خوف
”امان....!!!“ هن خوف مان رڙ ڪئي، هو سڄو ڏڪي رهيو هو. هن جي دل سيني ۾ گهائل پنڇيءَ جيان ڦٿڪڻ لڳي. نرڙ تي پگهر لار ڪري وهڻ لڳو. ماءُ ڊوڙندي ڪمري ۾ داخل ٿي، هو صوفي تي جهڪي، سهڪي رهيو هو. زاهدان سڌو ڪري کيس ڌانڌولا ڏنا.
”ڪريم... ڪريم...“
”جي...!!!“ ڪريم جون اکيون ڳاڙهيون ۽ خوف وچان ڦاٽل هيون. ماءُ جلدي سان پاڻي آڻي ڏنس. پاڻي پيئڻ کانپوءِ ڪجهه سامت ۾ آيو.
هو ننڍپڻ کان جهازن کان خوف کائيندو هو. جيئن جهاز جو آواز ٻڌندو هو، ڊوڙندو اچي صوفي جي پٺيان يا ڪڏهن پلنگ هيٺان لڪي ويندو هو. ماءُ گهر ۾ ڪٿي به هوندي هئي، ڊوڙندي اچي کيس مٿي کڻندي هئي. ڪجهه دير ۾ هو ٺيڪ ٿي ويندو هو. هاڻ به ماءُ جي مهربان ڇهاءُ کانپوءِ پاڻ کي ڪجهه بهتر محسوس ڪري رهيو هو. جهاز جو خوف ذهن جي ڪنڊ ۾ ويهي رهيس. ٻالڪپڻي کان جواني تائين ان ڊپ سندس راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. نوڪري به اهڙي مليس جو جهازن ۾ اڪثر سفر ڪرڻو پوندو هيس. ان خوف کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سائيڪالوجسٽ کان علاج ڪرائڻ لڳو. ڊاڪٽر فهميده کي به ان خوف جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو.
هو ننڍپڻ کان جهازن کان خوف کائيندو هو. ڳالهه رڳو ايتري هئي جو ننڍپڻ ۾ سندس ماءُ ڏٺو ته هو جهازن کان ڊڄي ٿو ته جڏهن به هو کيس تنگ ڪندو هو. يا پڙهائي ۾ دلچسپي نه هوندي هيس ته کيس ڊيڄارڻ لاءِ چوندي هئي ته ”اچئي ٿو جهاز“ ۽ هو ڊڄي ڪتاب کڻي ويهندو هو.
وقت گذرڻ سان اهو خوف هن جي ذهن ۾ پختو ٿي ويو. ان ڪمزوري سبب هن کي سندس سمورا هم عمر چيڙائڻ لڳا. وقت گذرڻ سان گڏ سندس ماءُ محسوس ڪيو ته اهو ڊپ ڪريم جي ذات ۾ هڪ عجيب قسم جي ڀڃ ڊاهه پيدا پيو ڪري. ان ڪيفيت ۾ هو گم صم ۽ پريشان رهڻ لڳو هو. ننڍپڻ جا ڏينهن هڪ عجيب قسم جي اداسيءَ ۾ ويڙهجي ويا. زاهدان کيس پيرن فقيرن تي به وٺي وئي. ڪيترائي ڇنڊا ڦيڻا رکرايائنس، گهڻن ڪشالن ۽ نظرن وڍرائڻ بعد به اهو خوف ڪريم جي دل مان نه نڪري سگهيو.
هو اڪثر رات به جهاز جهاز چئي رڙيون ڪري جاڳي پوي ٿو. وقت سان گڏ اهو خوف پختو ٿيندو رهيو.
”ان خوف کي Acrophobia چوندا آهن.“ فهميده کيس معلومات ڏيندي چيو. هو خاموشيءَ سان کيس ٻڌي رهيو هو.
