ. هن کي پنهنجي خاندان جي انهن بيواهه عورتن جا چهرا ياد اچي ويا، جيڪي تنها گهر ۽ ٻارن جون ذميواريون کڻي شگر، هاءِ بلڊ پريشر۽ دل جون مريضائون بڻجي زندگيءَ جو ڳرو گاڏو بي ستي وجود سان گهلي رهيون آهن.
مان فيضان سان ڪڏهن به نه وڙهندس. ڀلي هو ماءُ جون تعريفون ڪري يا ڇوڪرين سان پيو فون تي ڪچهريون ڪري.
مان هن جي ڪاوڙ کي به نظرانداز ڪري ڇڏيندس، مان بنا محسوس ڪرڻ جي زندگي گذاري ڇڏيندس. هو دل ئي دل ۾ آيتن جو ورد ڪرڻ ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳي.
گاڏي اسپتال جي حدن ۾ داخل ٿي چڪي آهي،کيس محسوس ٿئي ٿو، پلنگ جو هڪ حصو خالي ٿي ويوهجي ڄڻ ته...!!!