مور ٿو ٽِلي راڻا
حسان گاڏي روڪي ۽ بسمه تڪڙ ۾ هيٺ لهي عورتن جا فوٽو ڪڍڻ لڳي، پر هنن پنهنجا چهرا رئي جي پلئه سان ڍڪي ڇڏيا. بسمه مايوس ٿي گاڏي ۾ اچي ويٺي ته حسان جا ٽهڪ ٻڌي تهائين ڪاوڙجي وئي.
”بسمه توکي چيو هيم نه ته ٿر جون عورتون فوٽو ڪڍرائڻ پسند نه ڪنديون آهن.“
”حسان! هنن جو لباس ڪيڏو خوبصورت آهي، مون کي به هن دفعي مٺي مان اهڙي ڊريس وٺي ڏجان ۽ اهڙيون چوڙيون به.“ بسمه اُتساهه مان چيو.
”ها ها ڇو نه“ حسان گاڏي اسٽارٽ ڪندي مرڪي ڏنو.
ٿوري دير ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري آيا، هوا تهائين ٿڌي ٿي وئي. برسات کان اڳ گهلڻ واري هوا ڪيڏي نه نشيلي ٿئي ٿي ٿي. سموري وجود تي ڇانئجي وڃي ٿي. ڄڻ ته بادلن جي خوشبوءَ ۾ واسجي وڃي ٿي. ٿوري دير ۾ بارش پوڻ لڳي. روڊ ڪناري ويندڙ عورتون وڻ جي ڇٽيءَ هيٺ گڏ ٿي بيهي رهيون، بسمه ڏٺو ته ٻار خوشي وچان ڊوڙي رهيا هئا. هر چهري تي مرڪ هئي.
”اَڄ ٿر جو خوشقسمت ڏينهن آهي.“ حسان چيو.
”ها ڪافي عرصي کانپوءِ برسات پئي آهي نه، هي هن موسم جو چوٿون وسڪارو آهي“
حسان مرڪي بسمه ڏانهن ڏٺو.
”منهنجي دل ٿي چوي جيڪر هميشه لاءِ هتي ئي رهي پوان.“
بسمه، ونڊ اسڪرين تي بارش جون بوندون ڪرندي ڏسندي رهي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ ڀٽون به رقص ڪري رهيون هجن. ٿر جا وڻ، ٻوٽا، پن ۽ سمورا گل جهومي رهيا هئا. اڃايل واري بوندن سان اڃ اجهائي رهي هئي.
انهن لمحن ۾ هر شيءَ متحرڪ هئي. برسات پوندي رهي، حسان ۽ بسمه، ٿر جي هر پل کان محفوظ ٿيندا رهيا. بارش بيهي رهي، پنن تي بارش جا قطره موتين جيان جرڪي رهيا هئا.
ٿڌي هوا ۾ هڪ گهرو احساس هو، ماڪ ڀنل احساس.
هڪ اهڙي خوشي، جيڪا بسمه ان کان اڳ محسوس نه ڪئي هئي.
وڻ جي لام تان هڪ مور ٽپو ڏئي هيٺ زمين تي ٽلڻ لڳو.
”حسان هو ڏس مور“ بسمه جلدي ۾ ڪئميرا کي مور تي فوڪس ڪري تصوير ڪڍي خوشيءَ وچان رڙ ڪئي.
مور ڊوڙندي وڻن ۾ غائب ٿي ويو.
”هي ڏس مور جي تصوير“
حسان ڪئميرا جي اسڪرين تي تصوير ڏانهن ڏٺو، جتي مور جا رنگ جهومي رهيا هئا.
”مور ڪيڏو نه سهڻو پکي آهي، حسان.“
بسمه غور سان تصوير کي ڏسندي چيو.
”تنهنجي شخصيت جا رنگ به سهڻا آهن، هن مور جيان تنهنجي مرڪ جا رنگ، ڪاوڙ جو رنگ ته ڪڏهن اداسي جا رنگ، بسمه ڪڏهن تون پنهنجي رنگن جي باري ۾ غور ڪري ته ڏس.“
بسمه هلڪو مرڪي ٿي.
”هن منظر کان وڌيڪ تنهنجي مرڪ آهي“ ايئن چئي حسان سندس تصوير ڪڍي ورتي. پوءِ ڏيکاريندي چوڻ لڳو.
”ڏس مور وڌيڪ خوبصورت آهي يا تنهنجي مرڪ“.
تصوير ۾ هوءَ واقعي حسين لڳي رهي هئي. حسان کيس پيار مان تڪي رهيو هو.