”ان خوف ۾ سڄي دنيا جا اڪثر ماڻهو مبتلا آهن، آمريڪي ته خاص طور تي. 11 سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ جهازن ۾ چڙهڻ کان خوف کائين ٿا ۽ سندن نفسياتي علاج هلي ٿو.“
ان وقت اهو ٻڌي ٿورو بهتر محسوس ڪرڻ لڳو ته ان ذهني عارضي ۾ مبتلا هو اڪيلو ماڻهو نه آهي،
”خوف زندگيءَ جي حقيقت آهي. ڪريم، هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شيءَ کان ڊڄي ٿو، ڪي ماڻهو خوف کي ظاهر نه ٿا ڪن، ڪي ماڻهو ان ڊپ تي ڪوشش سان قابو پائين ٿا.“
”پر مون کي نه ٿو لڳي ته ڪو مان ان خوف مان ٻاهر نڪري سگهندس.“ هو مايوسي سان چوي ٿو.
”نه مايوس نه ٿي اڃان ڪافي سيشنز هلندا. تڪڙو نتيجو نه ٿو ملي سگهي. ڪابه ذهني ڪيفيت مستقل نه ٿي رهي، اڄ لاءِ ايترو ڪافي آهي، وڌيڪ ٻئي سيشن ۾ ان معاملي تي گفتگو ڪنداسين.“
فهميده مرڪي چيو ته هو ٻاهر نڪري آيو. ان شام جڏهن هو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هو ته جهاز جو تيز آواز ٻڌي خوفزده ٿي ويو. ماءُ بورچي خاني ۾ هن لاءِ چانهن ٺاهي رهي هئي. پر هن اڄ ايترو خوف نه محسوس ڪيو، جيڪو سدائين جهاز جو ڪڙڪو ٻڌي ٿيندو هيس. ماءُ ڊوڙندي ڪمري ۾ آئي پر هو نارمل ويٺو هو. ماءُ دل ۾ اطمينان لهندي محسوس ڪيو.
گهڻا ڏينهن اڳ يونيورسٽيءَ ۾ دوستن جي سامهون جهاز کان ڊنو هو. سندس سمورا دوست پريشان ٿي ويا. پر پوءِ جڏهن هو نارمل ٿيو ته سندس مذاق اڏائڻ لڳا. سندس ويجهي دوست سمن کل ۾ ٻيڻي ٿي وئي ته ڪريم جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
ڪاوڙ مان اٿي گهر جو رخ ڪيائين، سمن پويان سڏيندي رهجي وئي. چار پنج ڏينهن يونيورسٽي نه ويو. سمن کيس موبائيل تي ڪيترا ميسيج ڪيا، پر هن جي ڪاوڙ جهڪي نه ٿي. ماڻهن کي شل نه ڪنهن جي ڪمزوري جي خبر پوي پوءِ ان کي ذهني عذاب ڏيندا رهندا. کل ڀوڳ، مذاق ۽ چرچن جي صورت ۾.
هن اذيت پسند دنيا ۾ جيئڻ ڪيترو نه مشڪل آهي. ماڻهو جنهن تڪليف جي ڪُن ۾ پيو ڦري ان عذاب کي ٻيو ڪوئي نه ٿو سمجهي سگهي. سمجهي فقط اهو ماڻهو سگهي ٿو، جنهن کي ساڳيو تجربو ٿيو هجي.
يونيورسٽي واپس ويو ته ڪيترين منٿن ميڙن ۽ معافين بعد هن سمن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
سمن کيس وڻندي هئي، انڪري هن دوستي کي دائمي رشتي ۾ بدلائي ڇڏيو. شادي کانپوءِ شروعاتي ڏينهن ۾ هو ان خوف کي وساري ويٺو، پر خوابن جو سحر ختم ٿيندي ئي زندگيءَ جي يڪسانيت موٽي ته مسئلي جي شدت به ٻيهر اڀري آئي. سمن ماءُ جي گهر ويل هئي. اڄڪلهه گهر ۾ خاموشي وڌيڪ محسوس ڪري ٿو. ماءُ چانهن کڻي آئي ته چانهن جي گرم ڍڪ سان هن حواسن کي جاڳندي محسوس ڪيو. ان ڪيفيت ۾ هو جڏهن به گرم چانهن جو ڍڪ ڀريندو هو ته هو تازگي جو احساس، دوستن جي قرب کان وڌيڪ پنهنجو لڳندو هيس.
