ڪھاڻيون

خالي هنج جو ڏک

شبنم گل جو تخليقي ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. ڪهاڻي، ناول، ڪالم، شاعري ۽ ٻيون صنفون. هُنَ جنهن صنف ۾ به قلم کنيون آهي، سندس لکڻيون تخليقَ ۽ ڏاهپ جو حسين سنگم بڻجي سامهون آيون آهن.
شبنم گُل جون ڪهاڻيون ڏاڍيون موهيندڙ آهن. هوءَ زندگيءَ ۽ سماج جي بظاهر ننڍڙن موضوعن کي اهڙو ته حسناڪ انداز ۾ ورتائي ٿي جو اُهي ڪهاڻيون مَنَ ۾ پيهي وڃن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردارَ به اسان جي ئي آس پاس مان چونڊيل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3550
  • 818
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خالي هنج جو ڏک

ٻوراني

ٻوراني وارو!
ٻاهر هوڪو ٻڌڻ ۾ آيو. ڪاٺ جي ڄارين مان ٻاهر ڏٺم ته پنهل گڏهه تي سوار سنڌ جي فطري مٺائي کڻي اسان جي گهر ڏانهن وڌي رهيو هو. ٻارن جو ميڙ گڏ هيس. سڀني کي ٻوراني ڏيندو پئسا وٺندو پئي ويو. ٻار هڪ هڪ ڪري ويندا رهيا ته دروازي جي سامهون اچي بيٺو.
”اچي ويو ٻوراني وارو...“
مون دروازو کوليو ته روشن مرڪ سميت پنهل بيٺو هو، ننڍي قد جو پيرسن ماڻهو هو. رنگ جو اڇو، چمڙي اُس ۾ گلابن جو ڏيک ڏيندي هئي، اکيون گهريون نيريون هيس. هيمنگوي جي لافاني ڪردار سنتياگو جهڙيون، ظاهري شڪل و صورت ۾ انگريز لڳندو هو.
”اچي ٽيهن رپين جي ٻوراني ڏي.“
مون پئسا ڏيندي کيس چيو ته خوشي خوشي ٻوراني تورڻ لڳو. ان زماني ۾ سو روپئي جي اهميت هئي. اڄ هزار به سو برابر وڃي ٿيو آهي. مون کي اها خبر هئي ته هو تمام گهڻو غريب آهي. گهڻو پري کان ميلن جا ميل لتاڙي سنڌي مٺائي کپائڻ ايندو آهي. ڪڏهن بهه، لوڙهه، پٻڻ ۽ ساوا ڦوٽا به آڻيندو هو. اخبار ۾ ٻوراني رکي مون ڏانهن وڌائيندي مرڪندو هليو ويو.
ٻوراني مزيدار هئي، اندر هلي آيس، امان کي مٺائي نه وڻندي هئي.
مان پاڻ به کائيندي هيس ۽ پاڙي جي ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيندي هيس. ان زماني ۾ اسان مڪلي تي رهندا هئاسين. اسان جي گهر جي سامهون ليڊي ڊاڪٽر ۽ ان کانپوءِ سول سرجن جو بنگلو هو. اسان جي گهر جي پٺيان، اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جا گهر هئا. هڪ ننڍڙي ۽ پرسڪون ڪالوني هئي. مڪلي ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. گرمي جي ڏينهن ۾ به آسمان تي بادل ڊوڙ پڄائيندي نظر ايندا هئا.
هوائن جي گهوگهٽن ۾ ماضيءَ جا نوحا فضائن مان ٻڌڻ ۾ ايندا هيا. انگريزن جي زماني جو ٺهيل گهر هو، هڪ ڪمري ۾ آتشدان هو. ورانڊي ۾ ڪاٺ جي ڄارين واريون دريون ۽ دروازو گهر کي خوبصورت ۽ قديم حسن عطا ڪندا هئا. ورانڊي مان ٻاهريون منظر صاف نظر ايندو هو. سامهون لڳل وڻ، نيرو آسمان ۽ ان تي اڇا اجرا بادل پيا ترندا هئا. بادلن جي ڀرسان پکي پيا جهومندا هئا. هوائن جي لهرن تي.
”اڄ به ايتري ساري ٻوراني ورتي اٿئي.“
امان پڇيو.