حسان جي اکين کان خائف ٿيندي بسمه چيو،
”هن وقت مان مور جي ڳالهه ٿي ڪيان.“
”پر تون مون کي مور کان به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهي آهين.“
”حسان ڪا نئين ڳالهه ڪر“ بسمه کيس مصنوعي ڪاوڙ مان ڏٺو.
”هر عورت پنهنجي تعريف تي ايترو ته خوش ٿيندي آهي، ڄڻ کيس قارون جو خزانو ملي ويو هجي. هڪ تون آهين جو.“
”مون کي تعريف نه وڻندي آهي.“ بسمه سنجيدگي سان چيو.
”چڱو ٻڌاءِ مور جي باري ۾ ڇا چئي رهي هئين.“
”ٿر جا مور هڪ هڪ ڪري مري رهيا آهن، حسان! مورن جو مرڻ ڪو سٺو اهڃاڻ نه آهي. ڪوبه خوبصورت پکي بيماري وگهي مرڻ لڳي ته ان جي موت جي پٺيان ڪانه ڪا ڳالهه ضرور هوندي.“
”اهي اجايون توهم پرستي جون ڳالهيون آهن.“ حسان ڀَٽ جو فوٽو ڪڍندي چيو.
”نه حسان اها توهم پرستي ناهي، اها هن دور جي بي حسي آهي، تون مور جي رنگن کي غور سان ته ڏس. هن جي ناسي رنگ ۾ ڌرتي جو ڏيک اچي ٿو. هن جو نيرو رنگ آسمان تي حڪمراني ڪري ٿو. ۽ هي سائو رنگ پوري فطرت جي سونهن ۾ سمايل آهي.“
بسمه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
”حسان مون مورن کي ويجهو کان ڏٺو آهي. بابا کي مور پالڻ جو شوق هو، هي به پيار ڪرڻ وارو پکي اٿئي. اڄ ٿر جا مور بيمار آهن، ته سمجهه ڌرتيءَ تان پيار جا پاڇا لڙي چڪا آهن.“
هڪ جيپ اچي بيٺي، وائلڊ لائف لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم جا ميمبر هيٺ لٿا. جيڪي مور جي بيماري تي تحقيق ڪرڻ آيا هئا. انهن سان ڊاڪٽر ۽ مقامي گائيڊ پڻ هو. ٽيم ۾ شامل هڪ ڇوڪري ثانيه هٿ لوڏي کيڪاريو، بسمه جي مرڪ به کيس جواب ۾ ڀليڪار چيو.
شام جو ڊرائينگ روم ۾ سڀ چانهن پي رهيا هئا. وائلڊ لائف جي ٽيم جا ميمبر اتي موجود هئا ۽ مورن جي بيماري تي ڳالهائي رهيا هئا. بسمه دلچسپي سان گفتگو ٻڌي رهي هئي. هوءَ مورن جي باري ۾ گهڻي فڪرمند هئي، ٿر ۾ اچي کيس احساس ٿيو ته مورن جي بيماري ڪيڏو سنگين مسئلو بڻجي چڪي آهي.کيس مور وڻندو هو، انڪري هوءَ اداس هئي، پر پنهنجي اداسي کي ظاهر نه ٿي ڪيائين.
”ثانيه مورن جو ڇا ٿيندو؟ ان باري ۾ ڪا تازي خبر چار!“ بسمه جي لهجي ۾ تشويش هئي.
”ها ٿر جي ٽي سو ڳوٺن جو سروي ٿي چڪو آهي، ۽ تقريبن ٽيهه هزار مورن کي ويڪسين لڳايا ويا آهن.“
”ٻڌو آهي ته هڪ سو ٻارنهن مور مري چڪا آهن.“
بسمه اداسي سان کانئس پڇيو.
”نه ائين ناهي، اهي افواهون آهن، حقيقت ۾ هيل تائين پنجاهه کن مور مري چڪا آهن، يارنهن مورن جو علاج ٿي رهيو آهي.“
ثانيه جي ڳالهه ٻڌي بسمه سڪون جو ساهه کنيو.
”شڪر آهي ته باقي مور خيريت سان آهن، ڀلا انهن مورن کي ڪهڙي بيماري لڳي آهي.“
بسمه چانهن جو سپ ڀري ثانيه ڏانهن ڏٺو.