تڏهن ته ذهني پيڙا جو شڪار ماڻهو اڪثر نشي جي عادت ۾مبتلا ٿي وڃن ٿا. نشو کين سهارن کان وڌيڪ پرڪشش لڳي ٿو. فهميده کيس سائيڪاٽرسٽ ڏانهن به موڪليو هو. هن کيس ذهني سڪون ۽ ننڊ آڻڻ واريون دوائون ڏنيون هيون. انهن دوائن جي واپرائڻ بعد هو پاڻ کي ڪجهه بهتر محسوس ڪرڻ لڳو هو. جهاز گذرندو هو ته هاڻ خوف ظاهر نه ڪندو هو. پر فهميده چيو هيس ته اهي دوائون گهڻي عرصي لاءِ استعمال ڪرڻ سان صحت جا ٻيا مسئلا پيدا ٿي پون ٿا. هن لاءِ ڪائونسلنگ وڌيڪ بهتر آهي.
اهو فهميده سان هن جو چوٿون سيشن هو، خوف ۾ ڪجهه ڪمي ٿي هيس، فهميده کيس چيو ،
”ذهن ۾ ڪوبه مضبوط تصور جيڪڏهن پختو ٿي ويندو ته اهو سچ ٿي سگهي ٿو، حادثا زندگيءَ ۾ اسان پاڻ کڻي ايندا آهيون. تون ڪا مثبت ڳالهه سوچ جنهن جي ٿيڻ سان تنهنجي زندگي ۾ خوشگوار تبديلي اچي سگهي.“
اڄ ڳاڙهن ڪپڙن ۾ فهميده، حسين لڳي رهي هئي. اڌ بيماري ته سندس سونهن پسي غائب ٿي وڃي ٿي. فهميده ۽ هن جي وچ ۾ شيشي جي ديوار آهي، جنهن جي دريءَ مان هو جواب ڏيندو آهي، ان جو سبب فهميده کيس اهو ٻڌايو هو ته هڪ نشي جي عادي ذهني مريض هن تي حملو ڪري ڏنو هو. ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي، سائيڪلوجسٽ جو، خاموشي سان مسئلا ٻڌڻ ۽ ذهني مونجهارن جو حل ڳولهي ڏيڻ، هو سوچيندو رهيو مستقل.
”ڇا ٿا سوچيو؟“ فهميده پڇيو.
”منهنجو سوچون منتشر آهن، اڄ الائي ڇو؟“
”مان توکي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيان ته منفي سوچ جيڪا ذهن ۾ پختي ٿئي ٿي، اها هڪ ڏينهن حقيقت ۾ بدلجي وڃي ٿي، پوءِ بهتر نه آهي ته سٺا تصور ۽ خواب ذهن ۾ آڻي انهن کي پختو ڪجي.“
”جي توهان بلڪل ٺيڪ ٿا چئو، پر مان جهاز ۾ چڙهي نه ٿو سگهان. هفتي کانپوءِ منهنجي ميٽنگ آهي. اسلام آباد ۾.سوچي سوچي چريو ٿي پيو آهيان، اڪثر جهاز جي ڪريش ٿيڻ جا خيال اچن ٿا.“ هن بي وسيءَ مان وراڻيو.
”هون!“
فهميده گهري سوچ ۾ هئي.
”ٻئي دفعي سمن کي گڏ وٺي اچجان. مون کي هن کان ڪجهه سوال ڪرڻا آهن.“ فهميده چيو.