”بچي پئيس ها. غريب ماڻهو آهي، دوا جا پئسا کٽي پونس ها.“ مون همدرديءَ مان چيو. سندس ماءُ بيمار هئي، هو ان جو علاج ڪرائيندو هو. جيڪڏهن هو ٻوراني جي جاءِ تي پيرون ۽ ٻير وڪڻي ها ته امان به شوق سان خريداري ڪري ها. پيرون فقط امان جي سرسبز ۽ سائي ڳوٺ ۾ پچندا هئا، ٻيرن لهڻ ۾ اڃان ڪجهه وقت باقي هو.
سنڌ جي ڍنڍن ۾ پن جو گاهه جام ٿئي ٿو. اهو گاهه وري سارياليءَ مند ۾ لاڙ وارن علائقن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. پن جو گاهه مکڙين وانگر ٻور جهليندو آهي، جنهن منجهه اٽي جهڙو پيلو ٻور ٿئي ٿو. اهو ٻور گڏ ڪري ان کي موڙين ۾ ٻاڦ تي اوٻاري ڳنڍا ٺاهيندا آهن.
پنهل به ڪينجهر جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو. هن جون اکيون ڌيان ڇڪائيندڙ هيون، جن ۾ خوشيءَ جا ڪرڻا رقص ڪندا هئا. هڪ غريب ماڻهو ايترو خوش ڪيئن ٿو ٿي سگهي! پنهل ۽ سندس گهر وارن جو ڪم هر وقت پاڻي سان رهندو هو. بهه، لوڙهه، پٻڻ يا ٻوراني جي ڪم ۾ گپ چڪ سان واسطو پوي ٿو، خاص طور تي پنهل سارو ڏينهن پن جو گاهه روڙڻ بعد انهيءَ کي خشڪ ٿيڻ لاءِ ڇانو ۾ رکندو هو.
هيمنگوي جو سنتياگو به پاڻيءَ سان پريت ۾ رڌل هو. هن جون اکيون سنتياگو جي اکين جيان خوابن سان ڀرپور آهن. سندس حوصلو به سنتياگو جهڙو آهي. سنتياگو روز مڇي مارڻ سمنڊ ۾ ويندو هو، نراش موٽي به رات جو ٻيهر سندس اکيون مڇي پڪڙڻ جا خواب اڻينديون هيون. هڪ دفعي پنجاسي ڏينهن سمنڊ ۾ اڃيو بکيو رهي، مارلن مڇي کي ڪناري تي پهچائڻ جي جدوجهد ۾ مصروف رهيو. پر سمنڊ جي خطرناڪ شارڪ مڇين مارلن جو ماس پٽڻ شروع ڪيو. ٻيڙيءَ سان ٻڌل مارلن جڏهن واپس ڪناري تي پهتي ته رڳو سندس هڏائون پڄرو وڃي بچيو هو.
هي به سڄو ڏينهن گپ چڪ ۾ ٿاڦوڙا هڻي بهه ۽ ٻوراني وغيره هٿ ڪري، پوءِ نٽهڻ اس ۾ گڏهه جي پٺي تي کڻي ميلن جا ميل سفر ڪري ٿو. آخر ۾ اسان جي گهر جو در کڙڪائيندو هو. پوءِ بچيل سچيل پٻڻ، لوڙهه يا ٻوراني مان وٺي ڇڏيندي هيس. ڏهين يا پندرهين ڏينهن ايندو هو. اهي مڪليءَ جا جوڀن ڏينهن هئا. گهر جي ڀرسان مڪليءَ جو تاريخي قبرستان هو.
چوندا آهن ته مڪلي ڪنهن پهتل عورت جو نالو هو.
مائي مڪلي....
سنڌي سنتياگو زندگيءَ جون مس پنجاهه بهارون ڏٺيون هونديون. پر لڳندو سٺ ورهين جو هو. ڏکن ۾ عمر جو ميڻ تيزيءَ سان رجي ٿو. پوءِ به هي ماڻهو هر وقت مرڪندو رهي ٿو. اڇي اجري زندگيءَ سان ڀرپور مرڪ اتساهه ورهائيندي هئي. هر وقت مرڪندڙ ماڻهوءَ جي روح ۾ گلاب ٽڙندا آهن.