”راني کيت نالي ڪا بيماري آهي، پر گهڻي ڀاڳي مور سخت گرمي گهٽ برسات ۽ غذا جي کوٽ ڪري بيمار ٿي رهيا آهن.“
”ٿر ڪيترو نه خوبصورت آهي پر هتان جا مسئلا ڪيڏا نه گنڀير آهن.“ بسمه ٿڌو ساهه ڀري چيو.
”ها ائين ته آهي“ ثانيه سوچ ۾ ٻڏل هئي.
چانهن پي بسمه ۽ حسان گڊي ڀٽ تي هليا آيا. جتان سڄي مٺي شهر جو نظارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
لهندڙ سج جي پاڇن ۾ مٺي شهر سورج مکي جي گل جيان لڳي رهيو هو.
جهنگلي ٻوٽن کي ڇهي ايندڙ هوا ۾ تازگي هئي. بسمه کي لڳو اها هوا سندس من اجارڻ لڳي آهي. رابيل جهڙي گل جهڙو پويتر احساس سندس من ۾ هرڻ لڳو. ٿر سان کيس عشق هو. ان سون ورني واريءَ کي ڏسي اندر ۾ عجيب ڇڪ محسوس ڪندي هئي. سندس والد ڪيترا سال اڳ مٺي ۾ مختيارڪار جي حيثيت ۾ رهي ويو هو. هو به موڪلن ۾ اچي مٺي ۾ رهندا هئا. هنن ٿر جو چپو چپو ڏسي ڇڏيو هو.
”ڇا پئي سوچين“ حسان کي خاموش ڏسي پڇيو.
”ياد اٿئي حسان ته اسان جي شادي ۾ آنٽي تحسين مور ٿو ٽلي راڻا وارو سهرو ڳايو هو.“
”ها کيس اهو سهرو گهڻو پسند آهي. سندس آواز به ته پيارو آهي. تون به ته اهو سهرو ڳائيندي آهين. اڄ ته ڳائي ٻڌاءِ.“
”نه حسان اڄ نه ..... اڄ منهنجي ڳائڻ تي دل نه ٿي چوي. اڄ ٿر جي پنجاهه مورن جي مرڻ جي خبر پئي اٿم، سو گانو ڪئين ڳائنديس.“
سندس ڳالهه ٻڌي حسان به اداس ٿي ويو. رات ٿي ته آسمان تي ستارن جون ڏياٽيون ٻري پيون. زمين تي هڪ هڪ ڪري گهرن ۾ بلب ٻرڻ لڳا. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ زيوس ديوتا زمين تي لهي آيو هجي، روشني ورهائڻ. هن زمين کان آسمان تائين روشنين جي جهرمر برکا وسي رهي هئي. ان اونداهيءَ ۾ جتي هوءَ بيٺي هئي، هڪ تيز هوا جو جهوٽو واريءَ جي خوشبوءَ کڻي آيو ۽ هوءَ پاڻ کي انهن لمحن جو حصو سمجهڻ لڳي. حسان فوٽوگرافي ڪري رهيو هو. واچ ٽاور مان مٺي شهر جو نظارو کيس پرين جي ديس ۾ وٺي ويو، جتي هر شيءَ حسين هئي.
رات جو پنهنجي ڪمري ۾ هوءَ دير تائين جاڳندي رهي. مور هن جي تصور ۾ ٽلي رهيا هئا. اهي ٻيلا ۽ جهنگلي جيوت ڪنهن به ملڪ جو قيمتي سرمايو ٿين ٿا. پر هتي شيون بدلجي رهيون آهن. وڏن شهرن ۾ باغ ۽ وڻن وارا علائقا ڪٽي اتي پلازه ٺاهيا ويا آهن. وڻن جي ته اسانجي ماحول کي سخت ضرورت آهي. شهرن ۾ زندگي ڪيتري نه مصنوعي ۽ غير محفوظ ٿي چڪي آهي. ماحولياتي آلودگي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي.
پر هتي ٿر ۾ ڪيترو نه سڪون آهي. اهڙو سڪون جيڪو يوگيءَ جي ڌيان ۾هوندو آهي.
ٻئي ڏينهن گهمڻ نڪتا ته ڀٽن جي سونهن ڏسڻ وٽان هئي، هوا نج ۽ هر خوف کان آجي ٿي لڳي. اوچتو بسمه جي نظر ڀرسان وڻن جي هيٺان مور تي وڃي پئي، جيڪو پرڙا پکيڙي رقص ڪري رهيو هو،
”حسان... حسان...“ بسمه خوشيءَ وچان رڙ ڪئي.
حسان کيس چپ رهڻ جو اشارو ڪيو.