”جي بهتر مان کيس وٺي ايندس.“
گاڏي ڊرائيو ڪندي ٻيهر سوچڻ لڳو. سمن جيڪا ڪلهه تائين هن جي ڪيفيت تي کلندي هئي، اڄ هن جي زندگي جي همسفر بڻجي کيس هر مسئلي ۾ ساٿ ڏئي ٿي. هن جي زندگي ۾ سڀ ڪجهه آهي، سٺي نوڪري ۽ پيار ڪرڻ واري زال. سمن کي به نوڪري ملي آهي. اڃا ڇا گهرجي زندگي ۾. سندس نوڪري جي خراب ڳالهه اها آهي ته کيس ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جهاز ذريعي سفر ڪرڻو پوي ٿو. هاڻ مٿئين مهيني ۾ آفيس طرفان جرمني ويندو، ڊگهي سفر جو سوچي ساهه بند ٿيڻ ٿو لڳيس.
جيڪڏهن امان ننڍپڻ ۾ جهاز جو ڀو نه ڏئي ها ته هو به ٻين ماڻهن وانگر نارمل هجي ها! نه ان ۾ امان جو ڪوبه ڏوهه ناهي. هر ماءُ ڀو ڏئي ٿي پر سڀ ٻار هن جهڙا ڊڄڻا ته نه ٿا ٿين.
پيءِ جيئرو هجي ها ته شايد ايڏو ڊڄڻو نه هجان ها! پر مامن به ڪيترو نه پيار ڏنو. پيءَ جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏنائون. ڪنهن به مسئلي جا ڪيترا نه جواز ٿين ٿا، ان جو سبب ٻين جي ذمي ڪري اسان پنهنجي ذميواري کان ڪئين آجا ٿيڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. ڪڏهن مسئلا بنا سبب به ٿين ٿا، هو پاڻ سان مستقل ڳالهائيندو رهي ٿو. ڪڏهن پاڻ کي سمجهائڻ لڳي ٿو.
ڪيترا ماڻهو روشني کان خوف کائين ٿا ۽ ڪي اوندهه ۾ رهي نه ٿا سگهن، پر اهي پنهنجا خوف ظاهر نه ٿا ڪن.
ميڊيم فهميده چوي ٿي ته منهنجو مسئلو ماحول کان وڌيڪ موروثي آهي. بابو به وهمي ۽ ڊڄڻو هو. هڪ نسل جون بيماريون ۽ خوف ٻيءَ نسل کي ڀوڳڻا پون ٿا.
آخر ڇو ائين ٿئي ٿو؟؟؟ جيءَ کي جهرندي محسوس ڪيائين. گهر ۾ داخل ٿي گاڏي پورچ ۾ بيهاري ٿڪل قدمن سان اندر داخل ٿيو. سمن هن جو انتظار ڪري رهي هئي. ماءُ دروازي تي مليس، ”ابا اڄ دير ڪيئي؟“ ماءُ جي اکين ۾ پريشاني هئي.
”ها امڙ اڄ ٽريفڪ ۾ گاڏي ڦاسي پئي، انڪري دير ٿي وئي.“ آواز ۾ ٿڪ هيس.
رات جو سمن ۽ هو ٻاهر ڊنر ڪرڻ لاءِ نڪتا. اڄ ڪريم خوشگوار موڊ ۾ هو. سمن جي چهري تي به مرڪ اچي وئي. دير سان گهر موٽيا. هو به ٿڪل هو، اچڻ سان سمهي رهيو. رات جو گهري ننڊ مان ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيو، سمن به گهٻرائجي ويهي رهي. هن جي رڙ تي اک کليس.
”ڇا ٿيو ڪريم تون ٺيڪ ته آهين نه؟“ سمن جي لهجي ۾ پريشاني هئي. ڪريم جا ساهه بي ترتيب ۽ اکيون خوف سبب ڦاٽل هيون.“
”خواب ۾ ڏٺو اٿم ته جنهن جهاز ۾ سفر ڪيان پيو اهو ڪريش ٿي ويو. منهنجو جسم پرزا پرزا ٿي وکري ويو. اوهه خدا! مون کي بچاءِ مان اهڙي ڀوائتي موت مرڻ نه ٿو چاهيان“. گهري اذيت ۾ رڙيون ڪري رهيو هو.