درياهن جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهو روح ۾ به سرسبز ۽ ساوا ٿين ٿا. هو درياهن کان ڪيترا هنر سکن ٿا، درياهه پنهنجي اندر گهرائي رکي ٿو. وهڪري ۾ مستقل مزاج ٿئي ٿو. ورهائڻ جو ڏانءُ رکي ٿو. هر ميري شيءَ کي شفاف بڻائڻ ئي هڪ وڏو ڏانءُ آهي. پوءِ ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو به درياهه جهڙا ٿي پون ٿا. پنهل به درياهه جو دادلو ٻار آهي. درياهه زندگي ڏئي ٿو ته بيمار به ڪريو ڇڏي. هر وقت گپ چڪ ۾ ڦاٿل ماڻهو چمڙيءَ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. هڪ دفعي مهيني کانپوءِ آيو. ٻڌائڻ لڳو ته بيمار هو. هٿن ۽ ٻانهن تي ڪارا نشان هيس. جن کي رکي رکي کنهي رهيو هو. چهري تي تڪليف جا آثار هيس، اکيون ڏرا ڏئي ويون هيس، ڄڻ راتين جو اوجاڳا ڪندڙ ماڻهوءَ جون ٿڪل اکيون هجن، جن ۾ روح جا اولڙا به محسوس ٿين.
”هي ڇا ٿيو اٿئي؟“ مون همدردي مان پڇيو. ”آلي مٽيءَ ۾ سڄو ڏينهن ڪم ڪيون ٿا، اتي جيت جڻيا به جام ٿين ٿا، پوءِ خارش وٺيو وڃي...“
سادگيءَ سان وراڻيائين.
اڇي ململ ۾ ٻوراني ڏسي منهنجي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
”پٻڻ به آندي اٿئي.؟“
نه رڳو ٻوراني آهي، مايوس ٿي وراڻيائين، شايد ٻوراني به گهٽ هيس، فقط ويهن رپين جي. سو مان ٽيهه رپيا ڪٽي باقي رپيا مون کي واپس ڏيڻ لڳو.
”نه نه تون رکي ڇڏ، اهي پئسا.”
مون همدرديءَ مان چيو.
”ڇو رکان وڌيڪ پئسا!“ نرڙ تي گهنج پئجي ويس.
”علاج ڪرائجان پنهنجو، خرچي سمجهي رکي ڇڏ.“ مرڪي مون جواب ڏنو.
اهو ٻڌي چهري تي ڪاوڙ جون ريکائون تري آيس، اکين مان باهه جا الا وسڻ لڳس.
”غريب ضرور آهيان، پر اکين ۾ حياءَ باقي اٿم، محنت مزدوري ڪري مانيءَ ڳڀو کائيندو آهيان. ڪو پينو نه آهيان.“
ساهه ۾ ڪينجهر جي گهرائي جي اٿل هيس.
جيءُ جهري پيو هجيس ان سمي.
اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس، ڄڻ روح جو گلاب مرجهائجي ويو هجيس، پئسا هٿن مان ڪري پيس. گڏهه تي چڙهي اِٽَ جو هيائنس ته گڏهه به خوف وچان ڊوڙڻ لڳو.
”ٻوراني وارا!!!“ مون کيس سڏيو پر لڳو آواز ڄڻ خلائن ۾ گونجي رهيو هجي.
ان کانپوءِ وري ٻوراني وارو در تي نه آيو.
يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ بعد حيدرآباد ۾ رهڻ لڳس، جڏهن به گهر وڃڻ ٿيندو هو ته در کوليندي ئي امان کان پڇندي هيس.
”امان ٻوراني وارو آيو هوندو ؟“
امان ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي هئي، ته ناقابل بيان خلش جو ڪنڊو دل ۾ چڀندي محسوس ڪندي هيس. مون سندس دل ڏکايو هو. خود داري سندس ڪل ڪائنات هئي. انڪري ته خوش رهندو هو. ضمير تي ڪو بوجهه جو نه هوندو هيس.
ڄارين واري در جي پويان اڪثر سندس انتظارڪندي هيس.
ڪيترا سال گذري ويا، ۽ هو وري نظر نه آيو. لمحن جي پڇتاءُ سان گڏ هن جي نيرين اکين جو سمنڊ جهڙو اتساهه ياد رهجي ويو!