مور جهومي رهيو هو، بسمه کي لڳو ڄڻ پوري ڪائنات رقص ڪري رهي هئي. مور جا سهڻا پر ساوا، نيرا، ڪٿي هلڪا ته ڪٿي گهرا، وجد جي ڪيفيت ۾ هئا.
مور سان گڏ، سڄو سنسار ۽ جهنگلي ٻوٽا به نچي رهيا هئا. تڏهن هن سوچيو مور ڪو عام پکي نه آهي. هن پکي جي من ۾ صوفي رقص ڪري ٿو.
ديوانگي رقص ڪندي آهي.
محبت ڦيرا پائيندي آهي.
هن پکيءَ وٽ الهامي ڪيفيت آهي. ڪو هن جي من ۾ ڳالهائي ٿو.
اٿ.... اٿي رقص ڪر.
جيئن تنهنجي رنگين ۽ سهڻن پَرن سان هي سموري ڪائنات به جهومي اٿي.
هي ئي ته آهي ٿر جو اصلي جوڳي. ڪير ٿو چوي ته خالق ڪائنات جي محبت رڳو انسان جي من ۾ وسي ٿي.
ڪير ٿو چوي ته محبت رڳو انسان جي ميراث آهي!
هن جي ساهن ۾ به ڪا سٽ سري ٿي، انسان کان ڪيترا نه مٿانهان آهن. انسان زندگيءَ ۾ بي ترتيبي پيدا ڪري ٿو ۽ هي انسان جي سوچ کي توازن عطا ڪن ٿا. پنهنجي اڻمٽ سونهن ورهائي، ڀٽن مان هڪ خوبصورت احساس کڻي واپس اچي ٿي. مور جي رقص مان تحرڪ مليس ٿو. زندگي خوبصورت آهي. زندگي کي پکي جاندار بڻائين ٿا.
جيڪڏن اهي پکي نه هجن ته جيڪر زندگي کي ڪو محور به نه هجي.
زندگي بي رونق هجي، سوچ اڃايل ئي رهجي وڃي.
هن خوبصورت پکيءَ کي ايئن نه مرڻ کپي.
هن جي بقا لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي.
ٻئي ڏينهن وائلڊ لائف جي اعزاز ۾ ان شهر ۾ ڪم ڪندڙ سندن ميمبرن هڪ ننڍڙو پروگرام ترتيب ڏنو. جنهن ۾ حسان ۽ بسمه به شامل آهن. چند ڏينهن ۾ سڀ هڪٻئي سان رلي ملي ويا آهن، ڄڻ ته گهرڀاتي هجن. ثانيه کي خبر هئي ته بسمه جو آواز سٺو آهي. حسان کيس فخر مان ٻڌايو هو ته هوءَ لوڪ گيت سٺا ڳائيندي آهي. پوءَ هوءَ مور جو تصور اکين ۾ ڀري ڳائي ٿي.
ٻاهر آسمان تي بادل ڇانيل آهن ۽ هلڪي برسات وسي رهي آهي. بسمه جي آواز جو سر فضائن ۾ جادو جاڳائي رهيو آهي.
مور ٿو ٽلي راڻا
مور ٿو ٽلي راڻا
پوءِ اوچتو بيمار مورن جو تصور بسمه جي اکين ۾ هرڻ لڳو.
خوبصورت رنگن وارا مرندڙ مور سندس تصوير ۾ اچي ويا. ثانيه جي آواز ۾ سوز وڌندو رهيو.
”دهري جوڻايم لک ڏيئي راڻا
راڻا تو مان راڄ ٿيندا
راڻا تو مان لک ٿيندا.
جيڪو مامن جي ڪلهي
جيڪو چاچن جي ڪلهي
هو راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽلي گجر جو
مور ٿو ٽلي راڻا
مور ٿو ٽلي راڻا“
هڪ گهرو ڏک اکين مان سمنڊ جيان اٿلي پيو. سر وکري ويا ۽ هوءَ گيت ڳائيندي بي اختيار روئي پئي. ڇو ته ثانيه کيس ٻڌايو هو ته مور لاعلاج بيماري ۾ ورتل آهن.
ماحول تي گنڀيرتا ڇانئجي وئي، اتي ويٺل سمورا ماڻهو اداسي ۾ وڪوڙجي ويا. ثانيه به اکين ۾ آيل لڙڪ روڪي نه سگهي. آسمان تي ڇانيل بادل به ٿر جي مورن جو جوڀن ياد ڪري ڄڻ روئي رهيا هجن.