سمن کيس آٿت ڏيندي روئي پئي. هوءَ به ڪريم جي خوف جي ڪيفيت محسوس ڪري جهري پوي ٿي.
ان خواب کانپوءِ هو بدلجي ويو. وڌيڪ خاموش رهڻ لڳو. سوچي سوچي آخر ان نتيجي تي پهتو ته هو اها نوڪري ڇڏي ڏيئي. سمن سان ڳالهه ڪيائين ته هوءَ خاموش ٿي وئي.
ايڏي سٺي نوڪري ۽ پگهار ڪير چريو ئي ڇڏي سگهي ٿو.دل ۾ سوچڻ لڳي. سيشن لاءِ فهميده وٽ ويو ته هن به سمجهائي اها ڳالهه ذهن مان ڪڍڻ لاءِ چيس، قائل ٿي واپس موٽيو. ڪجهه دفعا وڌيڪ فهميده کي وزٽ ڪرڻ بعد بهتر محسوس ڪرڻ لڳو. جهازن ڪرڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنائين. آسمان تي جهاز زوزٽ ڪري لنگهندو هو، ته حالت خراب نه ٿيندي هيس. جرمني مان به ٿي آيو ته ڪٿي ذرو به خوف نه محسوس ڪيائين. ڏاڍو حيران ٿيو. پوءِ ٻئي زال مڙس سائيڪولوجسٽ کي ڪيڪ به ڏئي آيا. ان کانپوءِ زندگي نارمل ٿي وئي.
خوف دائمي ڪيفيت نه آهي، خوف فريب آهي، محض ذهن جي ڪيفيت آهي. ڪيفيت ڪنهن وقت به بدلجي سگهي ٿي. ڏک ۽ خوشي به فريب آهن. ماڻهو فريب کائي خوشي محسوس ڪري ٿو، نه ته هو رڳو مسئلا ڇو سوچي! ٽي سال ڄڻ ٽي پل هيا. هاڻ سندن گهر جو اڱڻ ٻن ٻارن جي مٺڙن ٻولن سان گونجڻ لڳو. زندگي پرسڪون ۽ مطمئن هئي. محبت جي ٿڌي ڇانوري ۾ وقت گذرڻ لڳو.
ڪڏهن دل چوندي هيس ته ميڊم فهميده سان ملي اچي. وڃي سندس ٿورا مڃي، جنهن هن کي خوف جي ڪُن مان ٻاهر ڪڍيو.
نفسياتي ماهر فهميده اڄ به ڪلينڪ ۾ مريضن جا ذهني مونجهارا حل ڪري ٿي. کيس پنهنجا ڪجهه مريض سدائين ياد رهن ٿا. انهن ۾ ڪريم به شامل آهي. ڪريم الاءِ ڪٿي هوندو. ڪيئن هوندو. ذهن ۾ ڪريم جو پريشان چهرو ڦرڻ لڳس. باقي آخري مريض وڃي بچيو آهي.
سمن اندر داخل ٿي، هوءَ ٿڪل ۽ پريشان لڳي رهي هئي، ڪرسي تي ويهڻ سان روئڻ لڳي. فهميده سندس حالت ڏسي پريشان ٿي وئي.
”ڇا ٿيو؟ خير ته آهي نه؟ ڪريم ڪٿي آهي؟ فهميده هڪ ساهيءَ ۾ گهڻا سوال ڪري وئي. سمن تمام گهڻي ڏکويل هئي. ڪوشش جي باوجود به هڪ لفظ نه ڳالهائي سگهي.سسڪين ۽ آهُن ۾ فقط ايترو چئي سگهي.
”ميڊم مهينو اڳ ڪريم جو جهاز ڪريش ٿي ويو هو، هو دنيا ۾ ناهي رهيو، پنهنجي خوف جو کاڄ بڻجي ويو.“
فهميده حيرت ۽ سڪتي ۾ سمن کي تڪڻ لڳي!